عامر حسين سومرو (مضمون نمبر پهريون)
ڪمپيوٽر سکڻ ڇو ضروري آهي؟
سائنس هر دور ۾ انسانن جي مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي، اڄڪلهه جي دور
۾ ته سائنسي ايجادن هر موڙ تي انساني زندگيءَ کي
آسائش پئي مهيا ڪئي آهي، جن کان سواءِ زندگي بي
رنگ، بي مزي ۽ اڌوري لڳي ها.
ڪمپيوٽر، جي ايجاد اڄڪلهه سڀ کان وڌيڪ انسان ذات جي استعمال ۾
ايندڙ آهي. اڄ هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال لازمي
بڻجي ويو آهي. اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي ڪمپوزنگ
به ڪمپيوٽر تي ٿي رهي آهي. ۽ درسگاهن ۾ پڻ ڪمپيوٽر
استعمال ٿي رهيو آهي. اڄڪلهه جي ترقي يافته دؤر ۾
هر شعبي جو سمورو نظام ڪمپيوٽرائيزڊ بڻايو پيو
وڃي. ان ڪري جيڪڏهن اسان کي به ترقي يافته ملڪن
سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻو آهي ته، اسان کي به
ڪمپيوٽر جي سکيا حاصل ڪرڻي پوندي. پنهنجي پياري
ملڪ کي ترقيءَ جي بلندين تي پهچائڻ لاءِ ڪمپيوٽر
سکڻ نهايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته، ڪمپيوٽر کان سواءِ
ملڪي ترقيءَ ۾ اسين بهتر ڪردار ادا نه ڪري
سگهنداسين.
اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن ڪمپيوٽر جو استعمال هر گهر ۾ ٿيڻ
لڳندو، ۽ اسان پنهنجي ڪٽنب جي سمورن ميمبرن جي
بائيوڊيٽا کان وٺي، انٽرنيٽ ذريعي سموري دنيا جي
معلومات حاصل ڪري سگهنداسين. ان سان هڪ ته اسان کي
هر گهربل ڄاڻ گهر ويٺي ملي پوندي ۽ ٻيو ته وقت جو
بچاءُ ٿيندو. ان ڪري ڪمپيوٽر سکڻ نهايت ضروري آهي.
عاطف حسين سومرو (مضمون نمبر ٻيون)
ڪمپيوٽر سکڻ ڇو ضروري آهي؟
پيارا ٻارؤ! اوهان جي پياري رسالي ”گل ڦل“ جو آڪٽوبر- نومبر
2000ع جو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي، ڏسو ته ان جي
ڇپائي ڪيڏي نه سهڻي آهي، اها ڇپائي ان ڪري سهڻي
آهي جو ان جي ڪمپوزنگ ڪمپيوٽر تي ٿي آهي، جِي ها،
اڄڪلهه سمورن ڪتابن جي ڇپائي ڪمپيوٽر جي ڪمپوزنگ
سان ٿئي ٿي. تعليمي ادارن ۾ ڪمپيوٽر جا ڪلاسز کلي
رهيا آهن ۽ يونيورسٽين ۾ به ’ڪمپيوٽر سائنس‘ ۾
ماسٽرز پڻ ڪرائي وڃي ٿي.
ٻارؤ! ڪمپيوٽر سکڻ ان ڪري ضروري آهي، جو ان کان سواءِ ملڪ جي
ترقي ناممڪن آهي، اڄڪلهه جو دؤر چٽاڀيٽيءَ ۽
مقابلي جو دور آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾
ڪمپيوٽر جو واهپو وڏي پيماني تي ٿي رهيو آهي، اسان
وٽ به بئنڪاري نظام کان وٺي ٻين شعبن ۾ ڪمپيوٽر جو
استعمال ٿي رهيو آهي. پنهنجي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ
لاءِ اسان کي گهرجي ته ڪمپيوٽر جي سکيا ضروري حاصل
ڪريون.
اچو ته وچن ڪريون ته اسين سڀئي ڪمپيوٽر سکنداسين ۽ عملي زندگيءَ
۾ داخل ٿي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪنداسين.
عاطف جي هيءُ ڳالهه، دل سان هنڊايو ٻارو.
هي دور سائنسي آ، وِکَ اڳتي وڌايو ٻارو.
نتيجو اچو ته مضمون لکون-16
هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو:
پهريون نمبر:
1- عامر حسين سومرو، قلعو قافلو محلو، سامهون پراڻو پاور هائوس،
شڪارپور.
ٻيون نمبر:
2- عاطف حسين سومرو، قلعو قافلو محلو، سامهون پراڻو پاور هائوس،
شڪارپور.
کين ”گل ڦل“ رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلجي ٿي.
اچو ته مضمون لکون-18 جو عنوان آهي
(اخبارون پڙهڻ مان ڪهڙا فائدا آهن؟)
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:
نتيجو نالا سڃاڻو-23
هن ڀيري سلسلي نالا سڃاڻو ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو. هيٺين ٻارن
جا جواب صحيح هئا. (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب لکي
موڪليا، جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن). هيٺين دوستن
جا نالا شايع ڪري رهيا آهيون.
نالا:
عبدالغفور شر: سامارو شاخ تعلقو کپرو.
راجه وشن داس: هري اوم شيوا منڊلي پاڙو، عمرڪوٽ.
عاطف حسين سومرو: قلعو قافله محلو، شڪارپور.
محمد علي هنڱورجو ”حُر“: پنج ڪوٽ.
علي حسن جمالي: ڳوٺ نبي بخش جمالي، هالا.
نجم الدين جمالي: ڳوٺ ناگو خان جمالي، هالا.
ذوالفقار علي خاصخيلي: سڪندرآباد، حيدرآباد.
شير علي چاوڙو: تعلقو شاهه بندر، ضلعو ٺٽو.
ديپڪ بجاج: ميرپور ماٿيلو.
علي مردان راشدي: پير جو ڳوٺ، نئون ديرو.
گلزار احمد هيجب: پوسٽ ڇٽو چنڊ، ضلعو ٺٽو.
عزيز احمد چوهاڻ: ڪاليج روڊ شڪارپور.
حسيب الرحمان منگي: پنج پير محلو، هاٿيدر، شڪارپور.
انيس الرحمان منگي: پنج پير محلو، هاٿيدر، شڪارپور.
ڪرشن داس، معرفت: رام ديو ڪلاٿ هائوس، شاهي بازار، ميرپور
ماٿيلو.
جواب:
(1) ڪلياڻ (2) ڪيڏارو (3) سارنگ (4) مومل راڻو (5) مارئي (6)
حسيني (7) پورب (8) سوٺ (9) سهڻي (10) رام ڪلي
(11) ڪوهياري (12) پرڀاتي (13) کاهوڙي (14) گهاتو
(15) سامونڊي.
گُل ڦُل قلمي دوستي
نالو: عبدالحفيظ سومرو
ڪلاس: انٽر
P.E
وندر: نماز پڙهڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: معرفت: نور محمد، سومرا محلو خيرپورناٿن شاهه.
نالو: رشيد احمد ميمڻ
ڪلاس: فرسٽ ايئر
وندر: مدد ڪرڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: معرفت: رفيق ڪريانه مرچنٽ، چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو.
نالو: امتياز علي چنا
ڪلاس: انٽر
وندر: شاعري ڪرڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: سيمنٽ فيڪٽري، پوسٽ پٽڻي روهڙي.
نالو: منير احمد چنو،
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميان جو ڳوٺ، شڪارپور.
نالو: آصف علي جمالي
ڪلاس: ڏهون
وندر: اليڪٽرڪ ڪم سکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: معرفت: ظفر اليڪٽريڪل، پوسٽ واهي، تعلقو جوهي.
نالو: فاروق احمد اوڳاهي
ڪلاس: فرسٽ ايئر
وندر: اديبن سان چاهه
عمر: 17 سال
ائڊريس: ڪرن ميڊيڪل اسٽور، اعوان مارڪيٽ، ڪنڌڪوٽ.
نالو: اياز کوکر
ڪلاس: نائون
وندر: موسيقي ٻڌڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: پريس ڪلب گپچاڻي، نوابشاهه.
نالو: غلام محمد چنڊ
ڪلاس: اٺون
A
وندر: علم سان چاهه
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون آباد، ضلعو سانگهڙ.
نالو: عبدالله جوڻيجو
ڪلاس: ڏهون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس وليداد گابر، تعلقو رتوديرو.
نالو: محمد پريل تنيو
ڪلاس: انٽر
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 18 سال
ائڊريس: جتوئي ڪمپني، پوسٽ گهارو، ضلعو ٺٽو.
نالو: سليم اختر لغاري
ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: ڌڱاڻو بوزدار، ٽنڊوالهيار.
نالو: خان محمد مهر
ڪلاس: ڏهون
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 18 سال
ائڊريس: لڪي بوڪ اسٽور، ڏهرڪي ضلعو گهوٽڪي.
نالو: نور محمد مهر
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: لڪي بوڪ اسٽور، ڏهرڪي ضلعو گهوٽڪي.
نالو: علي رضا چاوڙو
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: حافظ حبيب الله سنڌي، چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو.
نالو: محمد مراد
ڪلاس: اٺون اي
وندر: شاعري ڪرڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: حافظ حبيب الله سنڌي، چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو.
نالو: محمد مراد
ڪلاس: اٺون اي
وندر: شاعري ڪرڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: عالم ميڊيڪل اسٽور، ڪچهري روڊ، پنوعاقل.
نالو: عمران علي سمون
ڪلاس: نائون اي
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 15 سال
ائڊريس: عبدالرشيد سمون، ڪاڪڙن جو ٿلهو، شڪارپور.
نالو: عبداللطيف لُنڊ،
ڪلاس: اٺون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: حڪيم حاجي محمد يوسف لنڊ، سنڌ آبادگار شگر ملز.
نالو: اياز نواز ميمڻ
ڪلاس: اٺون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: امتياز ميڊيڪل اسٽور، چوهڙجمالي، ضلعو ٺٽو.
نالو: محمد علي شيخ
ڪلاس: اٺون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، اي، ميهڙ، ضلعو دادو.
نالو: محمد امين کٽي
ڪلاس: نائون اي
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 17 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو.
نالو اشوڪ ڪمار
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: راجه مول شنڪر، ڪڇي فلور ملز، سامارو روڊ.
نالو: مقبول احمد ڪاتيار
ڪلاس: اٺون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: نور محمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد.
نالو: محمد آدم ملڪاڻي
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: پوسٽ ملڪاڻي، ضلعو ميرپورخاص.
نالو: فهيم ميمڻ
ڪلاس: نائون بي
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: وزير علي جنرل اسٽور، سوزوڪي ورڪشاپ، سن، ضلعو دادو.
نالو: غلام مصطفيٰ ڪاتيار
ڪلاس: نائون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، بڪيرا شريف، ٽنڊوالهيار.
نالو: محمد اسلم دَلُ
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: عطا محمد دَل، پوسٽ گهوڙا ٻاري، ضلعو ٺٽو.
نالو: محمد اڪرم پتافي
ڪلاس: اٺون سي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: بلوچ ڪالوني، بڪيرا روڊ، ٽنڊوالهيار.
نالو: عمران پتافي
ڪلاس: ڇهون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: بلوچ ڪالوني، بڪيرا روڊ، ٽنڊوالهيار.
نالو: معشوق علي راشدي
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: پوسٽ پير شاهه، وايا نواب شاهه.
نالو: محمد رفيق ملڪ
ڪلاس: ڏهون
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 17 سال
ائڊريس: جهولي لعل ميڊيڪل اسٽور، اوٻاوڙو.
نالو: ارشد علي سميجو
ڪلاس: ٻارهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: پوسٽ ڳڙهي چاڪر، ضلعو گهوٽڪي.
نالو: ممتاز حسين گبول
ڪلاس: يارهون
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 17 سال
ائڊريس: اولڊ پوسٽ آفيس، ميرپورماٿيلو.
نالو: وسيم عثمان کتري
ڪلاس: ستون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو.
نالو: الطاف حسين سومرو
ڪلاس: ڏهون
وندر: موسيقي ٻڌڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: ڊاڪٽر تنوير حُسين ڪلينڪ، خانواهڻ، تعلقو ڪنڊيارو.
نالو: محمد سليم تنيو
ڪلاس: ستون بي
وندر: ڊرائينگ ڪرڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، لعلو رائنڪ وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو.
نالو: غلام حيدر درس
ڪلاس: نائون بي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول، کپرو.
نالو: عابد حسين پنهور
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گهر نمبر 94/626 قائداعظم ڪالوني ٽنڊوآدم.
نالو: محمد يوسف سومرو
ڪلاس: يارهون
وندر: مولود پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: سومرا ڪريانه مرچنٽ ڀيلاڪر روڊ پنوعاقل.
عبدالحئي ڏيرو
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: مدرسه عربيه محمديه فريدآباد، تعلقو ميهڙ.
نالو: علي عباس بروهي
ڪلاس: ڏهون
وندر: علم سان چاهه
عمر: 16 سال
ائڊريس: مدرسه عربيه محمديه فريدآباد، تعلقو ميهڙ.
نالو: عبدالوحيد چنا
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، فريدآباد، تعلقو ميهڙ.
نالو: احمد خان خاصخيلي
ڪلاس: ڇهون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول، ٿاڻو بولاخان.
نالو: سرور حسن
ڪلاس: چوٿون
وندر: تلاوت ڪرڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول نمبر 1، ٿاڻو بولاخان.
نالو: رياض حسين ڪولاچي
ڪلاس: انٽر
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: پوسٽ بيگو ديرو، تعلقو خيرپور ناٿن شاهه.
نالو: مجيب الرحمان ميراڻي
ڪلاس: نائون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: انيس مووي ميڪر، ڏوڪري.
خط
جناب انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
تازو، ”گل ڦل“ جو پرچو جون- جولاءِ 2000ع پهتو، جنهن جي سيني ۾
سمايل سمورو مواد ساراهه جوڳو هو، ويندي ’گذارش‘
کان ’رنگ ڀريو‘ تائين.
”گل ڦل“ جي لاءِ ڪجهه مواد اوهان ڏانهن اماڻي رهيو آهيان، اميد
ته اُتساهه جوڳي موٽ ڏيندا.
فياض بخاري،
لاڙڪاڻو.
محترم طارق عالم،
اسلام عليڪم:
گل ڦل رسالي جي اعزازي ڪاپي وصول ٿي، لک ٿورا.
گل ڦل جون- جولاءِ 2000ع جو پرچو نظر مان گذريو. اوهان مواد جي
چونڊ ۾ جيڪا محنت ڪريو ٿا. سا تعريف جي لائق آهي.
جيڪا رسالي جي معيار کي وڌائي ٿي. مضمون سڀ سٺا
هئا. انهن ۾ قاضي مقصود گل، فوزيه منظور ۽ ڪنول
شيرين جا مضمون تمام سٺا هئا. ڇاڪاڻ جو انهن
مضمونن ۾ جيڪا معلومات ڏني وئي آهي، سا ٻارن جي
عام معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻبي. ڪهاڻين ۾ مراد
علي مرزا ۽ الطاف شيخ سُٺو پاڻ ملهايو آهي. هن سان
گڏ هڪ مضمون موڪلي رهيو آهيان، گل ڦل جي معيار تي
لهي ته شايع ڪندا، مهرباني.
عابد نياز ميمڻ،
شڪارپور.
جناب انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
گل ڦل جون- جولاءِ 2000ع جو گڏيل تازو شمارو پڙهيم. شاعري ۾
اياز پاٽولي ۽ عبدالله شجاع پاڻ ملهايو آهي.
مضمونن ۾ اڪبر جسڪاڻي، مقصود گل قاضي، فوزيه منظور
دايو ۽ ڪنول شيرين جيڪا معلومات ڏني آهي، اها ٻارن
جي ناليج ۾ واڌارو آڻيندي. مراد علي مرزا ۽ الطاف
شيخ ناليوارا ڪهاڻيڪار آهن، انهن جون لکڻيون ٻارن
جي ذهن جي نشونما ڪن ٿيون، مون کي اميد آهي ته اهي
مانَ وارا ليکڪ اسان ٻارن لاءِ هميشہ لکندا رهندا.
گل ڦل لاءِ جيئن اوهان محنت ڪري سٺو مواد شايع ڪريو ٿا. اميد ته
اهڙي محنت هميشہ ڪندا رهندا.
اوهان جو ننڍڙو ساٿي:
ريحان علي ميمڻ،
شڪارپور.
سائين طارق عالم،
اسلام عليڪم:
اميد ته اوهان خوش هوندا، ٻارڙن جي پياري رسالي گل ڦل لاءِ،
(سائين نثار بزمي مرحوم تي مضمون لکيو اٿم.) جيڪو
اوهان ڏانهن اماڻي رهيو آهيان. نثار بزمي مرحوم
سنڌي ادب جو هڪ وڏو نانءُ هو. مرحوم ٻارن لاءِ به
تمام گهڻو لکيو. سندس وفات سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو
خال آهي. اميد ته اهو مضمون گل ڦل ۾ شايع ڪندا.
عبدالجبار ”عبد“
مانوارا انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
خوش هجو شال!
جون- جولاءِ 2000ع وارو گل ڦل مليو، پڙهي خوشي ٿي، هن ڀيري
توهان رسالو جلد شايع ڪيوَ. اميد ته هاڻي ماهوار
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته قرب ٿيندا.
هن شماري ۾ توهان جي گذارش، شاعريءَ ۾ مشتاق بخاري، ذوالفقار
شيخ، اياز پاٽولي ۽ عبدالله شجاع سنڌيءَ جي شاعري
وڻي. مضمون ۾ اڪبر جسڪاڻي، مقصود گل، فوزيه منظور
دايو، علي بخش پٺاڻ ۽ علي نواز ڏاهريءَ جا مضمون
متاثر ڪندڙ هئا جن مان معلومات فراهم ٿي. انٽرويو
رسالي جي سونهن هئا، ڪهاڻيون ۽ ٻيا مستقل سلسلا
پنهنجو مٽ پاڻ هئا، ۽ ذهن جي اوسر ڪرڻ واري مواد
سان ٽمٽار هئا. ادا، هن ڀيري رسالي جي ٽائيٽل بور
ڪيو، ٽائيٽل تي ڪنهن ٻار جي تصوير ڏيندا ڪريو ته
بهتر ٿيندو.
اوهان جو ڀاءُ
شوڪت علي جوڻيجو،
لاڙڪاڻو.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
جون- جولاءِ 2000ع جو پرچو پڙهيم، سرورق پنهنجو مَٽ پاڻ هو.
شاعري ۾ پيارو پاڪستان پسند آيو، جانورن جي
لائبرري، زمين، سمنڊ جي کوجنا، نظام شمسي، ڏنڀرو
مڇي سمنڊ ۾ ڪيئن آئي، مڪئي داڻو ۽ سنڌ راڻي تمام
گهڻو وڻيا. اچو ته مضمون لکون، نالا سڃاڻو، قلمي
دوستي، کل ته سهي، سٺا سلسلا آهن. پوپٽ ڇوڪري جي
انٽرويو جو انتظار رهندو، پرچي کي ڪوشش ڪري ماهوار
ڪڍو ته ايترو اوسيئڙو نه ٿئي.
اسد شريف، شر بلوچ.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
توهان جي محنت سان سجايل گل ڦل، ڪجهه جلدي مليو. اميد ته آئينده
به ائين ئي ڪوشش ڪري رسالو شايع ڪندا رهندا. مون
توهان کي ملاح ۽ گدڙ نالي ڪهاڻي موڪلي هئي. منهنجي
خيال ۾ ته اها ڪهاڻي گل ڦل جي معيار مطابق هئي،
مگر پوءِ به شايع نه ڪيوءَ. افسوس ته ٿيو. پر پوءِ
وري سوچيم، شايد توهان کي پسند نه آئي هجي. وري به
هڪ ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان. اياز پاٽولي جي ڪهاڻي
”سنڌ راڻي“ بيحد متاثر ڪيو.
”عاجز“ علي اڪبر چاوڙو، چوهڙ جمالي.
(ادا، اوهان جي ڪهاڻي هن پرچي ۾ شامل ڪجي ٿي.)
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
گل ڦل جون- جولاءِ 2000ع جي ڪاپي پهتي ته اندر ۾ ساهه پئجي ويو،
سمجهي ويم هن ڀيري گل ڦل کي جلدي شايع ڪيو اٿؤ،
هاڻي اوهان کي پوين سالن جي يادگيري آئي آهي. جيئن
اڳ ماهوار ڪاپي ايندي هئي.
هن ڀيري شاعري ۾ پيارو پاڪستان ۽ گُڏي، مضمون ۾، جيڪو ٻئي جي
لاءِ کڏ کوٽي ۽ ماءُ جي عظمت، اياز پاٽولي جو
انٽرويو. ڪهاڻين ۾ ڏنڀرو مڇي، مڪئي داڻو، سياڻو
ٻڪرار، دستوري ڪالمن ۾، نالا سڃاڻو، قلمي دوستي،
کل ته سهي تمام گهڻا پسند آيا.
خدا بخش شيخ.
ڪي. اين. شاهه
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
اميد ته خوش هوندا، عرض ته گل ڦل جون- جولاءِ 2000ع جو پرچو
مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. ان لاءِ اوهان کي جس هجي،
اسان ته ائين سمجهيو هو، ته گل ڦل هاڻي ڊسمبر ۾
ايندو. رسالي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻي لکڻ جو مقابلو به
ڪرايو، ان سان ٻارن کي ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ ايندو.
هن ڀيري مون کي سائين الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل
ڪهاڻي ”ڏنڀرو مڇي سمنڊ ۾ ڪيئن آئي؟“ بيحد وڻي، ٻيو
مواد به سٺو هو. مضمون جي مقابلي لاءِ پنهنجو
مضمون به اماڻي رهيو آهيان. منهنجو ننڍو ڀاءُ عاطف
به اوهان ڏانهن مضمون اماڻي رهيو آهي. (عاطف هينئر
نائين ڪلاس جو شاگرد آهي ۽ مون هن سال مئٽرڪ جو
امتحان پاس ڪيو آهي.)
عامر حسين سومرو،
قلعو قافلو محلو، شڪارپور.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
خوش هجو شال، گل ڦل رسالو وٺندو آهيان ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکندو به
رهندو آهيان. هن ڀيري به ڪجهه مواد موڪلي رهيو
آهيان، اسان جي همت وڌائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه شايع
ڪندا رهندا.
”آزاد“ اياز کوکر،
ڳوٺ علي بخش کوکر.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
شل سدائين سُکن ۾ هجو، گل ڦل پابندي سان پڙهندو آهيان. هن دفعي
گل ڦل ۾ ٻارن جي بي مثال ليکڪ (اڪبر جسڪاڻي جي
باري ۾ پڙهي سچ پڇو ته اکين مان لڙڪ وهي آيا.)
اڪبر صاحب پاڻ کلڻو انسان هو ۽ تمام سٺي اخلاق
وارو هو.
گل ڦل ڪنڌڪوٽ ۾ تمام گهٽ بوڪ اسٽال ايندو آهي. تنهنڪري وارا ان
جي قيمت ٻيڻ تي وٺن ٿا، يعني 10 بجاءِ 20 روپيا.
اوهان ڏانهن سلسلي کل ته سهي، ۽ قلمي دوستي لاءِ
ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان.
فاروق احمد اوڳاهي،
ڪنڌڪوٽ
محترم طارق عالم، اسلام عليڪم:
اونهاري جي وئڪيشن سبب ڏهرڪيءَ پنهنجي مامي ڏانهن گهمڻ ويو هوس،
موٽي آيس ته گهر ۾ اوهان طرفان موڪليڪ گل ڦل جون-
جولاءِ 2000ع جو پرچو موجود هو، رسالي ۾ منهنجي
مضمون پهريون نمبر کنيو هو، اهو ڏسي مون کي ڏاڍي
خوشي ٿي. گل ڦل واقعي اسان ٻارڙن جي تربيت ڪري
رهيو آهي. رسالي ۾ هن ڀيري به مواد معياري آهي.
خاص طور تي سائين اياز پاٽولي جون ڪهاڻيون مون کي
پسند آيون.
هينئر گل ڦل جي مضمون نويسي جي مقابلي لاءِ پنهنجو مضمون اُماڻي
رهيو آهيان ۽ ان سان گڏ نالا سڃاڻُو-23 جو ڪوپن پڻ
موڪلي رهيو آهيان.
عاطف حسين سومرو.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
عرض ته رسالي ”گل ڦل“ ڏانهن پهريون ڀيرو خط لکي رهيو آهيان. اُن
سان گڏ قلمي دوستي ۽ هڪ لطيفو به موڪلي رهيو
آهيان. انهيءَ اميد سان ته رسالي ۾ ضرور شايع
ڪندا.
”ساگر“ امتياز علي، سکر.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
گل ڦل جون- جولاءِ 2000ع وارو شمارو منهنجي هٿن ۾ آهي. جنهن ۾
پنهنجو سائنسي مضمون ’زمين‘ شايع ٿيل ڏٺم ته بيحد
خوشي محسوس ڪيم!
منهنجي اهائي خواهش آهي ته منهنجو مواد صرف ۽ صرف گل ڦل رسالي ۾
ئي شايع ڪيو وڃي. سچ پڇو ته آئون سنڌي پڙهڻ به گل
ڦل کان ئي سکي آهيان.
فوزيه منظور دايو،
گهوٽڪي.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
مان ٻاراڻيون ڪهاڻيون ڪافي لکيون آهن، جيڪي مختلف رسالن ۽
اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن. پر افسوس جو
خوبصورت رسالو ”گل ڦل“ منهنجي نظرن مان هاڻي گذريو
آهي. هاڻ مان کيس پڪو دوست بنايو آهي. پياري رسالي
لاءِ هڪ ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان. ۽ آئينده به
موڪليندو رهندس. اميد ته گل ڦل منهنجي دوستي قبول
ڪندو! مهرباني.
راجا بي. ايڇ. ڪلهوڙو، خيرپور ناٿن شاهه.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
خوش هجو شال!
اڪبر جسڪاڻي جي وفات جو ٻُڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو، ڌڻي در دعاڳو
آهيان ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ
عطا فرمائي. (آمين)
ادا، جون- جولاءِ 2000ع جو پرچو منهنجي هٿ ۾ آهي، انهيءَ ۾ اياز
پاٽوليءَ جون لکيل ڪهاڻيون، سنڌ راڻي، غريبي نعمت
آهي ۽ الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل ڪهاڻي ڏنڀرو مڇي
تمام گهڻيون پسند آيون ۽ ٻيا به سلسلا تمام سٺا
هئا.
رسالي تمام دير سان نڪري ٿو. خط سان گڏ هڪ ڪهاڻي موڪلي رهيو
آهيان. اميد ته مايوس نه ڪندا.
عمران خان خاصخيلي،
دادو.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
اميد ته ادبي جاکوڙ سان سدا بهار هوندا.
اسان گلابن تي پوپٽ بڻجي پهرا ڏيندڙ، مرحوم انيس انصاري جي موت
تي گهرو ڏک رسيو. اسان رب العزت کان دعا ٿا گهرون
ته رب پاڪ مرحوم جي پونيرن کي صبر جي توفيق ڏي ۽
مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. (آمين)
ادا، گل ڦل جون- جولاءِ 2000ع جو پرچو هٿن ۾ آهي، اوهان گل ڦُل
۾ گلابن جهڙي خوشبوءِ پکيڙي، هن چمن کي مهڪائي
ڇڏيو آهي، جي ها سائين، اوهان جي، هر ٻالڪ کي سٺي
موٽ، لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي. گل ڦل ٻاراڻي ادب
جو هڪ بلند آواز آهي. هر نئين شيءِ کي جڳهه ڏيو ته
مهرباني!
گل ڦل جي ٽائيٽل جي ڇا ڳالهه ڪجي، اهو ته ستارن ۾ چوڏهينءَ جي
چنڊ جيئن چمڪندي نظر اچي ٿو.
آزاد جروار،
ڏوڪري، لاڙڪاڻو.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
اميد ته خيريت سان هوندا،
جون- جولاءِ 2000ع وارو شمارو منهنجي هٿن ۾ آهي، سچ پڇو هي
شمارو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. هن رسالي ۾ ڪهاڻيون،
مضمون، لطيفا وغيره تمام گهڻو پسند آيا، ادا،
ايندڙ رسالي جي لاءِ هڪ مضمون ۽ نالا سڃاڻو موڪلي
رهيو آهيان. مون نالا سڃاڻو ۽ مضمون تي تمام گهڻي
محنت ڪئي آهي، رسالي ۾ شايع ڪندا.
ارشاد الله ڇٽو،
حسين آباد، حيدرآباد.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
منهنجي مٺڙي سنڌ ڌرتي، جنهن جي سينڌ مان شل سدائين سنڌوندي
وهندي رهي. اسان جا ٻَنيون ٻارا هميشہ آباد هجن.
ڪڏهن به سنڌ ڌرتي جو پاڻي ختم نه ٿئي. (آمين)
گل ڦل جون- جولاءِ ڪجهه پڙهيو اٿم. رسالو دير سان مليو، ان ڪري
خط جلدي ۾ لکي رهي آهيان.
ادا، اوهان منهنجو نظم ٺاهي شايع ڪيو، ان لاءِ مهرباني. ڇو ته
ٻيا ايڊيٽر ڳوٺاڻن کي گهٽ اهميت ڏيندا آهن. جيئن
ته گل ڦل رسالو اسان جو ئي آهي ۽ پڙهندا به اسين
آهيون، ان ڪري شايع ٿيڻ جو حق به اسان جو وڌيڪ
آهي. انشاالله اڳتي به لکندي رهنديس.
منهنجا اکر سٺا ناهن. تڏهن پري پري لکندي آهيان ته جيئن سولائي
سان پڙهي سگهجن. هن ڀيري ڪهاڻيون تمام گهڻيون
سٺيون هيون. قلمي دوستي سلسلو به سٺو آهي. پر هڪڙو
عرض آهي ته پليز رسالو جلدي شايع ڪندا ڪريو. گل ڦل
رسالو تمام دير سان نڪري ٿو. رسالي ۾ جڏهن رنگ
ڀريو ڏسندي آهيان ته مصوري ڪرڻ جو چاهه گهڻو ٿيندو
آهي.
ڪومل نسرين
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
گل ڦل رسالو پڙهي خوشي ٿي. هرهڪ شيءِ، خاص طرح سان اڪبر جسڪاڻي
جو مضمون پڙهي خوشي به ٿي ۽ غم به ٿيو. خوشي
انهيءَ لاءِ ٿي ته هو ٻارن جو ڪيڏو نه وڏو اديب ۽
ليکڪ هو، جيڪو سڄي عمر ٻاراڻي ادب لاءِ لکندو
رهيو. غم انهيءَ لاءِ ٿيو ته هو اڄ اسان ۾ موجود
ڪونهي. پر خير، سندس يادون ته اسان وٽ موجود آهن.
رسالو دير سان نڪري ٿو. تنهن ڪري انتظار ڪرڻو پوي ٿو. اوهان
رسالو ٻن يا ٽن مهينن کان پوءِ شايع ڪريو ٿا.
افسوس جي ڳالهه آهي ته رسالو ماهوار نٿو نڪري.
اڪبر جسڪاڻي جي هوندي رسالي گهڻو ڪري ماهوار
نڪرندو هو.
فيصل حسين لغاري،
ميرواهه گورچاڻي، ميرپورخاص
محترم انچارج ايڊيٽر،
اُميد ته خوش هوندا.
آئون گل ڦل رسالو جنوري جولاءِ 1999ع کان پوءِ باقاعدگيءَ سان
پڙهندو پيو اچان. پر ڪڏهن به توهان ڏانهن مواد نه
موڪليم. هن ڀيري ڪجهه مواد نذر ڪريان ٿو، اُميد ته
مانائتي موٽ ڏيندا.
گل ڦل جون- جولاءِ 2000ع منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪهاڻين ۾، پوڙهو ۽
مڪتب، مڪئي داڻو، ۽ سياڻو ٻڪرار بيحد پسند آيون.
اياز پاٽولي ۽ عبدالله ”شجاع“ سنڌي جي شاعري متاثر
ڪندڙ هئي. ٻيو مواد به بهترين هو.
”بي لوث“ ڀوپت راءِ سنجو، ڀورِيلو، ٿر.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
رسالو گل ڦل جون- جولاءِ جو پرچو هٿن ۾ آهي. هر پرچو خريد ڪندو
آهيان. گل ڦل منهنجو پسنديده رسالو آهي. هن ڀيري
به ڪهاڻيون، شاعري، انٽرويو، مضمون ۽ ٻيا مستقل
سلسلا مون کي بيحد پسند آيا. گل ڦل کي هر مهيني
شايع ڪريو ته بهتر ٿيندو. گل ڦل رسالو سنڌ جي دل ۽
جان رسالو آهي. ان رسالي کي اڃا به بهتر ۽ خوبصورت
ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندا رهندا.
ڀاءُ، مون کي پهريون به ڏاڍو شوق هو. مگر هن ڀيري گل ڦل لکڻ تي
مجبور ڪيو آهي ۽ هاڻي مان گل ڦل سان واعدو ٿو
ڪريان ته آئينده هر پرچي ۾ لکندو رهندس. انشاءُ
الله.
پرنس ايم. اسماعيل جسڪاڻي،
پوسٽ آفيس دڦر جتوئي، تعلقو پنوعاقل، سکر.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
گل ڦل تمام سٺو آهي. پر ليٽ سان اچي ٿو. رسالي کي جلد کان جلد
شايع ڪيو وڃي. ادا آئون مواد موڪليان پيو اميد ته
ضرور شايع ڪندا.
محمد علي حُرُ، هنڱورجو،
(پنجڪوٽ)
محترم انچارج ايڊيٽر، اسلام عليڪم:
هميشہ خوشيون ماڻيو، عرض ته هي خط آئون پهريون دفعو لکي رهيو
آهيان. اميد ته خطن ۾ ضرور شامل ڪندا، مهرباني.
غلام علي گدارو، هيڊ جمڙائو.
محترم انچارج ايڊيٽر،
اسلام عليڪم:
چاچا، اسان ٻئي ڀيڻون 15 نالا شاهه جي رسالي جي سُرن جا لکي
رهيون آهن. اُميد ته صحيح هوندا ۽ اسان جو نالو
رسالي ۾ شايع ڪندا، صرف اوهان جون ننڍڙيون
ڀائيٽيون:
بيبي فهيمده شاهه ۽ بيبي عائشه شاهه، ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو.
مهربان لکندڙن جي ڌيان لاءِ
مهربان لکندڙن کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجيون لکڻيون ڪاغذ جي هڪ
پاسي چِٽن اکرن ۾ لکي اماڻين، ڪنهن به لکڻيءَ جي
فوٽو اسٽيٽ موڪلڻ کان پاسو ڪيو وڃي.“ ’مضمون‘
’حديث‘ يا ’قول‘ موڪلڻ مهل انهن جي آخر ۾ ان ڪتاب
۽ ڪتاب ڇاپيندڙ اداري جو نالو حوالي طور ڄاڻائڻ
نهايت ضروري آهي، جتان ’مضمون‘، ’حديث‘، يا ’قول‘
کنيا/ ترجمو ڪيا ويا هجن، ٻيءَ صورت ۾ ترجمو ٿيل
يا چونڊ ڪيل لکڻي رسالي ۾ شايع نه ڪئي
ويندي.-ادارو.
پرنس امام علي ڀؤنر
هيءُ ريڊيو خبرستان آهي!
اسلام عليڪم:
هي ريڊيو خبرستان آهي. اڄ جي تاريخ سخت بيمار ٿي پئي آهي.
منهنجي گهڙيءَ جو ٽائيم به تاريخ کان پڇڻ ويو آهي.
پهريائين خاص خاص خبرون:
حيدرآباد ۾ ٻن ماڪوڙين ۾ ٽڪر ٿي پيو. اڄ پوري ملڪ ۾ ڪُڪڙَن بک
هڙتال ڪئي. ڪي ٽو چوٽيءَ تي مکين ۽ مڇرن جي وچ ۾
فٽبال راند ٿي. ۽ هاڻي، پيرائتيون خبرون.
اڄ حيدرآباد شهر جي علائقي صدر ۾، ٻه ماڪوڙيون روڊ تي ٽڪرجي
پيون. جن مان هڪ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جنهن کي
اٺ گاڏيءَ تي اسپتال اُماڻيو ويو، اهو منظر ڏسڻ
لاءِ نامور اخبار سازش جو نمائيندو پهچي ويو.
’روزانه سازش‘ جي نمائيندي پنهنجي خبر ۾ ٻڌايو ته
ايڪسيڊنٽ ۾ جيڪا ٻِي ماڪوڙي زخمي ٿي، ان کي
ايمبولينس تي کنيو ٿي ويا ته ماڪوڙي ايمبولنس جو
سائرن ٻڌي ڊڄي ڀڄي وئي، جنهن کي ڳولڻ لاءِ جاسوسن
جو دستو موڪليو ويو آهي.
اڄ پوري ملڪ ۾ ڪُڪڙن بک هڙتال ڪئي، هڙتالي ڪُڪَڙ، گَهرَن جي
پڃرن مان نڪري روڊ تي آيا. جنهن ڪري ٽريفڪ بند ٿي
وئي؛ هڙتالي ڪُڪڙن اخبار وارن کي پنهنجا مطالبا
لکي ڏنا آهن، جنهن ۾ هنن چيو آهي ته:
1- اسان جي ميل تان پابندي هٽائي وڃي.
2- اسان سان گڏ اسان جا مالڪ به ڇُرا کڻي پاڻ ۾ وڙهن.
3- ملڪ ۾ اَنّ جي کوٽ ٿي پئِي آهي، ان ڪري اسان کي گوشت کارايو
وڃي.
صحافين سندن مطالبا لکيا ۽ اعليٰ عملدارن هڙتالي ڪڪڙن کي صوف جو
جوس پياري هڙتال ختم ڪرائي.
راند: اڄ، ڪي ٽو جي چوٽيءَ تي مکين ۽ مڇرن و چ ۾ فٽبال راند
کيڏي وئي. راند دوران هڪ مڇر کي ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو.
جنهن جي دوا لاءِ هڪ سامونڊي ڊاڪٽر گهرايو ويو.
جنهن مڇر جي مٿي جو آپريشن ڪيو ۽ مٿي تي ٽانڪا
هڻي، کنڀن تي ملم پٽي ڪئي ته مڇر بلڪل ٺيڪ ٿي ويو
۽ راند کي ٻئي ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو.
موسم: اڄ پوري ملڪ ۾ ايترو ته طوفاني مينهن پيو، جو اسان جا
نمائيندا موسم معلوم ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري
نه سگهيا. ۽ ڊپ سبب لڪي ويا.
آخر ۾ گمشدگي جو اعلان: نالو ٻگهه، ولد ڪانءُ. ذات جو بي خبر 80
سالن جو ڄاول ٻار ڏند نه هئڻ ڪري صرف ڀڳڙا کائي
سگهي ٿو، دماغي توازن ٺيڪ هوندو اٿس ته ٻڪريءَ
وانگر ٻيڪندو آهي. جيڪڏهن خراب هوندو اٿس ته
ڀؤڪندو آهي. پار پته هن ريت اٿس: پيرن ۾ لانگ بوٽ
اُبتو، منهن جو رنگ سائو، ڪپڙن بدران ٻوريون ٻَڌلَ
اٿس. اکيون اندر، پِچيَون ٻاهر اٿس. ۽ ناسون ڦاٽل
اٿس، جنهن به ڀاءُ کي ملي ته ليٽر بڪس ۾ وجهي
موڪلي ڇڏي.
ان سان گڏ، اڄوڪيون کُٿلَ خبرون ختم ٿيون.
کل ته سهي
ٻه هڏين جا پروفيسر روڊ تي ڪنهن گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيٺا هئا.
اُنهن ڏٺو ته سامهون کان هڪ همراهه منڊڪائيندو پئي
آيو: ”منهنجو خيال آهي ته هن همراهه جي ٽنگ جي هڏي
ڀڳل آهي.“ هڪ پروفيسر چوڻ لڳو. ٻئي چيو: ”هرگز نه،
منهنجي خيال ۾ هِن جو گوڏو ڀڳل آهي.“ جڏهن هو
همراهه ويجهو پهتو ته ٻنهي پروفيسرن پُڇيس: ”ادا،
تنهنجو گوڏو ڀڳل آهي يا ٽنگ؟“ همراهه وراڻيو، ”ڇو
اچي پيريءَ ۾ بُڇڙا ٿيا آهيون. ڏسو نٿا ته منهنجو
چونپل ڇڳل آهي!“
ديوان ڌنيش آچاريه، مٺي، ٿر.
هڪ همراهه پنهنجي گڏهه کي ڪن مان وٺي گهليندي پئي ويو، جڏهن
ٿاڻي آڏو گذريو، ته پوليس وارن کي اچي شرارت سُجهي
چوڻ لڳس: ”اڙي، اڄ ڀاڻي کي ڪنن مان ورتو اٿئي؟“
جنهن تي گڏهه واري وراڻيو: ”ادا، ضد ٿو ڪري ته
پوليس ۾ ڀرتي ٿيندس.“
علي اڪبر چاوڙو، چوهڙ جمالي.
هڪ نئين نوڪر جي غلطيءَ ڪرڻ تي بخيل ٿيندي مالڪ نوڪر کي سَڏُ
ڪري چوڻ لڳو: ”اڙي تون اسان کي بلڪل بيوقوف ٿو
سمجهين ڇا؟“
نوڪر وراڻيو: .سائين مان ته اڄ ئي ملازمت ۾ آيو آهيان، ايترو
جلد پنهنجي راءِ ڪيئن ٿو ڏئي سگهان...!“
عامر حسين سومرو، شڪارپور.
هڪ صاحب ڪنهن دعوت ۾ وڏي رغبت سان ٻُوڙ جا ڏونگا چَٽ پئي ڪيا.
ٻئي صاحب کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته ٽوڪ هڻندي چوڻ لڳس:
”سائين پاڻيءَ لاءِ به گنجائش ڇڏجو.“ جنهن تي
پهرئين صاحب وراڻيو: ”سائين منهنجا، بَس ڪيڏي به
ڀريل ڇو نه هجي، پر ڪنڊيڪٽر پنهنجي جاءِ پاڻ ٺاهي
وٺندو آهي.“
امتياز علي، سکر.
ڪلاس ۾ هڪ ماستر شاگرد کان سوال پڇيو: ”ارشد، هڪ نئين ماڻهوءَ
کي موٽر سائيڪل سکڻ وقت ڪهڙو مرحلو دشوار لڳندو
آهي؟“
ارشد: (ڪجهه سوچڻ کان پوءِ): ”سائين، پڪي روڊ تي ڪرڻ وارو.“
محمد علي، ”حر“، پنج ڪوٽ…
هِڪ مالڪ پنهنجي ملازم کي ڊِس مِس ڪرڻ پئي چاهيو، پر هن ملازم
جي دِل شڪني به نٿي ڪرڻ گهرجي، ان ڪري ملازم کي
پاڻ وٽ سڏ ڪري، قربائتي انداز ۾ چوڻ لڳس: ”رَمون،
تون ايترو سٺو ملازم آهين، جو اسان جي خاندان جو
فرد بنجي ويو آهين. منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته
اسان توکان سواءِ ڪيئن گذارو ڪنداسين. پر ٺيڪ آهي،
مٿئين مهيني جي پهرئين تاريخ کان اسان اهڙي ڪوشش
ڪري ڏسنداسين.“
نذير احمد سومرو، ڏهرڪي.
هڪ ٿُلهي عورت بيڪريءَ تان وڏو ڪيڪ خريد ڪيو. بيڪريءَ واري ڇُري
کِنئي ۽ عورت کان پُڇڻ لڳو” ”ڇهه پيس ڪريانس يا
اٺ.“ جنهن تي عورت چيس: ”مان اڄڪلهه ڊائٽِنگ پئي
ڪريان، چار پيس ڪرينس.“
اسڪول ۾ ٻه شاگرد ڪنهن ڳالهه تان پاڻ ۾ وڙهي پيا. ڳالهه ٺُونشن
تائين پُهچي ويئي. هڪ شاگرد کي ڪجهه سوايا لڳا ته
بخيل ٿيندي ٻئي کي چوڻ لڳو: ”خبر اٿئي منهنجو پيءُ
ڪير آهي؟“ اهو ٻڌي، ٻئي ڇوڪري کلندي چوڌاري بيٺل
ڇوڪرن کي چيو: ”ابا، هي ڏسو- هن کي پنهنجي پيءُ جي
به خبر ڪانهي.“
ريحان ميمڻ، شڪارپور.
هڪ ڪاليج جي شاگرد، جهوني فلاسفر کان پڇيو: ”سائين ڇا ڳالهه
آهي، اڄ ٻن رنگن جا جُوراب پائي پيا گُهمو؟“ فلسفي
ڇرڪي پيو ۽ يڪدم جورابن ڏي نهاريائين ۽ چوڻ لڳو:
”يار بَسَ ڇا ٻڌايانءِ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. صفا
اهڙي ئي هڪ جورابن جي جوڙي گهر ۾ به ڇڏي آيو
آهيان.“
عمران خاصخيلي، دادو.
ٽرين ۾ ويٺل ٻه صاحب پنهنجو تعارف ڪرائڻ لڳا. هڪڙي چيو: ”مان
شاعر به آهيان.“ جنهن تي ٻئي يڪدم مُنهن دريءَ کان
ٻاهر ڪڍندي چِڙ واري انداز ۾ چيو: ”ادا، مان ٻُوڙو
آهيان.“
فيصل لغاري، ميرپور.
مٿيون اسڪيچ هيٺين خانن ۾ نقل
ڪريو.
هنن لڪيرن ۾ ڪهڙا جانور لِڪل آهن؟
نقطا مِلايو
نالا سڃاڻو-25
هيٺ ڄاڻايل خانن ۾، سنڌ جي لوڪ ڳائڻن جا پندرنهن نالا اکرن ۾
لکيل آهن. اکرن کي ترتيب سان ملائي، صحيح نالا لکي
موڪليو. جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا، اُنهن جا
نالا گل ڦُل جي ايندڙ شماري ۾ شايع ڪيا ويندا.
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:……………………
رنگ ڀريو
|