غلام مصطفيٰ سولنگي
ڊاڪٽر اني ميري شمل
اسان جو سنڌ پرڳڻو صدين کان پنهنجي تهذيبي، ثقافتي
۽ علمي خوشحاليءَ جي ڪري ٻاهرين اسڪالرن، ڏاهن ۽
سياحن لاءِڪشش جو باعث پئي رهيو. هندستان ۾ ايسٽ
انڊيا ڪمپني قائم ڪرڻ کان پوءِ انگريزن پنهجا پير
مضبوطيءَ سان ڄمايا ۽ پنهنجي سامراجي مقصدن جي
پورائي لاءِ هنن سنڌ پرڳڻي کي تمام گھڻي اهميت
ڏني. هڪ طرف ته اسان جو معاشي استحصال ڪيو، پر ٻئي
طرف وري هنن سنڌ جي علمي ورثي مٿان چڙهيل لٽ لاهي
سنڌين مٿان وڏو احسان ڪيو.اسان مٿان علمي حوالي
سان احسان ڪندڙن جي نالن جي هڪ ڊگھي لسٽ آهي.
ڊاڪٽرارنيسٽ ٽرمپ ۽ سر بارٽل فريئر کان وٺي هاڻوڪي
دور جي جڳ مشهور اسڪالر ڊاڪٽر اني ميري شمل تائين
جو هڪ ڊگھو سفر آهي، جنهن ۾ انهن عالمن ۽ ڏاهن سنڌ
جي تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ علم و ادب کي ڏيهان ڏيهه
مشهور ڪرايو ۽ اهڙي طرح اسان جو مان مٿانهون ڪيو.
ٻين عالمن ۽اسڪالرن سميت اسان کي ڊاڪٽر اني ميري
شمل تي پڻ وڏو فخر ڪرڻ گھرجي، جنهن حقيقي معنيٰ ۾
سنڌ جي وڏي علمي خدمت ڪئي آهي، اهوئي سبب آهي جو
ڊاڪٽر شمل نه صرف علمي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏي شهرت رکي
ٿي، پر هوءَ عوام ۾ پڻ گھڻي مقبول آهي.
ڊاڪٽر شمل 7 اپريل 1922ع ۾ اوڀر جرمني جي شهر
ارفرٽ ۾ پيدا ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل
ڪرڻ کان پوءِ هن برلن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا
ورتي،جتان عربي، فارسي، ترڪي اردو ۽ اسلامي آرٽ ۾
ڊگري ورتائين، 1941ع ۾ ڊاڪٽريٽ (پي.ايڇ.ڊي) ڪرڻ
کان پوءِکيس فارين آفيس ۾ نوڪري ملي وئي، پر
پنهنجي علمي ۽ تحقيقي ذوق ڪري کيس اتي مزو ڪونه
آيو ۽ 1945ع ۾ ٻئي مهاڀاري لڙائي ختم ٿيڻ کان پوءِ
هن استعيفا ڏني ۽ پوءِ برلن يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ
پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائڻ لڳي. 1953ع ۾ وري کيس
يونيورسٽي آف ماربرگ ۾ اسلامڪ لينگويجز اينڊ سائنس
آف اسلام (اسلامي ٻوليون ۽ اسلام جو علم) جي
پروفيسر طور مقرر ڪيو ويو هڪ سال يونيورسٽي آف
ماربرگ ۾ پڙهائڻ کان پوءِ ترڪي سرڪار جي دعوت تي
هن انقره يونيورسٽي ۾ مذهبن جي تاريخ
(History of Religions)
پڙهائڻ شروع ڪئي ۽ اڄڪلهه هوءِ
هارورڊ يونيورسٽي ۾ ”انڊو مسلم ڪلچر“ جي پروفيسر
آهي.
ڊاڪٽر شمل جنوري 1958ع ۾ پهريون ڀيرو اقبال
اڪيڊمي لاهور جي دعوت تي پاڪستان آئي هئي. ان دعوت
۾ ساڻس ملاقات جڳ مشهور ڏاهي، اسڪالر ۽ سنڌ جي
سپوت پري حسام الدين راشدي سان ٿي، جنهن کيس سنڌ
جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، علم ۽ ادب ۽ صوفي شاعرن
جي شاعريءَ کان سونهون ڪيو. پوءِ پاڻ سنڌ جي
تاريخ، ثقافت ۽ علم و ادب ۾ ايتري ته گھري دلچسپي
ڏيکاريائين جو ٿوري وقت ۾ نه فقط هن سنڌ جي تاريخ
۽ ثقافت جو اونهون اڀياس ڪيو. پر ڪيترائي علمي ۽
تحقيقي مقالا لکي دنيا جي مشهور رسالن ۽ اخبارن
شايع ڪرائي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي دنيا جي ڪنڊ
ڪُڙڇ ۾ پهچايائين. ڊاڪٽر شمل سنڌ جي حوالي سان
جيڪي ادبي ۽ تحقيقي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، سي
وسارڻ جوڳا هرگز ناهن.سندس علمي خدمتن جي مڃتا طور
پاڪستان سرڪار کيس 1965ع ۾ ”ستارا قائداعظم“جو
اعزاز عطا ڪيو، ان کان پوءِ 23 مارچ 1983ع تي کيس
ملڪ جو سڀ کان وڏو شهري اعزاز ”هلال امتياز “ پڻ
ڏنو ويو. ان کان سواءِ 1975ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي
پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي.
ڊاڪٽر شمل سنڌي سميت پندرهن کن ٻولين تي وڏو عبور
رکي ٿي، جن ۾ عربي، فارسي، جرمن، فرينچ، ترڪي،
انگريزي؛ چيني، اردو، هندي وغيره شامل آهن، پاڻ
جڏهن 1985ع ۾ پير حسام الدين راشدي وٽ”مڪلي نامو“
ڏٺائين ته کيس اهو پڙهڻ جو شوق جاگيو، پر جئين ته
اهو سنڌيءِ ۾ لکيل هو، تنهنڪري هوءِ اهو ڪتاب ڪونه
پڙهي سگھي. ان ڪتاب کي پڙهي سگھڻ سندس لاءِ هڪ وڏو
چئلنج هو. ان ڪري پير صاحب جي مدد سان هن سنڌي
ٻولي سکڻ شروع ڪئي ۽ ٿوري عرصي ۾ هن سنڌي تي عبور
حاصل ڪري ورتو ۽ پوءِ پاڻ پير صاحب سان سنڌي ۾ خط
و ڪتابت ڪندي هئي. ان کان سواءِ پاڻ سنڌي جي هڪ
ڊڪشنري به تيار ڪئي هئائين، جنهن ۾ هزارين سنڌي
لفظ موجود آهن. تصوف ۽ روحانيت ڊاڪٽر شمل جو خاص
موضوع آهي، ان ڪري هن سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن،
جهڙوڪ؛ شاهه عبداللطيف، سچل سرمست، شاهه عبدالڪريم
بلڙي وارو، قاضي قاضن شاه عنايت، عبدالڪريم گرهوڙي
۽ خليفي نبي بخش لغاريءِ جي شاعري جو گھرو اڀياس
ڪيو آهي. گڏوگڏ پاڻ انهن شاعرن تي تحقيق به ڪئي
اٿائين، شاههؒ جي شاعري ءِ کي جرمن ٻوليءِ ۾ پڻ
ترجمو ڪيو اٿائين. 1976ع ۾”Pain
and Grace“
نالي هڪ ڪتاب لکيو هئائين،جنهن ۾ شاههؒ ۽ خواجه
غلام فريد، سلطان باهو، وارث شاهه، رحمان بابا،
خوشحال خٽڪ، بهادر شاهه ظفر، مرزا غالب، سراج
اورنگ، آبادي ۽ علامه اقبالؒ جي شاعريءَ تي ڪافي
تحقيقي مقالا لکي ڇپرايا آهن ۽ سندس شاعريءِ کي
جرمن ۽ ترڪي ٻولين ۾ منظوم ۽ نثري ترجمو ڪيو
آهي.تنهن ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته صوفي
شاعرن جي ڏنل امن، ميٺ محبت، انسانيت، اخلاق ۽
ڀائيچاري جي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر شمل
جو وڏو هٿ رهيو آهي.
1961ع کان وٺي ڊاڪٽر شمل سنڌ جي باري ۾ مختلف
موضوعن تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس ڪيترائي مضمون
سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ادبي
بورڊ پاران ڊاڪٽر شمل جي مختلف علمي ۽ تحقيقي
مضمونن ۽ مقالن تي ٻڌل هڪ انگريزي ڪتاب ”Pearls
from the Indus“
جي نالي سان ڇپرايو ويو آهي. سندس هڪ ٻئي ڪتاب ”The
Evolution Sindhi Literature“
جو سنڌي ترجمو ”سنڌي ادب جي ارتقا“ جي نالي سان
مشهور دانشور، تعليمي ماهر ۽ قائداعظم يونيورسٽي
اسلام آباد ۾ ”پاڪستان اسٽڊيز جي قومي اداري“ جي
ڊائريڪٽر پروفيسر حيدر سنڌي صاحب ڪيو آهي. ان کان
سواءِ پاڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پير حسام الدين راشدي
جي علمي ڪارنامن تي هڪ ليڪچر به ڏنو هئائين جنهن
کي ”مڪلي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڪراچي
يونيورسٽي پاران ئي شايع ڪرايو ويو آهي.
ڊاڪٽر شمل کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان تمام گھڻو پيار
آهي، ان ڪري پاڻ سال ۾ هڪ اڌ ڀيرو سنڌ ضرور ايندي
آهي ۽ بورڊ جي هاڻوڪي چيئرمن ۽ سينيٽر حسين شاهه
راشدي وٽ ترسندي آهي، جو سندس خاندان سان پراڻا
تعلقات رهيا آهن. سنڌ سان محبت جو اندازو ان مان
به لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ پير حسام الدين راشديءَ
سان گڏ سڄي سنڌ گھمي هيائين ۽ پنهنجي اکين سان سنڌ
جي قديم تاريخي آثارن جو مشاهدو ڪيو هئائين. نه
فقط اهو پر مڪليءَ جو تاريخي قبرستان کيس ايترو ته
وڻيو جو پاڪستان سرڪار کي درخواست ڪئي هئائين ته
مرڻ کان پوءِ کيس ان قبرستان ۾ پير حسام الدين
راشدي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڀر ۾ دفنايو وڃي.
ڊاڪٽر شمل پنهنجي نوجوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ٻي
مهاڀاري لڙائي جي تباهه ڪارين کي اکين سان ڏسي چڪي
هئي، تنهن ڪري هاڻي سندس اها خواهش آهي ته سڄي
دنيا ”امن جي دنيا“ بڻجي وڃي، سمورا انسان پاڻ ۾
هڪ ٿي وڃن ۽ مذهب، قوميت، تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد
تي ٻڌل ويڇن کي ختم ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ سندس عالمي
سطح تي ڪيل خدمتن جي بدلي ۾ کيس ”1995ع جو نوبل
امن انعام“ ڏنو ويو آهي.
سنڌي علم ۽ ادب لاءِ ڪيل ڊاڪٽر شمل جون خدمتون سنڌ
جي تاريخ جو هڪ مکيه باب آهي، ان ڪري تاريخ جي هر
دور ۾ سندس نانءُ جيئرو جاڳندو رهندو.
مقصود گل
”الف – ب“ پٽي سبق ٽيون
”ر“ سان رستو منزل وارو،
ڳولهڻ گهرجي پيارا،
محنت سان ئي منزل ملندي،
ٿيندا ڀاڳ ڀلارا.
منزل پنهنجي پائڻ خاطر.
جلدي پنڌ پڇايون.
”ڙ“ سان ماڙي ٻئي جي ڏسندي.
ڀونگي مور نه ڊاهيون،
پنهنجي گهر کي پنهنجو سمجهي
ٺاهڻ آهه ضروري.
گلڙا، گلڙا، خوشبو آڻي
گهر کي باغ بڻايون.
”ز“ سان سڀ زنجير غلاميءَ
وارا ٽوڙي ڇڏيو،
بيشڪ دنيا ساريءَ ۾ آ
چيز وڏي آزادي،
آزادي ايمان اسان جو
سڀني کي سمجهايون.
”س“ سان سچ جا ساٿي،
جڳ ۾ بڻجي رهو
ڪوڙ ڪنو آ، ڪارو ڪوڙهيو،
بچجو ان کا بچجو،
جلوا جلوا جوت ججهري
سيني سچ سمايون
”ش“ شرافت شان وڏو آ،
مظلومن سان محبت،
جن سان ظلم ڪري ٿي دنيا
ارپيون تن کي الفت
مظلومن ۽ مجبورن سان ساٿي
ساٿ نڀايون.
”ص“ صداقت، صاف، سچائي،
انسانن سان الفت.
رب کي وڻندي آهي ٻارو
خلق خدا جي خدمت.
درد وندن جا درد ورهائي
پرور کي پرچايون.
”ض“ ضعيفن جو ضامن آ،
مٺڙو مير محمد.
دشمن کي ڀي پاڻ پياري
کنڊ ۽ کير محمد.
پنهنجي مرسل مير نبيءَ جا
قول هنئين سان لايون.
”ط“ سان طاقت ساري ٻارو!
پيار ٻڌيءَ ۾ آهي
ايڪي ۽ اتحاد ۾ رهجو
سنبري سندرا ساهي.
قوم وطن جي ويريءَ
”ظ“ ظالم ظالم ڪري ٿو
هيڻن سان هت جيڪو
ان جابر سان جنگ ضروري
جوٽڻ گهرجي ٻارو!
هن دنيا مان گڏجي سڏجي
ظلم جو دوڌ مٽايون.
”ع“ عدالت امن ضروري
سڀني جي لئه آهي.
ڏاڍو ماڻهو هيڻن جو ٿو
ڳاهه ڳهيلو ڳاهي.
ڌوڪي جي ديوار هٽايون،
ڍونگ ٺڳيءَ جا ڊاهيون.
”غ“ غمن کان گهٻرايون ڇو؟
همٿ کان ڪم وٺجي،
اولي، سولي، ويل ڏکاري،
کلندي کلندي ڪٽجي.
پنهنجن سان غم ورڇي
پنهنجي دل جا درد گهٽايون.
”ف“ فولادي عزم ارادا
پنهنجي دل ۾ ڌاريون
جذبن ۾ ڪا جوت جلائي
ٻارو! ڏيئا ٻاريون.
همٿ جو هٿيار کڻي سڀ
ڀَوَ جا ڀوت ڀڄايون.
”ڦ“ سان ڦيٿو ڦرندو رهندو
وقت سندو هي پيارا!
سور سدائين سهندا رهندا
ٻارو! سستيءَ وارا
وقت نه ڪنهن لئه بيهندو ان سان
گڏجي وک وڌايون.
”ق“ قلم آ قوت وارو.
تلوارون تڙپائي.
اونداهي جو انڌ ڀڄائي،
جلوا جوت ورهائي،
موتيءَ داڻا لفظ لکڻ لئه.
ڪلڪ سان قرب وڌايون.
”ڪ“ ڪتاب ۽ ڪاغذ آهي
علم پڙهڻ لئه ٻارو!
علم ته حاصل ٿيندو ان کي
جيڪو محنت وارو،
علم عقل جا موتي ميڙي
ساٿي سوچ وڌايون |