سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

 

منور علي سومرو

 

جمشيد نسروانجي هڪ نيڪ دل انسان!

 

 

 ڪراچي ۾ رهندڙ لکين انسان، شايد ان املهه ۽ يگاني ورثي کان واقف هجن. جيڪو جمشيد نسروانجي اسان جي حوالي ڪري ويو. ايترن ورهين گذرڻ کانپوءِ ڪراچي وڌي ويجهي آهي ۽ پنهنجو منهن مهانڊو بدلائي چڪي آهي. پر جمشيد نسروانجي کي ڪراچي جي آئيندي جي گهڻو اڳ پئجي چڪي هئي. ان وقت ڪراچي جي آدمشماري صرف ٽي لک هئي. نسروانجي ڪراچي ميونسپالٽي جي پريزيڊنٽ جي طور شهر جي ويڪرن رستن جون رٿائون جوڙيون، ان جي تفريگاهن، اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن، آمدرفت، پاڻيءَ جي رسائي ۽ نيڪال لاءِ سوچ ويچار ڪري اڳواٽ پيش بندي ڪئي. نسروانجي جي ڪيترن ئي ساٿين، انهن رٿائن لاءِ گهربل ڳرن خرچن ۾ ساڻس اختلاف ڪيو، هنن اهو سوچيو ٿي ته سٺ سٺ بلڪ سؤ سؤ فٽ ويڪرن رستن جي، ههڙي پرسڪون شهر لاءِ ڪابه ضرورت ڪانهي. پر نسروانجي سدائين اهوئي چوندو رهيو ته ڪراچي وڌڻي آهي، ۽ دنيا جي سامونڊي ۽ هوائي بندرن جي قطار ۾ اچڻي آهي. جمشيد، پنهنجي رٿائن ۾ هڪ باعمل، وڏي حوصلي وارو ۽ عقلمند انسان هو. هن جي هڪ ئي  دلي تانگهه هئي ته ڪراچي جي رهواسين کي اهي سڀ موقعا ملن ته جيئن هو صحتمند ۽ سُکي زندگي گذارين ۽ سندن ٻارن کي صحيح تعليم ملي سگهي. ۽ هو پنهنجي صلاحيتن پٽاندر وڌن ويجهن، ترقي ڪن ۽ خوش رهن.

اڄ ڪراچي هڪ شاهه شهر آهي، ان جي رهواسين جو انگ هڪ ڪروڙ تائين وڃي رسيو آهي. اڄ ڪراچي پاڪستان جو شاهوڪار ۽ اهم شهر آهي، پر افسوس جو اڄ تعليم، رهائش، آمدرفت. خوراڪ، پاڻي، صحت ۽ صفائيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوبه جمشيد نسروانجي ڪونهي. اڄ ڪراچي رڳو گوڙ شور جو شهر وڃي رهيو آهي. دونهين ۾ ويڙهيل، ڪِنَ ڪچري جي ڌپ ۾ ورتل، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ سِڪايل ۽ آمدرفت جي سهولتن کان ڪافي وانجهيل. اڄ هن شهر ۾ پاڻ ارپڻ واري جذبي جي جاءِ تي سهل پسندي، فائدن حاصل ڪرڻ جي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ بک وڃي بچي آهي. ڪراچي قرب ۽ پنهنجائپ جي شهر بدران رڳو رکائپ ۽ دُوريءَ جو شهر بڻجي ويو آهي.

هاڻ نه اهو شهر رهيو نه ئي جمشيد نسروانجي جهڙا شفيق انسان، جن اسان کي نه وسرڻ جهڙا سبق ڏنا آهن. غريبن ۽ مسڪين انسانن جي لاءِ بيمارن لاءِ، گگدامن لاءِ ڪهل، قياس اُلڪي ۽ اون جا سبق! جمشيد جي دور ۾ اڃايل جانورن لاءِ پاڻي جا مرض هئا ۽ جانورن کي ظلم کان بچائيندڙ جماعت پنهنجي ڪم ۾ هميشہ چست رهندي هئي. جمشيد ان جي پوري طرح پرگهور لهندو هو ۽ سنڀال ڪندو هو. غريبن ۽ بيروزگارن کي مالي مدد ڏني ويندي هئي. پر اهو سڀ ڪجهه اهڙي ته ماٺ ميٺ ۽ لِڪ ۾ ٿيندو هو جو ڪنهن کي به خبر نه پوندي هئي ته ڪنهن کي ڪيترو مليو! ڪٽنبن جا ڪٽنب ائين آباد هئا.

جمشيد نسروانجي هڪ صوفي منش انسان هو. هُو هر وقت ميونسپل انتظاميه جي الڳ الڳ کاتن جي نگهباني ۽ چڪاس ڪندو هو، خاص ڪري جيڪڏهن ڪٿي باهه جو حادثو ٿئي ته گُهگهُو ٻڌي فوراً اتي پهچي ويندو هو. پوءِ ڏينهن هجي يا رات، پنهنجي موٽر ۾ چڙهي باهه وسائيندڙ عملي جي نظرداري ڪندو هو. هڪ ڀيري اڌ رات جو ايليفنسٽن اسٽريٽ ۾ باهه جو هڪ وڏو حادثو ٿيو، فائربرگيڊ اچي پهتي. اتي نسروانجي ڏٺو ته فائربرگيڊ جو بالا عملدار ڪجهه منجهيل هو، ۽ غلط هدايتون ڏئي رهيو هو. نسروانجي سوچيو ته ههڙي صوتحال کي جيڪڏهن ائين ڇڏيو ويو ته باهه سڄي پاڙي کي وڪوڙي ويندي، جمشيد نسروانجي هڪدم سمجهي ويو ته ڳالهه ڇا آهي، دراصل اهو بالاعملدار نشي ۾ هئڻ ڪري غلط هدايتون ڏئي رهيو هو. جمشيد نسروانجي واپس آفيس پهچي، ان عملدار کي هٽائي چارج سندس نائب جي حوالي ڪري ڇڏي. ۽ ٻئي ڏينهن ان غير ذميدار عملدار کي نوڪريءَ تان خارج ڪري ڇڏيائين. ان نااهل آفيسر معافيءَ جي درخواست ڪئي ۽ پڪا پختا وعدا ڪيائين ته اڳتي نشو پتو ڪونه ڪندو.

جمشيد نسروانجي دل جو نرم ۽ طبع جو شفيق انسان هو. پر ان وقت هُنَ، نشئي عملدار جي هڪ به نه ٻڌي، ۽ پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو. پر نسروانجي هن نشئي عملدار جي عيال کي ايستائين پنهنجي کيسي مان معقول الائونس ڏيندو رهيو. جيستائين ان پنهنجي خانگي نوڪريءَ جو ٻيو ڪو بندوبست نه ڪري ورتو. ۽ ان ڏس ۾ به نسروانجي سندس مدد ڪئي. پر عوام جي خدمت واري ملازمت ۾، ان ملازم جي غفلت ۽ لاپرواهي کانئس برداشت نه ٿي سگهي.

جمشيد نسروانجي جون خدمتون جيتريون لکجن اوتريون گهٽ. اسان جيڪڏهن جمشيد نسروانجي جي شخصيت ۽ ڪردار کي هڪ ئي لفظ ۾ بيان ڪرڻ چاهيون ته اهو لفظ آهي، ”پاڻ ارپڻ“ هن پنهنجي هر فرض ۽ ذميواري کي ڀلي ڀت سمجهيو ٿي ۽ ان کي پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ادا ڪرڻ گهريو ٿي، ۽ ان ڏس ۾ کيس سخت ۽ لاڳيتو ڪم ڪرڻو پوندو هو، ۽ ڪافي قربانيون ڏيڻون پونديون هيون. پر ان راهه ۾ هو ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو ۽ ڪڏهن هار نه کاڌائين. جمشيد نسروانجي جي زندگي جو ڪو ٻيو مقصد نه هو، صرف ”پاڻ ارپڻ“ ئي هن جي جيئڻ جو مقصد هو.

 

محمد اسماعيل عرساڻي

رُڃ

رُڃ جو ڏيکاءُ به هڪ ڪوڙو ڏيکاءُ آهي. پر ڏسڻ وارن جون اکيون ويساهه ڪري وينديون آهن ته اٿاهه پاڻي پيو لهرون هڻي، جنهن ماڻهوءَ کي ڪل نه هوندو ته رُڃ ڇا آهي ۽ ڪڏهن اهڙو رنگ نه ڏٺو هوندائين سو ته ڏسي تپرس ۾ پئجي ويندو ۽ مڃيندوئي ڪين ته اهوڪو پاڻي نه آهي، آهي رڃ به سج جي ڪرڻن جو جادو. رڻ پٽن ۽ ويڪرن پوٺن ۾ هيءُ ڏيک ڏسي سگهبو آهي، اهو ڏيک گهڻو ڪري ڌرتتيءَ جو ڏسبو آهي، جڏهن سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي تکا پوندا آهن. رڻ جي ويجهو ماڻهو پيو لنگهندو ۽ هي رونشو ڏسندو ته دانهن ڪندو ته ”يارو پاڻي ڙي پاڻي“، پر پاڻي هوندو ته مورهين ڪونه آهي. ڀلا ڪير نه مڃي، رڳو بيٺل پاڻي هجي ۽ اڇ لڳي پئي هجي ته به ٻي ڳالهه آهي، هن ۾ ته لهريون پيون لڳنديون آهن ۽ سج کان تَتل ميدانن تي اهي لهرون ڄڻ ته ناچ پيون ڪنديون آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر جي انهن پوٺن ۾ ڪو ننڍو ٻوٽو يا وڻ هوندو آهي ته ان جو پاڇو به چٽو ئي چٽو انهيءَ ڪُوڙي پاڻيءَ ۾ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

رڃ جو ٻيو ڏيک هي به هوندو آهي ته ان ۾ هرڪا شيءِ وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پريان پريان رڻ ۾ ڪو ڇيڻو لٿل هوندو آهي ته ائين ڀانئبو آهي ته ڪا ننڍي ٽڪري آهي، ڪو ٻوٽو هوندو آهي ته وڏو وڻ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪو اُٺ پيو لنگهندو آهي ته ان جون ٽنگون ڊگهيون ڊگهيون ۽ چوٽي ڄڻڪ اڀ سان پئي لڳندي آهي. اهي شيون ڪوهين پري هونديون. پر ڀانئبو ته ويجهڙيون آهن.

ٽيون ڏيک رُڃ جو اهو به هوندو آهي ته جڏهن سج جا ڪرڻا ميدانن تي تکا ۽ آڏا پوندا آهن، ته هرڪا شيءِ ابتي پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو ڪم سڄو سج جي ڪرڻن جو آهي. جڏهن اهي ڌرتيءَ تي آڏا پون ٿا ته ڪرڻن جو جنسار ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

رُڃ هرڻن ويچارن لاءِ ته وڏو آزار آهي. هرڻ پاڻي پيئي ڪڏهن ڪڏهن سو جو هيترو پاڻي ڏسندو آهي ۽ ڪو ماڻهو جنهن جو ڊپ ٿئيس، سو به نه ڏسي ته وڏا وڏا ڇال ماريندو پاڻيءَ پٺيان ڊوڙندو آهي، ڀائيندو ته اجهو ٿو پاڻيءَ کي رسان، ڊوڙندو ويندو ته پاڻي اڃا به اڳڀرو ڏيکائي ڏيندس، وري ڊوڙندو ته اڃا به اڳي. اهڙيءَ ريت ڪڏهن ته ويچارو رڃ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پران ڏيندو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”هرڻ وانگيان رُڃ جي ڏيک تي هرکجي نه وڃ ته مرڳو مرين نه!“ ساڳيءَ ريت ڏاهن اسان کي رُڃ مان اها سمجهاڻي ڏني آهي ته هن پرٿويءَ جون ڌن ۽ مايا ميڙڻ ائين آهي، جيئن هرڻ جو رُڃ ۾ پاڻيءَ پٺيان ڊوڙڻ، ان ڪري خدا کي ياد ڪر ۽ ڌن تي موهت نه ٿي، آخر ڄائو به اگهاڙو آهين ۽ ويندي به اگهاڙو. هتان ڪجهه به پاڻ سان کڻي نه ويندين، تنهنڪري هن ڪوڙيءَ جيوت تي بانور نه ڪر ۽ ڌن ميڙڻ جو لوڀ من مان ڪڍي ڇڏ. تون آهين هڪ مٽيءَ جو پتلو، مٽيءَ مان جڙيو آهين ۽ نيٺ مٽيءَ ۾ ويندين. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:

ڪين آهين ڪين ٿيندين ڪين ڪو ڪارج ڪماءِ،

جو اچئي ڪم سُڀا ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.

 

فاروق احمد ٻٻر

 

مسلمان سائنسدانن جون ايجادون

مسلمان سائنسدانن، تحقيقات سان گڏ عملي طرح به تمام اهم ڪم سرانجام ڏنا. ضروري آهي ته مسلمان سائنسدانن جي انهن ايجادن جو ذڪر ڪجي، جن دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

1- بارود: قديم زماني کان مختلف قسم جا ڪيميائي جُزا جنگين ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، جن سان باهه لڳي ويندي هئي. 7 صدي عيسوي کان اڳ، يورپ کي اهڙن جُزن جي ڪابه خبر نه هئي. خيال ڪيو وڃي ٿو ته، يورپ ۾ انهن نسخن کي پهچائڻ وارو هڪ شاهي معمار ”ڪالي“ نالي هو. يونانين عربن جي محاصري وقت باهه لڳائڻ وارا هٿيار استعمال ڪيا. ۽ انهن کي پوشيده رکيو. اهو نسخو گندرف، کؤنر ۽ چرٻي مان ٺاهيو ويو هو. ان جو مثال هڪ عيسائي ”هياسبن“ جا هي لفظ آهن. ”مسلمان عربن جي طرفان جيڪا باهه وسي رهي هئي. اِها تمام هيبتناڪ هئي.“ زان ويل (Zaan well) لکي ٿو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ايتري خطرناڪ باهه ڪڏهن نه ڏٺي. هي ان باهه کي اڏرندڙ ازده جيان تشبيهه ڏي ٿو. جڏهن هي سينٽ لوئي جي ڀرسان پهچندو هو ته چوندو هو: ”اي منهنجا خدا، مون کي ۽ منهنجي فوج کي هن بلا کان بچاءِ.“

2- بندوق: مير فتح الله خان شيرازي کي تاريخ ۾ بندوق ۽ بندوق جي پائوڊر ٺاهڻ جو موجد چيو وڃي ٿو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته بندوق جو پائوڊر پهريائين چينين ٺاهيو پر (Joseph Hell) پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:

“Gun powder was a great invention of the Arbs. Who wear already using guns.”

3- گاسليٽ: ’زان ويل‘ لکي ٿو ته اڳين وقتن ۾ باهه لڳائڻ لاءِ گاسليٽ کي ڪم آندو ويندو هو. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، گاسليٽ جو سڀ کان پهريائين استعمال به عربن ڪيو. آزربئجان جي تيل جا چشما ان زماني ۾ مشهور هئا. اتان گاسليٽ، مصر ۽ شام آندو ويندو هو. ابن فضل الله تفصيل سان احوال لکندي، لکيو آهي ته، عربي زبان ۾ گاسليٽ کي ”نفظ“ جي لفظ سان سڏيو ويندو آهي. هن لفظ، يورپ جي زبانن ۾ Naphth جي شڪل اختيار ڪئي آهي.

4- واچ: قطبي، پهريون واچ ميڪر هو. جنهن واچ ٺاهي. عباسي حڪومت ۾ واچ جو استعمال عام هو. مشهور خليفي هارون الرشيد پنهنجي همعصر فرانس جي بادشاهه ”شارليمن“ کي هڪ واچ تحفي طور ڏني هئي. بغداد جي مشهور يونيورسٽيءَ ”مستنصريه“ هڪ عجيب قسم جو گهڙيال ايجاد ڪيو. جنهن جو ڊائل آسمان ۽ زمين وانگر هو. جيڪو ان جي مٿاڇري تي وقت ڏيکارڻ لاءِ ڦرندو هو.

5- هوائي چَڪي: سڀ کان اڳ، مير فتح الله خان، برصغير ۾ هوائي چڪي “Wind Mill” تيار ڪئي. هالينڊ ۾ هوائي چڪي مير فتح الله خان جي بڻايل هوائي چڪيءَ کان 50 سال بعد ۾ ٺاهي وئي. هوائي چڪي، مير فتح الله (فتح پور سيڪري) جي هڪ پهاڙي چوٽي تي لڳائي هئي. ”آثار اڪبري“ ۾ لکيل آهي ته، فتح پور سيڪري جي پهاڙي تي جيڪا هوائي چڪي، مير فتح الله ٺاهي هئي. ان جا آثار اڄ به موجود آهن.

6- جهاز ٺاهڻ جا ڪارخانه: مسلمانن سڀ کان اول شام ۽ مصر جي ساحل تي جهاز ٺاهڻ جا وڏا وڏا ڪارخانه قائم ڪيا. آفريڪا جي گورنر موسيٰ بن نصير، وڏي ڪوشش سان اُسڪندريه ۾ جهاز سازيءَ جو وڏو ڪارخانو قائم ڪيو هو.

اسپين جي خليفي عبدالرحمان هڪ ايترو وڏو بحري جهاز قائم ڪرايو هو، جو يورپ ۾ ان جيترو وڏو بحري جهاز ڪونه هو. حضرت امير معاويه جو سامونڊي ٻيڙو ٻارنهن سؤ ۽ ڪيترن جهازن تي مشتمل هو. ان کان علاوه مسلمانن، اسپين، دمشق ۽ تيونس ۾ به اهڙا ڪارخانه قائم ڪيا هئا. جن ۾ تير کان وٺي توب تائين هٿيار تيار ٿيندا هئا.

 

راجا راجيش ڪمار

 

ايڊز

”انسان جي دشمن بيماري“

ڏٺو وڃي ته هر شيءِ جا ٻه رخ هوندا آهن. هڪ مثبت يا روشن ۽ ٻيو منفي يا تاريڪ. اهو اصول انساني ارتقائي تاريخ ۾ به بدرجه اتم ملي ٿو. جتي انسان جديد دور ۾ داخل ٿي، نت نيون ايجادون ڪري ۽ قسمين قسمين مشينون ٺاهي، پنهنجي زندگي کي آرامده بڻايو آهي، اتي اهي ئي مشينون هن لاءِ هاڃيڪار به ثابت ٿيون آهن. غارن ۾ زندگي گذاريندڙ انسان، محلاتن ۽ فليٽن ۾ پهچي، جتي قسمين قسمين مصنوعات جا مزا ماڻيا آهن، اتي اهو انسان قدرتي ماحول ۽ فطري حسن کان محروم پڻ ٿيو آهي. زندگي جي هر شعبي جيان ميڊيڪل سائنس ۾ به حضرت انسان ڪيئي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. مليريا ۽ ماتا جهڙين موذي مرضن کي ختم ڪري، تمام وڏو ڪم ڪيو اٿائين، پر افسوس جو اهو ئي انسان، جڏهن فطرت جي خلاف ورزي ڪرڻ لڳو ته الله تعاليٰ کيس ڪينسر، هيپاٽائيٽس بي ۽ ايڊز جهڙين ڀوائتين بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. جيڪي بيماريون اڃا تائين لاعلاج آهن.

ايڊز جي بيماري پنهنجي پکڙجڻ جي رفتار ۽ فوري ڀيانڪ نتيجن جي ڪري، هن صدي جي سڀ کان ڀيانڪ بيماري چئي سگهجي ٿي. هونئن ته اڄ ڪلهه هرڪو ”ايڊز“ جي باري ۾ ٻڌي چڪو آهي ۽ ٻڌندو رهي ٿو پر:

ايڊز اصل ۾ ڇا آهي؟

ڪيئن ڦهلجي ٿي؟

هن جا ڪهڙا اُگرا نتيجا نڪرن ٿا؟

هن کان بچاءُ جون تدبيرون ڪهڙيون آهن؟

انهن سوالن بابت ڪيتريون ئي غلط فهميون پکڙيل آهن. مان هن مضمون ۾ ڪوشش ڪندس ته ايڊز جي باري ۾ اهم ۽ شروعاتي ڄاڻ مهيا ڪري سگهان.

ايڊز ڇا آهي؟

ايڊز جو لفظ انگريزي حرفن A-I-D-S جي ميلاپ سان ٺهي ٿو، جيڪو اصل ۾ (Acquired Immune DEfficiency Synorome) جو مخفف آهي. جنهن کي جيڪڏهن ترجمو ڪجي ته ٿيندو: لازمي قوت مدافعت ۾ ڪمي.

هي مرض دراصل هڪ وائرس، HIV سان پکڙجي ٿو ۽ انساني جسم ۾ قدرت طرفان عطا ڪيل ”مدافعتي نظام“ کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن به ڪنهن قسم جي ڪا بيماري يا جراثيم، انسان تي حملو ڪن ٿا ته اهو مدافعتي نظام ئي انهن جي خلاف ڍال جو ڪم ڏئي ٿو ۽ پاڻمرادو ئي انسان کي انهن مرضن کان محفوظ رکي ٿو. پر جڏهن اهو نظام ئي ختم ٿي وڃي ته پوءِ انسان جو جسم، جنهن کي هر گهڙي لکين جراثيمن ۽ انيڪ بيمارين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن مرضن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، ۽ اهڙي طرح آخرڪار انسان تڙپندي تڙپندي پنهنجا پساهه پورا ڪري ٿو.

ايڊز جون علامتون:

ايڊز ڦهلائيندڙ وائرس، جسم ۾ داخل ٿي 15 کان 55 ڏينهن اندر پوريءَ طرح حملو ڪري ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ هيٺيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون.

1- مريض ٿَڪ ۽ سستي محسوس ڪري ٿو، ۽ هن کي بنا ڪنهن سبب جي بخار اچي ٿو.

2- مريض جو وزن گهٽجڻ لڳي ٿو.

3- پگهر اچڻ لڳي ٿو ۽ جسم تي ڳاڙها داغ وغيره ظاهر ٿين ٿا.

4- ايڊز جا اڪثر مريض، نمونيا ۾ مبتلا رهندا آهن.

5- دماغ گهڻو متاثر ٿئي ٿو. جنهن سان ذهني ڪمزوري، مٿي جو سور ۽ فالج وغيره ٿي ويندو آهي.

ايڊز ڦهلجڻ جا سبب

1- ايڊز جي مرض ڦهلجڻ جو خاص ذريعو جنسي رابطو آهي هي مرض، مرد کان مرد، مرد کان عورت، ۽ عورت کان عورت ۾ آسانيءَ سان منتقل ٿي ويندو آهي.

2- ايڊز جي پکڙجڻ جو ٻيو اهم ذريعو رَتُ آهي. ايڊز جي مريض جي رت جو هڪ ڦڙو به جيڪڏهن صحتمند انسان جي جسم ۾ ڪنهن ذريعي داخل ٿي، ته هن کي ساڳي بيماريءَ حوالي ڪري سگهي ٿو. ان ڪري رت جي گُهرجاؤ مريض کي رَتُ جي ضرورت مهل هميشہ ٽيسٽ ٿيل رت جي ٿيلهي استعمال ڪرائجي.

3- ڪڏهن به استعمال ٿيل سِرنج (سئي) استعمال نه ڪجي.

4- جديد ترين تحقيق ٻڌائي ٿي ته، ايڊز جي مريض جي اک مان وهندڙ پاڻي ذريعي به، ايڊز جا جراثيم ٻي انسان ۾ منتقل ٿي سگهن ٿا.

ياد رکو ته، ايڊز هر عمر، جنس، رنگ ۽ نسل کي ٿي سگهي ٿي. هن وقت تائين ميڊيڪل سائنس انهيءَ ڏائڻ مرض جو، ڪو مناسب علاج ڳولهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ۽ هن بيماريءَ جي مريضن جي منزل، صرف ۽ صرف موت آهي، ٻيو ڪجهه به نه. منهنجيءَ انهيءَ سڄي وضاحت جو اهو مطلب بلڪل ناهي، ته انسان دنيا کان منهن موڙي وڃي گوشه نشين ٿي.

خدا جو شڪر آهي ته، اهو مرض مريض جي روزمره جي ڪم ڪار ۾ ساڻس گڏ محنت مزدوري ڪندڙ يا زندگي گذاريندڙ ماڻهوءَ کي نٿو لڳي.

اوهين ايڊز جي مريض سان هٿ ملائي سگهو ٿا، ڀاڪر پائي سگهو ٿا.

مريض سان هٿ ملائڻ، مريض جا ڪپڙا پائڻ، بيت الخلا ۽ سوئمنگ پول استعمال ڪرڻ ۽ گڏجي کائڻ پيئڻ سان ايڊز بلڪل نٿي ڦهلجي.

ياد رکو، ايڊز هميشہ ۽ فقط جنسي رابطي ۽ ايڊز جي مرض ۾ وڪوڙيل انسان جي رت استعمال ڪرڻ سان ٿئي ٿو. تنهنڪري اسان کي گُهرجي ته هميشہ خراب ماڻهوءَ جي صحبت ۽ سنگت کان پاسو ڪريون، اهڙي احتياط ڪرڻ سان ايڊز ڪڏهن به اسان جي ويجهو ڪانه ايندي.

خدا در دعا آهي ته، بني نوع انسان هن آفت الاهي کان محفوظ رهي (آمين) ڇو ته زندگي ڏاڍي حسين ۽ قيمتي آهي.

 

آزاد گلزار احمد هيجب

اسان جا ڏند

ڏند توهان جي مٿينءَ ۽ هيٺينءَ ڄاڙيءَ ۾ هوندا آهن، ۽ توهان جيڪو کاڌو کائيندا آهيو، ان کي هضم ٿيڻ کان اڳ ڏندن سان چٻاڙڻ ضروري هوندو آهي. اچو ته پاڻ هڪ ڏند تي نظر وجهون. ڏند کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مٿيون، ڳچيءَ وارو ۽ پاڙ وارو. مٿيون ڏندن جو حصو مهارن کان مٿي هوندو آهي، جيڪو سخت مادي، ’اينيمل‘ سان ڍڪيل ٿئي ٿو. ان کان هيٺ وري ڳچي ٿيئس. باقي ڏند جي پاڙ وڌ ۾ وڌ ڊگهي هوندي آهي، ۽ اها مهار سان ڍڪيل ۽ ڄاڙيءَ ۾ بلڪل اندر کُتل ٿئي ٿي.

ڏندن جا چار قسم ٿين ٿا. انهن ۾ ڪُتريندڙ، چپيندڙ، پهريان جَنڊ، ۽ پويان جَنڊ.

ڪتريندڙ ڏند، کاڌي کي ڪُتريندا آهن. چپيندڙ وري کاڌي کي سنهن ذرڙن ۾ تبديل ڪندا آهن، جڏهن ته پهريان جنڊ موڪرا ٿين ٿا ۽ سندن مٿاڇرو ويڪرو هوندو آهي. هي سخت کاڌي کي ڀڃي ڀوري ڇڏين ٿا. پويان جنڊ وري وڏا ۽ سندن مٿاڇرو به موڪرو ٿيندو آهي، هي کاڌي کي پيهڻ جو ڪم ڪندا آهن.

اسان کي سڄي عمر ۾ ٻن قسمن جا ڏند ايندا آهن، هڪڙا ’کيرا ڏند‘ جيڪي تڏهن ايندا آهن، جڏهن اسان بلڪل ٻار هوندا آهيون. هي صرف ويهه ڏند ڄمندا آهن ۽ پوءِ جڏهن اسين وڏا ٿيندا وڃون ٿا ته اُهي هڪ هڪ ڪري ٽُٽي پون ٿا، ۽ سندن جاءِ تي وري ٻيا پڪا ڏند ڄمڻ شروع ٿين ٿا، جن جو تعداد ڪل 32 ٿئي ٿو. جڏهن توهان جي عمر اٺ سال ٿئي ٿي ته، پڪا ڏند به نڪرڻ شروع ٿين ٿا. جڏهن ڪو پَڪو ڏند ڀڄي پوي ٿو ته ان جاءِ تي ٻيو ڪوبه ڏند نه ڄمندو آهي.

ڏند انسان جي لاءِ تمام ضروري آهن، تنهنڪري پيارا ٻارؤ، ڏندن کي هر روز چڱيءَ طرح بُرش يا ڏندڻ سان صاف ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انهن جي وٿين ۾ ماني وغيره جا رزڙا ڦاسي، اوهان جي ڏندن کي خراب ڪرڻ نه شروع ڪن. ڇو ته اوهان جا سٺا ڏند ئي اوهان جي زندگي کي وڌيڪ صحتمند ۽ تندرست بڻائي سگهن ٿا.

 

فيصل حسين لغاري

ٻارن جا ٻه وڏا قاتل مرض

ڊاڪٽرن جي راءِ مطابق ٻارن جي مرضن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ بيماريون مليريا ۽ ڪالرا آهن. ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ڪري هر سال دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻار فوت ٿي ويندا آهن.

هيءُ ڳالهه شايد چند ماڻهن جي علم ۾ هوندي ته، هنن مٿين بيمارين کان علاوه ٻارن جا ٻه هيبتناڪ قاتل مرض ٻيا به آهن، اُهي هي آهن:

ڊائريا ۽ A.R.I.

انهيءَ ڳالهه جو انڪشاف ڪجهه مهينا اڳ عالمي صحت کاتي (W.H.D) پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته صرف گذريل سال (ARI) مرض جا جراثيم 3-4 ملين ٻارن جو سِرُ کڻندڙ ثابت ٿيا. جڏهن ته ڊائريا (Diarrhoea) سان فوت ٿيڻ وارن ٻارن جي تعداد 2 کان 3 ملين هئي، ڪافي ٻار پنهنجي متوازن خوراڪ ۽ صاف ماحول ۾ رهڻ سبب، انهن بيمارين جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي ويندا آهن.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ساهه جي انهي موذي مرض (ARI) جي پکيڙڻ ۾ وڏو هٿ منشيات/نَشي جو آهي. اڄڪلهه ڪافي ٻار منشيات جو کُلي عام استعمال ڪندا نظر اچن ٿا. حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته، هر سال صرف مٿي ڏنل ٻن مرضن لاءِ، هڪ ملين آمريڪي ”ڊالر“ خرچ ڪيا وڃن ٿا. پر انهيءَ مان ڪوبه فائدو حاصل نٿو ٿئي.

عالمي صحت کاتي (W.H.O) جي ڊئريڪٽر ’جنرل هيروشي ناڪاجيما‘ چوي ٿو ته: ”ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته آئنده ڏهن سالن اندر، 30 ملين ٻارن کي انهن بيمارين کان بچائي سگهجي.“

”ناڪاجيما جي مطابق، صرف دوائن جي صحيح ۽ بروقت استعمال سان انهن بيمارين ۾ 50 کان 100 سيڪڙي تائين ڪمي اچي سگهي ٿي. انهن دوائن جو خرچ صرف ”50 آمريڪي سينٽ“ في فرد آهي.

ناڪاجيما اهو به چوي ٿو ته: ”اسان انهيءَ وقت تائين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا رهنداسين، جيستائين اسان کي مالي امداد ملندي رهندي.“ اڄ آرگنائيزيشن پنهنجي ”قومي صحت جي پروگرامن“ (N.H.P) هيٺ ٽئين دنيا جي پٺتي پيل ملڪن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ W.H.O تجربيڪار هيلٿ ورڪرن، سماجي ڪارڪنن، ۽ باشعور طبقن جو تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ڊاڪٽر جمٽالڪ (Jim Tullukh) ڊائريڪٽر عالمي اداره صحت W.H.O چوي ٿو ته: ”ڊائريا ۽ ساهه جو مرض (ARI) ٻه اهڙيون بيماريون آهن. جيڪي چند ڏينهن ۾ ئي پنهنجو ڪم ڪري وينديون آهن. انهيءَ لاءِ اهڙين مائرن کي پنهنجي انهن ٻارن جي باري ۾ هوشيار رهڻ گهرجي، جيڪي ان بيماري ۾ مبتلا آهن.“

عالمي اداره صحت W.H.O دنيا جي انهن تمام مائرن کي اپيل ڪئي آهي جن جا ٻار کير پياڪ آهن. آرگنائيزيشن اپيل ۾ چيو آهي ته: ماءُ پنهنجي ٻچي کي صرف پنهنجو ئي کير پياري، اهڙيءَ طرح ان جو ٻار مٿي ڏنل بيمارين کان علاوه ٻين بيمارين کان به بچي ويندو.

عالمي صحت کاتي W.H.O ۽ يونيسف (Unicef) ٻئي ملي، اڄڪلهه هڪ نئين منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن. انهيءَ پراجيڪٽ جو بنيادي مقصد، ٻارن جي صحت ۽ سنڀال جي مرڪزن جو قيام آهي.

اُميد آهي ته اچڻ وارن سالن ۾، ٻارن جي انهن مرضن تي قابو پاتو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com