حال احوال
پيارا ٻارو، گل ڦل اپريل جو پرچو جڏهن اوهان جي
هٿن ۾ پهچندو، تڏهن اوهين نائين ۽ ڏهين جماعت جا
امتحان ڏئي چڪا هوندا، جن ٻارن سٺا پرچا ڪيا
هوندا، سي ڏاڍو خوش هوندا. پر هوشيار ٻار ڪجهه
مايوس به هوندا. ڇو ته نقل ڪندڙ ٻار ڪڏهن انهن کان
سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندا آهن. پر اڳتي هلي اهي نقل
ڪندڙ ٻار عملي زندگي ۾ پريشان ٿيندا آهن. ان لاءِ
هوشيار ٻارن کي دل هارڻ نه گهرجي. پر وڌيڪ محنت
ڪرڻ گهرجي ڇو جو مستقبل ۾ اهي ئي سوڀارا ٿيندا.
نقل ڪندڙ ٻارن جو حال ته اوهان امتحان هال ۾ ڏسي
چڪا هوندا. جڏهن هو ڪاپي ڪندي پڪڙبا آهن. ۽ پوءِ
شرمسار ٿيندا آهن ۽ استاد کي منٿ ميڙ ڪندا آهن. ڪي
ٻار ته ڪاپي ڪيس ۾ فيل به ٿيندا آهن. ان لاءِ هي
دور آهي انهن ٻارن جو جيڪي محنت ڪندا. ۽ انهن کي
ئي محنت جو ڦل ملندو. اسان جي دعا آهي ته سنڌ جو
ٻار محنت ڪري ۽ پنهنجي هوشيارپ ۽ ڏاهپ سان سٺن
عهدن تي پهچي، سنڌ جي خدمت ڪري.
ڪن ٻارن رسالي دير ملڻ جي شڪايت ڪئي آهي.
ٻارو، ڪن مجبورين سبب ائين ٿئي ٿو. ان لاءِ اسين
اوهان کان معذرت گهرون ٿا. ۽ اها اميد رکون ٿا ته
اوهين گل ڦل سان پنهنجو ناتو ڪڏهن به نه ڇنندا.
اوهانجو چاچا، اڪبر جسڪاڻي
ڪلياڻ آڏواڻي
لطيفي لات
سنهي سُئي سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
هِنئون منهنجو هُت ٿيو، هت مٽ ۽ ماهه،
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
مٿيون بيت شاهه جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت
سُر مارئي جي داستان ستين جو نائون نمبر بيت آهي.
سمجھاڻي:
هن بيت ۾ مارئي مارن سان محبت جو اظهار ڪندي چوي
ٿي ته: ”منهنجو روح ماروئڙن سان نينهن جي سنهي
سُئي سان سبيل آهي. اي عمر سومرا مان گولاڙا ۽
گاهه ويٺي ياد ڪريان. منهنجو من هُت (ملير ۾) آهي
۽ هت مِٽي جو بُت ۽ ماس اٿم، منهنجي جان پکن ۾
آهي. ۽ جسم ڪوٽ ۾.“
معنيٰ:
ماههُ
=
ماس. قالبُ=
بدن
ادارو
حج اسلام جو هڪ اهم رڪن آهي ۽ اهو هر هڪ هوندي
واري صحتمند مسلمان تي فرض آهي انجي ادا ڪرڻ لاءِ
هر هڪ مسلمان مختلف سوارين وسيلي عربستان جي شهر
مڪي شريف پهچندا آهن. هي هڪ پاڪ شهر آهي. جتي
مسلمانن جي دين جو مرڪز خانه ڪعبة الله شريف موجود
آهي. ان پاڪ شهر ۾ حضرت نبي ڪريم ﷺ جن پيدا ٿيا ۽
اتي ئي کين نبوت ملي هئي.
حاجي صاحبان جڏهن مڪي شريف کان ڪجهه مفاصلي تي
هوندا آهن تڏهن پنهنجا روائتي ڪپڙا لاهي، اڇي ڪپڙي
جون اڻ سبيل چادرون، هڪڙي گوڏ ڪري ٻڌندا آهن ۽ ٻئي
سان بت ڍڪيندا آهن. ۽ پنهنجي پيرن جون جتيون لاهي.
ڪاٺ جون چاکڙيون پائيندا آهن. ان کي احرام ٻڌڻ
چوندا آهن. تنهن کان پوءِ حج جي نيت ڪري اڳتي
هلندا آهن. انهيءَ حالت ۾ ڪنهن به ساهه واري شيءِ
کي نه ماريندا آهن. بلڪه مٿو به نه کنندا آهن ته
متان ڪا جونءَ وغيره نه مري پوي ۽ سنوارت به نه
ڪرائيندا آهن پوءِ مڪي شريف ڏي منهن ڪري مقرر ڪيل
دعائون پڙهندا ۽ لبيڪ لبيڪ، چوندا هلندا ويندا
آهن. لبيڪ جي معنيٰ آهي ”اجهو آءُ آيس“ جيئن ڪنهن
سڏ جو جواب ڏبو آهي. جڏهن ڪعبي شريف وٽ پهچندا آهن
ته ان کي چوڌاري ست ڦيرا ڏيندا آهن. (ٽي ڀيرا
ڊوڙندي ۽ چار ڀيرا آهستي) ۽ چوندا آهن.
تلبيه
لَبّيکَ، اَللّهُمَّ لَبَّيکَ
ط
لَبَّيکَ لاَشَرِيکَ
لَکَ لَبَّيکَ اِنَّ الَحمدَ وَلنّعمَةَ لَکَ
وَامُلکَ
ط
لاَشرِيکَ لَکَ
ترجمو: (مَان حاضر آهيان يا الله مان حاضر آهيان
تنهنجو ڪو به شريڪ نه آهي. مان حاضر آهيان.)
(بيشڪ سڀ تعريفون ۽ نعمتون تنهنجي لاءِ آهن ۽ ملڪ
به تنهنجو ڪو شريڪ نه آهي.) ۽ ڦيري ڦيري سان ڪعبي
شريف جا ڪنڊ ۾ رکيل ڪاري پٿر ”حجر اسود“ کي چمندا
آهن. انهيءَ ڦرڻ کي ”طواف“ چوندا آهن. ان کان پوءِ
مقام ابراهيم تي ويندا آهن ۽ زم زم جي کوهه مان
ٿورو پاڻي پي وري به اچي ”حجر اسود“ کي چمندا آهن.
پوءِ ٻن جبل جي ٽڪرين صفا ۽ مروه جي وچ ۾ منهن مٿي
ڪري ست ڀيرا ڊوڙندا آهن.
ذوالحج مهيني جي اٺين تاريخ تي حاجي صاحبان منا ڏي
ويندا آهن. جا مڪي شريف کان ٽي ميل پري آهي ۽ اتي
هڪ رات رهندا آهن. نائين تاريخ تي حاجي صاحبان
عرفان جي ميدان تي گڏ ٿيندا آهن جا مڪي شريف کان
يارهن ميلن تي آهي. اُتي هڪ جبل جي ٽڪريءَ تي خطبو
پڙهيو ويندو آهي. جو ٻڌندا آهن. ساڳيءَ ڏينهن شام
جو دور عرفان ۽ منا جي اڌ پنڌ تي اچي ست پهڻيون
چونڊي کڻندا آهن ۽ ڏهين تاريخ مِنا ۾ اچي، بيٺل ٽن
ٿنڀن (شيطان) کي هڻندا آهن ان کي رجمي چئبو آهي،
ان کان پوءِ اُٺ، ٻڪريون يعني حلال جانورن کي ڪُهي
قرباني ڪندا آهن. تيرهين تاريخ تائين حاجي صاحبان
اتي رهي صدقه وغيره ڪندا آهن، پوءِ مڪي شريف ڏانهن
موٽندا آهن ۽ وري طواف ڪري موڪلائي نڪرندا آهن.
موٽ تي مٿا ڪوڙائي پنهنجا رواجي ڪپڙا ڍڪيندا آهن.
حج جي ختم ٿيڻ کان پوءِ حاجي صاحبان مديني منوره
ڏانهن روانا ٿي ويندا آهن ۽ اتي پنهنجي پياري نبي
حضرت محمد ﷺ جن جي روضي پاڪ جي زيارت جو شرف حاصل
ڪندا آهن. ۽ مسجد نبوي جي زيارت ڪندا آهن جنهن جو
بنياد رسول ڪريم ﷺ جن پاڻ پنهنجي اصحابن سان گڏ
وڌو هو. انهن جي زيارتن کان فارغ ٿي پنهنجي وطن
ڏانهن موٽندا آهن.
عيدالاضحيٰ:
عيد ذوالحج مهيني جي ڏهين تاريخ تي ملهائي ويندي
آهي. هيءَ عيد حقيقت ۾ ماڻهوءَ کي الله تعاليٰ جي
راهه ۾ قرباني ڏيڻ ۾ پيش ڪرڻ جي جذبي کي پختو رکڻ
جو درس ڏئي ٿي.
عيدالاضحيٰ جي لغوي معنيٰ آهي ”قرباني جي عيد“ ان
ڏينهن تي حضرت ابراهيم جي عظيم قرباني جي واقعي جي
ياد تازه ڪرڻ لاءِ جانور قربان ڪيا ويندا آهن. ان
عيد کي ”بقره عيد“ جو به نالو ڏنو ويندو آهي. بقره
عربيءَ ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي
”ڳئون“ ڇو ته ان ڏينهن ڳئون جي قرباني به گهڻي
ڀاڱي ڪئي ويندي آهي.
پيارا ٻارو، الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ بندن کي هميشه
آزمائيندو آهي، اهڙي طرح الله تعاليٰ پنهنجي پياري
نبي حضرت ابراهيم عليه الاسلام کي به گهڻن ئي
ڳالهين ۾ آزمايائين، پاڻ سڀني آزمائشن ۾ ڪامياب
رهيا. ان ڪاميابين کان پوءِ الله تعاليٰ کين خواب
۾ حڪم ڏنو ته پنهنجي پياري شيءِ قربان ڪر، ان خواب
جي ڳالهه حضرت ابراهيم عليه الاسلام پنهنجي سڪيلڌي
۽ پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه الالسلام سان ڪئي ته
مان روزانو اهڙو خواب ڏسي رهيو آهيان، جنهن ۾
پياري کان پياري شيءِ قربان ڪرڻ جو حڪم ملي رهيو
آهي ۽ توکان سواءِ ته ٻي ڪا شيءِ ايتري پياري
ڪانهي، لائق ۽ فرمانبردار پٽ پنهنجي والد صاحب جي
سموري ڳالهه ٻڌي ڪري ادب سان جواب ڏنو ته بابا
سائين جيڪو به توهان کي حڪم ملي رهيو آهي، توهان
پورو ڪيو. انشاءِ الله توهان مون کي صابرين ڏسندؤ.
پنهنجي هٿن سان پنهنجي اولاد کي ذبح ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو
ڪم آهي ۽ اهڙو اولاد جيڪو ماءُ پيءُ کي هڪڙو هجي ۽
ورهين جي دعائن کان پوءِ نصيب ٿيو هجي. جيئن ته
حڪم خداوندي هو ۽ حضرت ابراهيم عليه الاسلام
پنهنجي پٽ جي محبت کي وساري الله سائين جي حڪم آڏو
ڪنڌ نمائي ڇڏيو. ۽ پياري پٽ کي ساڻ وٺي جهنگ ڏي
روانا ٿيا. گهاٽي جهنگ ۾ حضرت ابراهيم عليه حضرت
اسماعيل عليه کي زمين تي پاسيرو ڪري ليٽايو ته
جيئن پٽ جو منهن ڏسي. هٿن ۾ ڪا لرزش نه اچي. پوءِ
تکي ڇريءَ سان بسم الله پڙهي ڪري تڪبير وهايائين،
ان وقت الله تعاليٰ جي رحمت جوش ۾ اچي وئي ۽
ملائڪن بهشت مان هڪ دنبو کڻي آڻي، حضرت اسماعيل جي
جاءِ تي ليٽائي ڇڏيو، جيڪو ذبح ٿي ويو ۽ حضرت
اسماعيل عليه جيئرو سلامت رهيو.
حضرت ابراهيم عليه اطاعت الاهي جو بي مثال نمونو
پيش ڪيو جيڪو الله تعاليٰ کي وڻيو ۽ قبول پيو، ان
ڏينهن کان وٺي قرباني ڪرڻ کي سنت ابراهيمي جو درجو
ڏنو ويو آهي ۽ اڄ به سڄي دنيا جا مسلمان ان عظيم
الشان روايت تي عمل ڪندي هر سال جانورن جي قرباني
ڪندا آهن.
پيارا ٻارو! خوشيءَ جو ڪو به ڏهاڙو هجي. اسان کي
پنهنجي خوشين ۾ انهن ماڻهن کي به ضرور ياد رکيو
وڃي. جيڪي محرومين جو شڪار آهن ۽ غريب هجڻ ڪري ان
خوشين کي ملهائڻ جي همٿ نٿا رکن. اها صرف انساني
همدردي جي ڳالهه نه آهي پر دين اسلام جي تعليم به
آهي ته پنهنجي خوشي ۾ اُنهن کي شامل ڪريون، يعنيٰ
قرباني جو گوشت ڪجهه پنهنجي لاءِ رکجي باقي پاڙي ۾
مسڪين ماڻهن ۾ ورهائي ڏجي. جيئن هو به ان خوشيءَ ۾
شامل ٿين.
انور علي لوهار
عيد آئي
عيد آئي عيد آئي،
هر ٻار جي وات ۾ اها آهي وائي.
اٿو، جلدي ڪرو هلون عيد نماز پڙهڻ،
پوءِ اسان وڃون پينگهن تي لڏڻ.
صبح سويري نوان ڪپڙا پاتاسين،
پوءِ گهر کان ٻاهر نڪتاسين.
اڄ ابي، امان کان خرچي وٺنداسين،
پوءِ بازار اسان وينداسين.
پوءِ خوب مٺايون کائينداسين،
هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏينداسين.
اڄ ڪنهن سان به ڪونه وڙهنداسين،
سارو ڏينهن امن سان رهنداسين.
اڄ ڪينو دل مان ڪڍنداسين
عزيز بلال بروهي
ٻالڪ پيارا
صلح ساڻ
ٻارو
رهو گڏ سڀئي
مدد هڪ ٻئي جي
ڪيو گڏجي سڀ
سبق
هڪ ٻئي کي
ٻڌايو توهان.
ڀٽائي جي ورسي ملهايو توهان.
سويري سمهڻ ئي
چڱو آه ٻارو!
چيو جيڪو
وٺندو،
سو لڳندو پيارو.
هميشه ئي
مڪتب سان الفت رکو،
چڱن دوستن ساڻ،
چاهت رکو.
سخنور سچارا
ٿي جڳ ۾ جيئو. |