ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ:
نئين سال کان جن نون ڪالمن کي شروع ڪيو اٿئون،
انهن جي موٽ پڙهندڙن وٽان سٺي ملي آهي. ڏک اهو آهي
ته پڙهندڙ، گل ڦل پڙهڻ جي هام ته وڏي هڻن ٿا پر ان
کي چڱيءَ ريت پڙهن ڪو نه ٿا. جنهن ڪري اسان کي
ڪيترين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. گل ڦل آڏو
اکري ڳجهارت جي باري ۾ واضح هدايتون ڏنل هيون ته
هرهڪ خاڪو جدا لفافي ۾ وجهي موڪليو ۽ لفافي جي
مٿان ائڊريس ۾ به گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر __
پوسٽ باڪس 12 حيدرآباد لکڻ گهرجي. پر ان تي ڪن حصو
وٺندڙن عمل ڪو نه ڪيو آهي ۽ ايڊيٽر يا مئنيجر جي
خطن ۾ اهڙا خاڪا موڪليا آهن. اهڙي قسم جا آيل خاڪا
رد ڪيا ويا آهن ۽ مقابلي ۾ شريڪ ڪو نه ڪيا ويا
آهن. هر حصو وٺندڙ پنهنجي نالي سان هڪ ئي لفافي ۾
ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح سمورن
انعامي مقابلن لاءِ جدا جدا لفافو ڪتب آڻڻو آهي.
بنا عنوان ۽ اوهان جو امتحان لاءِ به جدا جدا
لفافو ڪتب آڻيو ۽ واسطيدار ڪالم جو نالو لفافن
مٿان لکي ڇڏيو. ان طرح سان اسان کي مواد کولڻ،
ترتيب ڏيڻ ۽ واسطيدارن تائين پهچائڻ ۾ سولائي
ٿيندي ۽ اوهان جي پهچ جي به خاطري ٿيندي. باقي
سمورو مواد اوهان هڪ ئي لفافي ۾ موڪلي سگهو ٿا پر
ان لاءِ به اهو ضروري آهي ته اهو مواد جدا جدا پنن
تي ۽ هڪ پاسي لکڻ گهرجي. اسين اميد ٿا ڪريون ته گل
ڦل جا پڙهندڙ اسان جي هن گذارش تي خاص ڌيان ڏيندا.
ڪن ٻارن، ڪنهن ڪالم جي نه هجڻ جي باري ۾ شڪايت لکي
موڪلي آهي. انهن کي گذارش آهي ته ڪي به ڪالم بند
ڪو نه ڪيا ويا آهن پر مواد وڌي وڃڻ ڪري وقتي طور
انهن کي روڪيو ويو آهي، انهن مان ڪو ڪالم
فيبروريءَ ۾ ته ڪو مارچ ۾ ڏيئي اوهان جي گهُر کي
پورو ڪيو ويو آهي. اوهان جو ساٿ آهي ته اسين اوهان
جي منشا موجب مواد ڏيندا رهنداسين.
اوهان جو ڀاءُ
انور هالائي
سچائيءَ جا ڪرڻا
قرآن پاڪ
1- سچ ۾ ڪوڙ نه گڏيو ۽ سچ کي ڄاڻي واڻي نه لڪايو.
(1-پارو)
2- جنهن پنهنجو قول پورو ڪيو ۽ الله کان ڊنو ته
بيشڪ الله کي پرهيزگارن سان محبت آهي. (3- پارو)
3- اوهان تي ڪا به مصيبت اچي ته ان تي صبر ڪريو.
بيشڪ اهو وڏي هيبت واو ڪم آهي. (2- پارو)
4- صبر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ وڏي همت جو ڪم آهي. (25-
پارو)
حديث شريف
1-حضرت ابن عمر رضه جو چوڻ آهي ته حضرت رسول پاڪ
جن فرمايو ته ڪو به ماڻهو ڏائي هٿ سان ڪا به شيءِ
نه کائي نه پئي ڇاڪاڻ ته شيطان ڏائي هٿ سان
کائيندو پيئندو آهي. (مسلم)
2- حضرت ابن عباس رضه جو چوڻ آهي ته حضرت رسول پاڪ
جن فرمايو ته انهن مردن تي جيڪي عورتن جهڙي صورت
اختيار ڪن ٿا ۽ انهن عورتن تي جيڪي مردن جهڙي صورت
اختيار ڪن ٿيون، خدا لعنت وجهي ٿو. (بخاري)
3- حضرت عبدالله بن عمر رضه جي روايت آهي ته حضرت
رسول اللهﷺ جن فرمايو ته بيشڪ اوهان مان، مون وٽ
سڀني کان اهو پيارو آهي جنهن جو اخلاق سٺو آهي.
(بخاري)
4- حضرت جبيرين مطعم رضه جو چوڻ آهي ته حضرت رسول
اللهﷺ جن فرمايو ته مٽي مائٽيءَ کي ٽوڙڻ وارو بهشت
۾ داخل نه ٿيندو. (بخاري ۽ مسلم)
لطيفي لات
هو چُونِئِي تون مَ چَؤ، واتا وَرائي ويڻُ،
سَڀَنِي سين سَيّد چئَي، مَنُ ماري ڪَر ميڻُ،
کانڌِ وڏيائِي کيڻُ، ڪيني مَنجهان ڪِينَ ٿِئَي.
(شاهه) –گربخشاڻي وارو رسالو.
هي بيت شاهه جي رسالي جي سر يمن ڪلياڻي جي داستان
اٺين جو سترهون بيت آهي.
سمجهاڻي:
هو توکي ڪجهه به چَوَن پر تون نه چئه. پنهنجي وات
مان ڪو گٿو گفتو نه ڪڍ. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چوي
ٿو ته سڀني سان هڪجهڙو ٿي گذار ۽ پاڻ کي انهن جي
آڏو ائين نرم ڪر جيئن ميڻ نرم هوندو آهي. صبر ۽
ماٺ وڏي ڀلائي آهي. حسد ۽ ساڙ رکڻ مان ڪجهه به
حاصل نه ٿيندو آهي.
معنيٰ:
چونئي=توکي
چون. واتا=
وات مان. ورائي=موٽائي.
ويڻ=
گٿو گفتو، بڪواس. من ماري=
نفس کي پنهنجي وس ڪري. ميڻ=
نرم، نازڪ، هيٺاهون. کانڌ=
تحّمل، صبر، بردباري. وڏائي=
وڏي ۾ وڏي. کيڻ=
خير، ڀلائي، سک، آنند. ڪينو=
حسد، ساڙ، بغض. ڪين ٿئي=
ڪجهه به پلئه نه پوي.
شمشير الحيدري
بابلي جا پار
ٻڌو بابلي جا پار، ٻڌو بابلي جا پار!
جنهن جا نخرا نَو هزار، جنهن جا ٽهڪ ٽماٽيدار!
ٻڌو....
ٻاتيون ٻوليون ٻولي ٻولي، سڀ جي دل هرکائي،
ڏيڍ فٽو هي ماڻهو ساري گهر کي ڀوڪ بنائي:
ڀوڪ بنائي،
ٽافي کائي،
ٿولي مار به کائي-
جنهن جا ريشم جهڙا وار، جنهن جون ڳالهيون ماکيءَ
لار-
ٻڌو.....
گهر جو لٺ سردار سڏائي، کائي کنڊ ملائي،
کِي کِي- کِي کِي، کيچل کيٽو، کِٽ پِٽ کوٽ پِٽائي:
کوٽ پٽائي،
ميز ٽپائي،
سڀ سان آهه لڙائي-
هاڻي کائي ويٺو مار، رڙيون راڄ ٻُڌن چوڌار-
ٻڌو....
آئيندي جي آس به آهي، اڄ جو آهه سهارو،
ساري گهر جي سونهن اِنهيءَ سان، سڀ جي اک جو تارو،
اک جو تارو،
ڀاڳ ڀلارو،
سڀ کي آهه پيارو-
جنهن تي ابي جا آڌار، جنهن تي امڙ ٿي ٻلهار-
ٻڌو....
واجد
گيت
پيارا طوطا کنڀڙا کول
پيار وچان سي ٻوليون ٻول،
جن سان ڀاڳ سڀاڳ ٿئي،
سنڌي ٻار سجاڳ ٿئي،
جاڳن ادڙن جا احساس،
علم سنديون سي ڇوليون ڇول،
پيارا طوطا کنڀڙا کول.
تنهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان،
ماتا جهڙيءَ لوليءَ سان،
پنهجن جهريل جهوپن ۾،
رچندا ڪئين رنگ رتول،
پيارا طوطا کنڀڙا کول.
چَتون تنهنجي لات سڻي،
جاڳي پوندا ڏات ڌڻِي،
توکي سنڌڙيءَ جو آ سنهن،
مٺو، منهنجي آس نه رول،
پيارا طوطا کنڀڙا کول.
هوندراج بلواڻي
پينگهه
مان ته پينگهه لُڏان،
ڏاڍو مزو وٺان.
ڀلي اچي موهن،
ڀلي اچي سوهن.
پينگهه ڏسي سِڪن،
مون کي منٿون ڪن.
کين ڪين ڏيندس،
صرف مان لڏندس.
جيڪي محنت ڪندا،
سي مزو وٺندا.
مون محنت ڪئي،
تڏهن پينگهه ٺهي.
هڪ نوڙي آندم،
هڪ پٽِي آندم،
ويس وڻ تي چڙهي،
تڏهن پينگهه ٺهي.
پينگهه سٺي آهي،
ڏس تون به ٺاهي.
واهه واهه پينگهه لڏي.
وڃي مٿي مٿي.
راهي چنا
ڪارونجهر جي ڪور
ساري سنڌ جا ٻار الا،
منهنجي من جو ٺار الا،
هي اونداهيءَ ۾ لاٽ الا،
هي چوڏس ۽ چمڪاٽ الا،
هي ملڪ پنهنجي جا مور الا،
هي ڪارونجهر جي ڪور الا.
هي سچ جا ٿيندا يار الا،
هي ٻلوانن جا ٻار الا،
هي جوت سان جوت جلائيندا،
هي ديس جو شان وڌائيندا،
ملندن آخر ماڳ الا،
جرڪائيندي جاڳ الا،
جاڳي پوندو ڀاڳ الا،
واري وٺجو واڳ الا،
پيرون پٽن تي جڏهن پچندا،
تيئن ٻار جمالو ڳائيندا،
ڏاڍي ٿيندي مينگهه ملهار،
ڌرتي ساري لال ڪنوار.
وهوا جو رنگ رچائيندا،
هي چارڻ چنگ وڄائيندا،
هي دريا جو رُخ موڙيندا،
ظلم جي بند کي لوڙهيندا.
هي ڪائنر ڪوڙا ماريندا،
هي ڏاڍ جو ڏونگر ڏاريندا.
هي محبت جا ميهار الا،
هي ڌرتيءَ جا دلدار الا،
رهن سدائين باغ بهار،
شال جيئن هي ٻاتا ٻار.
هي ملڪ پنهنجي جا مور الا،
هي ڪارونجهر جي ڪور الا.
نياز پنهور
ننڍڙو گل
تون ئي ننڍڙو گل الا،
جهولي ۾ تون جهل الا.
تو لاءِ لولي ڳايان ٿي،
توکي سيني لايان ٿي،
هير جيان تون گهل الا.
آڱر ڏي ته ڏوريان توکي،
آزاديءَ لئه گهوريان توکي،
ڇوليءَ وانگيان ڇل الا.
منزل ڪارڻ رڙهندو رهجان،
ويرين سان تون وڙهندو رهجان،
ڏوري لهجان ڪل الا.
گيت خوشيءَ جا ڳائي اچجان،
منزل پاڻ ملهائي اچجان،
ڪجان پوءِ هُل الا.
قاضي مقصود گل
ٻارن ڪاڻ
ننڍڙن ٻارن ڪاڻ لکان ٿو،
ديس دلارن ڪاڻ لکان ٿو.
ننڍڙا سرجي وڏڙا ٿيندا،
دکيارن جا درد ڪٽيندا،
سيٽ نه سهندا حاڪم جي،
هيڻن کي سي هٿڙا ڏيندا،
پنهنجن پيارن ڪاڻ لکان ٿو،
ننڍڙن ٻارن ڪاڻ لکان ٿو.
علم هنر سان دلڙي لائي،
عقل فهم جي جوت جلائي،
همت جو هٿيار کڻي شل،
ڀونءِ ڇڏن بستان بنائي،
چنڊ ستارن ڪاڻ لکائي ٿو،
ننڍڙن ٻارن ڪاڻ لکان ٿو.
سنهڙا سهڻا مالڪ موتي،
جرڪي شال انهن جي جوتي،
نازڪ نازڪ گل کڻي مون،
تن جي آهي مالها پوتي،
هينئڙي هارن ڪاڻ لکان ٿو،
ننڍڙن ٻارن ڪاڻ لکان ٿو.
رزاق انصاري
ٻڪي جا ٽيڙو
ايڪ ڏون ڏون
گلا غيبت نه ڪر
سورهيه ٿي تون
......
ٻه ڏون چار
ڌارئي کي ڌاريو ڄاڻ
پنهنجن سين ڪر پيار
.........
ٽه ڏون ڇهه
ابي امڙ جي
ادڙا سار لهه
.........
چار ڏون اٺ
وڏيرن وزيرن جا
ڪين گهرجن ٺٺ
.........
پنج ڏون ڏهه
منصور سوليءَ تي
ڪين ڪئي نهه
.........
ڇهه ڏون ٻارنهن
ڏاڍ ۽ ظلم جي
هٽاءِ ڪارنهن
.........
ست ڏون چوڏهن
ٻارو ٻڌيءَ جي
دل ۾ رکو ورونهن
.........
اٺ ڏون سورهن
شاهه جو رسالو
سنڌ جي سونهن
.........
نائي ڏون ارڙهن
ڪوٽ ٽوڙ ڏاڍ جو
ٿي ڌرتي کان نه پرانهن
.........
ڏهه ڏون ويهه
ڏاڍ ۽ جبر جي
ڪيسين هلندي پيهه.
.........
جاني لاثاني
گهڻو وقت اڳي هڪ بادشاهه ۽ هڪ راڻي هڪ ملڪ تي
حڪومت ڪندا هئا. خدا جي قدرت سان هنن کي پٽ جو ڪو
به اولاد ڪو نه هو. رڳو ٽي ڌيئرون هونديون هين.
بادشاهه ۽ راڻي الله جو شڪر بجا آڻي انهن ڌيئرن کي
پنهنجي پٽن وانگر پالڻ لڳا. هڪ ڏينهن محلات ۾ جن
گهڙي آيا ۽ اهي ٽنهي شهزادين کي پاڻ سان گڏ کڻي
ويا. بادشاهه شهزادين جي گم ٿيڻ جي ڪري بيحد غمگين
ٿي ويو. هن جي ڏک جي باري ۾ ڪو به اندازو نٿي
لڳائي سگهيو- آخرڪار هن هڪ فوج تيار ڪئي ۽ جنن جي
مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجين ڌيئرن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ
روانو ٿيو. جڏهن هو پنهنجي بادشاهت جي حد وٽ پهتو
ته رستي ۾ هڪ دريا آڏو آيو ان ڪري بادشاهه ان تي
پل ٺاهڻ جو حڪم ڏنو پل ٺاهڻ جو ڪم ٽي سال هليو ته
به اها ٺهي نه سگهي. ڇاڪاڻ جو ڏينهن جو جيڪي
ٺاهيندا هئا. رات جو جن اچي ڊاهي ويندا هئا.
ويچارو بادشاهه ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيو. هن جي دل
۾ بدلي وٺڻ جي باهه پي ڀڙڪي. هو جنن کي ڪو به
نقصان نه ٿي پهچائي سگهيو. نيٺ هن پنهنجي بادشاهت
۾ اعلان ڪرايو (پڙهو گهمايو) ته جيڪو به انهن جنن
سان مقابلو ڪري شهزادين کي آزاد ڪرائيندو انهن کي
اڌ بادشاهت ڏني ويندي.
ڪو به ماڻهو ان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ڀلا ڪير
جنن سان مقابلو ڪندو. بادشاهه انعام جي رقم وڌائي،
پر ڪو به ماڻهو جان جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار نه ٿيو. |