هن هٿ وڌايو ۽ اڃان سائي بٽڻ کي ڇهيو ئي مَس ته
دري کلي پئي ۽ هو ڪرسيءَ سميت راڪيٽ کان ٻاهر خلا
۾ اچي ڪِريو. ”اوهِه! هي هي ڇاٿي ويو؟ هتي ٻاهر
ڪيترو نه سيءَ آهي. اهو سيءَ ته مون کي ماري
ڇڏيندو.“ هو سخت پريشان ٿي ويو.
پري کان هڪ پُڇڙ تارو هن جي طرف اچي رهيو هو. پڇڙ
تاري جي ڪري هن جو سيءَ به لهي ويو.
”هاڻي ته سيءَ بلڪل ڪونهي، بچي ويس.“ هن خوشي
ٿيندي سوچيو.
پڇڙ تارو جيئن جيئن هن جي ويجهو ايندو ٿي ويو،
گرمي حد کان وڌندي ٿي وئي، پڇڙ تارو هاڻي هن جي
ويجهو اچ ويو، گرمي ناقابل برداشت ٿي وئي ۽ هن جو
مٿو چڪرائجڻ لڳو ۽ پوءِ هو ڪرسيءَ سميت ڪلابازيون
کائڻ لڳو. ”بچايو... بچايو... مون کي بچايو...“ هن
رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
پوءِ اوچتو اڏامندڙ ٿالهي هن جي ڀرسان اچي بيٺي.
ان اڏامندڙ ٿالهي مان عجيب و غريب وڏن ڪَنن واري
خلائي مخلوق ٻاهر نڪري اچي ٿالهيءَ جي ڪناري تي
بيٺي، انهن مان هڪڙي هٿ وڌايو ۽ متيا کي ڪرسي سميت
کڻي ٿالهي جي ڪناري تي ويهاريو هاڻي ٻڌاءِ، اسان
تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا؟“ ”مان ڌرتيءَ تي
موٽي وڃڻ ٿو چاهيان، راڪيٽ سميت،“ مِتيا معصوميت
مان چيو.
اِن مخلوق پنهنجي مٿان ٽنگيل هڪ مشين کي ڪجهه چيو
۽ ان ئي گهڙيءَ مِتيا راڪيٽ سميت اچي ان ميدان تي
لٿو. راڪيٽ مان لهي هو وري رانديڪا ٺاهڻ ۾ مصروف
ٿي ويو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ کير خاني جي بار گاڏي هارُن
وڄائيندي اچي راڪيٽ وٽ بيٺي. ڊاڪٽر جيمز ۽ سندس
ساٿي گاڏيءَ مان لهي آيا. ”معاف ڪجانءِ مِتيا!
اسان توکي انتظار ڪرايوسين، دراصل کير وٺڻ ۾ ڪجهه
دير ٿي وئي.“ ڊاڪٽر جيمز معذرت ڪندي چيو.
”ڪا ڳالهه ناهي!“ متيا مُسڪرائيندي چيو.
راڪيٽ جي کير واري ٽانڪي کي جلدي ڀريو ويو ۽ راڪيٽ
خلاءِ ۾ اڏامڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
”هاڻي هلون ٿا، تنهنجي وڏي مهرباني! ٻئي ڀيري
آياسين ته پوءِ توکي به خلاء جو سير ڪرائينداسين.
چڱو خدا حافظ!“ ”خدا حافظ!“ مِتيا، هوريان چيو.
راڪيٽ اڏامڻ لڳو ۽ جلدئي نظرن کان اوجهل ٿي ويو.
مِتيا رانديڪا کنيا ۽ گهر جي طرف روانو ٿي ويو.
(نوٽ: هيءَ سائنسي ڪهاڻي روس مان شايع ٿيندڙ ٻارڙن
جي ماهوار انگريزي رسالي مِشا
(Misha)
جي جون 1990ع جي پرچي تان ٿورن سان ترجمو ڪئي وئي
آهي.
راهي چنا
گيت گلابي
اُٿي اُو پٽڙا ٿَي سُجاڳ،
جاڳ سان ورَنُدو آهي ڀاڳ،
ڪتاب کڻي سَڌُو اسڪول وڃجاءِ،
اسڪول کان سَڌُو گهر ڏي اچجانءِ،
اَسِڪُول وڃڻ کان ڪر نه بهانو،
علَم اَٿئي پُٽ اَنُمول خزانُو،
محنت ڪندي نمبر کڻندي،
ماءُ ۽ پيءَ کي ڏاڍو وڻندي.
پڙهڻ کان جيڪُو ٻَار نِٽائي.
هَر هنڌ ٿو پاڻ لَڄائي
اُٿ ايڪويهين صَدي جو ڪر استقبال
جَڳُ جَڳُ جئين مُنهن جا لال،
اجائي ويهڻ مان ڪجهه نه ورَنُدو
ويل وقت وري ناهي ايندو،
سُسَتِي ڇَڏِي ڪا وک وڌاُيون،
هيءَ گيت گُلابي گڏجي ڳايُون.
عبدالغفور ”ناز“ نوحاڻي
گيت
پيارا پيارا ٻار پيارا
ننڍڙا سٺڙا سڀئي موچارا
مٺا سٺا تن جا ٻاتا ٻول
ڪارا هجن يا ڀوراسي سونهارا
پڙهڻ لکڻ جي جن کي چاهت
محنت سان تن جا ڀاڳ ڀلارا
مائٽن مٽن جون دعائون تن کي
سي منزلون پنهنجيون ماڻيندا سارا
ناز نوحاڻي جون دعائون تن سان
محنت ۽ عظمت سان ٿيندا نالي وارا
الطاف شيخ
ڀاڳ واري ڪٽلي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جن ڏينهن ۾ جپان ۾
ماڻهو فيوجي جبل کي اڃان ديوتا ڪري پوڄيندا هئا.
هڪ صبح جو هڪ کلمک نوريئڙو نچندو ڪڏندو جهنگل مان
واٽ وٺي وڃي رهيو هو. رستي تي ڪٿي ڪٿي سنهو گاهه
آيو ٿي ته ان تي گول ليٿڙيون پاتائين ٿي ۽ وري ڪٿي
ڪنڊن وارا ٻوٽا آيا ٿي ته انهن کان پاڻ بچائيندو
يا مٿائن بل ڏيندو اڳيان وڌيو ٿي.
اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ خوشي مان هيڏانهن هوڏانهن
پرواهه نه ڪندي جهڙي ڊوڙ پاتائين ته هڪ ماري جي
ڪوڙڪي ۾ وڃي وچڙيو. پوءِ جيئن جيئن ان مان پاڻ کي
ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين تيئن ان ڪوڙڪي جي ڳنڍ سوگهي ٿي
ويئي ۽ هي ان ۾ اهڙو سُڪَ ٿي ويو جو هيڏانهن
هوڏانهن ڦٿڪڻ جي ڪيائين ٿي ته ساهه ٿي گهٽيس.
”الاڙي. الاڙي. هو سنهيون ڪيڪون ڪرڻ لڳو. ”الاڙي“
سندس رڙيون هڪ واٽهڙو ڪنڀار جي ڪن تي پيون جيڪو
ٿانوَ ٺاهي هاڻ پنهنجي گهر وڃي رهيو هو. دانهن جا
آواز ٻڌي هن پنهنجي ڇٻڙي ڪلهي تان لاهي پٽ تي رکي
۽ جان بچائڻ لاءِ نوريئڙي ڏي ڀڳو.
”مار ته سهي! هڪ غريب ننڍڙو نوريئڙو ڪوڙڪي ۾ ڦاٿو
پيو آهي!“ ڪنڀار تعجب مان چيو ۽ هڪدم نوريئڙي جي
جان آجي ڪرائي.
”هاڻ پيارا نوريئڙا جهٽ ڪري پنهنجي گهر جو رخ
اختيار ڪر جيئن ڪو ٻيو واٽ تي توکي نقصان نه
رسائي“. ڪنڀار پيار ۽ پاٻوهه مان نوريئڙي کي نصيحت
ڪئي. هن نوريئڙي جي پٺي تي ٻه چار دفعه هٿڙا
گهمائي وري چيو: ”چڱو دوست هاڻ سڌو گهر ڏي روانو
ٿجانءِ.“ ”هن احسان جو بدلو مان توکي ڪيئن ڏيئي
سگهان ٿو؟“ نوريئڙي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پڇيو.
”بس تون پنهنجي گهر تائين سلامتي سان پهچي ويندين
ته مون لاءِ اهوئي گهڻو آهي.“ ڪنڀار سندس پٺيءَ کي
ٺپريندي چيو ۽ ان بعد پاڻ به پنهنجي واٽ وٺي
پنهنجي گهر ڏي روانو ٿيو. نوريئڙو ڪا دير ڪنڀار کي
ويندو ڏسي سوچڻ لڳو ته هو ڪهڙي طرح هن غريب ڪنڀار
جي ڪم اچي سگهي ٿو، جنهن هن جي جان بچائي. اهو
سوچيندي اوچتو هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي ۽ پنهنجي هڪ
جادوئي رمل جي زور تي پنهنجو پاڻ کي هڪ سهڻي چٽ
گلن واري ڪٽليءَ ۾ بدلائڻ شروع ڪيو. سندس جسم گول
۽ ٿلهو ٿي بلڪل چانهه جي ڪٽليءَ جهڙو ٿي ويو. پڇ
مڙي ڪٽليءَ جو ڳن ٿي پيو ۽ پير ڪٽلي جا ترا ٿي
پيا. سندس نڪ ٻاهر نڪري ڪٽليءَ جي اڳيان تن وانگر
ٿي بيٺو. ۽ هاڻ هو بلڪل ڪٽلي ٿي پيو هو ۽ پوءِ ڪا
دير هي نوريئڙي نما ڪٽلي ڪنڀار جي پٺيان پٺيان
هلندي رهي. هڪ هنڌ جهڙو ئي کيس وجهه لڳو ته ٽپ
ڏيئي ڪنڀار جي ڇٻڙي ۾ لڪي وڃي ويٺي. ڪنڀار کي خبر
به ڪانه پيئي ۽ پنهنجي ئي موج ۾ گهر ڏي رمندو
رهيو.
”منهنجي زال آئون اچي ويو آهيان.“ گهر پهچي ڪنڀار
رڙ ڪئي.
مڙس جو آواز ٻڌي زال ڊوڙي اچي در کوليو ۽ جهڪي
سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ڪنڀار پنهنجي ڪلهي مان شيءِ شڪل
جي ڇڄڙي هيٺ لاهي پنهنجي غريباڻي جهوپڙي جي تڏي تي
رکي. ۽ پاڻ اڃان ڪکن جو چئمپل لاهي پاسائتو رکي
رهيو هو ته سندس زال جي نظر ڇٻڙيءَ ۾ پيل ڪٽليءَ
تي پيئي.
”اڙي اڙي! هي ڇا آهي؟“ هن رڙ ڪئي، ۽ پاڻ ۽ سندس
مڙس ان ڪٽليءَ کي حيرت منجهان ڏسڻ لڳو.
ان بعد هو ڪٽلي کي حفاظت سان کڻي اندر ڪمري ۾ آيا
۽ پٽ تي رکي مٿانئس جهڪي خاموشي سان ان ڪٽلي جي چٽ
گلن ۽ ڪاشيءَ جهڙي چلڪ غور سان ڏسڻ لڳا.
”اهو واقعي هڪ ڪرشمو ٿيو، ڪرشمو!“ ڪنڀار چپن ۾
ڀڻڪيو.
”ان جهڙي سهڻي ڪٽلي سڄي جپان ۾ نه هوندي،“ جواب ۾
سندس زال پڻ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”اها توکي ملي ڪٿان-؟“
”مون کي پاڻ خبر ناهي ته اها آئي ڪٿان،“ ڪنڀار
وراڻيو، ”هتي پهچڻ کان اڳ رستي تي ڪٿي به مون کي
اهڙي سهڻي شيء نظر نه آئي.“
ٻئي ڄڻا وري اچرج مان ان ڪٽليءَ کي ڏسڻ لڳا. سندن
اکين اڳيان هاڻ ڪٽليءَ کان علاوه ٻي ڪابه شيءِ نه
هئي.
”اها اهڙي ته سهڻي آهي جو جيڪر مورين- مندر تي
نذراني طور هلي ڏجي، ڪنڀار سوچيو ۽ پوءِ زور سان
چيو: ”ڪر خبر منهنجي زال. ان کي مورين- مندر ۾ هلي
ڏئي اچون.“
”ها. پاڻ جهڙن لاءِ ته هيءَ تمام اوچي شيءِ آهي.
مون کي پڪ آهي ته ٻائو اهڙي املهه شيءِ ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيندو،“ سندس زال وراڻيو.
ڪنڀار وڏي خبرداريءَ سان پٽ تان ڪٽليءَ کي کنيو ۽
ڪپڙي جي پوش ۾ ويڙهي مندر ڏي روانو ٿيو. ٻائو ان
ڪٽليءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو جو پهرين ئي نظر سان
ٻائي تاڙي ورتو ته اها اهڙي تهڙي شيءِ نه آهي ۽
سوچڻ لڳو ته ڪنڀار جهڙي غريب ماڻهوءَ وٽ اها آئي
ڪٿان- ڪنڀار جڏهن سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ته ٻائو
ويتر تپرس ۾ پئجي ويو. ۽ جيئن ته ان جي اصل مالڪ
جي ڪابه خبر نه هئي ان ڪري ٻائي ان کي مندر لاءِ
وٺڻ قبول ڪيو، جيئن مندر ۾ ٿيندڙ چانهه پارٽي واري
ڪاڄ ۾ استعمال ٿيندي رهي.
جڏهن ڪنڀار هليو ويو ته ٻائي ڪٽلي کي هڪ دفعو وري
غور سان ڏٺو. ”واهه جي خوبصورت شيءِ آهي. اڻلڀ شين
مان هي هڪ ٿي ڏسجي. پنهنجن يارن دوستن کي هينئر
نينڊ ڏيئي مون کي اها ڏيکارڻ کپي.“
مندر کي مليل ان قيمتي سوغات جي ڏسڻ جي شوق ۾ سندس
دوست اچي سهڙيا. ۽ پٽن تي وڇايل گاديلن تي چڪري ۾
ٿي ويٺا. سائي چانهه جو اڌرڀاءُ وارو دور ختم، ٿيڻ
کانپوءِ ٻائو اٿيو ۽ ريشم جي ڪپڙي جي هڪ هڙ اچي وچ
تي رکي. پوءِ منجهانئس اها قيمتي ڪٽلي مهمانن کي
ڏيکاري. مهمان ههڙي اوچي ڪٽليءَ کي غور سان ڏسڻ
لڳا. سندس رنگ روپ ۽ بيهڪ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. هو سڀ
اهو ٻڌڻ لاءِ آتا هئا ته ٻائي کي اها ڪٿان هٿ آئي
۽ ڪنڀار جو سڄو قصو غور سان ٻڌڻ لڳا.
”واقعي تمام اعليٰ شيءِ آهي ۽ مندر جي چانهه پارٽي
واري رسم ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل آهي.“
”بلڪل. بلڪل.“ ٻائي وراڻيو،“ اڄ ئي شام جو ٿيندڙ
چانهه جي رسم ۾ آئون هن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت
ڏيندس. يارو شام جو توهان به اچجو. سج لهڻ کان ٻه
ڪلاڪ اڳ چانهه پارٽيءَ لاءِ اچي گڏ ٿجو.“
ان شام جو سج لهڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ چانهه جي دعوت تي
همراهه اچي ٻاهر باغيچي ۾ گڏ ٿيا. ٻائي ڪٽلي پاڻي
سان ڀري ڪوئلن جي سنهي ڪِرِ تي رکي. اڃان هو ڪوپ،
ساسرون ٺاهي رهيو هو ته ڪنهن جي دانهن ٻڌڻ ۾ آيس.“
سڙان ٿو، سڙان ٿو.“ ۽ انهن لفظن کان پوءِ سڀني
مهمانن ڏٺو ته ڪٽلي ٽپ ڏيئي چانهه تان پاڻهي ئي
هيٺ لٿي. ڪجهه پاڻي فرش تي هارجي پيو. ۽ ڪٽليءَ
منجهان آهستي آهستي ٿي نوريئڙي جو نڪ، پوءِ پڇ ۽
تنهن بعد پير ظاهر ٿيا، پوءِ اها نوريئڙي جهڙي
ڪٽلي هيڏانهن هوڏانهن ٽپ ڏيڻ سان گڏ ”سڙان ٿو سڙان
ٿو“ چئي پاڻي هاري وڌو.
ٻائو اهو لقاءُ ڏسي ڊڄي ويو. ”هي ته پڪ جن ڀوت آهي
يا جادوءَ جي ڪٽلي.“ ۽ مهمانن سميت ٻئي ڪمري ۾ وڃي
لڪيو ۽ پٺيان در تي ڪنڍو ڏيئي ڇڏيو. مندر جا
سيکڙاٽ چيلا ۽ کٿابي رڙيون ٻڌي بچاءَ لاءِ ٻهارن ۽
لٺين سميت اندر ڌوڪي آيا:“ ڪٿي آهي جن-؟ سائين بچي
ته ويائو؟“
ڏڪندي ڏڪندي ٻائي ۽ سندس مهمان در جي سير مان
پنهنجا منهن ڪڍي ڊپ مان نوريئڙي جهڙي ڪٽلي ڏي
نهاريو. جيڪا هاڻ وري نوريئڙي مان ڦري واپس ڪٽلي
ٿي پيئي هئي ۽ معصوميت سان ڪنڊ ۾ پيئي هئي. ڏڪندڙ
آڱر سان ڪٽليءَ ڏي ٻائي اشارو ڪندي چيو: ”مون اها
ڪٽلي پاڻيءَ سان ڀري جيئن ئي باهه تي رکي ته ”سڙان
ٿو، سڙان ٿو! چئي اها ڪِٽلي چلهه تان ٽپ ڏيئي هيٺ
لٿي ۽ نوريئڙي جي شڪل اختيار ڪري ڪمري ۾ ڊوڙندي
رهي.“ ڪجهه دير لاءِ سڀئي ان ڪرشمي تي بحث ڪندا
رهيا پوءِ ڪپڙي ۽ لڪڻ ساڻ ڪري ان ڪٽلي کي هيڏانهن
هوڏانهن چوري ڏٺائون پر ڪٽلي خاموش هڪ ئي هنڌ ڌت
هڻي پيئي هئي.
بهرحال ٻائي جي دل تي اهڙو خوف هراس اچي ويٺو جو
هن اهوئي بهترين سمجهيو ته هاڻ ڪٽلي کي ڪنڀار جي
حوالي واپس ڪجي. سو ماڻهو اماڻي هن ڪنڀار کي پاڻ
وٽ گهرايو ۽ کيس سڄو احوال ٻڌائي پوءِ عرض ڪيو ته
هو پنهنجي ڪٽلي واپس کڻي وڃي.
”واهه واه تنهنجي معنا ته هيءَ ڪٽلي اهڙي تهڙي عام
شيءَ نه پر تمام گهڻي اهميت واري آهي.“ ڪنڀار چيو
۽ ڪٽليءَ کي وڏي خيال ۽ خبرداريءَ سان ڪپڙي ۾
ويڙهي گهر ڏي روانو ٿيو.
رات ٿي سندس زال سمهڻ جا پٽ تي تڏا وڇايا ۽ سمهڻ
کان اڳ ڪنڀار ان ڪٽليءَ کي پنهنجي وهاڻي ڀرسان ڪري
رکيو.
آڌي رات جو ڪنڀار جي اک کلي ته ڪنهن جو آواز ڪن تي
پيس.
”ڪنڀار- سان (سائين)، ڪنڀار- سَانَ (سائين)،
منهنجي ڳالهه ٻڌ!“
ڪنڀار ننڊاکڙين اکين کي مهٽيندي ڪٽليءَ ڏي ڏٺو ته
اها ڦري سندس دوست نوريئڙي جهڙي ٿي پيئي هئي.
”ڪنڀار سائين منهنجي وقتائتي بچاءَ لاءِ آئون
توهان جو ايڏو ته ٿورائتو ٿيس“، ننڍڙي جيتامڙي
چيو، ”جو مون تنهنجي ڪنهن نموني سان مدد ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو. ان ڪري پنهنجو روپ بدلائي چانهه جي
ڪٽلي ٿي تنهنجي ڇٻيءَ ۾ اچي لڪيس. مون اهوئي سوچيو
ته تون مون کي وڪڻي چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهندين. پر
تون ايڏو ته وڏي دل وارو سخي مڙس آهين جو مون کي
وڪڻڻ بدران مندر ۾ ٻائي جي حوالي کڻي ڪيو. پر مون
اهو چاهيو ته آئون تنهنجي ڪم اچان. ان ڪري مون اها
اٽڪل سوچي ته ٻائي کي ڊيڄاريان جيئن هو مون کي
توڏي وري واپس ڪري.“ نوريئڙي جهڙي ڪٽليءَ ڪلهن کي
لوڏيندي چيو: ”آخر ڏينهن سڪون سان گذارڻ لاءِ مون
به مندر وسائڻ جو سوچيو آهي پر تيستائين پهچڻ کان
اڳ پاڻ ٻئي گڏجي گهڻو ڪي ڪجهه ڪري سگهون ٿا. تون
منهنجي ڳالهه مڃي هڪ جادوئي ڪرتب گهر کول، جنهن ۾
منهنجا کيل تماشا ماڻهن کي ڏيکاري گهڻو ڪي ڪجهه
ڪمائي سگهين ٿو. يقين ڪر مون ۾ تمام گهڻو هنر
آهي.“
ان بعدنوريئڙي ڪٽلي ٿي اهڙا ته وٺي ٺينگ ٽپا ۽
ڪرتب شروع ڪيا جو ڪنڀار سوچڻ لڳو ته ”واقعي
نوريئڙي جي ڳالهه صحيح آهي ته آئون هن ڪٽليءَ
ذريعي چڱو خاصو ڪمائي سگهان ٿو.“
پوءِ ته ٻئي ڏينهن کان ئي ڪنڀار ماڻهن کي تماشا
ڏيکارڻ لاءِ هڪ تنبو ۽ اسٽيج جو بندوبست ڪيو جنهن
تي هو چڙهي ڪٽلي کي تماشا ڪرڻ لاءِ چئي سگهيو ٿي.
تنبوءَ جي ٻاهران وڏن وڏن اشتهارن خاطر لکرايو:
”جيئري جاڳندي ڪٽلي
دنيا جي پهرين ڪٽلي جيڪا نچي ڏيکاري ٿي
۽ رسي تي اٿر پٿر هلي سگهي ٿي.“
اها ڳالهه هوا جي جهوٽي وانگر جهر جهنگ ۽ اوسي
پاسي جي ڳوٺن تائين پهچي ويئي ۽ اهڙي عجيب شيءِ
ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ، ميلن جا ميل ڪهي، ٽڪيٽ وٺي
ڏسڻ لڳا. ڪٽلي هر روز اهڙا ته ڪرتب ۽ تماشا ڪندي
هئي جو ماڻهو وائڙا ۽ حيران ٿي ويندا هئا. ۽ ماڻهن
جي گپاگيهه کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنڀار هڪ دفعي بدران
ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڪٽلي جو کيل ڪرڻ لڳو. ڏسندي ئي
ڏسندي جڏهن ڪنڀار وٽ گهڻي دولت گڏ ٿي ويئي ته هن
هڪ ڏينهن پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: ”منهنجا ننڍڙا
دوست! تو اسان لاءِ ايترو گهڻو ڪيو آهي جو اسان
سوچي به نه ٿي سگهياسين.
روزانو کيل تماشا ڏيکاري هاڻ تو ۾ به اها طاقت نه
رهي آهي ۽ جيتوڻيڪ تنهنجي جدائيءَ ڪري اسان کي
بيحد ڏک ٿيندو پر اسان جي دل ٿي چوي ته هاڻ تون
وري موٽي پنهنجي ساڳي روپ ۾ آزاد ٿي پنهنجي زندگي
گذار.
مترجم: ثمينا ميمڻ
هڪ سال کان ٽن سالن جي ٻار جون خصوصيتون
گهڻا ماءُ، پيءُ پنهنجي ٻارن کي مڪمل جوان انسانن
وانگر سمجهندا آهن. ۽ انهن کان جوان ماڻهو جي رويي
جي توقع ڪندا آهن. جڏهن ننڍو ٻار اُن جي معيار
مطابق ڪو ڪم نه ٿو ڪري ته اُنهن کي گهڻو ڏک ٿئي
ٿو. ۽ اِهي هروڀرو ٻار سان ڪاوڙبا آهن. جيڪڏهن هو
هيٺين ڳالهين کي نظر ۾ رکن ته انهن کي هِن قسم جي
مايوسين کي منهن نه ڏيڻو پوي.
*ٻار هميشہ هِن حالت ۾ نه رهندو، اُهو آهستي آهستي
گهڻو هوشيار ٿيندو ويندو ۽ ان جو جسم مضبوط ٿيندو
ويندو.
*جيڪڏهن ٻار کي ڪنهن قسم جو نقصان يا تڪليف ٿيندي
آهي ته هو تمام جلد وساري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن
توهان ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجو به ته هو اِن ڳالهه کي
دل ۾ نه ٿو رکي.
*هر ٻار هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو. اِن لاءِ هِن جو
مقابلو ڪنهن ڀاءُ، ڀيڻ، يا ڪنهن پاڙيسري جي ٻار
سان نه ڪرڻ کپي. پر هُن کي موقعو ڏنو وڃي ته هو
جيئن خود پنهنجي شخصيت مطابق اُڀري سگهي.
*ٻار جيڪڏهن ڪم خراب ڪري ٿو، ضروري نه آهي ته هُن
کي اِن ڪم جي خراب عادت ئي پئجي وئي آهي. اهڙي قسم
جون ننڍيون عادتون هو سکندو به رهندو ۽ انهن کي
وساريندو به ويندو. ڇو ته هي سڀ هن جي وڏي ٿيڻ
تائين هن جون مختلف ڪڙيون آهن.
ٻار ۾ به احساسات هوندا آهن. ان لاءِ هن جي حرڪت
تي غور ڪرڻ ۽ هن جي چهري تي جذبن جي اظهار جي
مشاهدي مان اسين ٻار جي گهڻين عادتن کي چڱي طرح
سمجهي سگهون ٿا.
ٻارن سان مناسب ورتاءُ
هِن عمر ۾ ٻار پنهنجو ڪم خود ڪرڻ چاهيندا آهن.
جڏهن هو هلندا آهن ته هو نه چاهيندا ته انهن کي
ڪير وٺي هلائي. ان ڪري جيڪڏهن انهن کي ڦيٿن ۽
هينڊل وارا رانديڪا ڏنا وڃن جنهن کي اُهي هٿ سان
جهلي هلي سگهن ته انهن ٻارن کي هلڻ ۾ مدد ملي ٿي.
هن عمر ۾ ٻار هڪ وقت ۾ صرف هڪ ڪم ڪندو آهي، ان
لاءِ جيڪڏهن هو پنهنجون سکيل عادتون وساري ته
پريشان نه ٿيڻ کپي. هن جو مطلب اهو ٿيندو ته هو
ڪنهن ٻيءَ، شيءَ سکڻ ۾ مصروف آهي. جڏهن ٻار هلڻ
سکي وٺندو آهي ته گهر جي هر شيءِ کي ٿيڙڻ ۽ اُن کي
پنهنجي جاءِ تان کڻڻ چاهيندو آهي. جيڪڏهن توهان
قيمتي شين کي هُن جي پهچ کان پرتي رکو ته وڌيڪ
سٺو. ان طرح سان توهان جون قيمتي شيون به نه
ڀڄنديون ۽ ٻار به آزادي سان هر طرف گهمي ڦري
سگهندو. هن عمر ۾ ٻارن کي نرم وارن وارا يا رٻڙ جا
ٿلها ٿلها رانديڪا مثلاً رڇ، گُڏي يا اُٺ وغيره
کيڏڻ لاءِ وڌيڪ سهي رهندا آهن.
کائڻ جي وقت به ٻن ٽن سالن جو ٻار خود پنهنجي هٿ
سان کائڻ چاهيندو آهي. توهان هروڀرو هن سان ناراض
نه ٿيو بلڪ هن جي لاءِ هڪ سٺي قسم جو چمچو جنهن جا
ڪنارا تيز نه هجن، هڪ پيالو ۽ ساسر رکو ۽ هُن کي
هِن جي قد مطابق ڪنهن ڪرسي تي ويهارجي. ان طرح سان
هو آهستي آهستي خود کائڻ سکي وٺندو ۽ هن کي خوشي
به ٿيندي. هي ضروري آهي ته توهان هُن جي اڳيان
پٺيان هيڏانهن هيڏانهن موجود رهو. جيئن جيڪڏهن هُو
کير نه پئي ته هن کي پڊنگ کارائجي ۽ جيڪڏهن سبزي
نه کائي ته ڪا اهڙي شيءِ کارائجي جنهن سان هُن کي
وٽامن ۽ معدني نمڪيات مهيا ٿي سگهن.
ڪپڙن پائڻ ۾ به ٻار خود پنهنجي هٿ سان ڪم ڪرڻ
چاهيندو آهي. ننڍيون ننڍيون شيون جيڪي هو ڪري سگهي
ٿو اُهو جيڪڏهن خود ڪرڻ چاهي ته توهان کي ڪوئي
اعتراض نه هجڻ کپي. پر توهان هن کي خوشي سان ڪم
ڪرڻو ڏيو. ڪڏهن ڪڏهن ٻن ٽن سالن جو ٻار غير معمولي
عادتون اختيار ڪندو آهي. ان سان جيڪي مسئلا پيدا
ٿين ٿا، ان جو واحد علاج پيار ۽ همدردي آهي.
جيڪڏهن ٻار کي هر وقت ڇڙٻون ڏيندا رهندو يا هن کي
گهٽ وڌ ڳالهائيندو ته هُن جي دل ۾ احساس ڪمتري
پيدا ٿي ويندي. جنهن جي ڪري هو اُن کان وڌيڪ خراب
عادتون سکڻ شروع ڪندو. ڇو ته هن کي يقين ٿي ويندو
ته توهان هُن کي سٺو نه ٿا سمجهو. گهڻن ٻارن کي
”نه“ چوڻ جي ڏاڍي عادت هوندي آهي. ان ۾ گهڻا اهڙا
ٻار هوندا آهن. جيڪي ”ها“ چوڻ کان پهرين ”نه“ ڪرڻ
سکندا آهن. ياد رکو هي سڀ شيون هو وقتي طور تي
ڪندا آهن ۽ هي سڀ ننڍيون ننڍيون عادتون هن جي واڌ
ويجهه سان گهرو تعلق رکنديون آهن.
ٻار پنهنجي انفرادي حيثيت رکندو آهي ان لاءِ هُن
جي هر ڳالهه انوکي هوندي آهي ۽ زندگي جيڪا توهان
لاءِ هڪ روزمره جي ڳالهه وانگر ٿي وڃي ٿي. هُن
لاءِ هينئر انوکي ۽ دلچسپ پر ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي.
هٿن پيرن جي معمولي حرڪت به هُن لاءِ وڏي اهميت
رکندي آهي. جيڪڏهن توهان هُن جي اهميت وڌائيندا
رهو ۽ هُن جي ڪوشِشن تي خوشي جو اظاهر ڪندو ته ٻار
به توهان جي محبت کي محسوس ڪندو ۽ خوش رهندو.
جڏهن ٻار جا ننڍا ڀاءُ، ڀيڻ پيدا ٿين ٿا ته ان وقت
هُن کي تمام گهڻي محبت ۽ همدردي جي ضرورت هوندي
آهي. هِن جو ننڍڙو دماغ پنهنجي ڀيڻ ڀائن جي محبت ۽
زندگي جي فلسفي کي سمجهڻ جي قابل نه هوندو. ڇو ته
ننڍڙي ٻار ۾ احساسات تمام گهٽ هوندا آهن ان لاءِ
توهان وڏي ٻار تي گهڻو ڌيان ڏيو ۽ وقتاً فوقتاً هن
کي پنهنجي عمر واري ٻار سان کيڏڻ جو موقعو ڏيندا
رهو. جيڪڏهن توهان هنن ڳالهين تي عمل ڪندؤ ته
توهان ٻارن جي پرورش سهڻي نموني سان ڪري سگهندؤ.
جاويد ”سحر“ سائنسي مضمون
نظام شمسي
پيارا ٻارؤ:
اڄ اسان نظام شمسي بابت پڙهنداسين ته نظام شمسي ڇا
آهي؟ يا ائين کڻي چئون ته نظام شمسي ڪنهن کي چئجي.
اسان جي زمين جيڪا پڻ هڪ ”گرهه“ آهي هن کان سواءِ
اَٺ ”8“ ٻيا به گرهه آهن اهڙي ريت هي سڀئي گڏجي
نون ”9“ ٿي ويندا، جنهن ۾ هرهڪ، زمين، سج، مريخ،
عطارد، مشتري، زحل، يورينس، نيپچون، پلوٽو، زهره
شامل آهن. اهي گرهه هڪ سج جي چوڌاري ٿوري ٿوري
مفاصلي تي پنهنجي گولائي يا مدارن ۾ تيزي سان هِڪ
مقرر ٿيل وقت ۾ چڪر ڪاٽين ٿا. انهن سڀني گرهن ۽ هڪ
سج کي ملائي اسين هن نظام کي نظام شمسي چوندا
آهيون.
چنڊ، گرهه سج جي مقابلي ۾ تمام گهڻا ننڍا آهن، سج
انهن سڀني گرهن جي جوڙ کان ”750“ دفعا وڌيڪ وڏو
آهي.
سج:
سج هن ڪائنات جي ڪروڙين گِرهن منجهان هڪ گِرهه
آهي، سج زمين وانگر نهرو يا سخت نه آهي پر هي گرم
گيسن جو هڪ مجموعو يا هڪ وڏو گيسن جو ڀريل گولو
آهي هيڊروجن ۽ هيليم گئس انهن گئسن مان اهم آهن.
هيڊروجن گيس جڏهن هيليم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته هِڪ
قسم جو نيوڪليائي عمل ٿئي ٿو، جنهن ڪري تمام گهڻي
دَرجي تائين گرمي پيدا ٿئي ٿي، سج جو قطرو 86500
ميل آهي، سج جي سطح تي گرمي جو درجو 6000، ڇهه
هزار سينٽي گريڊ آهي ۽ سج جي مرڪز تي گرميءَ جو
درجو 000،000 يها- ڊيرگ يٽنيس يرگڊات.
زمين:
سج کان مفاصلي جي لحاظ کان زمين جو ٽيو نمبر آهي.
زمين هڪ گول جسم”سخت شيءِ“ آهي. هي پنهنجي محور جي
چوڌاري چڪر يا گردش ڪري ٿي جنهن کي اسين محوري
گردش پڻ چوندا آهيون، پر سج زمين جي چوڌاري چڪر
لڪائي ٿو. زمين جون موسمي حالتون انسانن، جانورن ۽
ٻوٽن لاءِ موافق آهن، جڏهن ته ٻئي ڪنهن به گرهه
جون حالتون انهن لاءِ موافق نه آهن.
زمين سج کان تقريباً
15,0000,000
پندرنهن ڪروڙ ڪلوميٽر پري آهي. هن جو قطر 13،000
ڪلوميٽر آهي، سج جي چوڌاري 365 ڏينهن ۾ پنهنجو چڪر
پورو ڪري ٿي، زمين جو هڪ چنڊ آهي.
مَريخ:
سج کان مفاصلي جي لحاظ کان چوٿون نمبر آهي، هي
گرهه ڳاڙهي رنگ کان مشهور آهي، هي گهڻو ڪري آسمان
تي ڳاڙهي رنگ ۾ نظر ايندو آهي. مريخ جي سطح غارن
سان ڀرپور آهي، هن گرهه تي هوا، پاڻي ۽ آڪسيجن
تمام گهٽ حالت ۾ ملي ٿي، تنهن ڪري مريخ تي انسان
نه ٿو رهي سگهي، مريخ سج جي چوڌاري پنهنجو چڪر 687
ڏينهن ۾ پورو ڪري ٿو، هن گرهه کي ٻه ننڍا چنڊ آهن.
مشتري:
هي گرهه سڀ کان وڏو گرهه آهي، هي سج کان تمام گهڻو
پري آهي، تڏهن به آسمان تي هڪ ننڍڙي تاري وانگر
چمڪندو نظر ايندو آهي، هي سِج کان اَسي
”800000000“ ڪروڙ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، هي
گرهه سج جي چوڌاري پنهنجو چڪر ”14“ سالن ۾ پورو
ڪري ٿو. هن گرهه کي ٻارنهن ”12“ کان به وڌيڪ چنڊ
آهن.
زحل:
هي گرهه نظام شمسي جو ٻيو وڏو گرهه آهي، هي گرهه
ڪڪرن جي جهڳٽن ۾ لڪل هوندو آهي، هن تي هر وقت ڪڪر
ئي ڪڪر نظر ايندا آهن، هي سج کان تقريباً ڏيڍ ڪروڙ
”15000000“ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، هي گرهه سج
جي چوڌاري پنهنجو چڪر 2/291 سالن ۾ پورو ڪري ٿو،
هن کي نون (9) چنڊ آهن.
يورينيس:
هي گرهه 1781ع ۾ وليم هرشل ڳولهي لڌو، هي هڪڙي
ننڍڙي تاري وانگر نظر ايندو آهي. هي زمين کان تمام
گهڻو وڏو ۽ زحل کان ننڍو آهي. هي سج جي چوڌاري
پنهنجو چڪر ”84“ سالن ۾ پورو ڪندو آهي، هن کي پنج
”5“ چنڊ ٿين ٿا.
عطارد:
هي گرهه سج جي ويجهن گرهن مان آهي، هي جسم ۽
گولائيءَ جي لحاظ کان سڀني گرهن کان ننڍو آهي، هي
گرهه سج لهڻ يا اڀرڻ وقت ڏسي سگهجي ٿو، عطارد سج
کان ساڍا پنج ڪروڙ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، هي
سج جي چوڌاري ”88“ ڏينهن ۾ پنهنجو چڪر پورو ڪري
ٿو، هن گرهه جو ڪوبه چنڊ نه آهي.
زهره:
هي سج کي ٻيون ويجهو گرهه آهي هن تي پڻ ڪڪرن جو
جهڳٽو رهي ٿو هي هر وقت ڪڪرن ۾ گهيريل هوندو آهي،
تيز هوا، آڪسيجن ۽ پاڻي جي کوٽ ڪري هن گرهه تي
ڪنهن به جاندار جو نالو ۽ نشان نظر نه ٿو اچي، هي
سال ۾ ڪڏهن سج لهڻ کان پوءِ اولهه طرف نظر ايندو
آهي. هي گرهه سج کان پوڻا يارنهن ڪروڙ ”10750000“
ڪلوميٽر پري آهي، هي سج جي چوڌاري پنهنجو چڪر 225
ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ٿو. |