ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ!
مارچ جو پرچو اوهان جي ڪومل هٿن ۾ آهي. ان کي پڙهي
اوهان اسان کي پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.
اسان وس آهر ڪوشش ڪري، پرچي کي اوهان جي معيار
مطابق ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ۽ اوهان ۾ به اها
اميدا اٿئون ته اوهان به پنهنجو سهڪار ڪندا رهندا.
ٻارؤ، اڄڪلهه حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ماڻهو
جو ساهه مُٺ ۾ آهي. اوهان ٻار معصوم آهيو. اوهان
کي ان جو ڪو احساس نه به هجي پر هڪ گذارش اوهان کي
ضرور ڪندس ته ٻارؤ، اوهان پنهنجي والدين جو خيال
ڪريو. گهر کان نڪرو يا اسڪول ۾ وڃو. پر ذميواريءَ
سان وقت جو احساس ڪريو. ۽ جي اسڪول موٽڻ وقت ڪنهن
دوست سان ڪيڏانهن وڃو ته گهر وارن کي ان جو اطلاع
ضرور ڏيو ڇو جو توهان جي ٿوري دير به انهن کي گهڻو
پريشان ڪري ڇڏيندي پر توهان جو اطلاع مليل هوندو
ته هو مطمئن هوندا ته اوهان ڪنهن ڪم سان ويل آهيو.
اميد ته انهن حالتن ۾ اوهان ذميواري سان پنهنجو
قيمتي وقت سجايو ڪري ڪم آڻيندا.
ٻارؤ مارچ مهيني ۾ پاڪستان جي قرارداد منظور ٿي
هئي، جنهن کان پوءِ 14 آگسٽ تي اسان جي ملڪ کي
آزادي ملي هئي. آزادي لفظ جي معنيٰ ئي آهي هر
ماڻهو پنهنجي زندگي آزادي سان گذاري ڏسو پکي پکڻ
آزاد فضا ۾ اڏامي ڪيڏو نه خوش هوندا آهن. ان لاءِ
اسان جيڪي پاڻ کي هاڻ آزاد قوم سمجهون ٿا. ان لاءِ
اسان تي اهو فرض آهي ته هرهڪ ماڻهو جي جذبن جو
احترام ڪريون ۽ ڪنهن سان به ڪو ڪينو نه رکون. ڇو
جو محبت ئي اهو هٿيار آهي جنهن سان اسان دشمن کي
دوست بنائي سگهون ٿا.
چڱو ٻارؤ ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
انور هالائي
لطيفي لات
عاشَقَ زَهَر پِياڪَ، وِهُه پَسئو وَهِسَنِ گهِڻو،
ڪَڙي ۽ قاتِلَ جًا، هَميشَہ هيراڪِ،
لڳين لنوء لطيف چي فَنا ڪِيا فِراقَ،
توڻي چِڪنِ چاڪَ، ته به آه نه سَلنِ عامَ کي.
(شَاه)
معني: وهسن
=
سرها ٿين، خوش ٿين. چڪن
=
رسن، وهن.
هن بيت ۾ انهن سچن عاشقن جي عشق جو ذڪر آهي جيڪي
خدا جي قرب ۾ مست ۽ مخمور آهن. هو سدائين زهر پيڻ
يعني ڏک پسڻ جا عادي آهن ۽ انهي تڪليف ۽ ڏک ۾ کلي
ڪڏي وڌن ٿا هنن کي ٻي ڪنهن برائي يا خرابيءَ جي
پروڙ ڪانه ٿي پوي ڇاڪاڻ ته هنن کي اهڙي الله سان
ملاقات جي لغار لڳي آهي جو ان جي جدائي ۾ فنا ٿي
پيا آهن يعني پاڻ کي عشق حقيقي ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي
چاهي، هو سوين سور سختيون سهن. پر اها ڳالهه يا
ٻاڦ ٻاهر ڪانه ٿي نڪري هو پچي پختا ٿي الله جي
منزل ڏانهن وڌندا رهن ٿا.
عبدالرزاق گهانگهرو
”شعبان مهيني جي فضيلت“
اسلامي مهينن ۾ ڪجهه مهينا اهڙا آهن، جن ۾ عبادت
جو ثواب تمام گهڻو ملي ٿو ۽ الله تعاليٰ کان
پنهنجن گناهن جي معافي گهرڻ واري کي معاف ڪيو وڃي
ٿو. رحمتون نازل ٿين ٿيون ۽ عام مغفرت ڪئي وڃي ٿي.
اهڙن مهينن ۾ شعبان به هڪ وڏي برڪت وارو مهينو
آهي. ”شعبان مهيني کي ٻين مهينن تي
اهڙي فضيلت حاصل آهي، جهڙي مون کي ٻين نبين سڳورن
تي.“ هن مهيني ۾ هڪ اهڙي ڀلاري رات به آهي، جنهن
کي شب برات“ چيو وڃي ٿو. انهي رات جي باري ۾ قرآن
پاڪ ۾ فرمايل آهي ته ”هن رات ۾ حڪمت وارا ڪم
ورهايا وڃن ٿا.“ عالمن جو چوڻ آهي ته هن آيت ۾
جنهن رات جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اها شعبان جي
پنڌرهين رات آهي.
براةء عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڇوٽڪارو.
يعني هن ڀلاري رات ۾ الله تعاليٰ پنهنجن گناهن جي
معافي گهرڻ واري کي معاف ڪري، عذاب کان ڇوٽڪارو
ڏئي ٿو. قرآن پاڪ ۽ حديث ۾ هن رات جون تمام گهڻيون
ڀلايون ٻڌايون ويون آهن.
هڪ حديث ۾ آهي ته هن رات بهشت جا اٺ ئي دروازا
کوليا وڃن ٿا ۽ هر دروازي کان هڪ ملائڪ آواز ڏيندو
آهي ته ”اڄ رات الله تعاليٰ جي رحمت کي جوش آهي ۽
جيڪو به کانئس سوال ڪندو، ان جو سوال قبول ڪيو
ويندو.“ هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ سڳورن جو فرمان آهي ته
”هن رات ۾ جيڪو به ٻانهو عبادت، تلاوت ۽ ذڪر ڪري
ٿو، الله تعاليٰ پنهنجي رحمت سان ان جي گناهن کي
معاف ڪري ٿو.“ ام المؤمنين حضرت عائشه رضيه کان
راويت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو ته ”هن رات ۾ جنهن
ٻانهي الله تعاليٰ جي عبادت ڪئي، ان جي هرهڪ دعا
قبول ڪئي وئي ۽ ان جا گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا،
جيتوڻيڪ اهي پهاڙن جي برابر هجن. حضرت انس رضيه
کان روايت آهي ته ”جيڪو شخص شعبان ۾ ٽي روزا رکي
ٿو ته روزي کولڻ کان اڳ ۾ الله تعاليٰ ان جي سڀني
گناهن کي معاف ڪري ٿو ۽ ان جي روزي ۾ برڪت ٿئي
ٿي.“
هن ڀلاري مهيني جي انهي ڀلاري رات ۾ خدائي رحمت سج
لهڻ کان وٺي فجر تائين جاري رهي ٿي، پر ان هوندي
به ڪيترا بدنصيب اهڙا آهن، جيڪي پنهنجن برن عملن
جي ڪري، انهيءَ رحمت کان محروم رهن ٿا. هڪ حديث
پاڪ ۾ پاڻ سڳورن جو فرمان آهي ته ”الله تعاليٰ
شعبان جي پنڌرهين رات ۾ سڀني معافي گهرندڙن کي
معاف ڪري ٿو. مگر ڪجهه ٻانها اهڙا آهن، جن جي بخشش
نٿي ٿئي. 1- الله پاڪ سان شرڪ ڪندڙ 2- جادوگر 3-
وياج وٺندڙ 4- چغلخور 5- شراب پيئندڙ 6- زنا ڪندڙ
7- پيءُ ماءُ جو نافرمان 8- وڏائي ڪندڙ 9- حسد
ڪندڙ ۽ 10- مائٽن سان خراب برتاءُ ڪندڙ.
انهن مٿين بيان ڪيل حديثن جي روشنيءَ ۾ اسان کي هي
سبق ملي ٿو، ته هر مسلمان کي هن ڀلاري رات ۾ الله
تعاليٰ جي عبادت، ذڪر ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ
گهرجي ۽ پنهنجن گناهن کان توبهه ڪرڻ، هن رات جي
رحمتن ۽ برڪتن مان پورو فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
مرزا قليچ بيگ
مڪتب جي ٻارن لاءِ شام جي دعا
يا الاهي! شُڪر تنهنجو ٿا اسين آڻيون بجا،
ڏينهن جو پورو ٿيو ڪم، ٿي ملي موڪل اجها.
مهر سان پنهنجي تون ڏي توفيق اسان کي ٿا ڪريون،
هر طرح ان تي عمل، جيڪي اسين آهيون سَکيا.
جي چڱيون ڳالهيون پڙهيون ٿئون، سي وساري نا ڇڏيون،
۽ ٻڌايون مائٽن کي، سي مِٽن کي تِن سوا.
پڻ رکئون پاڻئون وڏن جو نِت ادب، تعظيم ڏئي،
پاڻ جيڏن سان ڪريون رانديون، خوشيءَ مان ۽ مزا.
لفظ بد واتئون ڪڍون ڪو ڪونه، سچ ڳالهايون نِتُ،
۽ نماڻا ٿي محبت سان هلون پڻ جا بجا.
پاڻ ۾ آهيون سڀئي ڀائر، رهون پڻ ان طرح،
ڏک ۾ همدردي ڪريون، واهر ڪريون هڪ ٻئي کي ڪا.
وقت بيڪاري ۽ سستيءَ ۾ وڃايون ڪينڪي،
بندگي تنهنجي ڪريون يا رب! گُهرون توکان دُعا.
ڪر هدايت، چئي قليچ ۽ ڏي چڱائي جا خيال،
فضل سان ڪر تون سعادت مند اسان کي يا خدا!
سنڌيڪار: غني شيخ
ڏاهپ جا نڪتا
1.
بند ڪتاب ڄڻ ڪاغذ جي سِر. (چيني پهاڪو)
2.
جي گهر ۾ ڪتاب ڪونهي، ڄڻ جسم ۾ روح ڪونهي. (سِسرو)
3.
اسڪول ايترو وڻندڙ هجي جو ٻار کي سزا ڏجي، ته هڪ
ڏينهن اسڪول اچڻ نه ڏجيس. (آسڪر وائيلڊ)
4.
آدم عليہ السلام ۽ بي بي حوا کي هڪ وڏو فائدو اهو
پهتو ته کين ڏندن اچڻ جي تڪليف ڪانه ٿي. (مارڪ
ٽئين)
5.
سچ ٻول ماڻهوءَ جون سڀ ڪوتاهيون معاف ٿيو وڃن.
(والٽ وٽمن)
6.
خيال ڄامڙا ۽ لفظ ڊگها، اها به فضول خرچي چئبي.
(ايڇ. ايف. هائينز چز)
7.
هر انسان سڀني کي سڌارڻ جو خواهشمند آهي، پر
پنهنجو پاڻ کي نه. (ٽالسٽاء)
8.
اکين جي شاهدي ڪنن جي شاهدي کان بهتر آهي.
(هريڪليٽس)
9.
جَجهو ڀاڳ به ماڻهوءَ کي بيوقوف بڻايو ڇڏي، (پبليس
سائرس)
10.
دنيا جون اڌ خرابيون اُنهن جي ڪري آهن، جيڪي
پنهنجو پاڻ کي مٿاهون ڏيکارڻ چاهين ٿا. (ٽي. ايس.
ايليٽ)
11.
خوشي اهڙن گلن جو هار آهي جيڪي پهچ ۾ هجن. (باب
گاڊرڊ)
12.
جنهن مون سان نيڪي ڪئي، تنهن مون کي نيڪي سيکاري.
(ٽامي فلر)
نوٽ: ٻارو انهن نڪتن مان، اوهان کي ڪهڙو نڪتو پسند
آهي ۽ ڇو لکي موڪليو. جنهن نڪتي کي وڌ ۾ وڌ گهڻا
ٻار پسند ڪندا. اهو نڪتو شايع ڪبو ۽ ٻارن جا نالا
به.“
امير بخش پٺاڻ
اُڀ ۾ سهڻا چنڊ ستارا،
پوءِ ڀي ڌرتيءَ وارا پيارا.
پيارا ٻارو
ڪنهن شاعر جو چوڻ آهي ته ”هن ڏيهه ڏکيا جي ڏينهن
ڏٺا، ڪي شاهه ڪٺا ڪي شينهن ڪُٺَا.“ 1843ع ۾
انگريزن آزاد سنڌ کي غلام بڻايو. جيئن ته اسان جا
وڏڙا آزادي جا ڪوڏيا هئا ۽ کين غلاميءَ کان نفرت
هئي، انهيءَ ڪري هنن آزاديءَ جي تحريڪ هلائي.
آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن مان جن جي
ولادت مارچ مهيني ۾ ٿي، انهن مان ڪي هي آهن:
1-
سر شاهنواز ڀٽو
جيڪو ڪيترو عرصو بمبئي سرڪار ۾ وزير رهيو ۽ جنهن
”سنڌ پيپلز پارٽي“ ٺاهي.
2-
مولانا محمد صادق کڏي وارو
جنهن ”ريشمي رومال تحريڪ“ کان وٺي انگريزن خلاف هر
تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جيل ڀوڳيو.
3-
هيمون ڪالاڻي
جنهن کي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ڪري پنهنجي
جوڀن، جواني ۽ حياتيءَ تان هٿ کڻڻو پيو.
اهڙيءَ طرح مارچ مهينو اسان جي ڪيترن ئي عالمن،
اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي جنم جو مهينو پڻ آهي اچو
ته انهن مان ڪن جا نالا نوٽ ڪندا هلون:
1-
سيد ميران محمد شاهه
جيڪو هڪ ئي وقت؛ اديب شاعر ۽ سياستدان هو.
2-
ڊاڪٽر دائود پوٽو
جنهن ايترو ته علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو جو سندس
خدمت ۽ محبت جو قدر ڪندي سرڪار کيس ”شمس العلماء“
جو لقب ڏنو.
3-
عبدالله ”عبد“
جيڪو مشهور تعليم دان، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي.
4-
حاجي محمود هالائي
جيڪو مشهور صحافي ٿي گذريو آهي ۽ جنهن آزاديءَ جي
تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتو.
نثار بزمي
ٻارڙن جي ڳالهه چاچي ربنواز سوچي وَتِي
هڪ ”دلاور“ ٻيون ”بهادر“ ٽيون وري ”مهراڻ خان“
هِنِن ٽِن جي دوستئي ۾ ڪونه هو ڪنهن کي گمان
پڙهندا گڏ هئا، رهندا گڏ هئا، کِلندا ڪُڏندا گڏ
هئا
ياد ڪري پنهنجا سبق هي پوءِ اُٿندا گڏ هئا
سلڇڻا توڙي سدورا هي هُئا معصوم ٻارَ
هِڪ ٻِئي کان ڪونَه ٿِيندا هئا گهڙي هڪڙي به ڌارَ
ڪِننِ ٻارن وانگي گِهٽِيُنِ ۾ نَه هِي رُلندا هئا
رات جو ڀي شوق پنهنجي ۾ ويهي پڙهندا هئا
ڪَنهِنَ چُينِ: ٻارو! اِها تڪليف پيا ڇو ٿا ڪريو
ڇو نه پنهنجن پِيئَرون جي مدد ويهي ڪا ڪريو
ڇوڪرن مان وَڏَ ڀَري وَرندي ڏِني همراه کي
چاچا سائين! ڇو وِڃائين ٿو اسان جي چاه کي
ڪر دعا، ڪي علم جون جهوليون ڀَريون، عالم ٿيون
ڪجهه پرائي قوم پنهنجيءَ کي ڪوئي آڌُر ڏِيون
علم جي دولت نَه جنهن کي، سو وَري ڪهڙو بشر
ڄڻ وڃائي ويٺو پنهنجي زندگي جو هر پهر
پَڙَهَڻُ پُرجَهڻ جهڙي ڪانهي ڳالهه ٻي سوچي ته ڏس
علم سان ئي روشنائي جڳ ۾ ٿِي سوچي ته ڏس
ٻارڙن جي ڳالهه ”چاچي ربنواز“ سوچي وَتِي
پنهنجي ٻارن جي به ٽولِي هُن اُتي ڪوٺي وتي
اڄ کانپو هي ٻارڙا مُنهن جا به گڏجو پاڻ سان
مان ته غافل هوس ههَڙي روشنيءَ جي راه کان
پو ويا اسڪول ڏي سڀ مرڪندا هي ٻارڙا
آسمان جا تارڙا ۽ گلن جا ڄڻ هارڙا
رب نواز ”آزاد“ سمون
موسم جو گيت
واه واه بوند بهاري آهي.
موسم ڏاڍي پياري آهي.
هٿ ۾ هٿ ڏئي ٻار هلن ٿا،
خوش اڄ دنيا ساري آهي،
واه واه بوند بهاري آهي.
هنڌين ماڳين گل ڦل ڦٽندا،
موسم آئي دل واري آهي،
واه واه بوند بهاري آهي.
هرڪو پنهنجي گهر ۾ آ اڄ،
واندو هاري ناري آهي
واه واه بوند بهاري آهي،
موسم ڏاڍي پياري آهي.
موهن سنگهه
ولي سروري
ساوا پَن
اسين نماڻا ساوا پنڙا
ڪيئن ڪو ڌيان ڏئي ها؟
گلن اسان جي گود ۾ گهڙيون
ستا ته ڀاڳ به جاڳيا
ڪنهن جي خاطر گلدستي ۾
ڳولا ۾ ڪو نڪتو
مهر نظر ساڻ وٺي ويو
ائين جنم ٿيا سجايا.
ڊاڪٽر جي ايم مهڪري
ظفر عباسي
سرهائي
”آءٌ“ پنهنجا رانديڪا پاڻ ٿي ٺاهيان! مومل چيو.
”ڇو اهي خريد ڇو نه ٿي ڪرين مومل؟ ڇا تون ڄاڻڻ ٿي
چاهين ته آءٌ اهي ڇو نه ٿي خريد ڪريان؟ ”ها مومل
ٻڌاءِ مون کي! ”وڃ ۽ وڃي هڪ ننڍڙو رانديڪو،
رانديڪڙي دڪان تان خريد ڪري آ. ”پوءِ؟“ پوءِ هڪ
پنهنجي هٿن سان، پنهنجو ٺاهه! پوءِ ڏس ته ڇا ٿو
ٿئي؟ ”اوه! اهو ته مان ڄاڻان ٿي! اهو ته مان اڳواٽ
ئي ڄاڻان ٿي!“ تون ڇا ٿي اڳواٽ ڄاڻين؟ منهنجي هٿن
سان جوڙيل رانديڪڙا مون کي وڌيڪ خوشي بخشيندا. ان
جي ڀيٽ ۾ جيڪي آءٌ خريد ڪندس! ته پوءِ ڇوٿي پڇين
ته آءٌ پنهنجي هٿن سان ڇو ٿي رانديڪڙا ٺاهيان؟ پر
مومل! پنهنجي رانديڪن ٺاهڻ ۾ ته تنهنجو ٽائيم
لڳندو! پر اهو وقت جو زيان نه هوندو! اسان پنهنجي
فالتو وقت ۾ ائين ڪري سگهون ٿا. اسان ائين ڪاريگر
به ٿي سگهون ٿا. اسان جون استادياڻيون ۽ اسان جا
والدين سرهائي محسوس ڪندا ته اسان ڇا ٿا ڪريون.
منهنجو والد، منهنجي هٿن جا ٺهيل رانديڪڙا، پنهنجي
دوستن کي ڏيکاريندو آهي ته ڏسو! منهنجي ڌيءَ ڇا
ٺاهيو آهي! هن جي کين ٻڌائڻ تي مون کي ڏاڍي خوشي
ٿيندي آهي! ”ڇا واقعي؟“ هائو ڇو نه! مون هڪڙو
منهنجو رانديڪڙو، سامونڊي جهاز، آهستي آهستي ٻن
مهينن جي وقت ۾ پورو ڪيو. منهنجي ڪلاس ٽيچر ان کي
ٻارڙن جي هڪ نمائش ۾ رکيو ۽ مون هڪ انعام حاصل
ڪيو. ۽ اها اسان جي استاد هئي جيڪا ان تي تمام
گهڻو خوش هئي. ۽ آءٌ سڄي اسڪول ۾ ڄاپي سڃاپي ويس.
ڇا اها سرهائي اسان خريد ڪيل رانديڪڙن مان حاصل
ڪري سگهون ٿا؟ مومل! هاڻ مون کي اصل ڳالهه سمجهه ۾
آئي! هاڻي مون لاءِ به وڌيڪ رانديڪڙا خريد نه
ڪجان!
(ڊان اخبار جي ٿورن سان ڪردارن جي نالن جي ڦير
گهير پاڻ ڪئي وئي آهي.) |