محمد يعقوب ڏاهري
”مور“
سُونهن جو بادشاهه
اسان جي سنڌ ڌرتي تي ڪيترن ئي پکين جا نسل آباد آهن، جن ۾ مور
کي سهڻائپ ۽ خوبصورتي جي ڪري سُهڻن پکين جو
”سردار“ چيو وڃي ٿو.
مور، هينئر ٿر ۽ راجستان ۾ ملي ٿو. مور کي امن ۽ سلامتي جو پکي
سمجهيو وڃي ٿو. مور جو ذڪر سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ پنهنجي شاعري ۾ هڪ استعاري
طور هن ريت ڪيو آهي:
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
هن بيت مان صاف ظاهر آهي ته مور، امن ۽ سلامتي جو پکي آهي. پر
افسوس! اڄ اسان پاڻ ئي هن فطرت جي حسين شاهڪار کي
شڪار ڪري مور جو نسل تباهه ڪري رهيا آهيون. جڏهن
ته مور جو من پسند کاڌو ”نانگ“ آهي.
مور بابت ڪيتريون ئي روايتون پڻ مشهور آهن.
هڪ روايت آهي ته اڄ کان پنجويهه سؤ سال اڳ سڪندر اعظم جڏهن
چولستان ۽ بهاولپور کان ٿيندو، سنڌ ۾ داخل ٿيو ته
هزارين مورن کي نچندو، ڪڏندو ڏسي حيران رهجي ويو.
مور جو حسن ڏسي، ڪجهه مور پنهنجي استاد ”ارسطو“ کي
تحفي طور موڪليائين، اتي (اٿينس) ۾ دانائن ۽ ذوق
جماليات رکندڙن جا ميلا لڳي ويا، انهن مان هڪڙي
فلسفيءَ چيو: ”جيڪڏهن مور جي پُڇ کي زبان هجي ها
ته جيڪر رڙ ڪري چئي ها، مان سُونهن جو ديوتا
آهيان.“
انسائيڪلوپيڊيا برطانيه جي پکين جي باب ۾ لکيل آهي ته، ”دنيا ۾
جيڪي به پکي آهن، انهن پکين جو بادشاهه ”مور“ آهي
۽ ان جو اصل مقام سنڌ ۾ راجستان آهي.
مور جي خوبصورتي تقريباً سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهي، پر جڏهن سندس
نظر پنهنجن ڪوجهن پيرن تي پوندي آهي ته سندس لڙڪ
لڙي پوندا آهن.
الطاف شيخ
ٻارهن مهينا
هڪ ڏينهن هڪ پوڙهيءَ عورت پنهنجيءَ ٻنيءَ مان گوبي پٽڻ وڃي رهي
هئي. رستي تي هڪ غارَ آئي ٿي، جنهن ۾ ٻارهن ماڻهو
رهيا ٿي. انهن، هن پوڙهي مائيءَ کي سڏي چيو:
”ماسي، اهو ته ٻڌاءِ ته سڀ کان سٺو مهينو ڪهڙو
آهي؟“
”سڀئي مهينا سٺا آهن، پٽ.“ پوڙهيءَ چيو. ”ڏسو نه، جنوريءَ ۾ اڇي
اڇي کير جهڙي برف وسي ٿي، فيبروري ۾ مينهوڳي رهي
ٿي ۽ مارچ ۾ چوڌاري گل گلڪاري ٿيو وڃي. باقي سال
جا مهينا به تمام سٺا آهن.“
”ماسي، تو اسان سڀني جي تعريف ڪئي. ان ڪري اسان توکي انعام ڏيڻ
چاهيون ٿا. توکي خبر آهي ته، اهي ٻار هن مهينا
اسين آهيون.“
هنن، پوڙهيءَ جي ڇٻڙي ۾ سونين گينين جو ڍير وجهي ڏنو. پوڙهيءَ
هنن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي گهر ڏي رواني ٿي. گهر
پهچي هن پنهنجي ٻارن کي سونيون گينيون ڏيکاريون ۽
هنن کي چيو: ”هاڻ پاڻ تمام گهڻو شاهوڪار ٿي
وينداسين. ڏسو ته مون ڪيترو سون آندو آهي!“
ان وقت پوڙهيءَ جي هڪ پاڙيسرياڻي اتي اچي نڪتي. هن جو ايتريون
سونيون گينيون ڏٺيون. ته هن جون اکيون ئي ڦاٽي
ويون. پوڙهي مائيءَ هن کي ٻار هن مهينن جي پيرائتي
ڳالهه ٻڌائي.
پوڙهيءَ جي پاڙيسرياڻي تمام لالچي هئي: هوءَ ان ئي وقت ڊوڙندي
ڊوڙندي ان غار جي منهن وٽ پهتي، جتي اهي ٻارنهن
ماڻهو رهيا ٿي. هن کي به اندر سڏيو ۽ کانئس پڻ
ساڳيو سوال پڇيو: ”ماسي، سڀني ۾ ڪهڙو مهينو سٺو
آهي؟“
پاڙيسرياڻيءَ وراڻيو: ”جي سچ پڇو ته حقيقت ۾ ڪوبه مهينو سٺو
ناهي. ڏسو نه، جنوريءَ ۾ برف پوي ٿي. فيبروريءَ ۾
مينهن وسي ٿو ۽ اهڙي طرح هر مهيني ڪانه ڪا مصيبت
نازل ٿئي ٿي.“
”تنهن جي وڏي مهرباني ماسي، پنهنجي ٿيلهي ڏي ته ان ۾ توکي انعام
طور ڪجهه وجهي ڏيون.“
ٻارنهن مهينن، پاڙيسرياڻيءَ جي ٿيلهي ڀري مٿان پنن سان ڍڪي ڏني.
پوڙهي پنهنجي ٿيلهي کڻي گهر ڏي رواني ٿي سڄي واٽ
وڏيون سوچيون سوچيندي آئي ته گهر پهچي ڏسنديس ته
ٻارنهن مهينن مون کي ڇا ڏنو آهي.‘
جڏهن هوءَ گهر پهتي ته ٻارن کي چيائين: ”هاڻ پاڻ به هن پوڙهيءَ
وانگر شاهوڪار ٿي وينداسين.“ اهو چئي هن پنهنجي
ٿيلهي ميز تي اونڌي ڪئي. پر ٿيلهيءَ مان سونيون
گينيون نڪرڻ بدران رڳو ڀتر ۽ پٿريون نڪتيون.
پاڙيسرياڻيءَ کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي هوءَ ڊوڙندي
ڊوڙندي پوڙهيءَ وٽ پهتي.
پوڙهيءَ پڇيس: ”جڏهن هنن ٻارنهن ماڻهن توکان اهو پڇيو ته سڀ کان
سٺو مهينو ڪهڙو آهي ته تو ڇا جواب ڏنو؟“
”مون ته صاف صاف چيومانِ ته مئا، ڪوبه مهينو سٺو نه ٿيندو آهي.“
پاڙيسرياڻيءَ چڙ مان ٻڌايو.
”پوءِ ته بلڪل صحيح آهي. توسان ائين ئي ٿيڻ کپندو هو. ڀلا ڪير
پنهنجي گلا ٻڌي انعام ڏيندو؟“
مترجم: مراد علي مرزا
چاچا ڪويوٽي
هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو بگهڙ رهندو هو. جنهن کي چاچا ڪويوٽي چوندا هئا.
اهو بگهڙ رهندو ته ٻنين ۾ هو. پر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ
جي سڄي ڳوٺ ۾ پيو ڦرندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو، ان جي
ڏنگائين کان بيزار ٿي پيا هئا، پر ڪجهه به ڪري نٿي
سگهيا، ڇاڪاڻ ته بگهڙ ڏاڍو چالاڪ ۽ حرفتي هوندو هو
۽ ڪنهن جي به وٺ ۾ نه ايندو هو. ڳوٺ ۾ ٻيا به
ڪيترائي ننڍا ننڍا جانور رهندا هئا، پر اهي به ان
کان ڊڄندا هئا. هڪڙو سَهو هو، جيڪو ان کان اصل
ڪونه ڊڄندو هو. اٽلو سَهو بگهڙ کي نيون نيون
چالاڪيون سيکاريندو رهندو هو.
هڪڙي ڏينهن چاچا ڪويوٽي هڪڙي وڻ جي هيٺان سُتو پيو هو ته سَهو
به چڪر هڻندو اُتي آيو. سَهي بگهڙ کي ننڊ مان
اُٿاريو ۽ چيو، ”چاچا ڪويوٽي اُٿ، هڪڙي مزيدار خبر
آندي اٿم.“ اهو ٻڌي بگهڙ اُٿي ويٺو ۽ پڇڻ لڳو ته
”ڪهڙي خبر آندي اٿئي؟“ سَهي چيو ته ”آءٌ هنيئر سڌو
پيڊري جي باغ مان پيو اچان. اتي مون هڪ وڏي ۽ پڪل
ڇانهين ڏٺي آهي. اها ڳالهه ٻڌندي بگهڙ جي وات ۾
پاڻي ڀرجي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”هل، جلدي ڪر ته
پيڊري جي باغ ۾ هلون.
ٻيئي وڻن ۽ لوڙهي جي پٺيان لڪندا لڪندا، باغ ۾ وڃي پهتا. بگهڙ
هڪدم ڇانهين پَٽي ان جا ٻه ٽڪرا ڪيا ۽ هڪ ٽڪرو
سَهي کي ڏنو ۽ ٻيو ٽڪرو پاڻ کائڻ لڳو. ٿوريءَ دير
۾ ئي ڇانهين کائي پوري ڪري، بگهڙ پنهنجا چَپَ چَٽڻ
لڳو ۽ ڇانهين جي کل کي ڏسڻ لڳو. هو ڏاڍو خوش هو ته
ايتري ۾ پيڊري جي نوڪرياڻيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
هن چيو پئي، ”اڄ رات مانيءَ کان پوءِ اسين ڇانهين
به کائينداسون.“ اهو ٻڌي بگهڙ چيو، ”اڙي مري
وياسون! مصيبت اچي ويئي! اڄ رات نوڪرياڻيءَ کي
ڇانهين نه ملندي ته پڪ سمجهندي ته آءٌ کائي ويس.“
سَهي چيو، ”آءٌ توکي هڪڙي اٽڪل ٻڌايان ٿو. ڇانهين جي کلن ۾ مِٽي
ڀري، ڇانهين ساڳئي هنڌ رکي ڇڏ.“
بگهڙ کي اها اٽڪل ڏاڍي وڻي. ٻنهي گڏجي جلدي جلدي ڇانهينءَ جي
کلن ۾ مِٽي ۽ گپَ ڀري، انهن کي چڱيءَ طرح ملائي
ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو. اهو ڪم لاهي بگهڙ پنهنجي
ٻنيءَ ڏانهن ڀڳو ۽ اُتي هڪڙي وڻ جي هيٺان آرام سان
سمهي رهيو. پر سَهو اتي ئي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته
ڏسجي ته پيڊرو جي پوڙهي نوڪرياڻي ڇا ٿي ڪري؟
ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي آئي ۽ ڇانهين کڻي
گهر هلي ويئي. سَهي به ٿوري دير رکي هن جي پُٺ
ورتي ۽ گهر کان ٿورو پري ترسي ڪَن ڏئي بيٺو. ايتري
۾ گهر جي بورچيخاني مان نوڪرياڻيءَ جي ڪاوڙ ڀريل
رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. جڏهن گوڙ لٿو ته سَهو
اڻڄاڻ ٿي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ ويو ۽ پوڙهي
نوڪرياڻيءَ کان پڇڻ لڳو، ”ناني، اوهان خير مان
رڙيون پئي ڪيون؟“
”خير وري ڇا جو!“ پوڙهيءَ جواب ڏنو، ”خبر اٿئي ته ان مئي بگهڙ
ڇا ڪيو آهي.“ هن ندوري پيڊرو جي ڇانهين کائي، کلن
۾ مٽي ۽ گارو ڀري اُتي ئي رکي ڇڏي. مون کي ڀلا
ڪهڙي خبر. مون جو پيڊرو جي کائڻ لاءِ ڇانهين وڍي
ته سڄي رڪابي ۽ ميز مِٽي ۽ گپَ سان ڀرجي ويئي.
انهيءَ بگهڙ نالائق جا اجهو اهي ڪم آهن.“
سَهي چيو، ”جيڪڏهن اوهان چئو ته آءٌ بگهڙ کي وٺي اچان ٿو. پوءِ
اوهان ان سان چڱيءَ طرح جُٺ ڪريو؟“ پوڙهيءَ خوش
ٿيندي چيو، ”ڏاڍو سٺو. سَها، تون ته ڪو ڏاڍو سمجهو
ٿو ڏسجين. تون هن کي ڪنهن نموني سان وٺي اچ ۽ هيءُ
وٺ پنهنجو انعام.“ ائين چئي پوڙهيءَ سهي کي هڪڙو
ميوو ڏنو.
هيڏانهن اهو سڀڪجهه پئي ٿيو ۽ هوڏانهن بگهڙ ڏاڍي آرام سان وڻ
هيٺان سُتو پيو هو. انهيءَ وڻ تي هڪڙو وڏو پکي
ويٺو هو، جيڪو زور زور سان ٻوليون ڪرڻ لڳو. پکيءَ
جي رڙين تي بگهڙ جي اک کلي ويئي ۽ هن کي پکيءَ جي
بيوقت رڙين ڪرڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. بگهڙ گير ڪندي
پکيءَ کي هڪل ڪئي، ”بيوقوف، رڙيون ته نه ڪر. ڏسين
نٿو ته آءٌ آرام پيو ڪريان؟“ اهو چئي هن وري سُمهڻ
لاءِ اکيون بند ڪيون. پر اهو پکي به ڪو ڏاڍو تِيسر
هو ۽ ان، بگهڙ کي ڄڻ ته ٻُڌوئي ڪونه. پکيءَ وري به
زور زور سان رڙيون ڪيون. بگهڙ کي ويتر خار لڳو ۽
وڌيڪ زور سان دڙڪا ڏيڻ لڳو، ”جيڪڏهن تو وري رڙيون
ڪيون ته آءٌ توکي اهڙي سيکت ڏيندس جو سڄي عمر ياد
ڪندين.“
اهو ٻڌي پکي ته ماٺ ڪئي، پر سوچڻ لڳو ته ’بگهڙ کي ڪا سزا ضرور
ملڻ کپي.‘ انهيءَ پکي جي هڪڙي عجيب خصلت هيءَ
هوندي هئي ته جيئن نانگ هر سال پنهنجي کنڀن سوڌو
کل مٽائيندو هو. اهڙي ريت ان ڏينهن انهيءَ پکيءَ
کي پنهنجي کل مٽائڻي هئي؛ تنهنڪري پکيءَ پنهنجي کل
لاهي ان ۾ پٿر، مِٽي ۽ ٻيو گند ڪچرو ڀري، جتي پاڻ
ويٺو هو، اتي رکي ڇڏيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ ته سچ
پچ ڪو ٿُلهو متارو پکي ويٺو آهي. پوءِ پکيءَ
اُڏامي ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو ۽ زور زور سان دانهون
ڪرڻ لڳو. انهيءَ تي بگهڙ ڪاوڙ جهلي نه سگهيو ۽ ٽپ
ڏيئي انهيءَ پکي ۾ وڃي وات وڌائين جنهن ۾ پٿر،
مِٽي ۽ ڪچرو ڀريل هو. بگهڙ ته ڪاوڙ ۾ هو، سو وٺي
زور زور سان چٻاڙڻ لڳو، پر پٿرن جي ڪري ويچاري
بگهڙ جا ڪيترائي ڏند ڀڄي پيا ۽ هو هيٺ ڪِري تڪليف
۽ سُور وچان ڇڙهيون هڻڻ لڳو.
انهيءَ وقت سَهو به اُتي پهچي ويو ۽ پڇڻ لڳو، ”ڇو چاچا، خير ته
آهي؟“ بگهڙ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته سهي خوش ٿي
چيو، ”تون مون سان گڏ پيڊرو جي گهر هل. هن جي
پوڙهي نوڪرياڻيءَ وٽ ڏندن جي سور جي ڏاڍي سٺي دوا
آهي.“
بگهڙ جي حالت اڳ ۾ ئي خراب هئي، سو هڪدم تيار ٿيو ۽ سَهي سان گڏ
هلڻ لڳو، پر جيئن ئي ٻيئي پيڊرو جي بورچيخاني ۾
پهتا ته پوڙهي نوڪرياڻيءَ ٻريل بُنڊي کڻي وڌي آئي
۽ بگهڙ کي چيائين، ”چاچا ڪويوٽو! هيءَ وٺ پنهنجو
انعام ڇانهين چورائڻ جو.“ اهو چئي بگهڙ جي پُڇ کي
کڻي باهه ڏنائين. ڏندن جي سور سان گڏ هينئر بگهڙ
جو پُڇ به پئي سڙيو، سو هو دانهون ڪوڪون ڪندو وٺي
ڀڳو. سَهو به هن جي پٺيان رڙيون ڪندو آيو ته، ”خدا
حافظ! چاچا ڪويوٽي! ڏند ڀڳا، پُڇ سڙيا چاچا ڪويوٽي
خدا حافظ!“ پر بگهڙ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ڊوڙندو
ڊوڙندو درياءَ تي آيو ۽ ٽپو ڏئي ان ۾ وڃي ڪِريو.
پوءِ اهو ڏينهن ۽ هيءُ ڏينهن، بگهڙ وري ڪنهن ڳوٺ يا وسنديءَ ۾
نظر نه آيو.
(نڪارا گؤا جي آکاڻي)
سنڌيڪار: واحد بخش مڱريو
صلاح
هڪ هاريءَ وٽ ڍڳن جي جوڙي کان سواءِ گڏهه به هو. ڍڳا ته روزانو
ٻنيءَ تي ڪم ڪندا هئا، پر گڏهه سڄو ڏينهن پيو گاهه
چرندو هو، ڍڳا جڏهن گڏهه کي ڏسنداهئا ته، انهيءَ
سوچ ۾ پئجي ويندا هئا ته، ”اسان پيا روزانو لوڙيون
۽ هي آهي جو رڳو بيٺو چري.“
هڪ ڏينهن هڪ ڍڳي پنهنجي اهڙي مونجهاري جو ذڪر گڏهه سان ڪيو ۽
پنهنجي ڦٽيل ڪنڌ ۽ پُٺا به ڏيکاريائنيس، جنهن تي
گڏهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چوڻ لڳو: ”دوست منهنجي هڪ
صلاح آهي، جي عمل ڪرين ته ٻڌايان.“ ڍڳي وراڻيو:
”ادا تون صرف ٻڌاءِ، مان واعدو ٿو ڪريان ته ضرور
عمل ڪندس.“ گڏهه چوڻ لڳس: ”دوست صلاح اِها اٿئي،
ته تون هينئن ڪر جو اڄ رات گاهه صفا گهٽ کاءُ ۽
اهو ظاهر ڪر، ڄڻ ته بيمار هجين، جڏهن صبح جو مالڪ
توکي وٺڻ لاءِ اچي ته پيٽ ڦوڪي وڏا وڏا ساهه
کڻجانءِ پوءِ هو توکي بيمار سمجهي ڇڏي ويندو، ائين
تون به سڄو ڏينهن آرام ۾ گذاريندين.“ ڍڳي به ائين
ئي ڪيو، صبح جو جڏهن هاري ڍڳي کي ڪاهڻ لاءِ آيو
ته، ڍڳو صلاح سُست ۽ بيمار ڏسڻ ۾ آيس. هاري ڏاڍو
پريشان ٿيو جو پوک جي مُند ڀري بيٺي هئي، هاڻ ڇا
ڪري. نيٺ مجبور ٿي گڏهه کي ڇوڙي ٻَنيءَ تي ڪاهي
ويو ۽ هڪ ڍڳي جي جاءِ تي گڏهه کي هر ۾ جُوٽي وهائڻ
لڳو. گڏهه جيڪو پنهنجي سڄي ڄمار ۾ هَرَ کان واقف
ئي نه هو. سو هر ۾ جُٽڻ سان ئي ڏڪڻ لڳو، پر هاريءَ
جي گرم گرم ۽ مضبوط لَٺين کيس ڍڳي کان به وڌيڪ
سگهارو بڻائي ڇڏيو. هو سڄو ڏينهن هڪ ڍڳي سان گڏ،
هَرَ ۾ وهندو رهيو.
شام جو هاريءَ جڏهن گڏهه کي واپس آڻي گهر ٻَڌو ته بيهڻ محال ٿي
پيس، هو ساڻو ٿي ڪِري پيو. ٿوري دير کان پوءِ ڍڳي
احوال وٺندي پڇيس: ”ڀائو ڏي خبر، اڄ توکي منهنجي
مصيبت جو احساس ضرور ٿيو هوندو. بس، هِڪڙي ڏينهن ۾
ئي هٿ پير ٿڌا ٿي ويئي؟“ ڍڳي جي ڳالهه ٻُڌي گڏهه
توائي ته ٿي ويو، پر يڪدم حاضر دماغي کان ڪم وٺندي
چيائينس: ”دوست، محنت ته برابر آهي، نه ئي مان
محنت ڪرڻ سان سُست ٿيو آهيان. مون کي ته فقط
پنهنجي رات واري صلاح جو ڏک آهي، جنهن جو نتيجو
اِهو نڪتو، جو مون سڄو ڏينهن مُفت ۾ جوتا جهليا
آهن. پر هاڻ پيارا هڪڙي ڳالهه آهي جو تنهنجي زندگي
بي مزو ٿي پوندي.“ اهو ٻڌي، ڍڳي جا ڪَنَ اُڀا ٿي
ويا. پريشان ٿيندي گڏهه کان پڇڻ لڳو: ”ير، مهرباني
ڪري ٻڌاءِ ته سهي ڳالهه ڇا آهي؟“
گڏهه چوڻ لڳس: ”دوست، ٻيو ته خير آهي. پر اڄ مان تنهنجي جاءِ تي
جڏهن هر ۾ جُٽيل هئس ته، مالڪ جي هڪ دوست کِلون
ڪندي چيس: ”يار اڄ تو، هي ڪهڙو تماشو وڌو آهي، جو
ڍڳي جو ڪم پيو گڏهه کان وٺين!“ جنهن تي مالڪ جواب
ڏنس: ”يار ڍڳو ته صفا پوڙهو ٿي پيو آهي، ۽ رات کان
وٺي نه ڪجهه کاڌو اٿس نه پيتو اٿس. منهنجي پوک جو
پئي وقت خراب ٿيو، سو مجبوريءَ ۾ پيو ڍڳي جو ڪم
گڏهه کان وٺان.“ جنهن تي وري مالڪ جي دوست وراڻيو:
”يار، گڏهه کان ڪم مٿي آهي. گڏهه ڪونه هلي
سگهنديئي.“ تنهن تي مالڪ چوڻ لڳس: ”مون سوچيو هو
ته اِهو ڍڳو کپائي، ٻيو خريد ڪريان، پر ڍڳو ته
ايترو ڪمزور ۽ سُست ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو ڪير به ڍڳي
کي وٺڻ لاءِ راضي ڪونهي. بس هاڻ ڪاسائيءَ کي
ڏيندومانس.“
گڏهه جي اهڙي ڇرڪائيندڙ ڳالهه ٻڌي ڍڳو وائڙو ٿي ويو ۽ منٿ ڪري
چوڻ لڳس: ”يار، مهرباني ڪري منهنجيءَ زندگيءَ تي
ترس کاءُ، ڪا اهڙي صلاح ڏي جو منهنجي حياتي بچي
پوي.“ جنهن تي گڏهه چوڻ لڳس: ”ان ۾ گهٻرائن جي ڪا
ڳالهه ڪانهي. بس تون سِڌو ٿي ۽ اڳي جيان ڪم کي لڳي
وڃ.“ گڏهه جي اِها صلاح ٻُڌي ڍڳو يڪدم کَڙو ٿي ويو
۽ سڄو گاهه ۽ ڏارو کائي صاف ڪيائين. هاريءَ جو ڍڳي
کي چُرپُر ڪندي ڏٺو، سو سهي ڪيائين ته ڍڳو چاڪ ٿي
ويو آهي، ٻئي ڏينهن تي ڪاهي وڃي هَرَ ۾ سِڌو
ڪيائينس.
(سو ٻارؤ، صلاح ضرور وٺجي، پر صلاح تي عمل هميشہ سوچي سمجهي
پوءِ ڪجي.)
راجا گل بجاج
باقي بچيو ڇا...؟
ٻه دوست امتحان جي آخري پرچي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ۾ مليا ۽
پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا.
پهريون دوست: ”يار، تنهنجو اُردوءَ جو پرچو ڪيئن ٿيو؟“
ٻيو دوست: ”تمام بهترين.“
پهريون دوست: ”ڀلا باٽني جو؟“
پهريون دوست: ”باٽنيءَ جو ته مون کان شروع ۾ ئي ڪاپي ڪندي
ايڪسٽرنل ڦُري ويو.“
پهريون دوست: ”ڇا؟ ڪاپي ڦُري ويو! ڀلا زولاجي جو ڪيئن ٿيو؟“
ٻيو دوست: ”زولاجيءَ جي پرچي ۾ ته آئون هڙتال ۾ شامل هئس، سو
اهو ڪينسل ٿي ويو.“
پهريون دوست: ”ته پوءِ ڪيمسٽريءَ جو؟“
ٻيو دوست: ڪيمسٽريءَ جي 8 سوالن مان 5 سوال
a,b,c
سان ڪرڻا هئا، تنهن مان آئون صرف ٻن سوالن جي
(a)
ڪري آيس. يعني اهو به فعل.“
پهريون دوست: ”افسوس، ڀلا انگلش جو ته سُٺو ٿيو هوندو؟“
ٻيو دوست: ”نه يار، سَٺو وري ڪٿان ٿيو، سائينءَ جي ڪجهه ذاتي
رنجش هئي، سو ڪاپي نه پئي ڪرڻ ڏنائين. مطلب اهو به
سٺو نه ٿيو.“
پهريون دوست: ”تنهنجو ته ڪو نصيب ئي ڦِٽل آهي. ڀلا فزڪس جو ڪيئن
ٿيئي؟“
ٻيو دوست: ”فزڪس جي پرچي ۾ 8 سوالن مان 5 سوال ڪرڻا هئا، سو مون
4 سوال ڪيا، ٽائيم بچيو 10 منٽ ته، پنجين سوال جي
لالچ ۾ ڪاغذ ڊيسڪ تي سرعام کڻي لکڻ لڳس. مٿان اچي
مختيارڪار ڪڙڪيو، سو ڪاپي ڦري ويو.“
پهريون دوست: ”منهنجي خيال ۾ ته پوءِ اسلاميات جو به سٺو نه ٿيو
هوندو...؟“
ٻيو دوست: ”ها يار، توکي ڪيئن خبر پئي؟!- اسلاميات جي پرچي ۾
مون کي ڪاپي ڪندي ايڪسٽرنل پڪڙي ورتو هو، اتي ئي
ڪاپي ڪيس ڪيائين.“
پهريون دوست: ”ته پوءِ باقي بچيو ڇا؟“
ٻيو دوست: ”صرف اردو جو پرچو ۽ اُداسي!“
چونڊ: وحيد فقير ڀٽو
بهادر دشمن
سلطان صلاح الدين ايوبي مسلمانن جو وڏو سپهه سالار هو. ان
عيسائين سان ڪيتريون ئي لڙائيون ڪيون، ۽ انهن کي
شڪست ڏني. هڪ ڀيري سلطان صلاح الدين جي فوج،
انگريز بادشاهه رچرڊ جي فوج سان مقابلو ڪري رهي
هئي. رچرڊ کي ماڻهو ان جي بهادريءَ جي ڪري ”شيردل“
رچرڊ ڪوٺيندا هئا.
رچرڊ گهوڙي تي سوار هو، ڪنهن طرف کان تير اچي هن جي گهوڙي کي
لڳو ۽ گهوڙو ڪِري مري ويو. اوچتو سلطان صلاح الدين
جي نظر رچرڊ تي پئي، ڪيترن ئي مسلمان سپاهين هن کي
گهيرو ڪري ڇڏيو هو. سلطان جلدي پنهنجن سپاهين وٽ
آيو ۽ چيائين ته لڙائي بند ڪريو. سپاهين وڙهڻ بند
ڪيو.
ان کان پوءِ سلطان جلدي شاهي اصطبل ۾ پهتو ۽ پنهنجي ”سئيس“ يعني
”گهوڙا پاليندڙ يا گهوڙا سنڀاليندڙ“ کي چيائين ته:
”اصطبل ۾ جيڪو گهوڙو سڀ کان سٺو آهي، سو مون کي
ڏي.“ سئيس اعليٰ نسل جو هڪ عربي گهوڙو سلطان جي
خدمت ۾ پيش ڪيو. سلطان اهو وٺي رچرڊ وٽ آيو ۽ ان
کي چيائين: ”رچرڊ! تون اسان جو دشمن آهين، پر مون
کي خبر آهي ته تون بهادر دشمن آهين، تنهنجو گهوڙو
مري ويو آهي، ان ڪري هيءُ گهوڙو آءٌ تنهنجي حوالي
ڪريان ٿو.“ رچرڊ سلطان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ گهوڙي
تي سوار ٿي ساڳيءَ بهادريءَ سان وڙهڻ لڳو.
هي لڙائي بغير ڪنهن هارَ ۽ جيت جي ختم ٿي. رچرڊ پنهنجي خيمي ۾
هليو ويو ۽ سلطان صلاح الدين به پنهنجي ساٿين وٽ
آيو. رچرڊ لڙائيءَ بعد پنهنجن سردارن کي جمع ڪيو ۽
انهن کي پنهنجي گهوڙي جي زخمي ٿيڻ ۽ مري وڃڻ جو
سمورو احوال ٻڌايو.
سردارن پريشان ٿي پڇيو، ”سرڪار پوءِ ڇا ٿيو؟“ رچرڊ چيو: ”جيڪو
ڪجهه ٿيو ان جو احوال توهان کي ٻڌائيندس ته توهان
کي ڏاڍو تعجب ٿيندو.“ سردارن چيو: ”حضور جلدي
ٻڌايو ته پوءِ ڇا ٿيو؟“ رچرڊ چيو: ”صلاح الدين ان
موقعي تي جيڪو مون سان سلوڪ ڪيو، ان کي آءٌ هميشہ
ياد رکندس. منهنجو گهوڙو مري ويو ته آءٌ پيادل
وڙهڻ شروع ڪيو، مون کي ان حالت ۾ ڏسي سلطان مون وٽ
آيو، ۽ پنهنجن سپاهين کي لڙائي بند ڪرڻ جو حڪم
ڏنائين. ۽ ان کان پوءِ سلطان مون کي هڪ سٺو گهوڙو
آڻي ڏنو.“
سردارن رچرڊ جي ڳالهه ٻڌي ته حيرت ۾ پئجي ويا. رچرڊ چيو: ”سلطان
منهنجو دشمن آهي، اُن مون تي جيڪو احسان ڪيو آهي،
اهو آءٌ سموري زندگي ياد رکندس ۽ وساري ڪونه
سگهندس. هن دشمن ٿي، جيڪو وڏائي جو ثبوت ڏنو آهي،
ان جو ذڪر هميشہ تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪيو ويندو.“
رچرڊ جون اهي ڳالهيون ٻڌي، سمورن سردارن چيو:
”شيردل شهنشاهه!“، سلطان صلاح الدين واقعي هڪ عظيم
انسان آهي. اسان سڀ جهڪي کيس سلام ڪريون ٿا.
چونڊ: ”عاجز“ علي اڪبر چاوڙو
ملاح ۽ گدڙ
سيارو هجي يا اونهارو جمعو ملاح ڄار ڪلهي تي رکي مڇي مارڻ ويندو
هو. پر قسمت سان ڪا هڪ ٻه مڇي ڦاسندي هيس. نه ته
سڄو ڏينهن پيو ڄار هڻندو هو ۽ خدا کي پيو ستائيندو
هو ته، ’رب منهنجا ايترو ته ڏيئنم جو پيٽ ته پالي
سگهان.‘ هڪ ڏينهن جيئن ئي ڄارو درياءُ ۾ اڇلايائين
ته پويان آواز آيس: ”ملاح توتي ڪو ٿورو ڪريان. پر
تون ڀاڙيو آهين.“ ملاح پويان نهاريو ته گدڙ
ڏٺائين. گدڙ کي چيائين ته: ”آءٌ مڙس ماڻهو آهيان،
مون تي ٿورو ڪري ڏس.“ گدڙ چيس ته: ”چڱو هاڻي هينئن
ڪر، اهو ڄار ۽ ڪُڙهي کڻي درياءُ جي ڪپ تي ٽٻي هڻ،
جيڪو هٿ اچئي اهو تنهنجو نصيب آهي.“
ملاح، ڄار درياء جي ڪپ تي رکي، درياء ۾ ٽٻي هنئي ته هٿ ۾ لوهه
جي سنگهر لڳس، جنهن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لڳو ڇڪيندي
ڇڪيندي سنگهر سان گڏ هڪ صندوق نڪري آئي. صندوق کي
کوليائين ته هڪ حسين شهزادي نڪري آئي، جنهن چيس
ته: ”آءٌ پاڻي جي راڻي آهيان. بس هاڻي تون منهنجو
مڙس ۽ آءٌ تنهنجي زال آهيان، هاڻي هيئن ڪر جو
درياء جي ڀر ۾ محلات ٺهراءِ ته پاڻ زندگيءَ جا
باقي ڏهاڙا اتي گذاريون.“ صندوق منجهه هيرا ۽
جواهر بي انداز پيل هئا، جيڪي شهر ۾ کپائي هڪ
عاليشان محلات ٺهرائي ملاح پنهنجي زندگي عيش ۽
آرام سان گذارڻ لڳو.
هڪ ڏينهن راڻيءَ چيس ته: ”کاڌي خرار به کُٽي ويندا انهيءَ ڪري
شهر ۾ وڃي ڪا نوڪري ڪر.“ ”نوڪري ڪهڙي ڪريان؟ ملاح
چوڻ لڳو: ”مون کي ته ڪو ڪم نه ايندو آهي!“ راڻيءَ
چيس ته: ”تون بازار ۾ وڃ اتي پڇا ڪر ته بادشاهه جي
محلات ڪهڙي آهي، پوءِ بادشاهه سان ملي کيس نوڪريءَ
لاءِ عرض ڪج. جيڪڏهن بادشاهه توکي چوي ته ڪم ڪهڙو
ڪندين ته کيس چئج ته جيڪو ٻيو نه ڪري سگهندو آءٌ
اهو ڪم ڪندس.“
جمعو ملاح مجبوراً هلندو. اچي بادشاهه جي ڪچهري ۾ آيو ۽ نوڪري
لاءِ عرض ڪيائين: ”جيئندا قبلا مون کي نوڪري ڏيو.
آءٌ ڪم اهو ڪندس، جيڪو جڳ جهان کان نه ٿيندو!“
بادشاهه کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي، ۽ ملاح جو وظيفو
مقرر ڪري کيس درٻار ۾ خاص ڪرسي ڏنائين.
ٻين وزيرن اميرن ۽ اُمرائن کي ملاح سان حسد ٿيڻ لڳو، صلاحون ڪرڻ
لڳا ته هيءُ ماڻهو ڪير آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي کي پاڻ
برابر نٿو سمجهي. سڀ اچي هن جي خلاف گهاٽ گهڙڻ
لڳا. آخر وڏي وزير کي پنهنجو بنائي ورتائون ۽ سڀ
ملي جُلي صلاح ڪري بادشاهه وٽ آيا ۽ بادشاهه جا
وٺي ڪن ڀريائون. ڪو ڪهڙي ڳالهه ڪري ته ڪو ڪهڙي.
بادشاهه کي چيائون ته: ”سائين توهان کي انهيءَ ماڻهوءَ ڪهڙو نه
بيوقوف بنايو آهي، توهان هن کي آزمائي ته ڏسو! نه
ٿيڻ جهڙو ڪم چئي ڏسوس، ڪري ٿو يا نه. گهڻا اهڙا ڪم
آهن. جيڪي انسان ذات جي وس کان ٻاهر آهن.“ آخرڪار
بادشاهه هنن جي ڳالهين ۾ اچي ويو. وڏي وزير کي
چيائين ته: ”ڀلا هاڻي ڪا اهڙي ترڪيب ڏس جو ملاح
کان اهو ڪم ٿي نه سگهي.“
وڏي وزير چيو ته: ”سائين هاڻي ٿا هيئن ڪريون ته پاڻ سڀ ٻيڙيءَ ۾
چڙهي درياءَ جي سير تي ٿا هلون. جڏهن ٻيڙي درياء
جي وچ سير ۾ اچي ته پوءِ توهان پنهنجي مُنڊِي
درياء ۾ ڪيرائي ڇڏجو ۽ پوءِ سڀني کي حڪم ڪجو ته
مُنڊِي ڪڍي ڏيو. پوءِ اسين سڀ چونداسين ته جيئندا
قبلا اسان کان اهو ڪم نه ٿيندو، پوءِ توهان انهيءَ
ماڻهو کي حڪم ڏجو ته منڊي ڪڍي ڏي. لازمي اهو ڪم هن
کان نه ٿيندو، پوءِ کيس مارائي ڇڏجو.“
ٻئي ڏينهن سڀ امير امراء، بادشاهه سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سير ڪرڻ
لاءِ نڪتا، جڏهن ٻيڙي وچ سير ۾ آئي ته بادشاهه
پنهنجي منڊي ڪيرائي ڇڏي ۽ وزيرن اميرن کي حڪم
ڏنائين ته منڊي مون کي ڪڍي ڏيو. سڀني جواب ڏنو ته:
”جيئندا قبلا اسان کان اهو ڪم ڪونه ٿيندو، باقي هي
همراهه، جنهن چيو پئي ته آءٌ اهو ڪم ڪندس جو ٻئي
کان نه ٿيندو. سو اهوئي ڪري سگهي ٿو.“ بادشاهه
ملاح کي حڪم ڪيو ته منڊي ڪڍي اچ. ملاح وراڻيو ته:
”سائين اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. پاڻ گهمي سير ڪري
هلون ٿا ۽ آئون صبح جو منڊي توهان کي پهچائيندس.
هينئر گهمڻ جو مزو نه وڃايو. بادشاهه چيو: ”ٺيڪ
آهي هاڻي واپس هلو.“
ملاح بادشاهه کان موڪلائي شام جو گهر آيو، ايندي شرط منهن ڀيلو
ڪري کٽ تي ڪري پيو. راڻيءَ پڇيس ته: ”ڇا ڳالهه
آهي؟ طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“ هن وراڻيو ته: ”راڻي اڄ
بادشاهه جي منڊي درياء جي وچ ۾ ڪري پئي جنهن جي
ڪڍي اچڻ جو حڪم ڪيو اٿس. منڊي درياء مان ڪيئن
نڪرندي، بادشاهه ته مون کي مارائي ڇڏيندو. ”راڻي
چيس ته: ”اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. آءٌ ته پاڻي جي
راڻي آهيان، هل ته درياء تي هلون.“ ٻئي ڄڻا درياء
تي آيا. راڻي درياء جي ڪناري تي بيهي آواز ڏنو،
جنهن تي مڇيون ۽ لُڌڙا ٻاهر نڪري آيا ۽ چيائون ته
”راڻي حڪم؟“ راڻي چيو ته: ”اڄ بادشاهه جي منڊي
درياء ۾ ڪري پيئي آهي، اها هڪدم کڻي اچو.“ بس حڪم
جي دير هئي. هڪ لُڌڙو ويو، جيڪو اها منڊي پاڻيءَ
مان ڪڍي آيو ۽ اچي راڻي کي ڏنائين، ٻئي زال مڙس
خوش ٿي موٽي جاءِ تي آيا.
ٻئي ڏينهن ملاح منڊي کڻي آڻي بادشاهه کي ڏني ۽ چيائين ته:
”جيئندا قبلا هيءَ ته خسيس ڪم هو. پر ڪنهن وڏي ڪم
۾ آزمائي ڏسو.“ بادشاهه حيران ٿي ويو. وزير ۽
اميرن تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيائين. بادشاهه دل ۾
ويچاريو. ’جيڪو ماڻهو درياء جي وچ مان منڊي ڪڍي
سگهي ٿو. سو دنيا جو ڪهڙو به ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم ڪري
سگهي ٿو. انهيءَ ڪري ڇو نه اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي
ڌيءَ جو سنڱ ڏيئي هميشہ لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيان.‘
گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن ملاح کي گهرائي کيس
پنهنجي دل جو حال ٻڌايو. ملاح ڏاڍو خوش ٿيو ۽
چيائين: ”سائين، مون کي قبول آهي.“ بادشاهه شادي
ڪرائي هن کي پنهنجي محل جي ڀر ۾ ڌار محل ٺهرائي
ڏنو.
شاديءَ کان پوءِ ملاح رات ڏينهن محلات ۾ پنهنجي ڪنوار سان عيش
آرام سان رهڻ لڳو. ڪنهن ماڻهو کي، ماڻهو ڪري ئي
نٿي سمجهيائين، ايتري قدر جو پاڻيءَ واري راڻيءَ
ڏانهن به نه ويو. ٻارنهن مهينا گذري ويا. شهزاديءَ
مان کيس پٽ ڄائو. جنهن جي مبارڪ، پاڻيءَ واريءَ
راڻي ڏانهن موڪليائين. راڻي خوش ٿي مبارڪ واري
ماڻهوءَ کي هيري جي مُنڊي ڏني. ۽ چيائين ته
”شهزاديءَ کي چئي ته شهزادو جهڙو تنهنجو مڙس، اهڙو
منهنجو مڙس آهي، من ٻارنهن مهينن ۾ هڪ دفعو مون وٽ
موڪلينس.“ شهزاديءَ کي نياپو مليو. تنهن ملاح کي
تمام گهڻو سمجهايو. پر ملاح ڪن ٽار ڪري چيو: ”ها
ها ويندس.“ پر نه وڃي نه ويو، تان جو ٻارهن مهينا
ٻيا گذريا، شهزاديءَ کي وري ٻيو پٽ ڄائو. خابرو
وري پاڻيءَ واريءَ راڻي ڏانهن مبارڪ کڻي ويو.
۽ پاڻي واري راڻي تمام گهڻو خوش ٿي ۽ مبارڪ جي موٽ ۾ تمام گهڻا
هيرا جواهر موڪلي ڏنائين اهڙا قيمتي هيرا راڻي وٽ
به نه هئا. هن ڀيري راڻيءَ شهزاديءَ کي چوائي
موڪليو ته، ”مهرباني ڪري منهنجي مڙس کي هڪ دفعو
موڪل ته منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃي.“
همراهه راڻيءَ جو نياپو شهزاديءَ کي ڏنو، هيرا ۽ جواهر به
ڏنائين ته هِي راڻيءَ مبارڪن جي عيوض ڏنا آهن.
شهزادي هيرا جواهر ڏسي اچرج ۾ پئجي ويئي. هڪدم مڙس
کي گهرائي چيائين ته: ”هينئر جو هينئر وڃ ۽ انهيءَ
نيڪ بخت عورت جي ڳالهه ٻڌي اچ ته ڇا ٿي چوي.“
ملاح جو منهن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو. وڦلڻ لڳو، ”ڀيڻسان ان رن
مان اچي ڦاٿو آهيان، نياپو کٽيس ئي نه ٿو.“ ائين
هڪدم ڪاوڙ مان گهوڙي تي چڙهي راڻيءَ جي محلات تي
آيو ۽ گهوڙي تي ويٺي ئي راڻي کي چيائين ته: ”ڪهڙو
ڪم اٿئي جو نياپو ڪري گهرايو اٿئي، جلد ٻڌاءِ دير
ٿي ٿئي.“ راڻيءَ چيس ته: ”تون منهنجو حق آهين
منهنجو وٽ به مهيني ماسي ايندو ڪر. آءٌ تنهنجي زال
آهيان، ڪجهه خيال ڪر مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو
آهي. جو مون کي صفا وساري ڇڏيو اٿئي. مون کي تو
درياء مان ڪڍي خشڪي تي آندو، هاڻي آءٌ ڪيڏانهن
وڃان؟“
”ڪيڏانهن به وڃ آءٌ ٻڌل نه آهيان. آءٌ تمام مصروف آهيان، مون کي
وقت نه آهي، جو تو وٽ اچان توکي موڪل آهي، جيڏانهن
وڻئي تيڏانهن وڃ.“
تنهن تي راڻيءَ چيس ته: ”هڪڙي مهرباني مون تي ڪر، مون کي واپس
درياء ۾ انهيءَ ساڳئي صندوق ۾ وجهي ڇڏي اچ.“ ملاح
چيو، ”ٺيڪ آهي.“ گهوڙي تان لهي صندوق کڻي راڻي کي
وٺي ساڳئي تڙ تي آيو. راڻيءَ چيس ته: ” مون کي
جيتري پاڻيءَ مان ڪڍيو اٿئي اوتري پاڻيءَ ۾ ڇڏي
وڃ.“
ملاح ڪپڙا لاهي اندر گهڙيو صندوق ۾ راڻي کي وجهي ڍڪ بند ڪري
اندر پاڻي ۾ ٽٻي هڻي صندوق لوڙهي ٻاهر نڪري ته ڇا
ڏسي ڪنڌي تي ڄار ۽ ڪڙهي پئي آهي ۽ گدڙ بيٺو آهي.
گدڙ چيس: ”ڏٺئي مون توکي چيو هو نه ته تون مڙس
ڀاڙيو آهين.“ ملاح ڪپڙا پائي شهر ۾ آيو محلات ۾ٿي
ويو ته چوڪيدارن ڏاڍا پادر وجهي روانو ڪيس. ۽ هو
واپس درياء تي اچي هميشہ وانگر ڄار کڻي مڇي مارڻ
لڳو. |