منير احمد پنهور
وطن
هر ڪنهن انسان کي پنهنجي وطن سان بي پناهه محبت
هوندي آهي. انهيءَ ڳالهه جو لافاني مثال مارئي
آهي. سنڌ ڌرتي جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته اسان
کي ڪيترن جوڌن جوانن ۽ مانجهي مردن جا مثال ملندا،
جن پنهنجي وطن خاطر مال متاع گهر ٻار ۽ جند جان
قربان ڪيو. اهڙن سچن سورهين مان دولهه دريا خان ۽
هوشو قابل ذڪر آهن. ڄام نندي جي وزير دولهه دريا
خان ارغونن جي حملي جي مقابلي ۾ سنڌ جو پورو دفاع
ڪيو. ۽ ارغون سنڌ فتح نه ڪري سگهيا. جيستائين دريا
خان جيئرو رهيو. جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ
دغا بازي ۽ ٺڳيءَ کان ڪم وٺي سنڌ تي حملو ڪيو ته
سنڌين سندن پورو مقابلو ڪيو ۽ سورهيه جرنيل هوشو
وڙهندي چيو ته:
”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.“ هن اهو واعدو سچو
ڪري ڏيکاريو ۽ سنڌ جي بقا لاءِ وڙهندي جان قربان
ڪيائين.
تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه واضع آهي ته جڏهن
وطن وارن وطن لاءِ قرباني جون جذبو ڏيکاريو آهي ۽
ذاتي فائدا وساري وطن جي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪئي
آهي ته ان قوم تيزيءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئه
ڪيون آهن.
عطا محمد ڀنڀرو
ماڱر
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته ديبل بندر کان ٿورو
ڏور سمونڊ جي ڪناري سان هڪ ڳوٺ آباد هو. پر ڪنهن
سامونڊي طوفان ڪري شهر غرق ٿي ويو هو. ان ڳوٺ جي
رهواسين هڪ ڪچهريءَ ۾ صلاح ڪئي ته هاڻي لهور شهر
جي ڀرپاسي ماڱر جو ڳوٺ آهي اوڏاهين لڏي هلي ويهجي.
اهڙن گهرن کان ماڱر ۾ رهڻ ڀلو آهي.
سو هڪ ڏينهن پرهه ڦٽيءَ جنهن کي جهڙو وهٽ هو، ان
مٿان گهرجو سامان سڙو سٿي ۽ جيڪي بچيو سو هڙون ٻڌي
مٿي تي يا پٺي پاڏئون کڻي ٿيا روانا.
ان ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڇتل نالي رهندي هئي. جڏهن
ٻيا ماڱر ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا ته هي ويچاري به ٻين
سان گڏ هلي پئي.
پر ماڻهو اهڙا تکا تڪڙا نڪري ويا جو هي ننڍڙي
ڇوڪري ڇتل، هڪ ڏاٻڙ ڪتو: هڪ ڪراڙي ڪوڙيءَ نالي ٻيو
سندس مڙس پوڙهو پريو پوئتي رهجي ويا.
ڪراڙي ڪوڙي هلڻ ۾ ته تکڙي هئي پر سندس مڙس پوڙهو
پريو جو آهستي آهستي پئي هليو ته هوءَ به تسبيح
پڙهندي ۽ لٺ کي ٽيڪيندي ان جي آڌار تي پئي آئي.
رستو سمونڊ جي ڪناري سان ۽ ماڱر جو ڳوٺ سمنڊ جي به
ڀرپاسي سان ڪاٿي هو. هلندي هلندي هنن سمنڊ ۾ ڪناري
ڪناري سان مانگر مڇ ڏٺو. پوڙهي پرئي رڙ ڪري چيو:
”اچي ويو مانگر، اسان به ٿڪجي پيا هئاسون“
”چاچا پريا مانگر نه ماڱر“ ڇوڪريءَ پوڙهي پرئي کي
سمجهائيندي چيو، جيڪو ٿورو ڪجهه ٻوڙو به هو.
”اڙي ڪوڙي تو ڇا ٻڌو هو“ پرئي پنهنجي زال کان
پڇيو.
”مان ته مانگر ٻڌو هو“ ڪوڙيءَ وراڻي ڏني.
”اڄ جون ڇوريون آهن وات ڳاڙهيون، وڏن جو نه اٿن
ادب نه لحاظ ڏهه پاٽيون ڏوڪڙ پيون ڳالهائينديون“
پرئي ڪاوڙ جي چيو.
”جيڪي اسان کان اڳي آياسي به انهيءَ مانگر ۾ اندر
هوندا جي انهيءَ ۾ نه هوندا ته ڪنهن ٻئي مانگر ۾
هوندا“ ڪراڙي ڪوڙئي چيو ڇوڪريءَ ڇتل کي به اعتبار
اچي ويو ته شايد هن غلط ٻڌو هوندو. ڪراڙو ۽ ڪراڙي
سچ چوندا هوندا.
هنن ڪناري تان بيهي رڙيون ڪري مانگر کان اندر اچڻ
جي اجازت ورتي پر مانگر ڪجهه به ڪونه ٻڌو. ڪراڙي
پرئي کي ڪجهه ڊڄ به ورتو، سو جوءِ کي چيائين:
”جي هيءُ مانگر آهي“ جنهن ۾ رهبو ته هلو ته هلئون
واپس موئي. جي پراڻو آباڻو ڳوٺ ويو ته هلون ٻه
ڪوهه اڳتي، هلي ٿا ديبل ۾ ديرو ڄمايون.“
”مئا ماريا ڇسا، هتئون هام هڻي آيا آهيون ته وڃئون
ٿا، مانگر ۾ رهڻ پوئتي موٽنداسون ته واه جو ملوڪ
ٺهنداسون. مان وڃانس ٿي اڳئي ڪن جي ڀرسان بيهي ٿي
پڇانس پوءِ مانگر ڇو نه ورندي ڏيندو.
ويچاري ڪوڙي هئي ڪجهه ٻالي ڀولي بودلڙي، سو هن، ڪن
جي بدران ڪلين وٽ بيهي سرٻاٽ ڪري چيس:
”ميان مانگر اسان اندر رهون.“
پر اهو مانگر ته ٻڌوئي ڪونه. سو هوءَ هڪدم ڪاوڙجي
باهه ٿي وئي ۽ چيائين:
”هيءُ بي وقوف اسان کي اندر وڃڻ ڪونه ڇڏيندو، ۽
مان اندر وڃڻ به ڪونه ٿي چاهيان“ ڪوڙيءَ چيو ۽
ڪاوڙ ۾ لَنبِ جون هر سون مانگر جي ڪلين ۾ هڻڻ لڳي.
پوءِ مانگر وٺي جو زور مان ڦوڪارو هنيو ته ڪراڙي
ڪوڙي لٺ ۽ تسبيح سميت اڏاڻي آسمان ڏانهن هلي وئي.
پوءِ سندس مڙس پرئي وٺي ڪيا پويان پير سو به
جاڏهون جو هو تاڏي هليو ويو.
ڇوڪري ڇتل ڏاڍي سياڻي هئي، هوءَ اندر پاڻيءَ ۾ وڃي
مانگر جي اصلي ڪن جي ڀرسان وڃي سرٻاٽ ڪري چيائين:
”مهربان مانگر، اسان اندر اچڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن
اسان کي اجازت آهي ته اسان اندر وڃئون“ پوءِ مانگر
پنهنجو وات پٽيو ڇتل ۽ سندس ڏاٻڙ ڪتو مانگر مڇ جي
پيٽ ۾ اندر هليا ويا. جڏهن هو مانگر جي پيٽ ۾
پهتا، ته انهن ڏٺو ته اتي ته ڪجهه ڪونه هو نه کٽ
نه بسترو نه ڪو ٽپڙ نه ٽاڙي.
”پرئي ڪراڙي جو چوڻ ته سچ هو ته هي ڪنهن به صورت ۾
گهر آهي ئي ڪونه“
مانگر ۾ اندر ڪنهن ديو جي مٿي جا وار هئا، جيڪي
ڪڏهن مانگر ڳٿا هئا.“
هن کي کڻي در تي تڏي طور رکنداسون“ ڇتل دل ۾ چيو.
سو هن اهي کڻي در واري لنگهه تي رکيا جنهن تي وري
ڏاٻڙ ڪتو سمهڻ لڳو.
جڏهن ڏاٻڙ ڪتو ننڊ مان جاڳيو ته چنبن سان هتي هتي
کوٽڻ شروع ڪيائين. مانگر کي ڏاڍو پيٽ ۾ سور معلوم
ٿيو. ڇو ته ايڏي وڏي ڪتي جي اندر پيٽ ۾ کوٽڻ مانگر
مڇ کي مانڌاڻ مچائي ڏنو. سو مانگر ويچارو پاڻيءَ
جي مٿاڇري تي ويو ۽ هڪ جهاز جي ناکئي کي ايلاز
ڪيائين ته، جيڪڏهن وٽس ڪا پيٽ جي سور جي دوا درمل
هجي ته کيس ڏئي. جهاز جي ناکئي وٽ ته ڪجهه ٻيو
ڪونه هو سو پاروٿي گوشت جي پڪل ران کڻي مانگر جي
وات ۾ اڇلايائين. مانگر ان کي ڳهي ويو. جڏهن اها
پڪل جنگهه مانگر جي نڙي مان لهي اندر پهتي سا ڪتي
سٽ هڻي کائي ڇڏي. ڪتي جي بک لٿي ته کوٽڻ به ڇڏي
ڏنائين ته مانگر کان سور به لهي ويو، پوءِ مانگر
پاڻيءَ جي مٿاڇري تي وڃي جهاز جي ناکئي جا ٿورا
مڃيا ته سندس ڏنل دارون ڏاڍو ڀلو هو.
جهاز جي ناکئي کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ”مان ته ڪني
پاروٿي گوشت مان جان ڇڏائي جيڪا مانگر لاءِ دوا
ثابت ٿي.
ڇوڪري ڇتل، ڏاٻڙ ڪتي جهڙي ڀاڳوند نه هئي ڇو ته ان
کي سمهڻ لاءِ ديو جا وار ۽ کائڻ لاءِ گوشت جي ران
ملي وئي هئي. باقي ڇتل بکي ۽ ڏکي هئي. نه وٽس ڪا
سمهڻ لاءِ جاءِ هئي؛ نه کائڻ لاڪا شي، ويچاريءَ
ڇتل سان اها حالت ڳپل ڏينهن هئي.
هيڏانهن وري مانگر کي هنن لاءِ ڏاڍي ڳڻتي هئي. کين
ڳهي ته ڇڏيو هئائين، پر کيس هاڻي فڪر ٿيڻ لڳو هو
ته هو الائي ڪهڙن حالن ۾ هوندا. ڪيئن گذاريندا
هوندا. الائي ڏک ۾ هوندا الائي سک هوندا. کيس ننڍي
ڇوڪري بابت ڪابه خبر ڪونه هئي. هن کي اها ته خبر
هئي ته ڇوڪريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجهه کپي. پر ڇا کپي
ان لاءِ کيس ڪابه خبر ڪونه هئي. سو هن پنهنجي اندر
ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڇوڪريءَ سان ڳالهائي
ڪونه سگهيو. اندر ڳالهائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه، هن جيڪو
ڳالهايو پئي سو سڀ ٻاهر ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
هو ڪوسي ڪمر بند ڏانهن تري ويو جتي کيس هڪ ڏاهو
طوطو سمجهندو هو ۽ کانئس اهڙي صلاح گهريائين. طوطي
جيڪو کيس ٻڌايو سو ڏاڍو سولو هو ۽ هو پوءِ هڪ ٻيٽ
ڏانهن اڏاڻو جتي هڪ وڏو نانگ رهندو هو. طوطي ان
نانگ جي منڍي ۽ پڇڙي پٽي ڦٽي ڪئي باقي ٻيو نانگ
کڻي مانگر وٽ آيو. نانگ مانگر جي نڙيءَ ۾ وڌائين
جيئن نانگ جو هڪ ڇيڙو مانگر جي وات ۾ هو ۽ ٻيو ان
جاءِ تي جاٿي ڇوڪري ڇتل ۽ ڪتو رهندا هئا.
هاڻي توکي ڳالهائڻ لاءِ هڪ نالي آهي. تون نانگ جي
هڪ ڇيڙي ۾ ڳالهائيندي ته تنهنجو ڳالهاء ٻئي ڇيڙي
وٽ ٻڌڻ ۾ ايندو يعني تنهنجي اندر پيٽ ۾.
سو مانگر جڏهن ”هلو“ چيو ته اهو ”هلو“ مانگر جي
پيٽ ۾ ڇوڪري بلڪل چٽو ٻڌو.
”توکي ڇا گهرجي“ مانگر ڇوڪريءَ کان پڇيو.
”مون کي کائڻ لاءِ ڪجهه کپي بک لڳي آهي“ ڇوڪريءَ
وراڻي ڏني مانگر طوطي کي ٻڌايو ته ڇوڪريءَ کي ڪجهه
کائڻ لاءِ کپي ۽ کانئس اهو به پڇيائين ٻار ڇا
کائيندا آهن.
”ٻارڙا چانورن جو ڀت کائيندا آهن“ طوطي چيو ۽ هن
وٽ وڏي پيالي ۾ پيو هو اهو کڻي هن نانگ جي هڪ پاسي
کان اوتيو ته اندر ڇوڪريءَ وٽ وڃي پهتو ۽ ڇوڪري
ڍءُ ڪري کاڌو.
جڏهن هن ڀت کائي بس ڪئي ته نانگ جي هڪ پاسي کان
چيائين ”هلو“ ته مانگر کيس جواب ۾ چيو ”هلو“.
”مون کي سمهڻ لاءِ بسترو ملي سگهندو“؟
”ڇوڪريءَ کي بسترو گهرجي“ مانگر طوطي کي ٻڌايو
سمنڊ ۾ هڪ ”ياڪي“ نالي بندر اٿئي اتي تون وڃ.
جسوڌن نالي هڪ ماڻهو اٿئي ان کان وڃي تون ڇوڪريءَ
لاءِ بسترو گهر“ اهو چئي طوطو اڏاڻو هليو ويو.
جڏهن مانگر ياڪي بندر پهچي جسوڌن جي هٽ ۾ اندر
ويو. انجي نوڪر کانئس اچڻ جو سبب پڇيو ته مانگر
کيس جواب ۾ چيو:
”مون کي هڪ سٺو بسترو گهرجي“
”ڇا؟ بسترو؟“ نوڪر اهو چئي ڊڄ کان پوئتي هٽي ويو.
”اسان کي خبر نه آهي ته اسان وٽ ڪو اهڙو بسترو آهي
جيڪو اوهان کي پورو ايندو هجي“ هن وراڻي ڏني،
(ڏاڍو فڪرمند پئي ڏٺو. ”ڇو نه هوندو، بيوقوف، مون
کي فقط هڪ عام بسترو گهرجي“ مانگر کيس چيو.
”هوندو، پر هڪ عام رواجي وڏيءَ ڊيگهه وارو هجي
ائين نه؟“ نوڪر چيو ”نه بلڪل نه، چريا، البت ننڍڙو
هجي“ مانگر کيس چيو، هن هڪ ننڍڙو بسترو ڏٺو، جيڪو
ڪنڊ ۾ پيو هو.
”مان سمجهان ٿو ته اهو مونکي پورو ٿيندو“ هن چيو.
”اهو تون خريد ڪري سگهين ٿو، پر تون بيوقوف آهين
جو سمجهين ٿو ته اهو توکي پورو ٿيندو“ هن مانگر کي
وراڻي ڏني.
”اهو مونکي اندروني پوراڻي لاءِ گهرجي نه ٻاهر
لاءِ“ مانگر چيو.
کيس جڏهن يقين ٿيو ته اهي سڀ پورا ٿيندا ته هن هڪ
هڪ ڪري ڳهڻ شروع ڪيا. وهاڻا، پٿريڻون، رلي، سوڙ
وغيره وغيره جڏهن اهي اندر پهتا ته ڇوڪريءَ جو
بسترو تيار ٿي ويو ۽ ان تي سمهي ننڊ ڪيائين.
تنهن کان پوءِ مانگر وري وچ سمنڊ ڏانهن هليو ويو ۽
هاڻي ننڍڙي ڇوڪري ۽ ڏاٻڙ ڪتي جي سمهڻ ۽ کائڻ پئڻ
لاءِ مڪمل بندوبست ٿي چڪو هو.
اهو ماڻهو ڪهڙو نه سچو هو جنهن چيو هو ڪنن گهرن
کان مانگر ۾ رهڻ ڪيڏو نه مزيدار آهي.
۽ ان ڪري اهي اتي رهي پيا.
۽ طوطو کين روزانو کير پيل چانورن جو ڀت ڏئي ويندو
هو.
ڪلهه به ڏٺاسون ته خوش هئا!
علي محمد ”درد“ سولنگي
گيت
جيئي جيئي سنڌ سونهاري.
ڀونءَ ڀٽائيءَ جي ته ڀلاري.
سرسبز ٻنيون ٻارا هن جا،
وسندا رهن شل چارا هن جا،
هجي چوڌاري باغ بهاري.
جيئي جيئي سنڌُ سونهاري.
مارئي ٻاگهل ۽ بختاور،
ڌرتيءَ جون ته بهادر ڌيئر،
ٿڃ ملهائي جن ڏيکاري.
جيئي جيئي سنڌُ سونهاري.
جيئي ڪينجهر، ڪارونجهر، منڇر،
ريتي کان وٺي ڪيٽي بندر
دادو مورو گهوڙا ٻاري.
جيئي جيئي سنڌ سونهاري.
دودو، درياءُ شان اسانجو،
هوشو، هيمو، سانُ اسانجو،
سنڌڙيءَ تان جن جندڙي واري.
جيئي جيئي سنڌُ سونهاري.
گاجي شاهه، عنايت ۽ غازي،
سمن، قلندر، سچل، اصحابي،
نوح، بلاول هتڙي بخاري.
جيئي جيئي سنڌُ سونهاري.
سِر سنڌڙي تان گهوري ڇڏبو،
ڀينڍ به ڪنهن کي ڪينڪي ڏيبو،
سون برابر ڀٽ جي واري.
جيئي جيئي سنڌُ سونهاري.
ليکڪا: يونائيس ڊي سوازا!: ترجمو: قربان جعفري
قسط:1
اڪبر جي بيربل سان ملاقات
مس يونائيس ڊي سوزا بمبئي جي سينٽ سيويئر ڪاليج ۾
انگريزي ادب جي ليڪچرار آهي. تنهن کان سواءِ دي
اڪنامڪ ٽائيمز ۾ آرٽس تي هفتيوار ڪالم سان گڏوگڏ،
ٽائميز آف انڊيا لاءِ ڪتابن تي تبصرا پڻ ڪندي آهي.
مس ڊي سوزا بيربل بابت ٻه ڪتاب لکيا آهن. بيربل
شهنشاهه اڪبر جو من پسند وزير هو. سندس شمار اڪبري
درٻار جي نورتن ۾ ٿئي ٿو. هن جي ذهانت ۽ ظرافت
مثالي آهي.
تازو زي ٽيليويزن تان ’اڪبر بيربل‘ سيريز پڻ نشر
ٿي چڪي آهي.
اونهاري جي هڪڙي گرم ڏينهن، اڪبر پنهنجي دوستن
سان شڪار تي ويو. هنن ميلن تائين مسافري ڪئي پر
کين ڪو جانور نظر ڪين آيو. هو جلدي ٿڪجي پيا ۽ کين
اُڃ لڳي پر کين ڪو دريا نظر ڪين ٿي آيو. ”هلو ته
ويجهڙي ڳوٺ ڏانهن هلون،“ آخرڪار اڪبر چيو. ”پڪ
اسين هتي ڪو تلاءَ ڳولهي لهنداسين.“
جيئن اڪبر ۽ سندس دوست رستي تان پئي ويا. اڪبر
هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري کي ڏٺو جيڪو پنهنجي مٿي تي ڪاٺين
جي ڀري کنيو پئي ويو. هو سندس ڀرسان اچي رڪيو ۽
پڇيائينس ته هو ڇا ڳولي رهيا آهن. هنن کي ڏاڍي اُڃ
لڳي هئي. ان لاءِ هنن چيو ته اسين پاڻي جي تلاش ۾
آهيون ”منهنجي گهر جي ويجهو هڪڙو تلاء آهي،“ ڇوڪري
چيو، ”مونکي اوهان کي هتي وٺي هلڻ ۾ خوشي ٿيندي.“
هر هڪ هڪدم پاڻ کي وڌيڪ بهتر محسوس ڪرڻ لڳو، ”ٽپ
ڏئي منهنجي گهوڙي تي چڙهه،“ هڪڙي درٻاري چيو،
”اهڙي طرح اسين هتي تمام جلدي پهچي وينداسين.“
جيئن هو ٽاپ ٽاپ ڪندا پئي ويا، اڪبر ڇوڪري ڏانهن
رخ ڪيو ڇاڪاڻ ته کيس سندس مرڪڻو منهن پسند آيو هو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن پڇيو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ڇوڪري واپسي ۾ پڇيو.
اڪبر کي ڏاڍو عجب لڳو. هن کان اڳ ۾ ڪنهن به اهڙي
ريت ساڻس ڪين ڳالهايو هو، توکي خبر آهي ته مان ڪير
آهيان؟“ هن ٿورو خفي ٿيندي پڇيو.
”ڇا توکي ڳوٺ جي برهمڻ پوڄاري جي نالي جي خبر
آهي؟“ ڇوڪري ساڳي شرارتي مرڪ سان پڇيو.
”نه،“ اڪبر چيو.
”منهنجو جواب به ساڳيو آهي.“ ڇوڪري وراڻيو.
انهي مهل هو تلاء وٽ اچي پهتا. ڇوڪرو ٽپ ڏئي هيٺ
لٿو، جيئن سڀني کي پيئارڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏي. جڏهن
هو اڪبر وٽ آيو، بادشاهه پنهنجي ياقوت واري منڊي
لاٿي، ۽ اها ڇوڪري کي ڏني. چيائين، ”هي کڻ، اها
توکي ٻڌائيندي ته مان ڪير آهيان.“
جڏهن ڇوڪري بادشاهه جي مهر ڏٺي بيحد اچرج ۾ پئجي
ويو، هن کان هڪڙو لفظ به اُڪليو نٿي ٿيو. ”جڏهن
تون وڏو ٿين،“ اڪبر چيو، ”دهلي درٻار ڏانهن
اچجانءِ. تون مونکي هتي ڳولهي وٺندين.“ ۽ هو
پنهنجي دوستن سان گڏ روانو ٿي ويو.
اوچتو ڇوڪري کي ياد آيو ته هن بادشاهه کي پنهنجو
نالو ڪين ٻڌايو هو، هو گهوڙي سوار جي پٺيان رڙيون
ڪندي ڊوڙيو، ”مهيش داس، مهيش داس، منهنجو نالو
مهيش داس آهي....“ پر بادشاهه ٻڌڻ کان گهڻو پري
وڃي چڪو هو.
جڏهن مهيش سورنهن سالن جو ٿيو هن جي مامي چيو،
”مهيش، هاڻي تولاءِ وقت اچي ويو آهي ته گهر ڇڏي، ۽
ڏوراهين ڏيهن جو سير سفر ڪرين، مان چاهيان ٿو ته
هر هڪ کي خبر پئي ته تون ڪيترو سٺو ۽ هوشيار آهين
مان چاهيان ٿو ته تون مشهور ٿين، جيئن تنهنجي ماءُ
توتي فخر ڪري.
مهيش کي بادشاهه جي آڇ ياد هئي. هن چيو ”مان دهلي
پاسي اڪبر جي درٻار ڏانهن ويندس.“ جڏهن هن پنهنجي
ماءُ کي الوداع چئي ته هو دکي هو. هن کيس اها
ياقوت واري منڊي ڏني، جيڪا اڪبر کيس ڏني هئي ۽
چيو، ”جڏهن به تون هن منڊي کي ڏسين ته مون کي ياد
ڪري ۽ مون کي دعا ڪجان.“
دهلي تمام ڏور هئي جڏهن هو محل جي دروازن وٽ اچي
پهتو. هن دربان کي منٿ ڪئي ته هو کيس اندر وڃڻ ڏي.
”هڪڙي ڏينهن مان مشهور ٿيندس. ”هن چيو،“ ۽ پوءِ
مان توکي چڱي انعام ڏيندس.“
دربان دروازا کولي ڇڏيا. مهيش اچرج ۾ سنگ مر مر جي
ڦوهارن ۽ اڪريل ڀتين کي ڏسڻ لڳو.
ڪجهه فاصلي تي هن اڪبر کي هڪڙي سون جي تخت تي ويٺل
ڏٺو. هن جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙاڪا هئا. مهيش هنن
ڏانهن ويو. هن بادشاهه کي درٻارين کان پڇندي ٻڌو،
”دنيا ۾ سڀني کان سهڻو گل ڪهڙو آهي؟“
”گلاب،“ هڪڙي چيو.
”ڪنول،“ ٻئي چيو.
”ياسمين،“ ٽئين چيو.
”منهنجي خيال ۾ ڪپهه جو گل بهترين آهي،“ مهيش چيو.
درٻار ۾ ٽهڪن جو ٽاڪوڙو پئجي ويو. ”ڪپهه جو گل!“
هو وائڙا هئا. ”ڇا خيال آهي! ڪپهه جو گل نه سهڻو
آهي نه ئي ان ۾ ڪا خوشبو آهي.“
”تنهنجو مطلب ڇا آهي، ”اڪبر پڇيو، جڏهن آواز جهڪو
ٿيو، ”ڇا تون پنهنجو مطلب سمجهائي سگهين ٿو؟“
”اعليٰ حضرت،“ مهيش چيو، ”ڪپهه جي گل مان اسان کي
اهي سڀئي عمدا ڪپڙا ملن ٿا جنهن لاءِ اوهان جي
بادشاهي سڃاتي وڃي ٿي. اونهاري لاءِ ململ ۽ عورتن
لاءِ نقاب، هوا جيان هلڪا، ۽ انڊلٺ جيان سهڻا،
ڪپهه جو گل ٻئي ڪنهن گل کان وڌيڪ مون کي لطف ڏئي
ٿو.“
اڪبر جواب کان خوش ٿي مرڪيو. ”تنهنجو نالو ڇاهي؟
”هن پڇيو، ”۽ تون ڪٿان آيو آهين؟“
”منهنجو نالو مهيش داس آهي.“ ڇوڪري چيو ”مان تلاء
واري ڳوٺ کان آيو آهيان حضور عالي، هڪڙي ڀيري گهڻو
اڳ اتي آيا هئا.“
”تون مونکي ياد آهين،“ اڪبر وري مرڪندي چيو، جيئن
هن کي اهو ننڍڙو ڇوڪرو ياد اچي ويو، جيڪو کيس گڏيو
هو ۽ بيحد حاظر جواب هو.
”مونکي خوشي آهي ته تون آيو آهين ۽ هن ڏينهن کان
مان توکي بيربل سڏيندس، جنهن جي معنيٰ آهي ڏاهو.“ |