سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :4

ڊاڪٽر نجم عباسي

 

خوني ماءُ

 

هڪڙو پير مرد ڳوٺاڻو، هڪ ننڍڙي ٻار کي ٻانهن تي کڻي، دواخاني ۾ داخل ٿيو. منهنجو ڌيان هڪدم هنج ۾ ڪرونڊڙي پيل ڇوڪر ڏانهن ڇڪجي ويو. هن جي عمر ٽن - چئن ورهين کان وڌيڪ نه هئي. ڏسڻ ۾ آيو ته هو تازو ئي ماتا جي بيماري ڪاٽي چڪو هو.

ماتا، هن معصوم کي بيحد ضعيف ۽ بد زيبو بنائي ڇڏيو هو. هن جي مٿي جي ڳچ حصي جا وار کُسي ويا هئا. هن جي چمڙي ماتا جي سينئارن سان جهنجهي پيئي هئي، ۽ هڪ اهڙي پاٺي وانگر نظر ٿي آئي، جنهن ۾ فقط کڏون ۽ کوٻا هجن.

دکدائڪ ڳالهه اڃا به ٻي هئي - جيتوڻيڪ هن جو ٻيو سارو جسم مُردي مثل هو، مگر هو اکين جا تارا تيزيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ڦرڪائي رهيو هو. هن جون اکيون پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ دل جو شوق طاهرڪري رهيون هيون -- اِهو شوق ته "هڪ دفعو ڏٺو اٿم، ٻيو دفعو ڏسڻ جي خواهش اٿم." ماتا جي مرض هن جي اکين کي بي نور بنائي ڇڏيو هو. هو ڏسي ڪونه ٿي سگهيو، ان جي باوجود به ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو.

پوڙهي پيءُ کي پٽ جي اکين جي نور جي تباهيءَ تي سخت صدمو رسيو هو. هو هنجهون هاري، رحم ۽ ڪرم جي درخواست ڪرڻ لڳو. هن چيو ته "ڪجهه وقت کان اسان جي ڳوٺ ۾ "مائيءَ" جي بيماريءَ اچي منهن ڪڍيو. ڪيترائي ننڍا وڏا هن بيماريءَ ڪري بستري داخل ٿيا. انهن مان ته گهڻا راهه رباني وٺي ويا. منهنجي هن جگر جي ٽڪري کي به اها ساڳي بيماري وڪوڙي ويئي. بس، پوءِ ته اسان جا ڇهه ئي ڇڄي پيا -- ۽ هر وقت ڌڻيءَ کي پيا ٻاڏائيندا هئاسين. آخر مس وڃي اسان جو ٻچو نوبنو ٿيو -- بچي ته ويو، پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. هن جي اکين جي روشني جيئن پوءِ تيئن جهڪي ٿيڻ لڳي ۽ هاڻي ته هو ڪجهه به ڏسي نٿو سگهي."

ان کان پوءِ هو وري آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو: "ڊاڪٽر صاحب! منهنجي ٻچي جو ڪو بلو ڪريو! مان سڀڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان - ٻني ٻارو، گهر گهاٽ - هڙ خرچ ٿي وڃي ته به ڪندس، پر منهنجي پٽ جون اکيون اکين جهڙيون ٿين."

مون پوڙهي کان پڇيو، "توهان پنهنجن ٻارن کي ٽڪا هڻايا هئا؟" چيائين، "سائين، توهان سان وري ڪهڙو ڪوڙو ڳالهائبو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته جڏهن هيءَ ندوري بيماري آسپاس شروع ٿي، تڏهن ٽڪن هڻڻ وارو اسان جي ڳوٺ ۾ آيو. مون کي به چيائين ته "پنهنجي پٽ کي وٺي اچ ته ٽڪا هڻانس." پر سائين، پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ٽڪن جو سور ڏيڻ اسان کي منظور نه هو! انهيءَ ڪري ٽوڪيءَ کي هڪ رپيو ڏيئي راضي ڪيوسين. هن پنهنجي ڪتاب ۾ داخل ڪيو ته ٻار کي ٽڪا لڳايا ويا، ۽ اسين ڏاڍو خوش ٿياسين ته اسان جو لعل تڪليف کان ڇٽي پيو!"

مون پڇيومانس، "... ۽ هاڻي تون ڇا ٿو سمجهين، ته ائين ڪرڻ سان تو پنهنجي هن جگر جي ٽڪري جي خير خواهي ڪئي، يا دشمني؟" پوڙهي جواب ڏنو ته "سائين، مون کي يادگيري نه ڏياريو، منهنجو اندر ٿو جلي. سمورو قصور منهنجو آهي. ها”! مون کي اها ويل هٿ ڪانه آئي! منهنجون متيون مارجي وييون، نه ته هيءَ حالت ڪانه بڻجي ها. هينئر ته هٿ پيون هڻان، پر ڏڌو کير ٿڻين ڪٿي ٿو پوي!"

هيءُ هڪ سچو واقعو آهي. مائٽن جي جهالت ۽ وهمن، واڪسنيٽرن جي خود غرضيءَ ۽ طبي امداد جي اَڻپورائيءَ ڪري قوم جا ڪيترائي نونهال هن بيماريءَ ۾ بيوقتو موت جو بَک بنجن ٿا. هن واقعي مان اسين اهو به ڀليءَ ڀت پروڙي سگهون ٿا، ته ڪيئن نه اهو موذي مرض زندگيءَ کي زهر بنائي ٿو ڇڏي.

هر عمر واري شخص تي هيءَ بيماري پنهنجا پَرَ پکيڙي سگهي ٿي، پر ننڍڙن ٻارن سان ته هن جي ڪا خاص دشمني آهي. خبر ناهي ته هن تي "ماتا" نالو ڇو رکيو ويو. ماتا يا ماءُ ته ٻار واسطي مهر ۽ محبت جو مجسمو هوندي آهي ۽ ٻارن جي گلزار جي باغبان. مگر هيءَ ماتا... گل جي پنکڙين جهڙن نفيس ۽ من موهيندڙ چهرن کي بد زيبو بنائيندڙ،-- هي پهرينءَ تاريخ جا چنڊ جي سڀان وڌي ويجهي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪندا ۽ دنيا کي روشن بنائيندا، انهن تي ڪال ۽ بدصورتيءَ جو بادل بنجڻ واري ماتا! اسان جا گلن جهڙا ٻارڙا، اسان جي گود ۾ ٽپڻ ۽ ڪڏڻ وارا ننڍڙا فرشتا، اسان جي زندگيءَ جي راحت ۽ خوشيءَ جا خزانا، اسان جي گهر جي چمن جا سڳنڌ ڀريا گل، مٺيون لاتيون لوندڙ پرندا، ۽ دنيا جي مستقبل جا معمار.... انهن جي ئي ته قاتل آهي هيءَ ماتا!

حسن ۽ خوبصورتي، قدرت جي هڪ وڏي نعمت آهي. ماتا جو مرض انسان کان حسن ۽ جمال به کسيو وٺي. اها ماتا ئي هئي، جنهن جڳ مشهور ڊراما نگار جارج برنارڊشا جي چهري کي، ايتريقدر ته بدصورت بنائي ڇڏيو، جو هن کي مجبور ٿي اها بدصورتي لڪائڻ لاءِ ڊگهي ڏاڙهي رکائڻي پيئي.

ماتا جي بيماريءَ ۾، ٻين وڏين بيمارين جي ڀيٽ ۾، ٻه وڏا خطرا آهن: هڪ ته اها گهڻو ڪري ننڍڙن ٻارن تي حملو ڪري، پيءُ - ماءُ کان اولاد جهڙي پياري شيءِ کسي ٿي ڇڏي، ۽ ٻيو ته ماڻهو ان مان کڻي چڙهي به پوي، ته به سندس شڪل هميشه واسطي بدزيبي بنجيو وڃي.

ماتا هڪ وچڙندڙ ۽ پکڙندڙ مرض آهي. وچڙندڙ يا پکڙندڙ مرض ڇا آهي؟... ڪيتريون ئي بيماريون آهن جي جيوڙن کان ٿين ٿيون، يعني اهي جيوڙا جڏهن ڪافي تعداد ۾ اسان جي جسم ۾ داخل ٿين ٿا، تڏهن اها بيماري اسان کي گهيرو ڪري وڃي ٿي. ان بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ جا جيوڙا ٻين انسانن تائين پهچي وڃن ٿا، ۽ جنهن وٽ به پهچندا، اهو ان بيماريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

هاڻي سوال آهي ته هڪ انسان وٽان ٻئي انسان تائين اِهي جيوڙا ڪيئن ٿا پهچن؟ ان جا مختلف ذريعا آهن: (1) سڌيءَ طرح بيمار جي بدن سان تندرست ماڻهوءَ جي جسم لڳڻ سان، (2) هوا جي وسيلي (3) مريض جي ڪم آندل ڪپڙن، ٿانون ۽ ٻين اهڙين چيزن جي ڪم آڻڻ ڪري (4) بدن جي جدا جدا رطوبتن رستي، جهڙو بلغم، ڪاڪوس وغيره، (5) جيتن جڻين، جهڙوڪ مک، مڇر وغيره جي وسيلي.

هيءَ ڳالهه هيٺئين مثال مان وڌيڪ واضح ٿيندي -- سمجهو ته ڪنهن ڳوٺ جي هڪ جهوپڙيءَ کي باهه ٿي لڳي، ۽ ان کي وسائڻ جو ڪوبهو سيلو ڪونهي. هاڻي هيءَ باهه سڄي ڳوٺ ڏانهن، جن ذريعن سان پکڙي يا وچڙي سگهي ٿي، اهي هي آهن: هڪ ته جلندڙ جهوپڙيءَ سان لڳو لڳ جهوپڙيون ۽ ٻيو ذريعو آهي هوا. هوا جي ڪري ڪيتريون ئي چڻنگون هوا ذريعي اڏامي وڃي ٻين جهوپڙين تي ڪِرنديون ۽ اُتي نئين سر ڀنڀٽ مچائينديون. ٽيون ذريعو آهي ته ڪو لـچ لفنگ هن ٻرندڙ باهه مان چوچڙي ٻاري ٻئي گهر کي لڳائيندو، يعني هي شخص اهو پارٽ ٿو ادا ڪري، جيڪو جيوڙا ۽ جيت بيماريءَ ڦهلائڻ ۾ ڪن ٿا.

ماتا جو سبب به هڪ قسم جا جيوڙا آهن. اهي جيوڙا ايڏا ته باريڪ آهن، جو رواجي خوردبينيءَ سان به نظر اچي ڪونه سگهن. اهي مريض جي گلي ۽ نڪ جي رطوبتن ۽ چمڙيءَ تي نڪتل داڻن جي پاڻيٺ ۾ بيشمار موجود هوندا آهن، ۽ هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي تائين هيٺئين نموني ۾ پهچي سگهن ٿا. پهريون مريض جي بدن ڇهڻ سان، ٻيو مريض جي ڪتب آندل سامان سڙي رستي، ۽ ٽيون هوا جي ذريعي. مثال طور جنهن وقت هو کنگهي يا ڇڪ ڏئي ٿو، تنهن وقت نڪ مان نڪتل رطوبت رستي سامهون ويٺل ماڻهوءَ تائين اهي جيوڙا پهچي وڃن ٿا.

هاڻي اسين ڏسنداسين ته هن بيماريءَ کان بچڻ ۽ ان جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ اختيار ڪرڻ گهرجن. هن وقت اسان جي سامهون اهي اپاءَ آهن، جي ٻهراڙيءَ جي لحاظ کان آسان ۽ مفيد آهن. (1) ٽڪا هڻائڻ - هن اُپاءَ مان فائدي وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻڍي خواه ٻار، عورت خواهه مرد کي ٽڪن جي اهميت جو احساس ڏياريو وڃي، ۽ ان جا فائدا ٻڌايا وڃن. هي ياد رکڻ گهرجي ته خود ماتا جي مرض جو اڄ تائين ڪو سو فيصدي ڪامياب علاج ڪونه لڌو ويو آهي. تنهنڪري ان کان بچڻ جي هڪ ئي راهه آهي ته ان کي اچڻ ئي نه ڏنو وڃي. اهو مقصد اسين فقط ٽڪن هڻائڻ سان ئي حاصل ڪري سگهون ٿا. ٻار ڄمڻ کان پوءِ بهتر آهي ته هن کي ڇهن مهينن اندر ٽڪا هڻائي ڇڏجن، يا جيترو به جلد ٿي سگهي. هڪ دفعو ٽڪا هڻائڻ سان ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ ستن سالن واسطي هن منحوس مرض کان محفوظ رهي سگهي ٿو.

انهيءَ اصول کي سامهون رکندي ماهرن جو مشورو آهي ته حياتيءَ ۾ ڪم از ڪم چار دفعا ٽڪا ڏيارڻ لازمي آهن. پهريون ڄمڻ بعد سگهو ئي، ٻيو ستين سال، ٽيون چوڏيهن سال، ۽ چوٿون ايڪيهين سال. ان کان سواءِ جڏهن به ڳوٺ يا آسپاس ۾ هي مرض منهن ڪڍي، يا جڏهن گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ کي مائيءَ جي بيماري ٿئي، تڏهن ٻين سڀني ڀاتين کي ٽڪا هڻائڻ گهرجن.

هن ڏس ۾ واڪسنيٽرن کي به سمجهه ۽ سچائيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڳوٺاڻا ته ٿيا جاهل ۽ ڪم عقل، پر هي ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ حقيقت کان واقف آهن. انسان جي حياتيءَ جو هر حالت ۾ قدر هئڻ جڳائي. مائٽ ضد ڪن ته انهن کي سمجهائجي ته تر جي گٿي سؤ چوٽون کائيندي آهي.

(2) ماتا جي مريض کي گهر جي ٻين ڀاتين کان الڳ رهڻ گهرجي. هن واسطي جدا ڪمرو هجي، جنهن ۾ سندس ٽهل ٽڪور لاءِ هڪڙو ماڻهو هجي، باقي ٻيو ڪوبه ماڻهو نڪي اندر گهڙي ۽ نڪي مريض جي ويجهو وڃي. ٻارن کي ته ڪنهن به حالت ۾ بيمار جي ڀرسان اچڻ نه گهرجي. جتي اسپتال جي سهولت هجي، اتي مريض کي گهر ۾ رهائڻ نه گهرجي.

(3) مريض جون ڪم آندل شيون جهڙوڪ بسترو، ڪپڙا ۽ ٿانو وغيره، ٻيو ڪوبه استعمال نه ڪري، اهڙيون شيون اس ۾ سڪائڻ کپن يا ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ صاف ڪجن.

(4) جڏهن بيمار صحتياب ٿئي تڏهن هن کي ايستائين ڪنهن سان به آزادانه رلڻ ملڻ يا لهه وچڙ ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏجي، جيستائين هن جي ساري بدن جا کرنڊ ڇڻي نه وڃن. ڇو ته انهن کرنڊن ۾ ماتا جا جيوڙا موجود هوندا آهن.

(5) بيمار جي چاق ٿيڻ کان پوءِ يا مرڻ جي حالت ۾، هن جي ڪم آندل شين مان جيڪي غير ضروري يا گهٽ قيمت واريون شيون هجن، اهي باهه ۾ ساڙي ڇڏجن. باقي ٻيو سامان کٽ، بسترو وغيره چار پنج ڏينهن لاڳيتو اُس ۾ سڪائجن. ڪم آندل ڪوٺيءَ جا سڀ در ۽ دريون کولي ڇڏجن، ته جيئن هوا، روشني ۽ اس ڪافي انداز ۾ اندر داخل ٿي سگهن، ۽ ٻي به هر قسم جي صفائي ڪجي.

(6) هن مرض بابت ماڻهن ۾ گهڻائي وهم ۽ سنسا ڦهليل آهن. عام طرح هي عقيدو آهي ته ماتا ڪنهن ديويءَ جي ڪوپ جو نتيجو آهي، ۽ جيسين اها پرسن ٿي پنهنجي ديا نه ڪندي، تيسين ڇوٽڪارو نه ٿيندو. انهيءَ ڪري ڪنهن علاج يا ستي ڦڪيءَ طرف ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي، پر ان ديويءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ عجيب غريب ٽوڻا ڦيڻا ڪيا ويندا آهن. اهي سڀ عقيدا واهيات ۽ اڻڄاڻائيءَ وارا آهن. ماتا جو سبب جيوڙا آهن، جي ماڻهو اکين سان ڏسي چڪا آهن.

هن بيماريءَ جو علاج خاص ڪري بيماريءَ جي شروعات ۾ ڪافي ڪاميابيءَ سان ٿي سگهي ٿو.

ماتا جي حالت ۾ ٻه مسئلا غور طلب هوندا آهن: هڪ بدن جو سخت سور-- خاص ڪري مٿي ۽ پٺي ۾، ۽ ٻيو هن مرض مان اڀرندڙ خرابيون (Complications). هي خرابيون ڦڦڙن، دل، دماغ، اکين ۽ چمڙيءَ ۾ پيدا ٿي سگهن ٿيون. دوائن سان مريض جي پِيڙا ۽ درد گهٽائي سگهجن ٿا، ۽ ٻين اڀرندڙ خرابين کي به روڪي سگهجي ٿو.

حقيقت هيءَ آهي ته خود ماتا ايتري موتمار ۽ خوفناڪ نه آهي، جيترو هن مان اڀرندڙ خرابيون، ڦڦڙن، دل ۽ دماغ جون بيماريون، جي هن مرض جي هلندي پيدا ٿين ٿيون، سي ئي عام طرح موت جو ڪارڻ بنجڻ ٿيون. جنهن صورت ۾ انهن خرابين کي تسلي بخش حد تائين روڪي سگهجي ٿو، تنهن صورت ۾ ڇو نه مٿين اُپائن تي عمل ڪري اهڙن مريضن جون حياتيون بچائي ۽ سڌاري سگهجن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com