موڪليندڙ: غلام مصطفيٰ پٺاڻ
ڄاڻ جي کاڻ
·
زمين جي گولائي جو احوال: سوره ”الزمر“ جي 5 آيت
۾.
·
مينهن جي بناوت جو احوال سوره الروم جي 22 آيت ۾
آهي.
·
هوا وسيلي ٻوٽن جي سرسبز ٿيڻ جو احوال: سوره
”الحجر“ جي 22 آيت ۾.
·
ساهوارن جي آبي زندگيءَ جو احوال: سوره ”لقمان“ جي
30 آيت ۾.
·
ٻوٽن ۽ ساهوارن جي ثانوي حيثيت جو احوال: سوره
”يسٰ“ جي 35 آيت ۾.
·
جانورن جي اجتماعي زندگيءَ جو احوال: سوره
”الانعام“ جي 38 آيت ۾.
(ڪتاب ”قرآني معلومات“ از شاه محمد ”ثاقب“ تان
ورتل)
سچي ڪهاڻي
امجد سيد جي
پنهنجي ڪهاڻي
آءٌ هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيروز جي ميربحر محلي ۾
ڄائو هوس. اها سن 1961ع آگسٽ جي ڏهين تاريخ هئي.
منهنجي ماءُ پيءُ منهنجو نالو ”سيد علي امجد شاهه“
رکيو جيڪو هاڻي ڦري ”امجد سيد“ ٿي پيو آهي. سڀ کان
پهريائين محترم دوست نصير مرزا مون کي 1985ع ۾
امجد سيد سڏيو، جيڪو مون کي ڏاڍو پسند آيو. ۽ پوءِ
اهوئي سڏائڻ لڳس.
امان چوندي آهي ته تون ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ گهڻو
تندرست ڄائو هئين، پر پوءِ ارڙهن مهينن جي ڄمار ۾
مون تي پوليو جو حملو ٿيو، جنهن ۾ منهنجون ٻئي
ڄنگهون ۽ هڪ ٻانهن خراب ٿي پئي.
منهنجي مائٽن پنهنجي حيثيت کان به ڪجهه وڌيڪ علاج
ڪرايو، پر ڪجهه منهنجو ضد ۽ ڪجهه ڊاڪٽرن جي
مهرباني سمجهو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو منهنجي
مائٽن کي اها ڪاميابي نه ٿي جيتري هنن ڪوشش ڪئي.
مان ننڍي هوندي کان ئي ضدي هيس. ان جا ٻه سبب هئا
هڪ ته مان ٻن ڀيڻن جي مٿان ڄائو هيس. ان ڪري مائٽن
مون کي لاڏلو ڪري ڇڏيو، يا وري منهنجي معذوري ڪري
منهنجو خيال رکيو ويندو هيو. بهرحال اها حالت اڄ
تائين آهي. انهيءَ ضدي عادت جي ڪري مون نقصان به
گهڻا کاڌا آهن. جنهن مان وڏو نقصان علاج دوران ڪيم
جيڪو هاڻي محسوس ڪندو آهيان. ان لاءِ منهنجو ننڍو
ڀاءُ منير ته مون کي سڏي ئي ڊڪٽيٽر.
جڏهن منهنجي عمر پنج ورهيه ٿي ته منهنجي ماءُ جي
اسرار تي مونکي اسڪول ۾ ويهارڻ جو بندوبست ڪيو
ويو. جيئن ته اسڪول اسان جي گهر جي بلڪل ويجهو هيو
۽ ان اسڪول جو پٽيوالو مانوارو علي بخش سولنگي
اسان جو پاڙيسري هيو. سو مون کي روزانو اسڪول کڻي
ويندو هيو اهڙي طرح پنج درجا پاس ڪري ورتم ڇهين
ڪلاس لاءِ مون کي اسڪول تبديل ڪرڻو پيو. ان ڪري
منهنجي لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿيو ته اسڪول ڪير کڻي
وڃي. آخر بابا هيڊ ماستر کي چيو ته اسان ڇوڪري کي
گهر ۾ پڙهائينداسين توهان صرف امتحان ۾ ويهارجو.
ان صاحب اهو چئي انڪار ڪيو ته ان سان اسڪول جو
انتظام خراب ٿيندو ۽ مجبوراً مون کي پڙهائي ڇڏي
گهر ۾ ويهڻو پيو. جڏهن مان گهر ويٺس ته اهو وقت
ڏاڍو غمگين گذرڻ لڳو. هڪ اسڪول ڇڏڻ جو غم. ٻيو ته
سڀ ڀائر ڀينرون اسڪول ويندا هئا ۽ امان گهر جو ڪم
لاهي سلائي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويندي هئي.
ان عرصي ۾ مون پنهنجي لاءِ هڪ مشغلو ڳولي ڪڍيو،
ٿيو هينئن ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڀيڻ جي گهر ويٺو
هيس، جيڪا ان وقت هڪ وهاڻي جي ڇَوَ تي گل ڀري رهي
هئي ۽ مان ان کي غور سان پئي ڏٺو. جڏهن هوءَ رڌ
پچاء جي سلسلي ۾ اٿي ويئي ته مان اها ڇَوَ کڻي ان
گل کي پورو ڪيو. جڏهن ڀيڻ واپس آئي ته پڇيائين ته
هي گل ڪنهن پورو ڪيو، چيومانس ته مون. کيس يقين ئي
نه پئي آيو، پوءِ جڏهن گل سندس روبرو ڀريم تڏهن
سمجهي ويئي. ان ڏينهن کان پوءِ منهنجو اهو معمول
ٿي ويو ته صبح جو نيرن ڪري ڀرت ڀرڻ ويهندو هيس،
هاڻي مون گهڻائي نمونا سکي ورتا هيا جنهن ۾ رکيون
ٺاهڻ ۽ سلائي ڪرڻ به شامل آهي ان سان وندر به ٿي ۽
ڪجهه پيسا پڻ مليا پئي. ائين زندگيءَ جو ڦيٿو
ڦرندو رهيو ۽ منهنجي عمر به وڃي پنڌرهن ورهيه ٿي.
امان مون کي سدائين چوندي هئي ”پٽ محنت کان نه
ڪيٻائجان انشاالله هڪ ڏينهن تون وڏو ماڻهو ٿيندين
۽ چاهي بک مرين پر ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڊگهيرجان.
ان سان گڏ پهاڪو به ٻڌائيندي هئي. (ڀلي بک ڀرم جي
شال نه وڃي شان) ان سلسلي ۾ منهنجي مائٽن اتي پاڙي
۾ ئي هڪ ماڊڻي کولي ڏني. جنهن ۾ ٻارن جون شيون ۽
سگريٽ وغيره هئا. ائين منهنجو ٻاهرين ماڻهن سان
ميل ميلاپ ٿيو جنهن ڪري مون ۾ ذهني پختگي وڌي
هونئن به مون سان گهر ۾ يا ٻاهر ماڻهو اهڙي پيار ۽
عزت سان ملندا آهن جو مون ڪڏهن محسوس ئي نه ڪيو
آهي ته مون ۾ ڪو عيب آهي يا مان ٻين کان مختلف
آهيان.
مٿي جنهن پٽيوالي جو ذڪر ڪري چڪو آهيان ان صلاح
ڏني ته سائين پرائيويٽ تعليم حاصل ڪريو. جيئن ته
شوق مون کي اڳيئي هيو بس صلاح ملڻ جي دير هئي فارم
ڀرجي ويو. خير سان ميٽرڪ ڪيم.
1979ع ۾ اسان جو خاندان حيدرآباد لڏي آيو. ان سان
گڏ مون کي به اچڻو پيو پر مون تعليم کي نه ڇڏيو.
هتي وري مون کي سمورو وقت گهر ۾ گذارڻو پوندو هو.
ان لاءِ وري ڀرت ڀرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. جيئن
ته هيءُ هڪ وڏو شهر آهي. ڪم به گهڻو پئي مليو ۽
ماڻهن منهنجي ڪم کي پسند به ڪيو (ڪجهه عورتون اڄ
تائين چوندون آهن، تو جهڙي، هٿ جي صفائي وري نه
ڏٺيسين)
هتي ڀرت ڀرڻ سان گڏ مون کي ادبي مطالعي جو شوق ٿيو
جنهن وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ 1981ع ۾ مون شاعري ڪرڻ
شروع ڪئي جيڪا اڄ تائين هلندي اچي.
1981ع ۾ ئي معذورن کي نوڪري ڏيڻ جو قانون پاس ٿيو
جنهن جي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آس ۽ اميد جي سهاري
درخواستون موڪليندو رهيس پر ظاهري ڪو کڙ تيل نه
نڪتو. هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي ڳوٺ جو دوست آيو جنهن
چيو ته مان سڀاڻي پنهنجي ڪنهن ڪم سان ڪمشنر جي
آفيس ويندس ان تي مون چيو مان هلندس. ائين وڃي
ڪمشنر سان ملياسين. جنهن کي پنهنجي نوڪري لاءِ چيم
جنهن سوشل ويلفيئر وارن ڏانهن موڪليو اتي اهو
فيصلو ڪيو ويو ته نوڪري بجاءِ سرڪاري فنڊ مان مون
کي هڪ دوڪان کولي ڏيندا. جيئن مان پنهنجو گذارو
ڪري سگهان ان دڪان تي ويهڻ کان پوءِ به آءٌ نوڪري
جي ڪوشش ڪندو رهيس. آخر ڪوششن رنگ لاتو هاڻي آءٌ
H.D.A
۾ اڪائونٽس ڪلرڪ آهيان ۽ شام جو پراڻي وحدت ڪالوني
حيدرآباد ۾ ڪتابن جو دڪان پيو هلايان ۽ ان سان گڏ
مون پنهنجي تعليمي ترقي ڏانهن به توجہ ڏنو ۽
پنهنجي محنت سان هن وقت پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي
ڪري چڪو آهيان.
آئون جڏهن پنهنجي حياتيءَ جا ورق ڏسندو آهيان تڏهن
پڪ ٿي ويندي اٿم ته انسان جيڪو ڪم چاهي سو ڪري
سگهي ٿو. ڪا به مجبوري ۽ معذوري هن لاءِ رستي روڪ
ٿي نه ٿي سگهي.
”ڪوثر“ هالائي
هاري (گيت)
منهنجي ديس جا پيارا هَاري،
پوک اُپايو ڪيڏي پياري.
منهنجي ديس جا پيارا هاري
ٻنيءَ ۾ آهيو تتيءَ ٿڌيءَ ۾،
خوش رهو ٿا ڏکي سُکيءَ ۾،
منهنجي اوهان تان جان نثاري.
منهنجي ديس جا پيارا هاري.
قوم جا خدمتگار آهيو،
اُپائيندا ان انبار آهيو،
ڏاتر ڏيندوَ جان سگهاري.
منهنجي ديس جا پيارا هاري.
سونن سونن سنگن سان،
پنهنجي پورهيت هٿن سان
ڌرتي اَٿَوَ خوبُ سينگاري.
منهنجي ديس جا پيارا هاري
منهنجي ديس جا پيارا هاري
پوک اُپايو ڪيڏي پياري.
منهنجي ديس جا پيارا هاري.
زين کوسو
چنڊ ستارا
سهڻا سهڻا ٻار پيارا،
ڌرتي جا هي چنڊ ستارا.
علم جا هردم يار رهن ٿا،
سچ سان هردم پيار ڪرن ٿا.
ڌرتي جا سڀ ٻار موچارا،
سهڻا سهڻا ٻار پيارا.
ننڍن وڏن جو ادب هي ڪن ٿا،
استادن جو چيو مڃن ٿا،
ماءُ پيءُ جا هي ٻار سهارا،
سهڻا سهڻا ٻار پيارا.
ڀورا گورا ڪارا آهن،
گلڙن جهڙا سارا آهن،
رنگ برنگي ٻار نيارا،
سهڻا سهڻا ٻار پيارا.
ڪيرالا جي لوڪ ڪهاڻي
(قسط آخري)
مترجم: ربّ نواز- آزاد سمون
سياڻي زال
هن لڪشمي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ان جي پٺي ٺپريندي
چوڻ لڳو: ”رونه، مان تنهنجي ان غلطيءَ کي معاف ڪري
ڇڏيان ٿو، اسان ته زنده ئي ٻين لاءِ آهيون ۽ ٻين
کي کاڌو کارائي اسان وڏي نيڪي ڪمائي رهيا آهيون
تنهنجي اها قرباني منهنجي لاءِ به سٺي آهي ۽ خود
تنهنجي حق ۾ به سٺي ثابت ٿيندي- اگر تون ٻين کي
کارائي پاڻ بک تي مري ويندينءَ ته مون کان اڳ جنت
۾ وڃي پهچندينءَ ڪڏهن تو ان تي غور ڪيو آهي؟ خدا
تي ڀروسو رک ۽ پنهنجي مڙس جي خدمت ڪندي رهه.“ اهو
چئي هو ليٽي پيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو.
لڪشمي ان رات هڪ گهڙي به ننڊ ڪين ڪئي، هن جي سمجهه
۾ نه ٿي آيو ته هوءَ ان مصيبت مان ڪيئن ڇوٽڪارو
حاصل ڪري.
اڳلي صبح تي وشنو معمول مطابق مندر هليو ويو. کاڌي
جي وقت هو روزانو وانگي ٻين مهمانن کي پاڻ سان وٺي
آيو. لڪشميءَ جڏهن انهن کي پري کان گهر واري پيچري
تان ايندي ڏٺو ته پريشان ٿي ويئي ۽ انهن جي
ڇوٽڪاري لاءِڪا تدبير سوچڻ لڳي.
ٿوري دير ۾ وشنو ۽ سندس مهمانن جي ڳالهين جو آواز
اچڻ لڳو. مهمان خوش خوش کلندا اچي رهيا هئا ۽ ٻئي
وشنوءَ جي مهمانوازيءَ جا ڳڻ ڳائي رهيا هئا. گهر
پهچي وشنو مهمانن کي ڪمري ۾ ويهاري پاڻ وهنجڻ لاءِ
هليو ويو. هن جي وڃڻ سان لڪشميءَ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾
ڪاٺيءَ جي ڊگهي ۽ ٿلهي مهري کنئي، جنهن سان هوءَ
اکريءَ ۾ ڌاڻا ڪٽيندي هئي. هن ان مهريءَ کي
خبرداريءَ سان ڀت تي بيهاريو. ڏيئو ٻاري مهريءَ تي
ڪجهه گل وجهي، ان جي سامهون اکيون بند ڪري ويهي
رهي، ڄڻ ته اها ان جي پوڄا ڪري رهي آهي. ڪجهه دير
کان پوءِ هن اکيون کوليون ۽ مهمانن جي طرف ڏٺو.
هوءَ ڏاڍي ڊنل نظر اچي رهي هئي. هن جي اکين مان
ڳوڙها پڻ وهي رهيا هئا.
مهمانن جڏهن اهو ڏٺو ته انهن کي ڏاڍي حيرت لڳي ۽
ٻنهي ان کان پڇيو، ”ڀيڻ، ڇا ڳالهه آهي؟ هن مهريءَ
جي پوڄا ڪيئن؟“
لڪشمي ڳوڙها ڳاڙيندي، انڪار ۾ مٿي کي لوڏيو ۽ چيو،
”مون کي ان ڳالهه ٻڌائڻ جي اجازت نه آهي. مان
پنهنجي مڙس جي باري ۾ ڪيئن ڪجهه چئي سگهان ٿي،
جڏهن ته ان ڳالهه جو تعلق توهان جي خيرت سان آهي.“
اهو ٻڌي مهمانن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ آخر ٻئي چوڻ
لڳا: ”ڀيڻ خدا جي واسطي اسان کي ٻڌاءِ اسان اهو
واعدو ٿا ڪريون ته تنهنجي مڙس سان ان ڳالهه جو ذڪر
ئي ڪين ڪنداسين.“
”پوءِ اهو اوهان جو پڪو واعدو آهي“ لڪشميءَ چيو.
”ها، ها، اهو اسان جو پڪو واعدو آهي“ ٻنهي مهمانن
چيو:
ان تي لڪشمي چيو: ”منهنجو مڙس وڏو مهربان ۽ رحمدل
انسان آهي. هو روزانو هڪ ٻن مهمانن کي گهر وٺي
ايندو آهي، پر ان جي هڪ عادت تمام خراب آهي،
مهمانن کي پيٽ ڀري کاڌو کارائي هن مهريءَ سان خوب
ماريندو آهي. مان مهماننکي وڏي چاهه سان کاڌو
کارائيندي آهيان. مگر هن جي مارڻ تي منهنجو اندر
سڙندو آهي، ان ڪري مان پوڄا ڪري رهي آهيان ته ان
گناهه جي سزا کان مان محفوظ رهان.“
اهو ٻڌي مهمانن جا هٿ پير ٺري ويا ۽ انهن اتان ڀڄي
وڃڻ ۾ ئي پنهنجو ڀلو سمجهيو ۽ وشنو جي وهنجي اچڻ
کان اڳ ئي اهي ٻئي اڳئين دروازي مان نڪري فرار ٿي
ويا.
جڏهن وشنو وهنجي سهنجي ڪمري ۾ آيو ته ان ٻنهي
مهمانن کي غائب ڏٺو. هن لڪشميءَ کان پڇيو ته:
”منهنجا ٻئي مهمان ڪيڏانهن هليا ويا؟“
لڪشميءَ تمام اداس لهجي ۾ چيو، ”سرتاج، توهان مون
کي معاف ڪيو، مون کان وڏي غلطي ٿي آهي. ٻئي مهمان
مون کان هيءَ مهري تحفي طور گهري رهيا هئا. توکي
خبر آهي ته اسان جي گهر ۾ ڏئي وٺي اها هڪ ئي ته
مهري آهي. مان انهن کي هن جي ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
ان تي اهي ٻئي سخت ناراض ٿيا ۽ تنهنجي اچڻ کان اڳ
ئي ڪاوڙ ۾ بهانو ڪري نڪري ويا.“
اهو ٻڌي وشنو ٻوٽي باهه ٿي ويو. هو پنهنجي زال تي
روب ڪندي چوڻ لڳو، ”توکي ڪهڙي همت جو تو منهنجي
مهمانن کي ڪاٺيءَ جي هيءَ ننڍڙي مهري ڏيڻ کان
انڪار ڪيو. منهنجي مهمانن جي بيعزتي ڪرڻ جي توکي
جرات ڪيئن ٿي.“
اهو چئي هن لڪشمي جي هٿ مان مهري کسي ورتي ۽ ان کي
کڻي مهمانن جي پويان پيو، جيڪي ان وقت گهر واري
رستي تان ڀڄندا وڃي رهيا هئا- جڏهن انهن (مهمانن)
پوئتي ڏٺو ته پوڄاري مهري کنيون انهن جي پويان
ڌمڪي ڏيندو اچي رهيو آهي. اهو ڏسي هو تيز ڀڄڻ لڳا
انهن ٻنهي جو ساهه تيزيءَ سان هلي رهيو هئو (سهڪي
رهيا هئا) ۽ اهي زور سان واڪا ڪري رهيا هئا ”ڀڄو،
هو مار ڏيڻ لاءِ مهري کڻي اچي رهيو آهي.“ ٻئي
پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويا ۽ وشنو انهن تائين ڪين
پهچي سگهيو ۽ آخر ٿڙندو ٿاٻڙندو پنهنجي گهر واپس
آيو.
ڳوٺ جا تمام ماڻهو ان وقت جمع ٿي ويا ۽ ڀڄي ويل
مهمان ٻڌائي ويا هئا ته هو کاڌو کارائي، اصل خاطر
ائين ڪندو آهي. ان ڪري هو مهمانن کي پنهنجي گهر
وٺي وڃي ٿو، اها ڳالهه سڄي علائقي ۾ جهنگل جي باهه
وانگر پکڙجي وئي ۽ ائين ويچاري لڪشميءَ کي پيٽ ڀري
کائڻ جو کاڌو ملڻ لڳو.
گوهر دائود پوٽو
قسط 1
شمس العلماءَ علامه ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽه
ولادت
شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو اربع
ڏينهن تاريخ 25 مارچ 1896ع بمطابق 9 شوال 1313 هه
ڌاري ضلعي دادو جي تعلقي سيوهڻ جي ڀرسان سنڌو
درياهه جي ساڄي ڪناري تي ٻڌل هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ٽلٽي“
۾ ڄائو. سندس پيءَ محمد خان هن جو نالو عمرالدين
رکيو.
ڊاڪٽر دائود پوٽو بنيادي طور هڪ سکئي ستابي گهر ۾
جنم ورتو، پر سندس ڏاڏي جي روايتي شاهه خرچن ۽
توجه نه ڏيڻ ڪري سندس مسڪيني حال ٿي ويو. ايتريقدر
جو ڏاڏي جي رضا ڪري وڃڻ کان پوءِ سندس پيل پوکي
راهي شروع ڪئي ۽ صفوران نالي سندس ماءُ، جنڊ
پيهندي هئي. اهڙيءَ ريت هو گذران ڪندا هئا.
تعليم ۽ تربيت:
ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو اڃا پنجن- ڇهن سالن جو مس
ٿيو ته کيس 1903ع ۾ سنڌي اسڪول، ٽلٽيءَ ۾ پڙهڻ
لاءِ ويهاريو ويو، جتي هن سن 1910ع ۾ ابتدائي
تعليم پوري ڪئي.
هي اسڪول جي دؤر ۾ ٽئين درجي تائين اسڪول کان
گسائيندو رهندو هو، ڪڏهن پنهنجي ناني واري کوري تي
ڀڄي ويندو هو ته ڪڏهن ڏاڏي جي ڳئن سان ويندو هو.
مطلب ته ڪڏهن ڪڏهن ڇيڏڪ ايندو هوس ته پيو اسڪول
وڃڻ کان نٽائيندو هو، پر ان کان پوءِ پنهنجي والد
جي تنبيهه ۽ استادن جي نصيحتن ڪرڻ تي پنهنجي
پڙهائيءَ تي توجهه ڏيڻ لڳو. هڪ ڀيري هڪ استاد سندس
امتحان وٺڻ ويو ۽ سليٽن تي صورتخطي لکرايائين،
جڏهن هو پنهنجي سليٽ وٽس کڻي ويو ته استاد کيس
مرڪي چيو، ”اکر لکيا اٿئي يا ٽنڊي ماڪوڙي جون
ٽنگون!“ ان طعني سندس ذهن تي اهڙو اثر ڪيو، جو هن
ڪيتريون ئي مشقون پچايون ۽ نيٺ اکر سڌاري ورتائين.
آخر ۾ سندس رايو هو ته ”اکر اخلاق تي وڏو اثر وجهن
ٿا.“ ۽ اڪثر شاگردن کي چوندو هو ته ”جنهن جا اکر
چڱا، تنهنجا لڇڻ چڱا“ ان ڪري پنهنجي نوڪريءَ واري
زماني ۾ شاگردن کي سٺا اکر لکڻ لاءِ اتساهيندو
رهندو هو.
ننڍڙي عمر جي هوشياري ۽ اورچائي ڏسي، اسڪولن جي
انسپيڪٽر امتحان وٺڻ مهل حڪم ڏنو ته ههڙي هوشيار
شاگرد کي انگريزي اسڪول موڪليو وڃي. اهڙيءَ ريت
ابتدائي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اي- وي اسڪول
ٽلٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان سالياني امتحان ۾ پهرين
نمبر کڻڻ ڪري کيس ٽئين درجي ۾ ٽپايو ويو.
ان ئي سال هڪ هندو استاد کيس قرآن پاڪ جون آيتون ۽
ڪريما جا بيت ياد ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو، سو پنهنجي هڪ
عزيز آخوند احمد جي مڪتب ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ لڳو. ۽
چئن مهينن ۾ پڙهي پورو ڪيو ۽ ڪريما جا ڪجهه بيت به
ياد ڪري ورتا. انهن ئي ڏينهن ۾ کيس فارسي سکڻ جو
شوق پيدا ٿيو. ان چاهه ۾ هو ڳوٺ ۽ پاڙي جي ڳوٺن ۾
رهندڙ ملان مولوين وٽ سبق وٺڻ لاءِ ويندو هو. ائين
ٿوري ئي عرصي ۾ گلستان، بوستان ۽ ٻيا فارسي ڪتاب
پڙهي پورا ڪيا. پاڻ ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ اسڪول
کان موٽي اچڻ کان پوءِ امتحان لاءِ شام جو خانگي
تياري به وٺندو هو. اهڙيءَ ريت سخت محنت ڪرڻ ڪري،
ان سال به اسڪول ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين.
علامه دائود پوٽي جو شاگرديءَ وارو دؤر ڏاڍو ڏکيو
گذريو، ايتريقدر جو اسڪول جي موڪل کان پوءِ
تغاريون ڍوئيندو هو. اسڪول ۾ هنري سکيا حاصل ڪرڻ
ڪري کٽون به وڻيندو هو. ان جي عيوض کيس جيڪي رقم
ملندي هئي، ان مان ڪتاب خريد ڪندو هو ۽ پنهنجي خرچ
پکي جو به بندوبست ڪندو هو. ڪيترا ڪتاب ته پنهنجي
هٿ سان پاڻ لکيائين ۽ سڄو سال انهن تان پڙهندو هو.
ايتري مسڪيني ۽ پريشاني واري حال ۾ به لکڻ- پڙهڻ
کي لڳو رهيو ۽ ڪڏهن به همٿ نه هاريائين.
پاڻ اڃا چوٿين درجي ۾ ئي هو ته اسڪول جي هيڊ ماستر
جي چوڻ تي سٺن اکرن ۾ انگريزيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي
ڪليڪٽر ڏي، لاڙڪاڻي مدرسي ۾ داخلا ۽ مفت رهائش
مهيا ڪرڻ لاءِ درخواست ڪيائين. سو جيئن ئي چوٿون
درجو پاس ڪيائين ته لاڙڪاڻي مدرسي ۾ داخلا ۽ مفت
رهائش جو آرڊر اچي پهتس.
لاڙڪاڻي واري مدرسي ۾ هڪ غريب ۽ مسڪين هاريءَ جي
پٽ کي داخلا ملڻ ڄڻ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي؛ ڇاڪاڻ
ته اتي فقط زميندارن ۽ وڏن ماڻهن جي اولاد کي
تعليم ڏياري ويندي هئي. هن نينگر جا سندس ئي لفظن
۾ اهي حال هئا ته، ”ٿلهي بافتي جو پهرياڻ، ململ جو
پَٽڪو، نِير ۾ ٻڏل پانچن ڀريل سٿڻ، موچڪي جُتي ۽
پٺاڻن کان ڳِڌل ڊگهو گڊلو يا ڪوٽ، مڙس هليو آ
لاڙڪاڻي!“ جنهن بابت ان وقت چيو ويندو هو ته ”هجئي
هَڙَ ۾ ناڻو ته گُهم لاڙڪاڻو!“ زميندارن ۽ اميرن
جي اولاد هِن جا اهي حال ڏسي، مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا ۽
چيائون ٿي، ”هي رئيس به آيو آهي پڙهڻ!“
ٻئي ڏينهن کيس پنجين درجي واري ڪلاس ۾ ويهاريو
ويو.
هم ڪلاسي کيس ڏسي کِليا ۽ کِچڪيا پئي، پر ڪلاس
ماستر به حيرت ۾ پئجي ويو، جڏهن سبق شروع ٿيو ته
سڀ کان پهريون نمبر آيو. ان هوشياريءَ سبب کيس
ڪلاس جي پهرين قطار ۾ ويهاريو ويو ۽ استاد ڪلاس
مان چندو ڪرائي، هن لاءِ سٺا ڪپڙا ٺهرايا.
ان کان پوءِ هڪ ڀيرو ڪليڪٽر صاحب به اسڪول جي
پرنسپال وٽ ويو. ڪجهه دير بعد هن کي به گُهرايائين
۽ پنهنجي سوالن جا جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حڪم
ڪيائين ته کيس ڪپڙا ۽ ڪتاب مفت ڏنا وڃن. اهڙين همت
افزاين ڪري سندس لکڻ پڙهڻ جي چاهه ۾ واڌارو ايندو
رهيو ۽ گڏوگڏ مدرسي جي شاگردن ۾ به مقبول ۽ سرهو
ٿيندو رهيو.
هو اڃا پنج درجا پاس ڪرڻ تي هو ڇهين درجي ۾ داخلا
وٺڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ڏانهن هڪ
درخواست اماڻي ڇڏيائين، جنهن جو ڪوبه جواب نه آيس.
ان بعد هڪ مهربان استاد جي سفارش ڪرڻ تي نوشهري جي
مدرسي ۾ داخلا ملڻ ۽ محمدن فنڊ مان ٽي رپيا ملڻ جو
خط اچي مليس. ان بعد جلدئي پنجون درجو پاس ڪري،
پنهنجي ڳوٺ ٽلٽيءَ ويو ۽ اتي وري فيروز نوشهري
فيروز ڏانهن وڃڻ جي سنبت ۾ لڳي ويو. ٽلٽيءَ مان
نوشهري وڃڻ وقت پيءُ کيس خرچ پکي لاءِ فقط چوڏهن
رپيا ڏنا هئا. اهي شايد پهرين ۽ پوئين رقم هئي جا
کيس پنهنجي پيءُ کان حاصل ٿي هئي.
علامه عمر بن دائود پوٽو پنهنجي لکيل ڪتاب ”منهنجي
آتم ڪهاڻي“ ۾ پنهنجي ڳوٺ کان نوشهري مدرسي ڏانهن
وڃڻ جو ذڪر هيٺين ريت قلمبند ڪيو آهي:
”تياري ڪرڻ ۾ دير ڪانه ٿي. ”سُڃي جي مَڏي، هڪ ڏندڻ
ٻي تڏي“، جهڙا تهڙا ڪپڙا لوهه جي پيتيءَ ۾ وجهي؛
رلين ۽ چادرن جو بسترو ويڙهي لاڏو اٺ جي ٻنهي پاسن
کان ڪڙي، پلاڻ جي وچ ۾ ٽنگون ٽيڙي، اڳيان جَتُ۽
پٺيان آئون، صبح جي پهر نوشهري روانو ٿيس.“
ان مسافريءَ ۾ خيري ديري جو پتڻ پار ٽپڻ لاءِ اُٺ
سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو. پاڻيءَ ۾ گهڻي مسافري ڪرڻ
کان پوءِ پتڻ پار پيا. وري اٺاويهه ڪي ٽيهه ميل
لاڏو اٺ جي جهوٻن ۽ جهيڪن جو پنڌ ڪري نوشهري پهتو،
جتي مدرسي جي پرنسپال کيس داخلا ۽ ماهوار ٽي رپيا
ڏيڻ لاءِ پَڪ ڏياري. اهو سندس محنت ۽ هوشياريءَ جو
ڪمال هو، جو هميشہ وانگر هتي به ڪلاس جي پهرين
گهنٽيءَ (پيرڊ) ۾ وڃي ڪلاس جي پهرين قطار ۾ ويٺو.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي هوشياري ۽ لياقت
تي لاڙڪاڻي مدرسي جي استادن جيان، هتان جا استاد
به موهت ٿي پيا. هن پنهنجي پيءَ کان مليل موڙي ته
پتڻ جي ڀاڙي، نوٽبوڪن، ڪتابن ۽ مهيني جي ويسيءَ تي
خرچ ڪري ڇڏي هئي. سو پنهنجي کٽلائيءَ جو احوال هڪ
استاد سان اوريائين، جنهن وري رهائش جو خرچ معاف
ڪرائي ڇڏيس.
اهڙيءَ ريت سندس تعليم جاري رهندي آئي. هو پاڻ به
استادن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو، سندن جهليون
ڇڪيندو هو، ڏندڻ ڪپي آڻي ڏيندو هو، پاڻي ڀريندو
هو، مطلب ته استادن جي خدمت ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏائي
ڀائيندو هو ۽ ان سان گڏ پنهنجي تعليم تي به تمام
گهڻو توجهه ڏيندو هو ۽ محنت ڪندو هو. اهو ئي سبب
هو جو استاد به مٿس مهربان هوندا هئا ۽ آئي ويل
مدد ڪندا هئا.
ان ئي سال اونهاري جي موڪلن ۾ پنهنجي دوستن ۽
وڏيرن ڇوڪرن وٽ منزلون ڪندو ڳوٺ پهتو. موڪلن جا
ڏينهن گذارڻ کان پوءِ مدرسي موٽ ڪيائين، واپسيءَ
تي پتڻ پار ڪري، گرميءَ ۾ پنڌ ئي پنڌ ڪندو ٿڪجي
هَچُ ٿي وڃي نوشهري پهتو ۽ وري پنهنجي پڙهائيءَ کي
جُنبي ويو.
ان وقت نوشهري مدرسي ۾ فقط ڇهين درجي تائين تعليم
ڏني ويندي هئي. هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ
مدرسة الاسلام جي پرنسيپال کي درخواست اماڻي، جنهن
ڪهل آڻي لاڙڪاڻي ضلع مان مفت رهائش جو آرڊر
موڪليو. اها خبر نه صرف پاڻ لاءِ پر مدرسي جي
استادن ۽ شاگردن لاءِ سرهائيءَ جو سبب بڻي. نيٺ
آگسٽ 1915ع ۾ اُٺ تي چڙهي، پڊعيدن اسٽيشن پهتو،
جتان آگ گاڏي (باهه تي هلندڙ ريل) تي چڙهي ڪراچي
هليو ويو. ان وقت مدرسي جي استادن ۽ شاگردن کيس
وڏي خلوص ۽ محبت وچان رخصت ڪيو هو.
علامه دائود پوٽو جڏهن بي- اي جي آخري سال ۾ هو ته
خلافت تحريڪ جو سخت زور هو. پاڻ ان تحريڪ ۾ چڱي
خاصي دلچسپي وٺندو هو. ڪيترن ئي جلسن ۾ جوشيليون
تقريريون ڪيائين ۽ جذباتي شعر پڻ پڙهيائين ۽ تحريڪ
۾ ڀرپور حصو ورتائين. ان وقت بي- اي جو امتحان وري
بمبئيءَ ۾ ٿيندو هو. تحريڪ جي زور هئڻ ڪري ڊپ وچان
ٻيا شاگرد امتحان ڏيڻ لاءِ بمبئي ڪونه ويا، کين
خوف ٿيو ته ڪانگريسي ڪم ڪندڙ کين يونيورسٽي هال ۾
داخل ٿيڻ کان روڪيندا. ڊاڪٽر دائود پوٽو پنهنجي
مرشد خواجه حسن جان سرهندي جي تنبيهه ڪرڻ تي
خلافيتن کي ڇڏي، اڪيلو ئي سامونڊي جهاز تي سفر ڪري
بمبئي يونيورسٽي ۾ پهتو. اتي بهائين جي آقا محمود
زور قانيءَ ساڻس وڏي مدد ڪئي ۽ رهائش جو بندوبست
ڪيائين. اهڙيءَ ريت ڊي- جي سنڌ ڪاليج مان سن 1921ع
تي بي- اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، جنهن جي عيوض
ڪاليج جي ”ڊڪشنا فيلوشپ“ ماهوار سٺ رپيا مليس.
ان کان پوءِ بمبئيءَ يونيورسٽي ۾ ايم. اي جو شاگرد
ٿيو ۽ اهو امتحان به پهرين نمبر ۾ پاس ڪيائين، ان
ڪري سن 1923ع ”چانسيلر ميڊل“ مليو. اهو اعزاز هيل
تائين ٻئي ڪنهن به سنڌي شاگرد کي حاصل نه ٿي سگهيو
آهي.
هند سرڪار سن 1924ع ۾ کيس اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ اسٽيٽ اسڪالرشپ ڏني؛ جنهن ڪري انگلينڊ جي
ڪيمبرج يونيورسٽي جي ايميوينل ڪاليج ۾ داخل مليس.
اتي ٽن سالن جي سخت محنت ۽ تحقيق ڪري پنهنجي
تحقيقي مقالو ”عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر“
انگريزي زبان ۾ لکي پورو ڪيائين، جنهن جي عيوض کيس
سن 1927ع ۾ پي- ايڇ- ڊي
(Ph.D)
ڊگري حاصل ٿي. ان حوالي سان ڊاڪٽر دائود پوٽو سنڌ
جو پهريون پي- ايڇ- ڊي (ڊاڪٽريٽ) ڊگري حاصل ڪندڙ
شخص هو. |