سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :3

ايم.يو.ملڪاڻي       

 (ناٽڪ)

 

پريت جي ريت

 

ويس ڌاري

ماءُ

مرد

زال

ٻار

جاءِ

پهريون چڪر - گهر جو هڪ ڪمرو.

ٻيو چڪر - ساڳيو ڪمرو، ٻن سالن پڄاڻان.

 

پهريون چڪر

(هڪ اُچي سينگاريل ڪمري ۾، هڪ جوان مرد پنهنجي نئينءَ پرڻيل زال جي خذمت ڪري رهيو آهي، جا ڳري ڪنڊا ٿي ويئي آهي. هوءَ رکي رکي کنگهي ٿي ۽ شال مٿان وجهي، ڪرسيءَ تي ليٽي پئي آهي. مرد ٿرما ميٽر ڇنڊي زبان جي هيٺان رکيس ٿو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ ٽيمپريچر جاچي ٿو. پاسي کان پيل دوائن واريءَ ٽپائيءَ وٽ وڃي ٿو ۽ هڪ نقشي تي ٽيمپريچر داخل ڪري ٿو. زال ٺونٺين ڀر اٿي پڇيس ٿي.)

زال: اڄ ٽيمپريچر گهڻو آهي؟ زال: گهڻا ڏينهن مون کان لڪائيندين؟

مرد: گهڻو ڪونهي، نارمل ٿيندو. مان ڪا ٻار آهيان ڇا!

مرد: نارمل کان ٻه - ٽي پائنٽ مس مٿي ٿي آهي، تنهن جي ڪا پرواهه نه آهي.

زال: مون کي ڀنڀلائين ڇو پيو. مون کي سڌ آهي ته صبح جو جيڪڏهن تپ نارمل کان مٿي هوندو آهي ته ڏينهن چڙهئي گهڻو وڌي ويندو آهي. تنهن کان سواءِ هيءَ کنگهه جا بيهي ويئي اٿم!

مرد: پر مان خاطري ٿو ڏيانءِ ته توکي ڪوبه خطرو ڪونهي. مون ڪيترن ڊاڪٽرن کان پڇيو آهي: فقط ضعف گهڻو اٿيئي.

زال: پر مان به پڙهيل ڳڙهيل آهيان. ۽ سڀ ٿي سمجهان: هي ڦڦڙن جي سلهه جون اوائلي نشانيون آهن، جنهن کي ڊاڪٽر "ٿائيسس" چوندا آهن. اڃا وڌيڪ ڇا ٻڌايان”.

مرد: تڏهن ته توکي اها به سڌ هوندي ته "ٿائيسس" ۾ ڪو ڀولو ڪونهي: بشرطيڪ ان جي ڪچيءَ ۾ ئي پاڙ ڪڍجي.

زال: ته پوءِ مون کي ڇو نٿو ڳالهه کولي ٻڌائين: هن لڪ لڪاڻيءَ بدران ڇو نه مون کي به چتاءُ ڪرين، ته ٻيئي گڏجي انهيءَ مرض کي منهن ڏيون.

مرد: پياري، مون برابر چوڪ ڪئي. مون کي ڊپ ٿيو ته توکي ٻُڌي متان دل جو ڌڌڪو پئجي وڃي: پر مون کي سڌ ڪانه هئي، ته تون اهڙي بهادر آهين. چڱو، هاڻي اچ ته کُلي ڳالهه ڪريون: توکي سڌ آهي ته شروعات ۾ اهو مرض سولائيءَ سان روڪي سگهجي ٿو. صاف هوا، سٺي خوراڪ ۽ پوريءَ ورزش سان سؤ مان نوانوي مريض ڇٽي پوندا آهن.

زال: مون کي سڌ آهي: پر سڀ کان مکيه ڳالهه آهي صاف، صحت بخش ۽ اُتانهينءَ جي هوا.

مرد: انهيءَ ڳالهه تي ته مان آيس ٿي. ڊاڪٽر صلاح ڏني آهي ته يڪدم ٽڪرن تي وٺي وڃينس. مون اڳواٽ ئي تارون ڪري ڇڏيون آهن ته ڪنهن پهاڙ تي ڪا هوادار جاءِ ملي.

زال:.... ۽ مون کي سڀ ڳالهه کان غير واقف رکيو اٿيئي! جيتوڻيڪ منهنجي ڀلي لاءِ ائين ڪيئه، ته به اها ڪهڙي نه غير واجبي ڳالهه آهي! خير، ٺهيو پر مون کي هڪڙي مشڪلات ٿي ڏسڻ ۾ اچي: ويچاريءَ اما کي ڪيئن اڪيلو ڇڏي هلنداسون؟

مرد: اما وڃي ڀيڻ وٽ ٽڪندي، ۽ اها تڪليف وٺندي، جو اسان ٻنهي کي گهڻو ڀائيندي آهي.

زال: ها، توکي ته گهڻو ڀائيندي آهي: پر مون کي ڀائيندي آهي يا نه، سا مون کي پڪ ڪانهي.

مرد: چري آهين ڇا، ٻڌايو ڪين مانءِ ته اسان جي شاديءَ کان اڳ، ڪيئن نه پيئي تولاءِ سِڪندي هئي.

زال: پٽ جي ڪنوار لاءِ برابر سڪندي هئي، پر مون لاءِ ڪانه سڪندي هئي.

مرد: تنهن ۾ تفاوت ڪهڙو؟ توکي ته سڌ آهي ته بي.اي.پاس ڪرڻ کان پوءِ مان پيءُ جي ماليءَ تي ڀاڙي، شادي ڪرڻ جي برخلاف هوس. چيم ته اول پنهنجي پگهر جي پورهئي مان ڪمايان: پر اما اچي ضد ٻڌو ته مرڻ کان اڳ ۾ پٽ جي ڪنوار ڏسي وڃان، جا اچي منهنجو گهر سينگاري. لاچار مون کي مڃڻو پيو، پر ان ڪري پڇتايو ڪونه اٿم. (ڳراهٽڙي پائيس ٿو.)

زال:... ته مان به ائين ٿي چوان ته هن کي مان ڪانه کپندي هيس، پر پٽ جي جو”. ٻه - چار هفتا مون سان لاڏڪوڏ ڪري نيٺ کٽي ٿي پيئي.

مرد: تون اڄ چوين ڇا پيئي؟ اڃا سال مس شادي ڪئي ٿيو اٿئون ته سمجهين ٿي ته اما جو توتان پيار لهي ويو آهي؟

زال: مان اکيون پوري ڪانه ويٺي آهيان، جي تو نه جاچيو آهي ته مان جاچيندي اچان ته هن جو مون سان ڪيترو پيار آهي. ۽ تون جو مون کي پيار ٿو ڪرين ۽ جيڪو وقت مون سان ٿو گذارين، سو هوءَ ڪيتريقدر سهي سگهي ٿي.

مرد: ڇا، تون سمجهين ٿي ته هن جي توسان اَڻپَوتِ آهي؟ اها ته اجائي ڳالهه آهي.

زال: ڇو اجائي ڳالهه آهي؟ تون سمجهي ٿو ته تنهنجي ماءُ حسد کان آجي آهي؟ هوءَ انسان آهي، فرشتو ڪينهي.

مرد: مون کي اهڙي ڳالهه مَن نڪا چِتِ هئي. پر ڪيئن نه هجي، هن حالت ۾ هوءَ اَوس سمجهندي ته تنهنجو هوا بدلائڻ لاءِ وڃڻ بلڪل ضروري آهي ۽ خوشيءَ سان اسان کي موڪل ڏيندي.

زال: تون روز سانجهين جو کيس اڪيلو ڇڏي مون کي گهمائڻ ٿو هلين، تنهن بابت رات جيڪو جهيڙو مچايائين، سو وسري ويو اٿيئي ڇا؟ منهنجي ته مرضي آهي ته ٻه - چار ڏينهن رکي، پوءِ اها ڳالهه چورينس.

مرد: پر توکي ته خبر آهي ته دير پوڻ مان خطرو آهي. مان اڄ ئي ٿو ڳالهه ڪيانس: بلڪ هينئر ئي ٿو ڪوٺيانس.

زال: جيئن وڻيئي تيئن ڪر. پر مان چتاءُ ٿي ڪريان ته گهر ۾ چؤٻول ٿو پيدا ڪرين، جو مان سهي ڪانه سگهنديس.

مرد: ڪجهه به ٿي پوي، مان ڪنهن جي به غير واجبي هلت ڪري هيسجي ڪونه ويندس...... تون وڃي صفحي ۾ ليٽي پئو.

(کيس ٻانهن کان وٺي هڪ پاسي اماڻي ٿو، ۽ ٻئي پاسي واري دروازي ڏانهن وڃي ماءُ کي ڪوٺي ٿو.)

"اما، اما! هيڏانهن ته اچجان”"

ماءُ (اندران): پٽ، ڇا آهي؟ (اچي ٿي) سڀ سک ته آهي؟

مرد: اما، مون کي توسان ڪا خاص ڳالهه ڪرڻي آهي. ويهه، (ماءُ هڪ ڪرسيءَ تي ويهي ٿي.)

توکي خبر آهي ته منهنجي زال مهيني ٻن کان خوش ڪانه ٿي گذاري.

ماءُ: هائو، ٿوري کنگهه جي ٽؤنڪار ٿي پيئي اٿس: سا ته ماڻهن کي عام ٿئي پيئي.

مرد: نه اما، انهيءَ کان وڏي تڪليف اٿس. ڊاڪٽر صاف ظاهر ڪري ويو آهي ته ڦڦڙن جي بيماري اٿس.

ماءُ: اهي ڊاڪٽر وري ڪهڙا آهن! رڳو ماڻهن کي ڊيڄاري پئسا ڦري ڄاڻن. متان انهن جي ڳالهه تي ويسهه ڪيو اٿيئي!

مرد: توکي ڪهڙي خبر ڊاڪٽرن جي؟ هن کي ضرور هوا بدلائڻ لاءِ ٽڪرن تي وڃڻ کپي.

ماءُ: تون به ٿوريءَ ڳالهه کي وڌايو وڻ ڪيو ڇڏين. هوءَ رڳو پورو کائي نٿي، تنهنڪري ضعيف ٿي ويئي آهي. سارو ڏينهن پيئي وڳن پهرڻ ۽ توسان گهمڻ ڦرڻ جا خيال ڪندي، ته کاڌي تي ڪهڙو ڌيان ڏيندي؟

مرد: اهي ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏ. مون هن کي وٺي وڃڻ جو بندوبست ڪيو آهي ۽ هيءَ مند وڃي ڪنهن پهاڙ تي رهائيندوسانس.

ماءُ: پر مون کي ڪيڏانهن ڪندين؟ هتي اڪيلو ڇڏي ويندينم ڇا؟

مرد: تو پريءَ زال کي ڪيئن ايڏيءَ لنبيءَ مسافريءَ تي وٺي هلندس؟ تون وڃي پنهنجي ڀيڻ جي گهر رهجان”، ٻيو ڇا؟

ماءُ: مان پنهنجو گهر ڇڏي وڃي ٻئي تي بار ڀري ٿي پوان!

مرد: ڪنهن ڌارئي وٽ ٿي رهين ڇا؟ سڳي ڀيڻ اٿيئي. انهيءَ ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي؟

ماءُ: گهٽتائي مون لاءِ آهي، توکي ڇا آهي! تون ته چوين ته ڪنوار ساڻ ڪري پهاڙ گهمان ۽ ماءُ ڀل پيئي پراون درن تي ڌڪا کائي.

مرد: اما، تون ته تمام غير واجبي ڳالهه ٿي ڪرين. ٻڌايانءِ ته ويٺو ته تنهنجي ڌيءُ سمان نُنهن کي سخت بيماري آهي، تنهن لاءِ تون ايترو به ڪرڻ نٿي چاهين؟

ماءُ: ڇاجي سخت بيماري! ڄڻ ته مان انڌي آهيان جو اهي اٽڪلون سمجهين ٿي سگهان! مان صاف ٿي ٻڌايانءِ ته هُن جيئن گهر ۾ پير پاتو آهي، تيئن انهن تالن تيتالن سان توکي مون کان ڌار ڪرڻ جي پيئي ڪوشش ڪري. اِها بيماريءَ جي وري نئين اٽڪل ڪڍي اٿس ته جيئن نجو مڙس مليم.

مرد: اما، اها ته اجائي ڳالهه ٿي ڪرين، اهو ته ان تي بهتان ٿي مڙهين. تون پاڻ چوندي هئينءَ ته هوءَ تنهنجو گهڻو ويچار ڪندي آهي، ۽ سدائين تنهنجي چئي ۾ رهندي آهي.

ماءُ: اهو رڳو توکي خوش ڪرڻ لاءِ ٻاهريون ڏيکاءُ ڪندي هئي: پر هاڻي سڌ پيئي اٿم ته هيءَ اصل کان سٽون سٽيندي اچي ته ڪيئن مڙس کي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي.

مرد: ائين ته ائين ئي سهي. انهيءَ ۾ ڪهڙو گناهه ڪيائين؟ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي ٻالڪپڻي واري گهر، پيءُ - ماءُ ۽ مٽن مائٽن کان هڪڙي ئي ڌڪ سان ڌار ڪري، هڪ بنهه ڌارئي گهر ۾ ڌارين جي وچ ۾ اچي ٿو اُڇلجي: اهڙيءَ حالت ۾، مڙس ئي هن جي اميد ۽ آڌار آهي: ان ۾ ئي ته هن جو سمورو پيار وڃي کُپندو. پوءِ ڪهڙو گناهه ڪيائين جي مڙس کي پنهنجو ڪرڻ چاهيائين؟

ماءُ: ڏٺئه! مون اڳيئي سمجهيو ٿي ته توکي موهي، پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو اٿس... تڏهن جيئن تون سندس لاءِ سڀڪجهه آهين، تيئن هوءَ به تولاءِ سڀڪجهه هوندي؟

مرد: ضرور، زال - مرد دنيا ۾ هڪٻئي جا حياتيءَ تائين ساٿي آهن، سي ضرور هڪٻئي لاءِ سڀڪجهه ٿيندا.

ماءُ: مطلب ته پرڻجڻ کان پوءِ ڇا جو پيءُ، ڇا جي ماءُ، رڳو جوءِ جو تاءُ!

مرد: بلڪل نه. مون سمجهيو ته تون ڪٿان ٿي اچين: پر تون بنهه ڀل ٿي ڪرين. پيار اهڙي چيز آهي جو ونڊي ورهائي سگهجي ٿو: ڇو ته پيار گهڻين صورتن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ساڳئي وقت ساڳيو ماڻهو جدا جدا نمونن ۾ پيار ڪري سگهي ٿو. مون زال کي پيار ڪرڻ شروع ڪيو تنهن جي معنيٰ اها نه آهي، ته ماءُ تان پيار لهي ويو.

ماءُ: پر وڌيڪ ڪنهن کي پيار ڪرڻ گهرجي؟ ماءُ جنهن جنم ڏنو ۽ پالي وڏو ڪيو تنهن کي، يا ڪالهوڪيءَ پرڻيل ڪنُوار کي؟

مرد: ماءُ جو پيار ۽ زال جو پيار هڪٻئي کان اهڙا نرالا آهن جو ڀيٽ ڪري نٿو سگهجي... پر جي هروڀرو ڀيٽ ٿي ڪرائين، ته مان اَوس چوندس ته ماءُ - پٽ جي ناتي کان زال - مڙس جو ناتو وڌيڪ گَهرو ۽ جٽائدار آهي. ڇو ته زال - مڙس جسم توڙي جان ۾ هڪٻئي جا آهن ۽ حياتيءَ جي سفر ۾ هڪٻئي جا نِجا ساٿي آهن.

ماءُ: سچ چيو اٿن ته "مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل پٿر." اڄ تون اهڙو پٿر ٿيو آهين جو منهنجي منهن تي اهڙا اکر چئي ڇڏيئه؟ اڳي ڪهڙو نه منهنجي آگيا ۾ هوندو هئين! هاڻي پنهنجي وڌوا ماءُ جو مانُ اجهو اهو ڪيو اٿيئي! اِهي انهيءَ ڏائڻ جا ڪم آهن، جنهن جادو وڌا اٿيئي. (روئڻ لڳي ٿي.)

مرد: هاڻي ٺهيو، روئڻ بند ڪر. تون ئي آهين جنهن اسان کي هي مهينا سانده پئي ستايو آهي: پر هاڻي وڌيڪ ستائڻ مان ڪونه ڏيندوسان”. توکي اجايو حسد ويڙهي ويو آهي. ان وقت مون کي زور ڪري پرڻايئي ڇوٿي؟ مان ته شاديءَ جي برخلاف هوس. ياد اٿيئي ته جڏهن بيمار پيئي هئينءَ ته مون کي چيو هوءِ ته اِها منهنجي پڇاڙيءَ جي مراد پوري ڪر، تڏهن مان به لاچار توکي انڪار ڪري ڪين سگهيو هوس.

ماءُ: مون سمجهيو ته مران ٿي، تڏهن چيم ته پٽ کي پرڻائي ٿانئيڪو ڪري وڃان ته مون کي به ڪو آٿت اچي. مون سمجهيو ته ننهن پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ اچي سَسُ جي شيوا ڪندي، ڪين مورڳو اچي پٽ مون کان کسيندي ۽ منهنجو ڪوڏيءَ ملهه ڪرائيندي؟

مرد: توکي ڪُڏ کنيو ته پٽ پرڻايان، اُن جو حساب ته ڏيندينءَ؟ مون تي زور رکي زال گهر ۾ آڻايئه، پوءِ ائين ڪيئن ٿي سمجهيئه ته مان سمورو پيار توکي ڪندس؟ اها ته تنهنجي بنهه غير واجبي گُهر چئبي.

ماءُ (ڪاوڙ ۾): پر اهو ٺهي ٿو جڙي ٿو جو رات ڏينهن سندس پٺيان انڌو اونڌو ٿيو پيو آهين؟ صبح جو وڃو شاپون ڀٽڪڻ، سانجهن جو سئنيما ڏسڻ يا موٽر ۾ رلڻ. پٺيان ماءُ اڪيلي پيئي گهر جي پورهئي ۾ ڳهي، ڄڻ صدقي جي ٻڪري آهي.

مرد: پوءِ اهڙو چوڄ مان پٽ پرڻايئه ڇو، جو هاڻي کيس زال سان جيوت جي خوشي ماڻيندو ڏسي، سهي نٿي سگهين؟ مان چوانءِ ٿو ته تون بيواجبي گُهر ٿي ڪرين. توکي حسد جي آگ ويڙهي ويئي آهي. تون خودغرضيءَ وچان انسانيت جو ليڪو لنگهي ويئي آهين. تون ڀائين ته ننهن جي حياتي ڀل چٽ ٿي وڃي، باقي پٽ، تنهنجو پاسو نه ڇڏي. پر مان اهو بلڪل ڪين سهندس. اسين هينئر ئي تا ٽپڙ ٻڌڻ شروع ڪريون: تار جي جواب اچڻ شرط ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي پونداسين. (تکو تکو اندر وڃي ٿو ۽ ماڻس عجب ۾ پئجي وڃي ٿي.)

 

چڪر ٻيو

[ ٻه سال گذري ويا آهن. ساڳئي ڪمري ۾ هڪ ٻاراڻو پينگهو پيو آهي ۽ ٻاراڻا ڪپڙا ۽ رانديڪا پکڙيا پيا آهن. زال هاڻي تازي ۽ تندرست پيئي لڳي، ۽ سبڻ واريءَ مشين تي هڪ ٻاراڻو ٽوپ ويٺي سبي ۽ هڪ لوليءَ جي تُڪ ويٺي اُچاري. مڙس پنهنجي ڌنڌي تان موٽي ٿو، کيس پيار مان ٺپري ٿو ۽ ٽوپي ڪوٽ لاهيندي چوي ٿو. ]

مرد: اڃا پيئي ڪم ڪرين؟ هميشه دير ڪرين. مان ڪم تان موٽان تنهن کان اڳيئي ڇو نه سنڀري ويهين؟ هاڻي ڪلاڪ وٺندينءَ ڪپڙن پائڻ ۾، تنهن کان پوءِ مس گهمڻ هلي سگهبو.

زال: مان اڄ گهمڻ ڪانه ٿي هلان. ڪڪي کي ٿوري ٿڌ ٿي پيئي آي، سوچيم ته ويهي هڪڙو ٽوپ سبي وٺان ته جو مٿو گرم رهيس.

مرد: پر اڄ رات جو ڪري گرم ڪپڙي جي ٻوڪي ٻڌجانس. انهيءَ ڪري هروڀرو گهمڻ ڇو وڃايون؟... پر ڪڪو آهي ڪٿي؟

زال: اندر ڏاڏيءَ وٽ آهي. ڏاڍو ٿي ڀانئيس ۽ پاڻ به هن جي پٺيان چريو آهي.

مرد: چڱو،هاڻي وڌيڪ وقت نه وڃا”، ٿورو وقت گاڏيءَ ۾ گهمي پوءِ هلنداسون هن ديسي پڪچر تي، جنهن لاءِ چيو هومانءِ ته ضرور ڏيکاريندوسان”.

زال: پر ڪڪي کي کارائڻو ٿيندو، نه ته جيڪر سوير ئي سمهاري ڇڏيانس.

مرد: آيا تڏهن ڇا لاءِ رکي اٿيئي؟ تنهن کان سواءِ اما ويٺي آهي: چيئي ته ڏاڍو ٿي ڀانيئس. هاڻي شاباس! ٺهه پهه ڪري وٺ.

زال: پر هروڀرو زور ڇو ٻڌو اٿيئي؟ هڪڙو ڏينهن گهمڻ گسايم ته ڇا ٿي پوندو؟

مرد: رڳي هڪ ڏينهن جي ڳالهه ڪانهي: ويجهڙائيءَ ۾ هڪ نه گسايون اٿيئي؟ بيماريءَ مان ڇٽڻ کان پوءِ تنهنجي لاءِ کليل هوا ڏاڍي ضروري آهي: بيماريءَ جي اُٿلڻ جو خوف هميشه رهي ٿو.

زال: هاڻي ڪڏهن ڪري ڪا سانجهي گسايم ته بيماري اُٿلي ڪانه پوندي. گهر جي ڪم هاج ۾ اهڙو ٿو غلطان ٿي وڃجي، جو گهمڻ ڦرڻ جي چاهنا ئي ڪانه ٿي رهي.

مرد: ها، چاهنا! اها ڳالهه نه ڪر! اڄڪلهه جيڪي مان چاهيان ٿو، اوڏانهن تنهنجي چاهنا ٿئي ئي نٿي. تنهنجي چاهنا خود مون ڏانهن ئي ڪانه ٿي ٿئي.

زال: تون چوين ڇا پيو! مان ته توکي جيترو اڳي ڀائيندين هيس اوترو ئي هاڻي به ٿي ڀانيان. پر گهر ۾ سدائين ڪونڪو ڪم ڪار پيو نڪري، جنهنڪري اهڙو ٿڪجي بيزار ٿو ٿجي...

مرد: اهائي ته ڳالهه آهي جو وقت پئي تنهنجو پيار به ٿڪجي بيزار ٿي پيو آهي. ڏينهن جو اهڙي رُڌل هجين جو چار مٺا اکر به مون سان ڪونه ڳالهائين. رات جو اهڙي ٿڪل هجين جو ننڊ ۾ ئي پئي آجهرين. تڏهن چئبو ته حياتيءَ جو رنگ ۽ چمڪو لهي ويو آهي ۽ روزمره جي اَڀوڳائي ۽ ٻي جَسائي رهجي ويئي آهي.

زال: ڇو ٿو هروڀرو دل ڪؤڙي ڪرين؟ گهر ۾ جيڪا گهل گينداڙ ٿي ٿئي، سا تون سمجهي نٿو سگهين. خاص ڪري ڪڪي ڄائي کان پو”...

مرد: نيٺ سچي ڳالهه سَلي اٿيئي! ڪڪي ڄائي کان پوءِ مان به جاچيندو اچان ته ڪيئن ڪڪو توکي آهستي آهستي مون کان ڌار ڪندو وڃي، ۽ تنهنجو پيار مون کان کسيندو وڃي. هاڻي تنهنجو پيار مون ۾ سمايل ڪينهي، پر ورهائجي ويو آهي. روز بروز تون ڪڪي کي وڌيڪ پيار ڏيندي وڃين، تان جو نيٺ مون لاءِ ذرو به نه بچندو، جنهن تان تڳان.

زال: پيارا، توکي ڇا اچي ٿيو آهي! اجايو پيو پاڻ کي تپائين. مان پڪ ٿي ڏيانءِ ته ائين آهيئي ڪين. البت اوائل وارو چاهه ۽ جوش پيار مان نڪري ويو آهي، پر اهو ته سڀاويڪ آهي. ان جي بدران اسان جو پيار پاڻ ڳنڀير ۽ اونهون ٿيو آهي.

مرد: اِهي فقط بحث مباحثي جا دليل آهن. حقيقت ۾ پيار ڪبو اتساهه وچان ۽ جي نه، ته بنهه نه.... ڪنهن ٿي ڄاتو ته منهنجو ٻالڪ منهنجو ويري ٿي پوندو ۽ تنهنجو پيار مون کان کسي وٺندو! تنهنجي ساري دنيا انهيءَ ۾ سمايل آهي. سمورو وقت پيئي کيڏائينس ۽ ڪڏائينس ۽ ٻئي ڪنهن جي توکي تانگهه ئي ڪانهي.

زال: اها ته اجائي ٿو ڳالهه ڪرين. پنهنجي ٻچي، پنهنجي جان جي ٽڪر لاءِ توکي حسد ٿو ٿئي!

مرد: اها ئي ته ڳالهه آهي. منهنجو ٻار، جو سمجهيم ته اسان جي وچ ۾ ميلاپ جو وڌيڪ سبب بنبو، سو مورڳو هڪ بَند ٿي بيٺو آهي ۽ اسان کي هڪٻئي کان پري ڪندو رهي.

زال: هيءَ ته حد ٿو ڪرين! ٻار جو ان ۾ ڪهڙو گناهه آهي، جو توکي ان لاءِ حسد ٿي پيو آهي؟ ائين ته تنهنجي دل ۾ هن ابهم لاءِ ڪٽ چڙهي ويندي.

مرد: منهنجو وس ڪينهي. مان قبول ٿو ڪريان ته پنهنجي ٻار تي منهنجو ايترو پيار ڪونهي، جيترو هئڻ کپي، پر مان ٻار کي ڏوهه ڪونه ٿو ڏيان. مان توکي ڏوهه ٿو ڏيان جا منجهس غلطان ٿي پيئي آهين ۽ مون کي بنهه ريٽي ڇڏيو اٿيئي.

زال: پر تون سمجهين ٿو ته اسين ڪي اڃا تازا پرڻيل نوجوان آهيون ڇا جو سڄو وقت پيا هڪٻئي کي چنبڙنداسون؟ تو هروڀرو وهم وچان ڳالهه کي وڌائي کڻي وڻ ڪيو آهي. اها ته چريائي چئبي.

مرد: (ڪاوڙجي) چريائي! تنهنجي اَڻاسي ۽ نٺر دل جي لاءِ اها چريائي هوندي، پر مون لاءِ اها ساڀيان ۽ سوائي آهي. تون جي منهنجي دک تي ٺٺولي ٿو ڪرين ته مان به پنهنجو پيار مَٽائي ڌڪار ڪري ڇڏيندس. اسين هڪٻئي کان بنهه گهڻو لڙهي پري ٿي ويا آهيون ۽ مان هن گهر ۾ وڌيڪ گهاري نٿو سگهان. اما کي چئجانءِ ته منهنجي ماني نه ڪري، نڪي منهنجو اوسيڙو ڪري. (ڪوٽ پائڻ شروع ڪري ٿو.)

زال: هاڻي ٺهيو. توکي ڪاوڙائڻ جو منهنجو مطلب ئي ڪونه هو... اڃا هٿ منهن به ڌوتو ڪونه ايئي. گرم چانهه ٺاهي آڻي ٿي ڏيانءِ ته فرحت ۾ اچين.

مرد: نه، مهرباني؟ پڇاڙيءَ ۾ مڙس جي پرگهور لهڻ شروع ڪئي اٿيئي، تنهن مان ته ڪِي ڪين ورندو. مون کي هٿ منهن ڌوئڻ جو ضرور ڪونهي، ۽ مان چانهه وڃي ٿو ڪنهن هوٽل ۾ پيئان. مان اڪيلو ئي ٿو هليو وڃان گاڏيءَ ۾ گهمڻ -- (جوش ۾ وڃڻ تي آهي ته ماءُ اندران اچي اڳيان بيهي چويس ٿي.)

ماءُ: پٽ شانتي! مون ڪڪي کي ويٺي ننڊ ڪرائي ته اندران اوهان جو جوشيلو آواز ٻڌي ورتم. هاڻي ويهه: مون کي توسان ڪي ڳالهيون ڪرڻيون آهن.

مرد: ڳالهيون وري ڪهڙيون ڪندينءَ، ۽ اِنهن مان کڙتيل ڪهڙو نڪرندو؟ اڳيئي دير ٿي ويئي آهي. مون کي گهمڻ وڃائڻو ڪينهي.

ماءُ (حشمت سان): هاڻي هتي ٿي ويهه، انهيءَ ۾ تنهنجو ڀلو آهي. (هو مڃي ٿو ۽ سڀ ويهن ٿا.) توکي سڌ آهي ته دنيا ۾ هر خوشيءَ جو ڏنڊ ڏيڻو پوي ٿو؟ توکي پٽ ڄمڻ جي خوشي ٿي ته ان جو ڏنڊ ضرور ڀرڻو پوندءِ.

مرد: مان سمجهان ٿو ته تون ڪٿان ٿي اچين. مون اڳي چيو هومانءِ ته ننهن آڻڻ جي خوشيءَ جو حساب ڏيڻو پوندءِ، سو مهڻو موٽائي منهن ۾ ٿي ڏينم. پر تنهنجي ۽ منهنجي حالت ۾ زمين آسمان جو ڦير آهي. تون بنهه خود مطلبڻ هئينءَ، پر مان ته پنهنجو حق ٿو گهران.

ماءُ: نه پٽ، ساڳيو چڪر ڦري آيو آهي، ساڳي حالت آهي. اڳهڻو جيئن اندران توهان جو بحث ويٺي ٻڌم، تيئن اها مشابهت دل سان لڳي آيم ۽ منهنجي دل کي آخرين آٿت اچي ويو. هاڻي مان اهو آٿت توکي به ڏيڻ چاهيان ٿي، ته توکي به مون جيترو ڏک نه سهڻو پوي.

مرد: پر مون دل جي آٿت جي اميد ئي لاهي ڇڏي آهي. شايد جڏهن پِيري اچي ويندي ۽ دل ٺري ويندي، تڏهن ازخود آٿت اچي ويندو: تنهن کان اڳ چاڙهو ڪونهي.

ماءُ: بلي، من کي ٿوري ٺاپر ڏيئي صبر سان ٻڌ. پوءِ پاڻيهي پيرسن ماءُ کي سدائين پيو دعا ڪندين.

مرد: پر تون ڪيئن هن مونجهاري مان مون کي ٻاهر ڪڍي سگهندينءَ؟ جنهن جو مرڪ آهي: سا سُونڊ پائي ڪنڊ ۾ ويٺي آهي ۽ هوڏ وچان چيچ به نٿي چوري. تون ڇا ڪندينءَ؟

ماءُ انهيءَ مونجهاري کي سمجهائڻ نڪي منهنجي وس آهي، نڪي هن جي وس آهي. اهو مونجهارو خود تو ۾ آهي: تنهنجي منورتيءَ ۾ آهي. هاڻي اچ ته مان تنهنجي من تان ٿورو ڄار هٽايان. پوءِ ڏس ته ڪيئن تولاءِ دنيا جي صورت ڦري ٿي پوي.

مرد: پر منهنجي مس تي ته ڄارو چڙهيل آهيئي ڪونه. پنهنجي زال جو پيار ٿي گهريم، سو به منهنجي منورتيءَ ۾ مونجهارو ٿيو!

زال: مان ته پنهنجي پيار ڏيڻ ۾ انڪار ڪريان ئي ڪانه ٿي، پر تنهن سان گڏ پنهنجي ٻار کي به ضرور پيار ڪنديس، جو اسان ٻنهي جو ٻار آهي، جنهن لاءِ توکي به پيار هئڻ گهرجي.

ماءُ: اهو ئي ته ڳالهه جو مول آهي. (پٽ کي) توکي زال جي پيار تي بلاشڪ حق آهي پر نه هُن جي سموري خُلاصي پيار تي. مون به اهائي ڀل ڪئي هئي جو تنهنجو خلاصو پيار گهريم ۽ آخر شڪست کاڌيم. ڳالهه هيءَ آهي ته اسين ڪجهه وقت نجي پيار ملڻ تي اهڙي هري ٿا وڃون-- ماءُ پٽ وٽان، مڙس زال وٽان -- ساري ڄمار پيا اَن لاءِ ڇڪتاڻ ڪريون. پر اِها اَڻ ٿيڻي آهي. هاڻي منهنجي ۽ پنهنجي خود غرضيءَ ۾ فرق سمجهي سگهين ٿو ڪين اڃا نه؟

مرد: (هٻڪي) خير، ڪجهه ڀيٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر صاف سمجهي نٿو سگهان... تنهن کان سواءِ مون کي دير پيئي ٿئي.

ماءُ: پٽ، باقي ٿورو تحمل ڪر. (پيار وچان.) پريت جي ريت نرالي آهي. خلاصيءَ مالڪيءَ لاءِ ڇڪتاڻ، موهه ڪندو آهي. پريم، اِهڙا خود غرضيءَ جا حق ڇڪي ئي ڪين. پريم سيکاري ٿو ته، نه رڳو پنهنجن پيارن کي پيار ڪريون، پر انهن کي به، جن کي اسان جا پيارا پيار ٿا ڪن. پريم پنهنجي روشني چوڌاري ڦهلايو ڇڏي، جا روشني پري پري پکڙجي وڃي. هُوءَ وڃي پنهنجو گهيرو وڌائيندي، ۽ مڙيئي پيارا پنهنجي ڀاڪر ۾ سمائيندي. (مرد جي منهن تي اثر ٿيندو ٿو وڃي.) اهو سڀاويڪ آهي ته جيئن پٽ پنهنجو پيار، ماءُ کان ڊگهيري زال کي ٿو ڏئي، تيئن زال به پنهنجو پيار مڙس کان ڊگهيري ٻار کي ٿي ڏئي. آدجڳاد کان اهو سرشٽيءَ جو نيم آهي، ۽ ڪنهن کي به ان لاءِ ناراض ٿيڻ نه کپي: ڇو ته ان کي ڪوبه آڏو اچي نٿو سگهي. انهيءَ اُتم پکڙندڙ پريم تي ئي ساريءَ سرشٽيءَ جو مدار آهي، ڇو ته اُن ڪري ئي انسان ذات وڌي ويجهي ٿي. ٻيئي ٻڌندڙ خوش نظر اچي رهيا آهن. مرد وڏي امنگ مان زال جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چوي ٿو.)

مرد: اما، تو مون کي پنهنجي پيريءَ جي سياڻپ سيکاري آهي، ۽ منهنجي دل کي درد کان بچايو آهي. ڀڳوان توکي ڀاڙا ڏيندو!

ماءُ: سچو پريم سونُ رُپو نه آهي جو ونڊڻ سان کٽي پوي يا کسجي وڃي. پريم سان ته فقط اهو ئي اصول لاڳو آهي-- ونڊ ورهاءِ، سک پاءِ!"

(مصنف جي ڪتاب، "پنج ننڍڙا ناٽڪ"،

مان شڪريي سان ورتل -- ا.ح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com