ٻارن جي حقن جو
پڌرنامو
(آخري قسط)
اصول ستون
تعليم پرائڻ ٻار جو حق آهي، اها تعليم لازمي
هوندي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي درجن تائين مفت هوندي.
هن کي اهڙي تعليم ڏني ويندي، جا سندس تهذيب کي
وڌائيندي ۽ کيس ان لائق بنائيندي، جو هو هڪجهڙين
سهوليتن جي بنياد تي، پنهنجي صلاحيتن ۽ پنهنجي
انفرادي راءِ کي وڌائي سگهي ۽ سماج جو هڪ ڪارائتو
فرد بڻجي سگهي.
جيڪي ٻار جي تعليم لاءِ جوابدار هوندا، تن جي
اڳيان ٻار جا مفاد پيش پيش رهندا، ٻار جي تعليم جي
جوابداري، سڀ کان اول، سندس والدين تي آهي.
ٻار کي راند ۽ وندر جو پورو پورو موقعو ملندو، ان
جو مقصد اهو ئي ساڳيو تعليم وارو هوندو. سماج ۽
پبلڪ اختياريءَ وارا هن حق جي ماڻڻ واسطي ٻار لاءِ
مناسب موقعن پيدا ڪرڻ جو ادم ڪندا.
اصول اٺون
هر حالت ۾ ٻار کي سڀ کان اول سهوليت، سهنج ۽
سلامتي ملندي.
اصول نائون
ٻار کي هر قسم جي لاپرواهيءَ واري روش، ظلم ۽
ايذاءَ واريءَ ڪارستانيءَ کان بچايو ويندو.
اصول ڏهون
ٻار جو انهن سڀني رسمن رواجن جو اثر ۽ عمل کان
بچاءُ ڪيو ويندو، جي نسلي، مذهبي يا ٻئي ڪنهن به
قسم جو ڀيد ڀاءُ پيدا ڪندڙ يا روا رکندڙ هجن. ٻار
کي سمجهه، سهپ، انسان دوستيءَ، امن ۽ عالمي
ڀائپيءَ واري جذبي هيٺ ۽ انهيءَ احساس سان پاليو
ويندو ته سندس قوت ۽ صلاحيتون آخرڪار انسان ذات جي
خدمت لاءِ وقف ٿين ۽ ان لاءِ مخصوص رهن.
اڪبر جسڪاڻي
روح رهاڻ
·عبدالغفار
ڀٽو رتوديرو
س: سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي ريلوي اسٽيشن ڪٿي آهي؟
ج: ڪوٽڙي ۾.
·عبدالشڪور
سيال، ٺاروشاهه.
س: حضرت علي کي گهڻا پٽ هئا.
ج: ٽي پٽ هئا: امام حسن، امام حسين ۽ ابو حنيفه.
·محمد
افضل هڪڙو، قمبر علي خان
س: مسجد قرطبه ڪهڙي ملڪ ۾ آهي؟
ج: اسپين ۾.
·حسن
علي گڏاڻي، ميرپورماٿيلو
س: دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ملڪ ڪهڙو آهي؟
ج: روس.
·محمد
عظيم قاضي، ڳوٺ ماڪن ڪوري
س: انسان ڪڏهن همت هاريندو آهي؟
ج: انسان ته هميشه جدوجهد ڪندو رهندو آهي، ۽ ڪڏهن
به همت نه هاريندو آهي.
·انور
حسين شيخ، نوابشاهه
س: ڪي-ٽو ٽڪري جي اوچائي ڪيتري آهي.
ج: 28250 فوٽ اوچي آهي.
·شهزادو
لطيف سنڌي، ڪوٽڙي
س: ڪرسي ڪنهن ايجاد ڪئي؟
ج: نمرود
·عبدالرزاق
رند، جوهي بلوچ
س: ٽيپو سلطان ڪٿي حڪومت ڪندو هو.
ج: ميسور ۾.
·ظفر
حسين، ڪڍڻ شهر
س: آل انڊيا مسلم ليگ جو نالو ڪنهن تجويز ڪيو؟
ج: سر محمد شفيع تجويز ڪيو.
·ميمڻ
اختيار حسين، کهڙا.
س: انسان جي زندگي جو اهم مقصد ڇا آهي؟
ج: نيڪي ڪرڻ ۽ ٻئي جي ڪم اچڻ.
·
نيڪ محمد شيخ، ڳوٺ پٺاڻ
س: پرتگال جي گاديءَ جو هنڌ ڪهڙو آهي.
ج: لزين شهر آهي.
·موهن
لعل هرچنداڻي، عمرڪوٽ.
س: اي- ڪي بروهي جو سڄو نالو ڇا آهي؟
ج: سڄو نالو الله بخش خدابخش بروهي اٿس.
·حضور
بخش پياسي، دادو،
س: اها ڪهڙي شئي آهي، جا انسان کي بزدل بنائي ٿي؟
ج: لالچ ئي آهي جا بزدل ڪري ٿي.
·لياقت
علي ماڻڪ، راڌڻ اسٽيشن.
س: انساني جسم ۾ رت جي دوري جو مشاهدو ڪنهن ڪيو؟
ج: وليم هاري 1628ع ۾ انساني جسم ۾ رت جي دوري جو
مشاهدو ڪيو.
·امتياز
علي ميمڻ، ڏيپلو
س: چن ڇا مان ٺهندو آهي؟
ج: چن پٿر مان ٺاهيو ويندو آهي. جنهن کي چن جو پٿر
چيو ويندو آهي.
·امتياز
احمد عطار، نوابشاهه
س: ايڪسري مشين ڪنهن ايجاد ڪئي هئي؟
ج: رؤنتجن 1895ع ۾ ايجاد ڪئي. ملڪ جرمني ۾.
هنن سان ملو
-1593: نالو: عبدالله پليجو. عمر: 13 سال. ڪلاس
ڏهون وندر: تاريخي ۽ انقلابي ڪتاب پڙهڻ. ايڊريس:
حاجي احمد پليجو دڪاندار جنگشاهي ضلع ٺٽو.
-1594 نالو: مختيار احمد. پڙهندڙ پنجون. عمر: 10
سال. وندر: لطيفا ۽ اکاڻيون ٻڌڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
پرائمري اسڪول غريب اباد، تلهار.
-1595: نالو: منظور احمد. پڙهندڙ پنجون. عمر: 12
سال. وندر: لطيفا ۽ آکاڻيون پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد تلهار.
-1596: نالو: گلزار احمد، شورو. پڙهندڙ: ستون.
عمر: 13 سال. وندر: نماز پڙهڻ ۽ وڏن جو ادب ڪرڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پٿورو.
-1597 نالو: عبدالحسين سنجراڻي. پڙهندڙ: ستون.
عمر: 12 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: عبدالغفور
راڄپر گودڙا گلي نئين باڊهه.
-1598 نالو: ذوالفقار علي. پڙهندڙ: پنجون. عمر: 12
سال. وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: سيٺ بخش
علي خواجه دڪاندار تلهار.
-1599 نالو: پتيومل ڪوهستاني. پڙهندڙ: نائون.
وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ٿاڻو بولاخان.
-1600 نالو: راجڪمار ڪوهستاني. پڙهندڙ: نائون.
عمر: 15 سال. وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٿاڻو بولاخان.
-1601 نالو: ذوالفقار علي. پڙهندڙ: ٽيون. عمر: 10
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊرس: گورنمينٽ پرائمري
اسڪول پيرو فقير شورو، وايا ٽنڊوآدم.
1602 نالو: ظفر علي ابڙو. پڙهندڙ: ٻيو. عمر 9 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول
پيرو فقير شورو، وايا ٽنڊوآدم.
-1603 نالو: معشوق علي ابڙو. پڙهندڙ: ٻيو. عمر: 8
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري
اسڪول پيرو فقير شورو، وايا ٽنڊوآدم
-1604 نالو: ممتاز علي ابڙو. پڙهندڙ: ٻيو. عمر: 8
سال. وندر: گل ڦل سان چاهه. ائڊريس: پرائمري اسڪول
پيرو فقير شورو، وايا ٽنڊوآدم.
-1605 نالو: غلام محمد سينهڙو. پڙهندڙ: پنجون.
عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ هر ڪاهڻ. ائڊريس:
پرائمري اسڪول پيرو فقير شورو، وايا ٽنڊوآدم.
-1606 نالو: ذوالفقار علي بلوچ. ڪلاس ستون. عمر:
15 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار.
-1607 نالو: خواجه اشرف علي. ڪلاس: ستون. عمر: 13
سال. وندر: اسڪول جا ڪم ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار.
-1608 نالو: سيد علي اڪبر شاهه جيلاني. عمر: 16
سال. پڙهندڙ: اٺون. وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ ۽
باڪسنگ ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ٽنڊوالهيار.
-1609 نالو: عبدالغفار مجيداڻو. عمر: 13 سال.
پڙهندڙ: ستون. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: محمد
ابراهيم سومرو ڪئبن وارو ٽنڊوالهيار.
-1610 نالو: اسرار علي مجيداڻو. ڪلاس ستون. عمر:
11 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ڪورس جا ڪتاب
پڙهڻ. ائڊريس: محمد ابراهيم سومرو ڪئبن وارو
ٽنڊوالهيار.
-1611 نالو: نورمحمد ميمڻ. پڙهندڙ: ڏهون. وندر:
علم سان چاهه. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري
شريف.
-1612 نالو: مبارڪ علي پنهور. پڙهندڙ: ستون. عمر:
13 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: محمد حسن
هوٽل وارو ڀرسان شهباز سئنيما ٽنڊوالهيار.
-1613 نالو: سيد ذوالفقار علي شاهه راشدي. ڪلاس
ستون. عمر: 12 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ، ائڊريس:
راشدي ڊسپينسري چمبڙ روڊ ٽنڊوالهيار.
-1614 نالو: اياز علي. پڙهندڙ: ڇهون. عمر: 11 سال.
وندر: آکاڻيون پڙهڻ. ائڊريس: محمد يوسف لانگاهه
مورو ضلع نوابشاهه.
-1615 نالو: علي انور سولنگي. پڙهندڙ: پنجون. عمر:
10 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول داد لغاري، ضلع سکر.
-1616 نالو: درمحمد. پڙهندڙ: پنجون. عمر: 12 سال.
وندر: غريبن جي مدد ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري
اسڪول داد لغاري، ضلع سکر.
-1617 نالو: مقصود احمد ميمڻ. پڙهندڙ: ڏهون. عمر:
15 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول سعيدپور تلهار.
-1618 نالو: مهيش ڪمار ”شرما“. پڙهندڙ: ڏهون. عمر:
15 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: پوسٽ
راڄوخاناني وايا ماتلي، ضلع بدين.
-1619 نالو: امير محمد طاهراڻي. پڙهندر: ڇهون.
عمر: 11 سال. وندر: گل ڦل سان چاهه. ائڊريس: جابر
هاءِ اسڪول ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.
-1620 نالو: محمد پريل مهر. عمر: 11 سال. پڙهندڙ:
چوٿون. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس وفا عبدالڪريم
مهر پوسٽ آفيس خانپور مهر وايا گهوٽڪي ضلع سکر.
-1621 نالو: محمد اسحاق پنهور. پڙهندڙ: ڏهون. عمر:
16 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس لاکا
تعلقو ڪوٽري.
-1622 نالو: رياض احمد. پڙهندڙ: ستون. وندر: ڪرڪيٽ
کيڏڻ. ائڊريس: جابر هاءِ اسڪول ڏيپلو، ضلع
ٿرپارڪر.
-1623 نالو: عبدالجبار ميمڻ. پڙهندڙ: اٺون. عمر:
14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول، ٽنڊوالهيار.
-1624 نالو: اشفاق النبي اي قاضي. پڙهندڙ ستون:
عمر 11 سال، وندر: دوستي رکڻ. ائڊريس: ميشرس آئل
ايڪسيلرز نوابشاهه.
-1625 نالو: علي مردان بلوچ. پڙهندڙ : ڇهون. عمر:
16 سال. وندر: علم سان چاهه. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول مورو.
-1626 نالو: امان الله مڱڻهار. پڙهندڙ: اٺون. عمر:
13 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ٽنڊوالهيار.
-1627 نالو: غلام محمد جسڪاڻي. پڙهندڙ: ٻيو. عمر:
11 سال. وندر: سنڌ سان محبت. ائڊريس: مارئي ٽيلرنگ
هائوس ساٿي خان جسڪاڻي، جوهي ضلع دادو.
-1628 نالو: حضوربخش. پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 18 سال.
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: نذير احمد ميمڻ ڪپڙي جو
دڪاندار، ضلع خيرپورميرس.
-1629 نالو: غلام مصطفيٰ ميمڻ. پڙهندڙ: ستون. عمر:
13 سال. وندر: پڙهڻ ۽ لکڻ. ائڊريس: علي اڪبر ميمڻ
مانڊڻي وارو شهر لاکا.
-1630 نالو: طفيل احمد ميمڻ. پڙهندڙ: اٺون. عمر:
15 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ٽنڊوالهيار.
-1631 نالو: امتياز حسين ڪورائي. پڙهندڙ: ڇهون.
عمر: 11 سال. وندر: علم سان چاهه. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو.
-1632 نالو: اختر علي خاصخيلي. پڙهندڙ: ڇهون. عمر:
12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: ڳوٺ سومار
ڪنڊائي. معرفت ابراهيم خاصخيلي، وايا ملير، سٽي
ڪراچي نمبر 23.
-1633 امان الله سرهندي. پڙهندڙ: اٺون وندر: سنڌي
رسالا پڙهڻ. ائڊريس: پير سرهندي وليج، وايا لانڍي
ڪراچي.
-1634 نالو: شاهنواز ٿهيم. پڙهندڙ: چوٿون. وندر:
گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، پيرو
فقير شورو وايا ٽنڊوآدم.
-1635 نالو: اداسي عاجز ٿهيم. پڙهندڙ: چوٿون. عمر:
12 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ماما پان
هائوس، ٽنڊوآدم.
-1636 نالو: اميد علي ٿهيم. عمر: 14 سال. پڙهندڙ:
پنجون. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: ماما پان
هائوس ٽنڊوآدم، ضلع سانگهڙ.
-1637 نالو: محمد اسلم ميمڻ پڙهندڙ: چوٿون. عمر:
12 سال. وندر: راند روند ڪرڻ. ائڊريس: پرائمري
اسڪول، ٽنڊوباگو.
-1638 نالو: اشوڪ ڪمار جيسواڻي. پڙهندڙ: ستون.
عمر: 12 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول جروار، ضلع سکر سنڌ.
-1639 نالو: محمد اسماعيل سومرو. پڙهندڙ: اٺون.
عمر: 13 سال. وندر: پڙهڻ. ائڊريس: مڊل اسڪول داد
لغاري، وايا ڏهرڪي.
-1940 نالو: علي اصغر خاصخيلي. پڙهندڙ: ٻيو. عمر:
10 سال. وندر: گهرو ڪم ڪرڻ. ائڊريس: راز ميڊيڪل
اسٽور فريدآبا،د ضلع دادو سنڌ.
ٻارن جي اخبار
کير ڏيندڙ ٻڪر
کير ڏيندڙ ٻڪريون ته اوهان گهڻيئي ڏٺيون هونديون
پر سنڌ ۾ هڪ اهڙو ٻڪر به آهي جيڪو کير ڏي ٿو. اهو
ٻڪر ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان ڳوٺ بجرخان ٽالپر جي
زميندار امان الله ٽالپر وٽ آهي. اهو ٻڪر روزانو
ٻڪرين جي ڌڻ سان گڏ چرڻ وڃي ٿو. ان کي ٻه ٿڻ آهن ۽
ٻئي مهلون کير ڏي ٿو ۽ کير اهڙو ئي سوادي آهي،
جهڙو عام ٻڪرين جو کير ٿيندو آهي.
چوڪيدار مشين
هڪ آمريڪي فرم، هڪ اهڙو مشيني اوزار ٺاهيو آهي
جيڪو بئنڪ مان ڪوڙا چيڪ مٽائيندڙن کي پرکي ٿو. اهو
اوزار چيڪ مٽائيندڙ جي ذهني خيالات کي جهٽي ڪئشر
کي مخفي رپورٽ ڏي ٿو، جنهنڪري دوکي سان چيڪ مٽائڻ
وارو پڪڙيو وڃي ٿو.
اڏامندڙ ڏيڏر
هونئن ته ڏيڏر اڏامي ڪونه سگهندو آهي، پر
انڊونيشيا جي بورنيوٻيٽ ۾ هڪ خاص ڏيڏر آهي، جيڪو
اڏامي به سگهي ٿو. اهو عام پکين وانگر وڻ تي رهي
ٿو. ان جا چنبا ٻين ڏيڏرن کان وڏا آهن، ۽ انهن جي
وچ ۾ ڄاري لڳل آهي. اهو ڏيڏر پنهنجي پيرن کي پرن
وانگر استعمال ڪري ٿو.
فائديمند حادثو
1928ع ۾ انگلنڊ جي نيو سائوٿ ويلس ۾ هڪ ماڻهو کي
بجليءَ جو زوردار جهٽڪو لڳو پر خوشقسمتيءَ سان
سندس دوست بروقت مين سوئچ بند ڪري کيس مرڻ کان
بچايو. اڳي اهو ماڻهو گنجو هو، پر ان حادثي کان
پوءِ سندس مٿي تي وار ڄمڻ لڳا.
وڏي ڄمار وارو ناٽڪ
لنڊن جي هڪ ناٽڪ گهر ۾ هڪ ناٽڪ گذريل 24 سالن کان
لاڳيتو هلي رهيو آهي. ماڻهو اڃا ان مان ڪڪ نه ٿيا
آهن. اگاٿا ڪرسٽيءَ جو لکيل هي ناٽڪ ”دي مائوس
ٽريپ“ آهي ڪجهه ڏينهن اڳي سندس چوويهين سالگره جي
شروع ۾ جيڪو شو ٿيو هو، اهو 9556 شو هو. هن ٿيٽر
جي تاريخ ۾ ڪو به ناٽڪ ايترو عرصو هلڻ ته ڇا پر ان
جي ويجهو به رسي نه سگهيو آهي.
سنيها
·جنوري
جو ٽائيٽل ڪور ڏاڍو وڻيو. ٻارن کي دنيا جي گولي تي
بيهاري، سج جي روشنيءَ سان ٻارن ۾ آئندي جو جذبو
پيدا ڪيو ويو آهي. پرچي ۾ ڪجهه تبديليون آڻي، اسان
جي دلي تمنا پوري ڪئي اٿو.
- عبدالغفار ڀٽو، رتوديرو.
·جنوري
جو پرچو وڻيو. حبيب الله مرزا جي ڪهاڻي ”دلير
نينگر“ ۽ خالد بيدار جو نظم ”سرهاڻ“، زرينه زرين
جي ”بنا عنوان ڪهاڻي“ ۽ نورمحمد گهوٽو جو ”خواب“
اسان کي پسند آيا.
- جاويد حسن اشرفاڻي، مٺياڻي
·رسالو
معياري نڪري پيو. اوهان جي ڪوشش سٺي آهي. اميد ته
اڃا به پاڻ پتوڙيندا. اصلاح آهي، ته جنهن ادي جو
انٽرويو ڏنو وڃي، ان جي سٺي ۽ وڏي تصوير ٽائيٽل جي
پٺيان ڏني وڃي. هنن اڀرندڙ اديبن جا انٽرويو ڏيو
ته مهرباني ٿيندي. پارس منگي، اسحاق انصاري، قربان
منگي ۽ اختر درگاهي.
- ايم ملوڪ ناز
·مون
ڪيترو مواد موڪليو آهي، پر اڃا تائين شايع نٿا
ڪريو. مهرباني ڪري منهنجو ڪجهه نه ڪجهه مواد شايع
ڪيو. هن ڀيري ڪهاڻي ’توبه‘ موڪليان پيو.
- عبيدالله سهتو، لطيف آباد حيدرآباد.
·”گرم
پٿر“، ۽ ”شيري ۽ ڀوري“ خاص ڪهاڻيون ڪونه هيون.
”دلير نينگر“، ”ڏک سکن جي سونهن“ ۽ ”خواب“ سٺيون
ڪهاڻيون هيون. عنوان لاءِ تاريخ وڌايو.
- مشتاق علي سومرو، ڏهرڪي
·جنوري
جو ٽائيٽل سٺو هو. ڏسي دل بهار بهار ٿي ويئي. گل
ڦل واقعي سنڌي ٻارن لاءِ سٺو ۽ خوبصورت رسالو آهي،
جيڪو منجهن پڙهڻ لکڻ جو چاهه وڌائي ٿو.
- محمد ياسين ٻٻر، جيمس آباد.
·جنوري
جي پرچي اسان کي، ڏاڍو متاثر ڪيو. اوهان سنڌ جي
ٻارن لاءِ گل ڦل جا صفحا وڌائي نوان ڪالم شروع
ڪري، منجهن سجاڳيءَ جي لهر پيدا ڪئي آهي.
-
علي محمد ميمڻ، ماتلي
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 20
هڪ سؤ روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 21-
آڪٽوبر1980ع
نتيجو کلڻ جي تاريخ: 22- آڪٽوبر 1980ع
سامهون صفحي تي ڏنل خاڪي ۾، خالي خانن ۾ اکر
اهڙيءَ طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ بامطلب ٿي
وڃن. جملن ۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ
نمبر ڏنا ويا آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. خاڪو ۽
ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان کي مٿئين تاريخ
کان اڳ ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏاکري
ڳجهارت-20 لکڻ ضروري آهي. ڪوپن ۽ خاڪو پوسٽ ڪارڊ
تي به چمبڙائي موڪلي سگهو ٿا.
جيڪي خانا ڀريل آهن، انهن کي هٿ نه لايو، اهي لفظ
دل ۾ سوچي ڇڏيو، رڳو خالي خانا ڀرڻا آهن.
صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا. جي گهڻن حصو وٺندڙن جا جواب صحيح هوندا ته
انهن ۾ هڪجيترن روپين جا ڪتاب ورهايا ويندا. جي
صحيح ڪوبه نه آيو ته هڪ غلطي وارن ۾ انعام ورهايو
ويندو. جيڪڏهن هڪ غلطيءَ ۾ به جواب نه هوندو ته
اهو انعام ٻي مهيني سان گڏي ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور
پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
2- وطن جي حب جو ________ ڏيڻ لاءِ هر قدم ٻاراڻي
ادب کي ئي وسيلو بنائيندي آهي.
3- شاهه جي محب وطن سورمي ________ جنهن جو الف ۽
همزو غائب آهن.
4- جيڪڏهن ________ نه هجي ته جيڪر ڪيئن جي سگهجي؟
5- ___________ ڪو آهيون يا نه آهيون، خراب آهي يا
خيال. (حاجي احمد ملاح)
6- ميوي کي جي جلد نه کپائبو ته ڪجهه ___________
کان پوءِ اهو خراب ٿي وڃي ٿو.
7- جن به سونهاري سنڌ ۾ ___________ ڏنو آهي، انهن
کي تاريخ جو ضرور مطالع ڪرڻ گهرجي ته جيئن کين خبر
پوي ته سنڌ وڏن وڏن اوليائن، عالمن، اديبن ۽
دانشورن جي مقدس سرزمين آهي.
مٿان کان هيٺ
1- فطرت جو اٽل قانون آهي، اهو ڪڏهن به نٿو ____ .
2- مراڪش جو سڪو __________ جنهن جي هه گم آهي.
4- _________ سان ئي ٻار ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا.
6- ________ لهڻ لاءِ هر قسم جا هتان هتان ورائي
سوال پڇڻا پوندا آهن.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 3
ڪوپن 3
آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان
ٿو.
نالو:
ڳوٺ: تعلقه:
ضلع: تاريخ:
هدايتون ۽ شرط
1- پنهجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي
۾ خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري،
ٻئي گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي
پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
2- مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
3- ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن
جي جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو
ويندو.
4- هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر
هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل
مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾
ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.
5- لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري
آهي ۽ پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ
کپي.
6- صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن
روزنامه عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع
ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.
7- صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري،
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو
آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.
8- صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور
ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح
هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو
ويندو. جي صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ
غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به
نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾
وڌائي ڏنو ويندو.
9- ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
10- هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن
کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن
به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو.
اوهان جو امتحان
امتحان نمبر _ 44
ڪنهن واپاريءَ وٽ هڪ ڊرم گيهه سان ڀريل آهي. هو
پهرين ڏينهن ان مان اڌ گيهه وڪرو ڪري ٿو ۽ 9 سير
ٻيو گيهه خريد ڪري ان ۾ ملائي ٿو. ٻئي ڏينهن گيهه
جو ٽيون حصو وڪرو ڪري ٿو ۽ 2 سير ٻيو گيهه خريد
ڪري ان ۾ ملائي ٿو. ٽئين ڏينهن گيهه جو چوٿون حصو
وڪرو ڪري ٿو ۽ 5 سير ٻيو گيهه ان ۾ ملائي ٿو.
چوٿين ڏينهن گيهه جو پنجون حصو وڪرو ڪري ٿو ۽ 2
سير گيهه ان ۾ ملائي ٿو. پوءِ ڏسي ٿو ته وٽس پورو
اڌ ڊرم گيهه سان ڀريل آهي. ٻڌايو ته سجھي درم ۾
ڪيترو گيهه پيل هو.
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا
ويندا. جواب موڪلٻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري
تاريخ 15_ اپريل 1979ع آهي. ان تاريخ کان پوءِ
پهچندڙ جواب رد ڪيا ويندا. جواب سان گڏ هن رسالي ۾
ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 44 ڀري موڪلڻ ضروري آهي. هڪ
ڪوپن رڳو هڪ ڄڻو ڪتب آڻي سگهي ٿو. هڪ ئي لفافي ۾
ڪيترا به ڪوپن گڏ موڪلي سگهجن ٿا پراڻن ڪوپنن جا
جواب رد ڪيا ويندا.
صحيح جواب موڪليندڙن مان 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي،
انهن ۾ 52 رپين جا ڪتاب انعام طور ورهايا ويندا.
انعام
امتحان نمبر 42 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن،
انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا
آهن. 1_ نثار احمد ڀٽي _ سکر. 2_ امتياز احمد
عطار، نواب شاهه. 3- سرمد عباسي، خيرپور ميرس. 4-
ثورت اقبال، شهدادپور ضلعو سانگهڙ. 5- لالا تيرٿ
لالواڻي، نئون ڪوٽ ضلعو ٿرپارڪر. سڀني ٻارن کي
پنجن پنجن رپين جا ڪتاب ڏنا ويندا کين گهرجي ته
پنهنجي پوري ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
امتحان نمبر – 42
اهو ڪهڙو انگ آهي، جنهن جي چوٿينءَ پتيءَ کي سندس
پنجينءَ پتيءَ سان ضرب ڪري ان ۾ 5 جوڙ ڪجن ته وري
اهو ساڳي انگ ٺهي پوي.
جواب
اصل انگ آهي، 10. جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن،
انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
”اسلام آباد راولپنڊي“: سڪندر ڪاظمي، ”جيڪب آباد“:
محمد احسان رند، عابد احمد سومرو، ”ٺل“: غلام نبي
گولو، حفيظ الرحمان گولو، رحمت الله گولو، اسد
الله دايو، ذوالفقار علي نوناري ۽ آفتاب احمد
نوناري. ”ڪنڌڪوٽ“: تارا ٻائي، رامچند، راجڪمار
ڏاواڻي، محمد صادق سومرو، بشير احمد جکراڻي، ڪمل
ڪمار، عبدالسميع ابڙو ۽ محمد شعبان نوناري، ”ڳوٺ
تنگواڻي“: نياز احمد لاشاري ۽ غلام حيدر ملڪ. ”غوث
پور“: رميش ڪمار راجواڻي ۽ پرڪاش پنجابي. ”ميرپور
ٻرڙو“: بشير احمد شاهه ”ڳوٺ بڊاني“: رميش لعل لنڊ
”سکر“، نانڪرام، اعجاز احمد دايو، نثار احمد ڀٽي،
مڪيش ڪمار، خالد بيدار، عبدالرحيم سومرو،
عبدالخالق سومرو، محمد اسماعيل لاکو، مشتاق علي
ڀٽي ”اٻاوڙو“: اعجاز علي جماڻي ۽ عبدالمتين شيخ
”گهوٽڪي“: بيبو لعل، ستيون داس، دليب ڪمار واسواڻي
۽ روپچند ”خانپور مهر“: محمد نواز ”جروار“: چندر
ڀان، ڀيم لعل، ڪشور ڪمار، شنڪر لعل، منوهر لال
ڍوليا، مير محمد گبول، درشن لعل، لمي بخش گبول،
عبدالرحمان گبول، گيانچند، هريداس، هريداس لنڊ،
منوهر، اجيت ڪمار، اشوڪ ڪمار ڪيسواڻي ۽ ستيوان
مورڙا ”داد لغاري“: الطاف سومرو، اياز احمد
احمداڻي، دلبر سنڌي ۽ اسحاق سنڌي ”ميرپور ماٿيلو“:
موليڏنو ميراڻي، عبدالغفار منگسي، امير حمزو
ميراڻي، عبدالرزاق سومرو، وجيه ڪمار ”روهڙي“،
جيوترام ۽ محمد جعفر ميمڻ ”ڳوٺ جمال شاهه“:
ذوالفقار علي شاهه ”حيات پتافي“ رميش لال ماکيجا،
ستيوان دولتاڻي، نثار احمد ميراڻي ۽ غفار احمد
ميراڻي ”قادر پور“: جئه پرڪاش، سروانند، پريم چند،
جمال الدين سنگهڙ، مڪيش ڪمار، نور محمد گهوٽو،
مشتاق احمد سولنگي، ايشور لعل، پرڪاش لال، اشوڪ
ڪمار، پريتم داس ۽ شنڪر لعل ”ڳوٺ سرحد“: مهيش
ڪمار، راهند لعل ۽ ممتاز علي ملڪ ”ڳوٺ ساٿي مهر“:
محمد شعبان مهر ”نئون امروٽ“، حضور بخش ميراڻي
”ولي محمد ڪورائي“: علي بخش بلوچ ”ڳوٺ واحد بخش
مهر“: منير احمد قادري ”سومر مهر“: مير محمد مهر
”لونگ ڏيٿو“: غلام ياسين ڏيٿو ”شڪارپور“: عمران
عطا سومرو، عادل چوهاڻ، فاروق اصغر سومرو، مستجاب
سهتو، منور احمد سهتو، جميل سومرو، نياز مصطفى
جوکيو، راجپال، سيف الله سومرو، عظمت الله، ظهور
احمد هڪڙو، طفيل احمد، طارق ميمڻ، منور ناياب،
عبدالجبار سومرو، شاهين ميمڻ، رفيق ملاڻو، امتياز
علي گهچو ۽ الطاف احمد سومرو، ”ڳڙهي ياسين“: نياز
احمد ميمڻ، الهه بخش ”اداسي“ سومرو، صالح الدين
سومرو، اجيت ڪمار بٺيجا، غلام صديق قاضي ۽ قرار
احمد عباسي ”ڊکڻ“، مقصود احمد سومرو ”مرزا پور“:
علي بخش جوڻيجو ”خيرپور ميرس“: نعيم اختر، سرمد
عباسي، محمد نديم منگي، محمد عيسى منگي، فهميده
نسرين منگي، عبدالفتاح منگي، محمد يحى ميمڻ، محمد
سليم، اخلاق حسين، عبدالفتاح شيخ، سراج احمد ميمڻ،
اطهر حسين پٺاڻ، محمد اسحاق شيخ، فريد حسين ڀٽو،
عبدالعزيز ڀٽو، بشير احمد منگي، منور حسين بلوچ،
عبدالقادر ڀٽو ۽ منير احمد منگي ”ڳوٺ لياري“: اظهر
ڪانڌڙو ۽ زوار حسين ”ٺيڙهي شريف“: فيروز الدين
شيخ، عبدالرحمان شيخ، ڪرشن چند ”اڳڙا“: ديدار
ٽالپر ”ڳوٺ ممتاڻي“، غلام محمد شر، سڪينه ناز ۽
غلام محمد بلوچ ”کهڙا“، ذوالفقار علي سومرو، محمد
ابراهيم ميمڻ، زاهد حسين ميمڻ، بدر الدين ميمڻ،
سڪندر ذوالقرنين، قمر الدين، حبيب الله ملڪ، ارباب
علي سومرو ۽ علي گوهر سومرو ”نوشهروفيروز“: صدر
الدين، بدر الدين ميمڻ ۽ مظهر الدين ميمڻ ”نيو
سعيد آباد“: محمد اسلم انصاري، سيف الله ميمڻ،
امتياز حسين ميمڻ ۽ يوسف گل ميمڻ ”هالا“: محمد
رمضان، منير احمد ميمڻ، آصف فتاح ابڙو، شميم آرا
ابڙو، خليل احمد متقي، فريده بانو ميمڻ، زينب بانو
ميمڻ، محمد انور متقي، ذڪيه فيض ميمڻ، وحيد اسحاق
ابڙو، شهزاد شوڪت ابڙو، پروين لطيف ابڙو، فرزانه
شوڪت ابڙو ۽ حاجرهه الهه ڏنو شيخ ”ڀٽ شاهه“: ظفر
حسين خاصخيلي، علي گل، فياض حسين ميمڻ، امتياز
حسين ميمڻ ۽ محمد سومار شيدي ”کيبر“، محمد بقا
کيبر، محمد هاشم کيبر، ديدار احمد شاهه، جاويد
شاهه ۽ مشتاق احمد ميربحر ”مٽياري“، طارق احمد
ميمڻ، نديم شيخ ۽ سيد فدا حسين شاهه ”حيدرآباد“،
مظهر علي صديقي، افتخار احمد پيرزادو، عبدالستار
ڀلائي، حفيظ الرحمان سومرو، شاهد حسين ميمڻ، عامر
حسين ميمڻ، نسرين شيخ، نثار احمد شيخ، زبير الدين
شيخ، آفتاب احمد پيرزادو، افضال احمد پيرزادو،
تسنيم ڪوثر ميمڻ، امين محمد خواجه، ارشد حسين ڀٽو،
عبدالجبار سومرو، عبدالوهاب سومرو، عبدالعزيز
عالماڻي، سيد دانيال طارق، خالد رشيد بلوچ، اعجاز
احمد بلوچ ۽ غلام نبي بلوچ، ”ڳوٺ ڀليڏنه ڪاڪا“،
گلشير ڪاڪا ”هالا پراڻا“: وحيد مراد ميمڻ، ”ڳوٺ
شير محمد ٺوڙها“: حاجي رانجهن ڳوٺ دريا خان سرڪ“،
مير محمد سمون ”ڳوٺ پير حاجن شاهه“: عبدالقادر
شاهه ”ڪلر شاخ“: داد محمد ۽ عبدالرسول ميرجت ”ڳوٺ
محمد هڪڙو“، عبدالجليل هڪڙو ”بيگن جروار“، عمر
الدين جروار ”ڳوٺ دين محمد انڙ“ مختيار علي انڙ
”بڪيرا“: منظور احمد آرائين ۽ پريل شاهه ڏاڏاهي
”ٽنڊوالهيار“: چمن ٿري، پهلاج داس، عبدالستار
مجيداڻو، ابرار احمد مجيداڻو، حاجي اسليم الدين،
حاجي غلام الله مجيداڻو، اسرار علي مجيداڻو، مير
ڌڻي بخش ٽالپر، مير منظور علي ٽالپر، غلام سرور
سومرو، محمد سليم، محمد عالم ڏيرو، شنڪر لال
مالهي، سليمان ڪنڀار، علي اڪبر شاهه، اشرف علي
خواجا ۽ علي محمد ميمڻ، ”ٽنڊو ڄام“: رضا چانڊيو ۽
مظهر علي لاشاري ”ٽنڊو قيصر“، الاهي بخش کور،
منظور بيگم وڳڻ، محمد الدين، نور محمد خاصخيلي،
بشير الدين ۽ نائلا عليم ”کيسانه موري“، بشير احمد
سولنگي ”ٽنڊو محمد خان“: رامچند صوفي، نانڪرام ۽
ارشد تنوير ”سانگهڙ“: بخشڻ خان ابڙو، فرزند حسين ۽
منور نواز ڪنڀر، ”شهدادپور“: پير محمد سومرو،
ٽهلرام کتري، روپچند کتري، ثورت اقبال، ڪنيا لعل،
غلام حيدر ڀٽي ۽ ماستر محمود ڀٽي، ”ٽنڊو آدم“:
ساجده پروين ميمڻ، ”نئون آباد“: دلاور خان ڀٽي،
قابل خان پٺاڻ، محمد صديق مهر، انور علي شيخ،
سنگرام داس، علي گوهر مهر، جهامن داس، محمد قاسم
مهر، محمد بخش مهر، دولترام کتري ۽ خدادا ”ڪوٽ
نواب“: محمد عثمان بگٽي ”جاکوڙو“، عبدالوهاب
ناريجو ۽ عبدالغفور لغاري، ”ڦلهڏيون“: موهن داس
مالهي، ”کپرو“: عاجز بلوچ، سونو مل راوهڙا، نريش
ڪمار، عبدالخليل، برڪت علي ڀٽي، محمد اقبال ميمڻ،
گوپال داس، ڪشور ڪمار کتري، موتيرام لهاڻو، اشوڪ
ڪمار ڪشوراڻي، سنتوش ڪمار، وجيه ڪمار کتري، ڀورو
مل کتري، ڪمار امنگلم ۽ رميش چندر ”امان الله
ڏاهري“: غلام حيدر سومرو، الهه بچايو، عالم خان،
نظير احمد، يونس ڏاهري، ڪرشن مل، خدا بخش عمراڻي،
حاجي ڀيل، ڀؤنر مل ۽ عبدالجبار پنهور ”تاج محمد
ڏاهري“: عبيد الله، اقبال حسين، قادر بخش ڏاهري
”ڌامراهه“: غلام مجتبى، ”عبدالرحيم پنهور“: امام
بخش پهوڙ ”سدا واهه“: محمد جمن ڪنڀار ”قائم خان
بالادي“: جوڳي خان ”ڳوٺ مولوي خير محمد“: اقبال
لغاري ”سليمان ڏاهري“: عبدالرزاق ”ڳوٺ ٺارو
لغاري“: شمس بيگ ۽ تجمل بيگ ”عمر ڪوٽ“: تارا چند،
چيتن ڪمار، اشوڪ ڪمار آزاد، ڪشور ڪمار، فاروق اعظم
ميمڻ ۽ تنسک ڪرماڻي ۽ جان محمد ميمڻ، ”نبي سر
روڊ“: سنگرام داس ”فتح محمد راڄڙ“: رحمت الله،
”ڏيپلو“: الهورايو ميمڻ، سريش ڪمار موراڻي، امير
محمد طاهراڻي، منظر اڪبر ميمڻ، رفيق احمد کٽي،
انور دين کتري، امتياز احمد، رياض احمد، غلام
محمد، محمد خان، خادم حسين ڪلر، شوڪت محمود، فضل
الاهي ۽ اشفاق علي، هاشم رضا، حفيظ الرحمان،
نهالچند گرڙو، دليب ڪمار، رميض ڪمار، غلام محمد
ميجر، پيرو لال ۽ ثناءُ الله، ”ميرپورخاص“: نياز
احمد ميمڻ، ۽ امجد علي ميمڻ، ”جهڏو“؛ فهيم الاهي
ميمڻ، ۽ فرح ناز ميمڻ، ”اسلام ڪوٽ“: چيتن آئلاڻي،
ايشور، محمد ڪنڀر، جئه پرڪاش، ميٺا رام ۽ موهن
اڻنداڻي ”جيمس آباد“: عبدالستار جوڻيجو ۽
عبدالرزاق جونيجو ”سامارو“: جيرام مهراج، ڪرشن لال
مالهي، مولچند ڏونگراڻي، رفيق احمد ڀرڳڙي، اشوڪ
ڪمار ۽ عطاءَ الله، ”صالح ڀنڀرو“، عزيز اڪبر
”ڇاڇرو“: اختر حسين گدارو ۽ محمد ملوڪ راهمون ”ڳوٺ
عمر درس“: جاويد ابڙو ۽ نور نبي درس ”صوفي فقير“:
الهه بچايو نهڙي ”مانڌل اوڏ“: رامچند ۽ ميرچند
”نئون ڪوٽ“: لالا تيرٿ لالواڻي، ”روشن آباد“: محبت
الله علياڻي ۽ گل محمد علياڻي ”مٺي“: آتم کتري،
انور علي شاهه، مولچند کتري، رويش، سريش شارڌا،
تاراچند، سريش ڪمار راٺي ۽ ڌنيش ڪمار ”شاهه محمد
شر“: عبدالواحد ”پنهون راڄڙ“: عبدالحليم ”ڀاڏور“:
لکاڏنو بجير ”جهنجهي“: محمد راهب ”ڪنري“: هيمن
ڪمار، چيتن ڪمار مينگهواڙ ۽ محمد حسن ڄچيلهار“،
سشروڻ ڪمار، لجيت راءِ، مدن، ڪيشنو، نرهيندر،
جهامن راٺي، تنوگر گوسوامي، لجپراءِ، تنومل ۽ ڀرت
ڪمار ”بين“، مختيار احمد ميمڻ، ظفر عباس خواجه،
سلطان احمد خواجه، عبدالرحمي کتري ۽ محمد هاشم
ميمڻ، ”ٽنڊو باگو“، سليم رضا کتري، سليم عابد، علي
محمد کتري، راڌا ڪرشن، ايشور داس، دولترام،
جهامنداس، ليلارام، سعيد اختر سمون، منصور علي
خواجه، موهن لال، نجيب خواجه، سترامداس، قمر
النساء جتوئي، محمد عارف مغل، اعجاز احمد مغل،
اسلم ميمڻ ۽ محمد ابراهيم ڪڇي ”تلهار“: احسان علي
ميمڻ، ۽ محمد عباس خواجه ”ڏندو“، خالقڏنو ميمڻ،
عرفان خاصخيلي، عبدالرزاق ڀاٽولي ۽ گرڌاري لال
”ٽنڊو غلام علي“: شيو ڪرام ۽ سنتوش ڪمار ”راجھو
خاناڻي“: محمد اشرف ميربحر، ”حاجي ولي محمد
لغاري“: خالد سليم ”ڳوٺ رحمت الله“: محمد بوٽا،
نور احمد، محمد اسلم، عبدالقيوم، محمد اسلم، علي
اڪبر ۽ محمد ارشد،”حاجي ميوو ٽالپر“ ممتاز علي
ٽالپر، محمد خالد، نور محمد چانگ ۽ غلام حيدر
ٽالپر ”ڳوٺ نظام الدين“: رياض احمد ”ڳوٺ سونو
آرائين“: نور محمد ”لواري شريف“: احسان احمد ڦرڙو،
”کمون جوڻيجو“: محمد هاشم ”ٺري“: شهناز پروين
ٽالپر ”ٺٽو“: انيس اختر، غلام اڪبر عقيلي، غلام
شبير شيخ، نظر احمد، نصير احمد ميمڻ، غلام حسين
خاصخيلي، منور علي، محمد سراج قريشي، الطاف احمد،
جاويد ميمڻ، ديدار حسين، مظر علي ميمڻ، شڪيل ميمڻ،
طفيل احمد ”چوهڙ جمالي“: محمد هاشم کٽي، عبدالڪريم
ميمڻ، گنگارام، ڪرشن ڪمار، ڌرمون داس، اسد الله
کٽي، هريش ڪمار، غلام رسول ميمڻ، مشتاق احمد، نياز
احمد، ڪيولداس، اقبال کتري، محمد جمن ميمڻ،
عبدالله ميمڻ، محمد حسين کٽي، سليمان لوهار، الهه
بچايو ميمڻ، جيرامداس ۽ ڪنيا لعل ”ميرپور بٺورو“:
جاويد اختر کتري، برڪت الله، اقبال احمد کٽي،
عبدالقادر کتري ۽ سيف الله ”دڙو“: جاويد احمد سمون
۽ نجيب ميمڻ، ”سجاول“: جاويد قريشي ”لاڏيون“:
عبدالحڪيم عالماڻي ۽ محمد يوسف عالماڻي ”جاتي“،
اعجاز علي، الطاف حسين خواجه ۽ محمد صديق انصاري،
”برانچ موري“ محمد آچار خاصخيلي ۽ يار محمد ناهيو،
”ڳوٺ درس“، ڪريم بخش درس، جنگشاهي، اصغر پليجو،
”کارو ڇاڻ“، عبدالجليل کٽي ”ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي“،
عبدالله، شبير احمد، امتياز علي، محمد اسماعيل،
اقبال احمد، نثار احمد، نصر الله، ممتاز علي، انور
علي ۽ مشتاق علي خاصخيلي ”ڳوٺ جمع حمائتي“، محمد
صديق، محمد جمن، محمد اقبال، محمد اشرف حمائتي ۽
زبير احمد خاصخيلي ”ڳوٺ حاجي غلام حسين“: نظر محمد
جوکيو، ”ڳوٺ ڪوٽيرڙو“: محمد انور جوکيو ”ميمڻ
ڳوٺ“: عبدالغفار ميمڻ، ”کنڊو ڳوٺ“، فقير محمد
جوکيو ”ملير سٽي“، محمد صادق بلوچ ۽ غلام قادر
بلوچ، ”دادو“، علي احمد جويو، علي اصغر قريشي،
اقبال احمد قريشي، واجد حسين گهلو، محمد يونس شيخ،
طارق شيخ، علي محمد جويو، غلام سرور قريشي، ڪريم
بخش شاهاڻي، مجيب صحرائي ۽ لکميچند ”انڙ پور“،
منظور احمد ”ٿاڻو بولا خان“، گوورمل، گوور آڏواڻي،
پيتو مل ۽ پپو، ”ٿاڻو احمد خان“: تلوڪ مل ۽ گيهي
مل، ”پاٽ شريف“، محمد ابراهيم ”پيٽارو“، عبدالخالق
شيخ ”سن“ علي بخش ميمڻ، ”ڳوٺ مٺي واهڻ“، نور الدين
گلال ”ٻيلو پتڻ“، ولي محمد جويو، ”محراب لاکير“،
نور النبي پيرزادو، ”گلڻ چانڊيو“، اياز ۽ غلام
رسول چانڊيو، ”مسو ساهڙ“، علي محمد ۽ ممتاز علي
”ٻٽ سرائي“، غلام قادر ”ڪرڙ کوسو“، غضنفر علي
لغاري، ”ميهڙ“: گل حسن شيخ، اعجاز علي، غلام سرور
قاضي، محمد اسلم لنڊ، محمد ايوب، محمد ابراهيم شيخ
۽ عبيد الله شيخ ”شير محمد سولنگي“، محمد اعظم
لغاري ”فريد آباد“: اڪبر سليم ”ڀان سعيد آباد“:
اظهر حسين بلوچ ”خدا آباد“؛ شجاع الدين قريشي
”راڌڻ“؛ طارق اعجاز، بخشل رند، ذوالفقار علي
سولنگي، ممتاز علي، فدا حسين جانوري، گلشير
لاشاري، الطاف حسين سولنگي، عبدالله پٺاڻ، عباس
علي لاشاري، اختيار احمد خانزادو، سخاوت جانوري،
اعجاز حسين سولنگي، ٻالچند اوڏ، محمد علي پٺاڻ،
پريم چند اوڏ، دولت ڪمار پرياڻي، ماڻڪ لال،
راجڪمار ۽ مهيش ڪمار ”دلاور سولنگي“؛ سعيد احمد
سولنگي ”سيوهڻ شريف“: فياض احمد شيخ، نواب خان
رند، مشتاق احمد سومرو، شمس الدين اوٺو ۽ غلام
مصطفى اوٺو ۽ برڪت علي شيخ ”بابارا“: خالد محمد
ترڪ ”ڄام شورو“: فوزيه عبدالرحمان، شمس الرحمان
ميمڻ، شمس النساءِ ميمڻ، سنتوش ڪمار، ستيه پال،
نبي بخش شورو، علي بخش شورو، زبيده ناز شورو،
حفيظان ناز شورو، ساجده پروين شورو، امين الدين،
اشوڪ ڪمار راٺي، نسيم شيخ، مسعود احمد ڀٽي، مقصود
ڀٽي ۽ محمد عرس لاشاري. (باقي آئنده).
نتيجو بنا عنوان – 4
ماهه جنوري 1979ع ۾ زرينه زرين جي ڪهڻي ڏني وئي
هئي. جنهن جو عنوان ٻارن کي مقرر ڪرڻو هو. پهتو
عنوان مان ججن جي فيصلي مطاب دولهه دريا خان ميمڻ
نواب شاهه جو عنوان لڱ منهنجا لوهه پهريون نمبر
آيو. کيس گهرجي ته پوري ائڊريس موڪلي پنهنجو انعام
ويهن رپين جا ڪتاب گهرائي وٺي. هن ڪالم ۾ 512 ٻارن
حصو ورتو آهي، ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي جو سڀني جا
نالا هن ننڍڙي رسالي ۾ ڇاپي سگهجن. – ادارو. |