ٻارهن ڀائر
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن سمي هڪڙو بادشاهه هوندو هو،
جيڪو پنهنجي راڻيءَ سان گڏ ڪنهن ولايت ۾ راڄ ڪندو
هو. هن کي ٻارهن ٻار هئا، پر سڀ پٽ: ڌيءَ هڪڙي به
ڪانه هئس. بادشاهه کي ڌيءُ جي ڏاڍي سَڌ هوندي هئي.
هڪ ڏينهن اوڀاريون لهواريون ڪندي، راڻيءَ کي
چيائين ته "جي اسان جو تيرهون ٻار نياڻي ڄائي، ته
آءٌ ٻارهن ئي پٽن کي ڪُهائي ڇڏيندس،ته جيئن منهنجي
سموري دولت ۽ راڄ ڀاڳ منهنجي ڌيءُ کي ملي."
ويچاريءَ ماءُ جي دل تي ڇا وهيو واپريو هوندو! دل
جو سور دل ۾ رکي، سڄو ڏينهن پئي روئندي رڙندي هئي.
سڀني کان ننڍڙو پٽ بنجامن هميشه ماءُ سان گڏ هوندو
هو، تنهن هڪ ڏينهن ماءُ کان پڇيو ته "امڙ، تون
ايتري ڏکويل ڇو ٿي ڏسجين؟"
راڻيءَ جواب ڏنو، "پٽڙا، تون انهيءَ ڳالهه تان ئي
لهي وڃ." پر نينگر تيسين ماءُ جي پٺ نه ڇڏي، جيسين
کيس ٻڌايائين نه.
ڳالهه ڪندي ڪندي راڻي اچي سڏڪن ۾ پيئي، تنهن تي پٽ
کيس آٿت ڏيندي چيو، "امڙ، تون ڳڻتي نه ڪر: روءُ
نه، اسين پاڻيهي پاڻ بچائينداسون، ۽ هتان نڪري
وينداسون."
"هائو پٽڙا"، راڻيءَ کيس سمجهائيندي چيو: "پنهنجي
يارهن ئي ڀائرن کي ساڻ ڪري ٻيلي ڏي هليا وڃجو: ۽
اتي جيڪو سڀ کان ڊگهو وڻ هجي، اُن تي اوهان مان
هڪڙو ڄڻو چڙهي ويهي قلعي جي برج جي جاچ ڪري.
جيڪڏهن پٽ ڄائو ته برج تي اڇو جهنڊو چڙهندو، ۽
اوهين سڀ موٽي اچجو: پر جيڪڏهن ڇوڪري ڄائي ته پوءِ
آءٌ ڳاڙهو جهنڊو چاڙهڻ جو حڪم ڏينديس. ڳاڙهو جهنڊو
ڏسي اوهين پري نڪري وڃجو. شل خدا اوهان جي حفاظت
ڪري!"
ٻارهن ئي ڄڻا ماءُ جون دعائون وٺي ٻيلي ڏانهن
روانا ٿيا. ٻيلي ۾ پهچي، واري واري سان سڀ کان
ڊگهي وڻ تي چڙهي پيا روزانو قلعي جي برج کي
جاچيندا هئا.
آخر يارهن ڏينهن گذريا ته بنجامن جو وارو آيو. مٿي
چڙهي جوکڻي ڏسي ته اتي ڳاڙهي رنگ جو جهنڊو پئي
جهوليو. اهو جهنڊو ڄڻ ته هنن لاءِ ڦاهيءَ جو حڪم
هو.
ڀائرن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳا ته "آخر هڪ
ڇوڪريءَ جي ڪري اسين ڇو مفت ۾ مارجي وڃون؟ اچو ته
قسم کڻون ته ان جو ضرور بدلو وٺنداسين: ۽ جتي به
ڪا ڇوڪري ڏسنداسين، ان کي اُتي جو اُتي ڪُهي
ڇڏينداسون."
اهو پڪو انجام ڪري، هو گهاٽي ٻيلي ۾ اندر گهڙي
ويا. اُتي پهچي ڇا ڏسن ته ٻيلي جي پوري وچ ۾ هڪ
جادوءَ جو گهر بيٺو آهي. سڀني اهو ڏسي چيو، “اسين
هاڻ اتي ئي رهنداسون. بنجامن، تون اسان سڀنن ۾
ننڍو ۽ ضعيف آهين، ان ڪري تون ويهي گهر جي سنڀال
سڙي ڪجان”، اسين وري کاڌي جي ڳولا ڪنداسون."
ٻيلي اندر انهيءَ گهرڙي ۾ رهندي ڀائرن کي ڏهه سال
لنگهي ويا - وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه لڳي.
هوڏانهن راڻيءَ کي جا ڪِڪي ڄائي هئي، سا اڄ ننڍي،
سڀان وڏي نيٺ اچي سمجهه لائق ٿي. جهڙي هئي منهن
مهانڊي جي ملوڪ، تهڙي هيس سٻاجهي ۽ ٻاجهاري دل.
نرڙ تي سونو تارو پيو هوندو هوس. هڪڙو ڏينهن خدا
جو اهڙو ٿيو، جو شاهي محلات جي ڌوٻيءَ ڪپڙا سڪائڻ
لاءِ کڻي باغ ۾ ٽنگي ڇڏيا. انهن ۾ ٻارهن قميصون هڪ
ئي هنڌ ٽنگيون پيون هيون. ننڍڙيءَ شهزاديءَ جو اهي
قميصون ڏٺيون، سو اچي ماءُ کان پڇيائين ته اهي
قميصون ڪنهن جون هيون. پڻس جون ته ٿي نٿي سگهيون،
جو اُن جي بُت کان گهڻو ننڍيون هيون.
راڻيءَ کان ٿڌو ساهه نڪري ويو، ۽ چيائين ته
"بابلي، اهي تنهنجي ٻارهن ڀائرن جون آهن!"
"منهنجا ٻارهن ڀائر!" شهزاديءَ حيرانيءَ مان پڇيو،
"مون ته ڪڏهن به کين ڪين ڏٺو آهي، نه ٻڌو ئي اٿم -
اهو وري ڪيئن ٿيو؟ ڀلا هاڻ ڪٿي آهن؟
"خدا ڄاڻي، ويچارا ڪٿي پيا ڌڪا کائيندا هوندا."
راڻيءَ ڏک مان چيو.
پوءِ راڻيءَ سمورو قصو شهزاديءَ کي ڪري ٻڌايو ته
ڪيئن بادشاهه تنهنجي ڄمڻ وقت ٻارهن کي ئي ڪُهڻ جو
دڙڪو ڏنو هو. راڻيءَ اڃا سڄي ڳالهه ڪري بس ڪئي، ته
اچي اوڇنگارون ۾ پيئي. ڀلا ويچاري ماءُ جي دل،
ڪڙهندي ڪانه!
شهزاديءَ چيو، "مٺي اما، تون روءَ نه، آءُ ٿي وڃيو
پنهنجي ڀائرن کي ڳولي وٺي اچان!"
پوءِ شهزادي ٻارهن ئي قميصون ساڻ ڪري ٻيلي ڏانهن
اُسهي. سڄو ڏينهن ويچاري رُلندي رهي. آخر سانجهيءَ
مهل اچي جادوءَ واري گهر وٽ پهتي. اندر لنگهي
ويئي، ڇا ڏسي ته هڪ نينگر ويٺو آهي. نينگر،
ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ڪير هئي، ڪٿان آئي هئي، ۽
ڪيڏانهن ٿي ويئي.
شهزاديءَ چيو ته "آءٌ بادشاهه جي ڌيءُ آهيان، ۽
پنهنجي ٻارهن ڀائرن کي ڳولڻ نڪتي آهيان."
بنجامن ڏٺو ته مار هيءَ ته سندس ئي ڀيڻ آهي، سو
چيائينس ته "ادي، آءٌ تنهنجو سڀني کان ننڍو ڀاءُ
بنجامن آهيان!"
خوشيءَ کان ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪي ڀرجي آيا، ۽ هڪٻئي
کي ڳراٽڙيون پائي، خوب پيار ڪيائون.
گهڙيءَ کان پوءِ بنجامن چيو، "مٺي ادي، هڪڙيءَ
ڳالهه جو ويچار ٿي پيو اٿم: "اسان سڀني ڀائرن پاڻ
۾ پهه ڪيو هو ته اسين جيڪا به ڇوڪري ڏسنداسين، ان
کي ڪُهي ڇڏينداسين، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ ڇڏڻ جو
سبب به هڪ ڇوڪري هئي."
تنهن تي ڀيڻ چيو، "ادا، آءٌ ميس ته گهوريس: اوهان
جا شل سر بچن! مون کي پنهنجي سر جي ڪاڻ ڪانهي."
"نه نه، آءٌ ڪيئن به ڪري توکي بچائيندس. هاڻ تون
هيئن ڪر، جو هن گُنديءَ ۾ لڪي هلي ويهه. يارهن
ڀائر آيا ته آءٌ پاڻيهي انهن سان نبرندس." بنجامن
کيس دلداري ڏيندي چيو.
شهزادي ماٺ ڪري گُنديءَ ۾ وڃي لڪي ويهي رهي. رات
ٿي ته يارهن ڀائر به شڪار تان موٽيا: ۽ جيڏيءَ مهل
گڏجي ماني کائڻ ويٺا، تڏهن هڪڙي ڄڻي بنجامن کان
پڇيو ته "ڪا نئين تازي خبر چار؟"
"ڳالهه ته هڪڙي آهي،" بنجامن جواب ڏنو، "پر پهرين
انجام ڪيو ته جيڪا پهرين ڇوڪري ڏسندا ان کي ڪِين
ڪهندا، ته پوءِ ٻڌائيندوسانوَ."
سڀني مڃيو "هان، ها - اسين کيس جيئدان ڏينداسون،
اهو اسان جو قول آهي: هاڻ ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڳالهه
آهي؟"
"اسان جي ڀيڻ اسان وٽ آئي آهي!" ائين چئي گنديءَ
جو ڍڪڻ کڻي لاٿائين. شهزادي شاهاڻن ڪپڙن سان ٻاهر
نڪري آئي، نرڙ تي سونو تارو پئي لڙڪيس، ۽ ڏاڍي
سهڻي، ۽ سٻاجهي پئي لڳي. هو سڀ ڏاڍا خوش ٿيا، ۽
کيس ڳراٽڙيون پائي، تمام ججهو پيار ڏنائون.
شهزادي اُتي ئي رهي پيئي، ۽ بنجامن کي گهر جي ڪم
ڪار ۾ مدد ڪرڻ لڳي.
انهيءَ جادوءَ جي گهر اڳيان هڪ باغيچو هوندو هو،
جنهن ۾ ٻارهن موتئي جا گل بيٺا هئا. شهزاديءَ خيال
ڪيو ته اهي ٻارهن ئي گل پٽي، پنهنجي ڀائرن جي
قميصن ۾ ٽاڪينديس: سو وڃي گل پٽي آئي. پر خدا جي
قدرت، اڃا گل پٽي بس ڪيائين، ته سندس ٻارهن ئي
ڀائر ڪبوتر بنجي اڏامي ويا، ۽ گهر ۽ باغيچو به
کِنَ ۾ گم ٿي ويا، ۽ ويچاري ڇوڪرڙي ٻيلي ۾ اڪيلي
رهجي ويئي. حيرت مان هيڏانهن هوڏانهن پئي
نهاريائين ته ڇا ڏسي ته هڪڙي ٻڍڙي سندس ڀر ۾ بيٺي
آهي.
ٻڍڙيءَ چيو، "منهنجي پٽڙي، هيءُ تو ڇا ڪيو؟ تو ڇو
انهن ٻارهن اڇن گلن کي هٿ لاتو؟ اهي ته تنهنجا
ڀائر هئا، جي هاڻ هميشه لاءِ ڪبوتر بنجي ويا."
شهزادي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ۽ روئندي چيائين، "ڀلائي
ڪري ڪو ڏس ڏينم ته منهنجا ڀائر وري ڪيئن ماڻهوءَ
جي صورت ۾ ايندا؟"
ٻڍڙيءَ چيو، "هاڻ دنيا جي ڪابه شيءِ هنن کي ماڻهو
نٿي ڪري سگهي. پر، ها البت هڪڙي ڳالهه آهي، پر اها
سخت ڪٺن ۽ ڏکي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ڀائرن کي آزاد
ڪرائڻو اٿيئي ته برابر ست سال توکي گونگو رهڻو
پوندو. انهن ستن سالن ۾ جي تو هڪ ڪلاڪ لاءِ به
ڪجهه ڳالهايو يا کليو ته سڀ اجايو ٿي ويندو. تو
جيڪڏهن ڪا ٻڙڪ به ٻولي ته تنهنجا ڀائر مري ويندا."
شهزاديءَ دل ۾ پڪو پهه ڪري چيو، "خدا ڪندو ته آءٌ پنهنجي ڀائرن
جي جند آزاد ڪرائينديس." ائين چئي هوءَ اُٿي هلي.
هلندي هلندي اچي هڪ ڊگهي وڻ وٽ پهتي.
همت ڪري وڻ تي چڙهي ويئي، ۽ اتي ويهي هٿ سان سٽ ڪتڻ لڳي.
هوءَ نڪا ڳالهائيندي هئي، نڪا کلندي هئي. سڄو ڏينهن ماٺ ڪريو
ويٺي هوندي هئي.
هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو هڪ بادشاهه شڪار ڪندي اچي اتان لانگهائو
ٿيو. جان کڻي مٿي نهاري ته مٿي هڪ سدا سهڻي ڇوڪري
ويٺي آهي: نرڙ تي سونو تارو پئي لڙڪيس. سندس سونهن
ڏسي بادشاهه اڪن ڇڪن ٿي پيو - کيس سڏ ڪيائين، پر
هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. تڏهن بادشاهه وري پڇيس ته
سندس راڻي بڻجڻ تي راضي آهي يا نه؟ ڇوڪريءَ وري به
ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪيائين.
اهو ڏسي بادشاهه وڻ تي چڙهي ويو، ۽ کيس وڻ تان لاهي، گهوڙي تي
چاڙهي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو. وڏيءَ ڌام ڌوم سان
سندن شادي ٿي، پر ڪنوار نڪي ٿي ڳالهايو، ۽ نڪي وري
ٿي کليو.
جڏهن ڪجهه سال کل خوشيءَ ۾ گذري وين، تڏهن بادشاهه جي ماءُ،
جيڪا وڏي وڻواند رن هئي، تنهن راڻيءَ تي بهتان هڻڻ
شروع ڪيا. بادشاهه کي چوڻ لڳي:
"مون کي هاڻ ته پڪ ٿي ويئي آهي ته تون ڪنهن فقيرياڻيءَ سان شادي
ڪري ويٺو آهين. جيڪڏهن گونگي هجي ها، ۽ ڳالهائي
نٿي سگهي، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ کلي ته سهي! جيڪو
ماڻهو کلندو ئي نه، تنهن جي دل پڪ ڄاڻ ته صاف نه
هوندي."
پهرين پهرين ته بادشاهه اهي ڳالهيون ٻڌيون اَڻٻڌيون ڪري ڇڏيندو
هو، پر بادشاهه جي ماءُ ماٺ نه ڪئي، ۽ طرح طرح جون
ڪوڙيون ڳالهيون مڙهي، بادشاهه جا اهڙا ڪن ڀريائين،
جو نيٺ بادشاهه لاچار ٿي پيو، ۽ پنهنجي راڻيءَ کي
جيئري ساڙائڻ جو حڪم ڏنائين.
محل جي آڳنڌ ۾ هڪ وڏي باهه کڻي ٻاريائون، جنهن ۾ راڻيءَ کي هڪ
تختي سان ٻڌي ڇڏيائون. باهه جا تيز شعلا راڻيءَ جي
ڪپڙن تائين پهچڻ لڳا. ايتري ۾ ستن سالن جي آخري
گهڙي گذري ويئي. ويرم ئي ڪانه ٿي ته هوا ۾ ڦڙ ڦڙ
جو آواز اُٿيو، ۽ ٻارهن ڪبوتر اچي هيٺ لٿا. اڃا
زمين تي پير مس لڳن ته ٻارهن خوبصورت شهزادا بنجي
پيا. هڪدم پنهنجي ڀيڻ جي چوڌاري لڳل باهه کي
وسائي، سندس جند آزاد ڪيائون، ۽ کيس ڳراٽڙيون پائي
خوب پيار ڪرڻ لڳا. هاڻ راڻيءَ کي به ڳالهائڻ جي
اجازت هئي، تنهن سموري ڳالهه بادشاهه کي سربستي
ڪري ٻڌائي ته ڇو هوءَ گونگي ٿي هئي، ۽ ڳالهايائين
کليائين نٿي.
بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو جو سندس پياري راڻيءَ جي بيگناهي ثابت ٿي.
پوءِ ته هو سڀ سڄي حياتي خوشيءَ ۽ آرام ۾ گذارڻ
لڳا.
راڻيءَ جي ڪٺور دل سَسُ کي قاضيءَ جي اڳيان پيش ڪيائون، جنهن کي
موت جي سزا ڏني، ۽ هوءَ لائق به ان جي هئي. |