نيٺ هڪ ٻڍڙي عورت، هڪ اک کان ڪاڻي، هڪ ٽنگ کان
منڊي، جنهن جي پٺيءَ تي وڏو ڪُٻ هو. بادشاهه جي
سامهون آئي ۽ چوڻ لڳي: ”جيئندا قبلا، خدا شل اوهان
جو رتبو وڌائي ۽ توهان تي رحمت نازل ڪري. مان انهي
پل ڊاهڻ وارن جنن جو پتو لڳائينديس ۽ توهان کي
انهن جي حقيقت کان آگاهه ڪنديس.“
”جيڪڏهن تون ڪامياب ٿيندينءَ“ بادشاهه چيو ”ته
توکي هڪ شهزاديءَ جهڙي رتبي وارو ڪيو ويندو ۽
تنهنجي سڀني ڏکن کي دور ڪيو ويندو.“
”مان پوري ڪوشش ڪنديس ته جيئن هنن جنن کان پنهنجي
مڙس جو بدلو وٺان، جنهن کي هنن جوانيءَ ۾ ئي ماري
ڇڏيو هو.“ پوڙهيءَ چيو.
”خدا تنهنجي مدد ڪندو.“ بادشاهه چيو ۽ پوڙهي اتان
رواني ٿي ويئي.
بادشاهه کي پوڙهيءَ جي انهيءَ ڳالهه تي ته، ”هوءَ
جنن کان بدلو وٺندي“ ڏاڍي کل آئي. هن سوچيو ته ملڪ
جا بهترين بهادر نوجوان مقابلو نه ٿا ڪن اتي هيءَ
ويچاري پوڙهي ڪهڙو ڪارنامو ڪندي.
پوڙهي هڪ وڻ جي جهڳٽي ۾ اهڙي طرح لڪي ويهي رهي جو
هن جي سامهون بادشاهه جي سپاهين جي ڪوشش سان لڳايل
پل جا ٿنڀا هئا.
پوڙهي ان جهڳٽي ۾ ڪرونڊڙي ٿي ويهي رهي. هو سڄي ڏڪي
پئي ڄڻ سيءَ ۾ ڏڪڻي ورتل هجيس- هن جيئن جيئن
انتظار پئي ڪيو- تيئن تيئن هن جو حراس ۽ ڊپ وڌندو
پئي ويو. هن جي دل ڄڻ ته بيهڻ واري هئي، هوءَ ڏاڍو
ڊڄڻ لڳي- ۽ ان گهڙيءَ کي پٽڻ لڳي- جنهن مهل هوءَ
هتي آئي- هن سوچيو ”ڪهڙي کٽيءَ کنيم جو هتي آيس-
هاڻي هتان ڪيئن وڃان.“ هن کي اهو ڊپ هو ته هٿان هن
جهڳٽي مان نڪران ۽ جن کڻي وٺن ته پوءِ ڇا ٿيندو.
ان مهل اوچتو ڌڌڪن، سوسٽ ۽ گجگوڙن جا آواز اچڻ
لڳا. اهي آواز سچ پچ ته رت نسن ۾ ڄمائڻ جهڙا هئا.
پر هي هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙي ٿي ويٺي ۽ جنن جون
ڳالهيون ٻڌڻ ۽ هنن جي چرپر کي ڏسڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته
اهي آواز ۽ گوڙ گهمسان جنن جا ئي هئا. هنن هر شئي
کي تباهه ٿي ڪيو. ايتريقدر جو ڪاٺ جو ننڍڙو ٽڪر به
بچيل نه هو. هر شئي کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ هو پاڻ
۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا. هنن جي مشڪڻ جو آواز ايترو ته
ڀوائتو هو جو ٻڌندڙن جا وار اڀا ٿي وڃن. سڀ
بادشاهه جي مٿان ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. الائي ڇا ڇا چئي
ويا- اوچتو هنن مان هڪ نوجوان جن اٻهرائي سان چوڻ
لڳو ”ڀائرو، اهو ڪهڙو هوشيار ماڻهو هو جنهن اهو
چيو ته بادشاهه اسان جو دشمن ايستائين اسان تي
قابو حاصل ڪري نه سگهندو، جيستائين هو هڪ ڄار سان
سونهري مڇي ماري پنهنجي زال کي کارائي. هاڻي هو
جيستائين پنهنجي زال کي اهو پاڻ رڌي نه کارائيندو،
تيستائين هن درياهه تي پل ٺاهڻ جو ڪو سوال ئي پيدا
نه ٿو ٿي سگهي.“
”چپ ڪر، بيوقوف ۽ احمق، پنهنجو وات بند ڪر. تون
صفا ڪو واهيات ۽ بي عقل آهين. هتي جيڪڏهن ڪو اها
ڳالهه ٻڌي ۽ بادشاهه کي وڃي ٻڌائي ته پوءِ اسين ڇا
ڪنداسين؟ هڪ وڏي جن ڪاوڙجندي چيو.
”پر ٻڌو ته سهي ڪنهن کي ايتري همت آهي جو هتي اچي
اسان جون ڳالهيون ٻڌي.“
ٻي چيو ”ڇڏ- ٻار جي ڳالهين تي ايترو نه سوچ“. ۽
اهو هئو به سچ، ڪير هو جيڪو هنن جون ڳالهيون ٻڌي ۽
خير سان موٽي وڃي. هو سڀ وحشي هئا- سڄيون ماٿريون
۽ جهنگ ڄڻ ته هنن جي آواز سان گونجندا هئا- هو سڀ
گڏجي هڪ ئي وقت ڳالهائيندا هئا. ايڏو گوڙ سچ پچ ته
مٿي ڦيرائڻ لاءِ ڪافي هو. ويچاري پوڙهيءَ، مس مس
ساهه پئي کنيو- نه ته ڊپ ۾ ذري گهٽ مري وڃي ها. هن
جي سڄي عمر ۾ اهڙي ڀوائتي رات نه آئي هئي.
صبح جو جن موٽي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا،
پوڙهيءَ جي دل ٻاهر نڪرڻ تي نه پئي ٿي. هوءَ ڊڄندي
ڊڄندي جهڳٽي مان نڪتي، پهرين جهاتي پائي ٻاهر
ڏٺائين ۽ پوءِ هڪ هڪ وک ڏڪندي وڌائڻ لڳي ڄڻ هن کي
وري به جنن جي موٽي اچڻ جو ڊپ هو. جيئن تيئن ڪري
پوڙهي خير سان واپس بادشاهه وٽ آئي، هن بادشاهه کي
سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته هن ڇا ڏٺو. ان کان پوءِ هن
ملڪ جا بهترين ملاح ۽ ٽوٻا گهرائي انهن کي سمنڊ
مان سوني مڇي آڻڻ جو حڪم ڏنو. ملاح ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ اها مڇي پڪڙي آيا، بادشاهه ان مڇيءَ کي کنيو-
ان کي پاڻ تري پنهنجي زال کي کاريائين، ڪجهه وقت
کان پوءِ راڻيءَ کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جاني
رکيائين. ان ساڳئي ڏينهن هڪ ڪتيءَ کي ٽي گلر به
ڄاوا- ان ڪتيءَ به ڪو ان تريل مڇيءَ جا هڏا کاڌا
هئا.
جاني، تيزيءَ سان جوان ٿيندو رهيو، هو هڪ سال ۾ ئي
ٻين ٽن سالن جي ٻارن جيترو نظر ايندو هو، جڏهن هو
ڪجهه وڏو ٿيو ته مائٽن هن کي مڪتب ۾ داخل ڪيو ۽ هو
سڄي ملڪ ۾ هوشيار مڃيو ويو، هن جي بهادريءَ،
هوشياري ۽ لڙائيءَ ۾ ڪو به هن جو ثاني نه هو.
سورهن سالن جي عمر ۾ هن هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ کان
پڇيو ”امان، ڇا مون کي ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ نه آهي.“
ماڻس هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته ڪيئن هن جون ٽي
ڀينر آهن، جن کي جن کڻي ويا، اها ڳالهه ٻڌي هن کي
ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن فيصلو ڪيو ته هو پنهنجين ڀينرن
کي ضرور آزاد ڪرائيندو. هن جي ماءُ هن کي ڏاڍو
سمجهايو ته هو جنن جي مقابلي ۾ ڪمزور آهي، پر هو
پختو ارادو ۽ مضبوط عزم سان جنن سان مقابلي جي
لاءِ تياري ڪندو رهيو. هن جي مائٽن هن کي ڏاڍو
روڪيو، پر هن جي ضد کي ڏسي آخرڪار هن کي مقابلي تي
وڃڻ جي موڪل ڏنائون. هن کي ڪجهه ڪپڙا ۽ پئسا به
گڏ، سفر تي ڪم اچڻ ۽ خرچڻ لاءِ ڏنا، موڪلائڻ وقت
هن جي ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، پر
جانيءَ کلندي هن کان موڪلايو. هن سان گڏ سفر ۾ اهي
ٽي گلر به گڏ هليا. جيڪي ٺيڪ هن جي ڄمڻ جي ڏينهن
تي هن سان گڏ ڄاوا هئا. اهي گلر به هاڻي وڏا ڪتا
هئا- جاني سدائين انهن سان گڏ شڪار تي ويندو هو.
ان سفر ۾ هن کي ٽي سال لڳا، تڪليفون سهندو نيٺ هو
جنن جي گهرن وٽ اچي پهتو. هن جون ڀينرون انهن جنن
جي گهرن ۾ قيد هيون. هو جنهن مهل اتي پهتو ان مهل
جن پنهنجي گهرن کان پري برف جي گولن سان راند ڪري
رهيا هئا. هن جي وڏي ڀيڻ هن کي پري کان ڏٺو ته دل
۾ چوڻ لڳي ”پڪ اهو ڇوڪرو منهنجو ڀاءُ آهي“. ڇاڪاڻ
جو جاني ان مهل شاهاڻي لباس ۾ هو. اهو شاهي لباس
انهن ڇوڪرين جي پيءُ جي درٻار سان تعلق رکندو هو.
هن جي ڀيڻ سوچيو ”پڪ اهو منهنجو ڀاءُ آهي، ڇاڪاڻ
ته اهو لباس اسان جي بادشاهيءَ جو آهي.“ جاني
ويجهو آيو ته هن پنهنجي ڀيڻ کي سڃاڻي ورتو، هن کي
ماءُ پورا پار پتا ڏسيا هئا، هن جي ڀيڻ هن سان ملي
ڏاڍي خوش ٿي پر هن پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي باري ۾
ڪجهه نه پڇيو. ڊڄندي ڊڄندي هن کي چوڻ لڳي ”ادا،
هتان جلدي هليو وڃ، يا ڪٿي لڪي وڃ. ڇاڪاڻ جو جن
هينئر اچڻ وارو آهي. هن جيڪڏهن توکي هتي ڏٺو ته
توکي مارڻ کان سواءِ ڪو نه ڇڏيندو.“
”ادي، مان هتي چرچو ڪرڻ ته ڪو نه آيو آهيان. هو
ڪٿي آهي؟“ جانيءَ پڇيو.
”هو صبح ساڻ برف جي جبلن ڏانهن ويو آهي ۽ هينئر هن
جي موٽڻ جو وقت ٿيو آهي، خدا جي واسطي ڪٿي لڪ“ ڀيڻ
چيو.
اوچتو ان مهل هوا جو زوزاٽ وڌي ويو ۽ ظالم جن وڏا
وڏا ٽهڪ ڏيندو گهر ۾ داخل ٿيو. جاني هن سان در وٽ
مليو. جڏهن هن جن ڏانهن ڏٺو ته جن ڏاڍو ڪاوڙيو،
جاني هن کي گهوريندو رهيو. جن وڏي آواز سان ٽهڪ
ڏئي هن کي ڊيڄارڻ لڳو. پر هو وري به بهادريءَ سان
اتي بيٺو رهيو، جن ڏاڍو حيران ٿيو. هن پنهنجي
طرفان جانيءَ کي آڇ ڪئي. ”اسان ڪهڙي نموني وڙهون
بهادر جوان؟ تلواربازي، تيراندازي، يا زور آزمائي
جو مقابلو ڪريون يا ملهه وڙهون؟“
”منهنجي خيال ۾ ملهه مناسب رهندي. ڇاڪاڻ جو بهادر
انسان ملهه کي ٻين مقابلن تي ترجيح ڏيندا آهن.“
جانيءَ وراڻيو.
”جيئن تون پسند ڪرين.“ جِن چيو..... (باقي آئيندي)
سنڌيڪار: محمود مغل
احتشام الحق شاد سومرو
مڇر طرفان جواب
پيارا ڀائٽيا متيرا،
اوهان کي شاهي درٻار مڇرستان شهر منڇر ڍنڍ مان
معافي نامي ذريعي واقف ٿو ڪجي ته حقيقت ۾ اسان جا
جنگي بهادر، اوهان جي سارسنڀال ۽ نگرانيءَ لاءِ
مقرر ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجي جاسوسي
کاتي طرفان اها خبر اڳواٽ پهچي چڪي هئي ته اوهان
امتحان جي گرماگرم تيارين ۾ مشغول آهيو، تنهنڪري
اوهان ۾ چستي ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ ضروري هئي. هنن
بهادرن اوهان جي ننڊ ڀڄائڻ ۽ اوهان ۾ روايتي سستي
پيدا ڪرڻ خلاف محاذ قائم ڪيو هو. اهو سڀ ڪجهه
اوهان جي علمي عروج فائدي خاطر ڪيو ويو هو. پر
اوهان پنهنجي بي عقليءَ جي ڪري نه رڳو شاهي احساس
۽ جذبات کي زخمي ڪري ڇڏيو، پر اسان جي بهادرن کي
به بيدرديءَ سان ساڙي دفن ڪري ڇڏيو. ان لاءِ جيترو
ڏک ڪجي اوترو ٿورو آهي. اسان سڄي ملڪ ۾ پوڻن اڍائي
مهينن لاءِ سوگ ملهائڻ جو حڪم صادر ڪري ڇڏيو آهي.
اسان جي وزيرن پنهنجي نيڪ تدبيرن سان اها تجويز
پيش ڪئي ته اهڙي قاتل تي جگر ٽوڙ حملو ڪيو وڃي پر
اسان پنهنجي ڪمال مهربانيءَ سان انهيءَ رٿ کي ٿڏي
ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته اسان ان کي شايان شان نه ڄاتو ته
هڪ جيتامڙي انسان کي تنگ ڪريون. ڀلا جيڪو انسان
پنهنجي نسل سان هڏڏوکي ۽ همدرد نه آهي، ان ۾ اسين
ڪهڙي توقع رکي سگهون ٿا؟ حقيقت ۾ اوهان وڏي ڏوهه
جا ڏوهاري آهيو ۽ اسان جي پارليامينٽ جي قانون
مطابق اهڙي ڏوهاريءَ کي ٻه ٽي تولا ڪوسو ڪوسو رت
ڏيڻو پوندو آهي. پر اسان اوهان جي محنت ۽ جفاڪشي
جي قدرشناشي ڪندي اوهان سان نرمائيءَ جو ورتاءُ
ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ان وقت اوهان بين الاقوامي سياست
جو مطالعو ڪري رهيا هئا. پر اسان جي ملڪي سياست کي
پرکي نه سگهيا. اهي بهادر ان لاءِ موڪليا ويا هئا
ته ڪتاب پڙهندي جڏهين اوهين بور ٿيو ته اوهان لاءِ
محفل موسيقيءَ جو اهتمام ڪن، ڇاڪاڻ ته راڳ ڀيروي
ئي هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن سان ننڊ اکين مان الوپ
ٿيو وڃي. اهو فيصلو منڇر ڍنڍ هال ۾ پارليامينٽ جي
خاص اجلاس ۾ ئي ڪيو ويو هو، پر اوهان ان کي سمجهي
نه سگهيا. اٽلو اوهان اسان جي خلوص کي نه رڳو
ٺڪرايو پر اسان جي قوم تي الزام پڻ هنيو.
اوهين پهرين خوش نصيب آهيو، جو اوهان جو نالو اسان
جي تاريخ جي سونهري ورقن تي چانديءَ جي اکرن سان
انهن محبت وطن شهيدن جي خون سان لکيو ويو آهي، جن
ايڏي جرئت ۽ همت جو مظاهرو ڪيو. جيئن ته اوهان رحم
جي اپيل ڪري سٺا لاڳاپا بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
آهي، ان ڪري اسان رحمدليءَ کان ڪم وٺندي، اوهان کي
سمورا قتل معاف ڪيا آهن.
دوستيءَ جي نالي ۾ اسين اوهان کي آڇ ٿا ڪريون، ته
جڏهين به اوهان کي اسان جي ضرورت هجي ته بنا ڪنهن
حجاب ۽ لڄ جي پنهنجي گهر کي گندو ڇڏي ڏيندا، يا
پنهنجو رهڻ سهڻ ڪني پاڻيءَ جي کڏ ڀرسان ڪندا ته
اسان جا جوان هٿيارن پنهوارن ۽ سازن سرودن سميت
اچي اوهان جا حال ڀائي ٿيندا.
اوهان جو چاچو
شهنشاهه مڇر، منڇر ڍنڍ.
ايشور چندر
هندي ڪهاڻي
جڏهن ٻليءَ چشمو پاتو
ائين ڪو اڄ پهريون دفعو ڪو نه ٿيو هو. گذريل ڪجهه
ڏينهن کان جيئن ئي ٻلي راڻي پنهنجي شڪار مٿان ٽپ
ڏيندي هئي، تيئن ئي هن کي لڳندو هو ته اڙي شڪار ته
هٿن مان نڪري ويو!.... خالي چنبا زمين سان ٽڪرائجي
ويندا هئا.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه هجي ته سهڻ به ڪجي ليڪن هينئر
ته روز ائين ٿيندو هو. پوسي راڻي حيران ٿي ته
جيڪڏهن هيءَ حالت رهي ته بک مرڻ جي نوبت اچي
ويندي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان جڏهن هڪ به ڪوئو هٿ نه لڳو،
ته پوسيءَ پاڙي جي ٻن چئن گهرن ۾، ماڻهن کان نظر
بچائي، کير تي هٿ صاف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ليڪن اهو
به وڌيڪ ڏينهن تائين هلي نه سگهيو. ڇو جو پنهنجو
نقصان ٿيندو ڏسي، پاڙي جا سڀ ماڻهو ساوڌان ٿي ويا
هئا. هينئر اهي ڪم ڪارپتائي، ترت ئي رنڌڻي جو
دروازو بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پوسي ائين ئي رهجي
ويندي هئي، اهڙيءَ حالت ۾ پوسي راڻيءَ جي پيٽ ڀرجڻ
جي باقي رهيل اميد به ختم ٿي ويئي.
اصل ۾ ٿيو هيئن هو ته شروع کان ئي ڪوئا هن ٻليءَ
جي ڪارنامن کان تنگ اچي چڪا هئا. سڄو ڏينهن ڪوئا
کائي کائي هوءَ ٿلهي ٿيندي پئي ويئي ۽ جڏهن ڏسو
تڏهن رنڌڻي جي ٻاهر ويهي اوڳرايون ڏيندي رهندي
هئي. تڏهن ڪوئن سوچيو ته ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو. اسان
جا سڀ ڪم ڌنڌا بند ٿي ويا آهن. مري رهيا آهيون، سو
الڳ. ان تي به مصيبت اها جو هڪ اڌ ڪوئي مان هن
ٿلهيءَ پوسيءَ جو پيٽ نٿو ڀرجي. هن کي ته بس سڄو
ڏينهن ڀوڄن (ماني، کاڌو) ئي ڀوڄن کپي. جتي وڃون
ٿا، اتي هيءَ پوسي پهرين کان ئي اسان جي تاڙ ۾
ويٺي آهي. رنڌڻي ۾ جيڪڏهن ڪٿي به نچڻ ٽپڻ جي اڇا
ٿيندي آهي ته ڏسون ٿا ته اتي به پوسي مهاراڻي
موقعي جي تاڙ ۾ بيٺي آهي.
ان وقت، هڪ ننڍڙي ڪئيءَ کي ترڪيب سجهي آئي، چيائين
”جيڪڏهن توهان مون کي اجازت ڏيو ته مان هن پوسي
راڻيءَ کي ٺيڪ ڪري سگهان ٿي.“ سڀ حيران ٿيا ته هن
ننڍڙيءَ ڪئيءَ وٽ ڇا آهي جو هيءَ پوسي کي ٺيڪ ڪري
ڇڏيندي! اٽلو ائين نه ٿئي جو ويچاريءَ جي جان به
هلي وڃي. ليڪن هڪ بزرگ ڪئي چيو: اڙي ڀائي، هن کي
به ڪجهه ڪرڻ ڏيو. اڄ جي نئين پيڙهيءَ وٽ به ته
پنهنجي سمجهه/سوچ جا ڪئين طريقا آهن. ٿي سگهي ٿو
ته هن ننڍڙي ڪئيءَ جي ڪا چالاڪي يا ترڪيب ڪم اچي
وڃي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هنن ننڍڙيءَ ڪئيءَ
کي اجازت ڏني ته هوءَ ٻلي جو دماغ ٺڪاڻي لڳائڻ
لاءِ ڪوشش ڪري. ان سان گڏ کيس هدايت ڪئي ويئي ته
هوءَ پنهنجي جان بچائڻ جي پوري ساوڌاني (هوشياري)
رکي. ننڍڙي ڪوئي خوشيءَ وچان نچڻ لڳي ته پنهنجي
سمجهه جو ڪرشمو ڏيکارڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.
ان رات ننڍڙي ڪئيءَ ٻر مان ٻاهر نڪرڻ کان پهرين
ڪنڌ ڊگهو ڪري ٻاهر نهاريو. پوسي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه
آئي. هوءَ آهستي ٻاهر آئي ۽ رنڌڻي مان پيٺل مرچ مٺ
ڀري کڻي آئي. هوءَ پوسيءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ
تيار هئي. هينئر پوسيءَ کي کاڌي جي تلاش هئي. بک
زوردار لڳي هئس. ان ڪري هن ڳاڙها مرچ مٺ ۾ ڀري ٻر
کان ٻاهر نڪرڻ جي تياري ڪئي. بلڪل ڌيان سان هوءَ
ٻر کان ٻاهر نڪتي. پهرين هن اندران ڏٺو. پوسي ٻر
جي ٻاهران ويٺي هئي. پوسيءَ جيئن ئي ننڍڙي ڪئيءَ
کي ٻر مان ٻاهر نڪرندو ڏٺو ته ڪن کڙا ڪري، چپن تي
ڄڀ ڦيرائي، شڪار جي لاءِ تيار ٿي ويئي. |