سارنگ اهڙي نموني روزانو ڪاپي تي ڀاڙيندو هو. ٻئي
ڏينهن صبح جو وري ساڳئي نموني ڪتاب لڪائي کڻي
ويندو هو ۽ اتي تلاشي دوران ڦرجي ويندو هيس. آخري
پيپر جي رات، هن سوچيو ته اڄ پيپر جي تياري ڪري
ويندس. انهيءَ لاءِ جيئن سارنگ تياري جي لاءِ ڪتاب
کوليو ته افضل اچي سڏ ڪيس ۽ هي انهيءَ سان گڏ
ڀرواري هوٽل تي فلم ڏسڻ هليو ويو.
جڏهن پيپر ختم ٿيا، ته پوءِ جيڪا سارنگ تي ٿوري
گهڻي مائٽن جي طرفان سختي هئي، سابه صفا ختم ٿي
وئي ۽ پوءِ سڄو ڏينهن، سائيڪل موٽر تي افضل سان
شهر پيو گهمندو هو ۽ سئنيمائن تي پيو فلمون ڏسندو
هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، افضل جي طبيعت ۽ رويي ۾
تبديلي آئي. هو دوستن وغيره اڳيان سارنگ سان حاڪمن
جيان پيش ايندو هو. سارنگ پهرين ته انهيءَ ڳالهه
کي محسوس ئي ڪونه ڪيو، جي محسوس ڪيائين ٿي، ته ان
کي ڪا اهميت ئي ڪانه ٿي ڏنائين ۽ هن سوچيو ته
دوستي ۾ ائين ٿيڻ آهي. پر آهستي آهستي افضل سارنگ
کي طعنا ڏيڻ شروع ڪيا ته: ”تون کائين منهنجو ٿو،
تون غريب آهين. تون ڄٽ آهين.“ آخر سهندي سهندي
سارنگ کي هڪ ڏينهن، سندس ضمير ملامت ڪئي. سارنگ
پنهنجي ضمير جي انهيءَ ملامت جي باوجود، افضل سان
گڏ پيو هلندو هو.
هڪ ڏينهن هوٽل ۾ ويٺا هئا ته افضل پنهنجي کيسي مان
پنج روپيا ڪڍي، سارنگ کي ڏنا ۽ چيائين ته، ”هي وٺ
هن مان کاڄا وٺي اڃ“ سارنگ کاڄا وٺي آيو، ته پاڻ ۽
ٻيو سندس دوست کائڻ ويٺا. جڏهن سارنگ کاڄن ڏانهن
هٿ وڌايو، ته چيائينس: ”تون اسان سان نه کاءُ هي
ٻه روپيا وٺ جدا وٺي وڃي کاءُ.“
انهيءَ تي پاڻ ۽ سندس دوست کلڻ لڳا. سارنگ پنهنجي
هيءَ بي عزتي برداشت ڪري ماٺ ڪري ويهي رهيو. منٽ
کان پوءِ افضل ۽ سندس دوست چانهه پي اٿيا ۽ هن کي
چيائون ته: ”اڄ ڏينهن کان وٺي اسان سان نه
ڳالهاءِ!.“ ائين چئي هو اٿي هليا ويا. هاڻي هوٽل ۾
اڪيلو سارنگ مايوس ويٺو هو. کيسي ڏانهن نگاهه
ڪيائين. وٽس فقط هڪڙو رپيو هو. جڏهن ته چانهه جو
في ڪوپ 3 روپيا هو. پوءِ سارنگ فقط ميز تي رکيل جڳ
مان پاڻي جو گلاس اوتي پيتو ۽ ٻاهر وڃڻ لڳو، ته
هوٽل جي سيٺ هن کي سڏ ڪري چيو ته ”چانهه جا پئسا
ڏي.“
”مون چانهه ڪانه پيتي آهي.“ هن وراڻيو.
تنهن تي هوٽل جي سيٺ چيو ته ”توسان گڏ جيڪي ٻه
دوست تنهنجا هئا، اُهي چانهه پي ويا آهن ۽ اهي
تنهنجي نالي چئي ويا آهن.“ تنهن تي سارنگ دل ۾
سوچيو ته ”افضل کي ته خبر آهي. ته آئون غريب ماڻهو
آهيان ۽ هينئر مون وٽ پئسا به ڪونه آهن. پوءِ هو
منهنجي نالي چئي ويو آهي.“ سارنگ سيٺ کي چيو
”سائين مون وٽ ته پئسا ڪونه آهن.“ انهيءَ تي سيٺ
کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن سارنگ کي ڳل تي هڪ زوردار
چماٽ هنئي ۽ چيائين ته ”هاڻي هتي شام تائين ڪم
ڪر.“ سارنگ کي مجبورن ڪم ڪرڻو پيو. انهيءَ ويل
سارنگ کي شرم به ڏاڍو آيو. پر ان وقت هن چاهيو ٿي،
ته پاڻ کي ماري ڇڏي. جڏهن، سامهون سانوڻ کي ايندو
ڏٺائين. هن سانوڻ کي ايندو ڏسي پاڻ کي لڪائڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر جيئن ته هوٽل جي سيٺ هن تي نظر رکيو
ويٺو هو. تنهن جي دڙڪي تي سانوڻ سڌو هن ڏانهن آيو
۽ چيائين ”ڏي خبر تون هتي ڇا پيو ڪرين؟“ پهرين ته
سارنگ گهڻو ئي ڳالهه کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر
سانوڻ جي اسرار تي نيٺ سارنگ سانوڻ کي پيرائتي
ڳالهه ڪري ٻڌائي. جنهن تي سانوڻ چيو: ”خبر آ، آئون
ڪنهن سان ڳالهه ڪونه ڪندس.“ پوءِ هن هوٽل جو بل
ادا ڪيو ۽ سارنگ کي چيائين ته: ”يار توکي ڪاوڙ نه
لڳي، باقي تنهنجو دوست افضل خراب ماڻهو آهي. هي
رول آهي، پاڻ غريب ماڻهو انهيءَ جي پويان ڇو لڳي
پنهنجو مستقبل تباهه ڪريون. هينئر مون ڏٺو، ته تو
سٺا پيپر ڪونه ڪيا هئا. استاد به هاڻي تنهنجون
شڪايتون پيا ڪن.“ ان وقت شرم مان سارنگ جي زبان
سارنگ جو ساٿ ڪونه ڏنو، ته هو ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش
بيٺو رهيو. پوءِ سانوڻ سارنگ جو ڀاڙو ڀري کيس ڳوٺ
وٺي آيو ۽ اڄ ڏينهن تائين هن ڪنهن سان ڳالهه ڪانه
ڪئي آهي.
هاڻي سارنگ سوچي ٿو: واقعي سانوڻ سچ چيو، مون
پنهنجو قيمتي سال افضل جي صحبت ۾ اچي وڃائي ڇڏيو.
بهر حال هاڻي ماضي تي سوچڻ اجايو آهي. باقي ماضي
مان ورتل سبق کي ڪونه وسارڻو آهي ۽ هاڻي مان محنت
ڪندس. پڙهندس ۽ خراب ڇوڪرن سان دوستي ڪونه رکندس.
نسيم حبيب کوسو
غريب جي قرباني
هر طرف خاموشي هئي، برسات تيزي سان وسي رهي هئي ۽
ٿڌ ۾ به اضافو ٿي رهيو هو.
شاهد تيزي سان گهر ڏانهن وڃي رهيو هو، سندس ڪپڙا
ڀڳل هئا......
هي ڏڪندڙ هٿن سان در کولي اندر داخل ٿيو، ”متان
اما، نه ڏسي وٺي، نه ته قيامت اچي ويندي!“ اوچتو
اڳيان سندس ماءُ اچي وئي.
”ڪٿي گم هئين تون ۽ هي ڪپڙن جي ڇا حالت ڪئي اٿئي.“
سندس ماءُ زور سان چيو.
”اما! مائي نصيبان ڏانهن ويو هيس.“ شاهد ڊڄندي
چيو.
”ڇا ضرورت هئي. ان غريب عورت وٽ وڃڻ جي .... هيڏي
برسات ۾......“ سندس ماءُ ٻيهر به ساڳي لهجي ۾
چيو.
”اما! هوءَ صبح کان بکايل هئي.... نه ڪجهه کاڌائين
نه پيتائين.... کيس ماني ڏيڻ ويو هئس......“ شاهد
نرمي سان جواب ڏنو. ڪجهه دير سندس ماءُ ڪاوڙ مان
کيس گهورڻ لڳي ۽ نيٺ اڳتي وڌي، سندس ڳل تي زوردار
ٿڦ وهائي ڪڍيائين... ۽ ساڳي لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”ڪڏهن
به ان عورت ڏانهن نه وڃجانءِ.... تو ڪڏهن سندس گهر
ڏٺو آهي. سندس سڄو گهر، گند ڪچري سان ڀريل
آهي..... ۽ تون هڪ امير مالدار جو پٽ آهين، هيڏي
ساري برسات ۾ سندس مدد پيو ڪرين.......“
”اما! غريبن سان همدردي، هن دولت کان وڌيڪ اهميت
واري آهي......“ شاهد وڏي آواز ۾ چيو.
”ڏس؛ شاهد! هڪ هفتو باقي وڃي بچيو آهي، تنهنجي
سالگرهه ۾ ..... ٻاهران وڏا ماڻهو ايندا، ته ڇا
چوندا، ته تون هڪ غريب عورت نصيبان جي مدد ڪري
رهيو آهين. ان ۾ نه ته تنهنجي عزت رهندي ۽ نه اسان
جي خاندان جي......“ سندس ماءُ ساڳي لهجي ۾ چيو.
ان تيز برسات ۾ ٿڌ لڳڻ ۽ سندس ماءُ جي ان رويي جي
ڪري شاهد جي طبيعت ناساز ٿي پئي. ٻه ڏينهن علاج
ڪرائڻ جي باوجود به سندس طبيعت ٺيڪ نه ٿي.
نصيبان، سندس محلي ۾ رهندڙ هڪ غريب عورت هئي، جنهن
جو صرف هڪ ئي پٽ اشرف هو. سندس پيءُ هڪ ٽرڪ
ڊرائيور هو، هڪ ڀيري ٽرڪ هلائيندي، سندس پيءُ
حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، ۽ هو اشرف ۽ سندس ماءُ کي
هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو. پوءِ ته اشرف ۽
سندس ماءُ بلڪل غريب ٿي ويا.
”اما! مون ته تياري ڪئي آهي، پر شاهد، خبر نه آهي،
ٻن ڏينهن کان مونکي اسڪول ڇڏڻ نه پيو اچي.......“
اشرف ٿيلهو ڪلهي تي لٽڪائيندي چيو.
”ها پٽ! صبح سوير ئي مون کي رحيمون ٻڌايو ته شاهد
جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي ۽ هو ٻن ڏينهن کان بستري
تي داخل آهي.....پٽ! تون وڃ ۽ سندس خيريت معلوم
ڪري اچ.......“ سندس ماءُ چيو.
انهيءَ لمحي اشرف. شاهد جي خيالن ۽ سوچن جي ساگر ۾
ٻڏي ويو، جڏهن سندس پيءُ ٽرڪ جي حادثي جو شڪار ٿيو
هيو ته، هن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. انهيءَ موڙ تي
شاهد کيس سهارو ڏنو هو ته: ”ڏس اشرف اڄ کان توکي
ڪتاب مان خريد ڪري ڏيندس ۽ تنهنجي اسڪول جي في به
مان ئي ڀريندس.“ ان کان سواءِ اسڪول ۾ جڏهن رسيس
ملندي هئي ته اسڪول جا ٻيا ٻار چٽ پٽيون شيون وٺي
کائيندا هئا، ته اشرف کي شاهد کارائيندو هو.
”اشرف! پٽ تون اڃا هتي آهين.......“ سندس ماءُ جي
آواز کيس سوچن جي ساگر مان ڇڪي ڪناري تي پهچايو.
”جيءُ-جيءُ هو ڇرڪيو ۽ شاهد ڏانهن وڃڻ لڳو.
”بيگم صاحبه! مائي نصيبان جو پٽ اشرف آيو آهي....“
رحيمون سندس ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو.
”موڪلينس....“ شاهد جي ماءُ چڙ مان چيو ۽ پوءِ
اشرف ڪمري ۾ داخل ٿيو.
”تون! هتي ڇو آيو آهين..... مان ته غريبن سان ملڻ
پسند نه ڪندي آهيان.“ شاهد جي ماءُ رعب ڄمائيندي
چيو.
”بيگم صاحبه! مان شاهد جي طبيعت پڇڻ لاءِ آيو
آهيان. جي ڪا ضرورت آهي ته مان حاضر آهيان، ڇو ته
اسان تي سندس وڏا احسان آهن....“ اشرف عاجزي سان
چيو.
”هون! غريب ۽ ان جي مدد.......!“ هن مسڪرائيندي
چيو.
”پر، وري به ڪا ضرورت پوي ته مان حاضر آهيان.....“
وري به اشرف ساڳي لهجي ۾ چيو.
”ڪائي ضرورت نه آهي، تنهنجي..... وڃ ۽ منهنجي نظرن
کان گم ٿي، ٽر هتان.“ شاهد جي ماءُ غرور ڏيکاريندي
چيو.
ان تي اشرف واپس وريو.
شاهد جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ۽ ٻن ڏينهن ۾ صفا
ڪاٺي ٿي ويو.
”رحيمون، او رحيمون!.......“ بيگم صاحبه کيس سڏ
ڪندي چيو.
”رحيمون! جلدي وڃ ڊاڪٽر کان ميڊيڪل رپورٽ وٺي
آ......“
رحيمون جي داخل ٿيندي، شاهد جي ماءُ چيو.
رحيمون ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ۽ ڪلينڪ ڏانهن روانو ٿيو.
جتان هن ڊاڪٽر کان شاهد جي رپورٽ ورتي ۽ آڻي سندس
ماءُ کي ڏنائين.
”بيگم صاحبه، هي وٺو ميڊيڪل رپورٽ ۽ ڊاڪٽر چيو، ته
شاهد کي وڌيڪ ڪمزوري کان بچائڻ لاءِ کيس صحتمند رت
جي ضرورت آهي.“ رحيمون رپورٽ ڏيندي چيو.
جنهن کان پوءِ، شاهد جي ماءُ وڌيڪ پريشان ٿي وئي ۽
سوچڻ لڳي ته، ”آخر صحتمند رت ڪٿان آڻي سگهجي
ٿو....“ سندس ذهن ۾ مختلف خيال آيا، پر پوءِ به هو
نتيجي تائين نه پهچي سگهي، آخر رحيمون کي سڏ
ڪيائين.
”رحيمون جلدي وڃي اخبار ۾ اشتهار ڇپراءِ، ته اسان
کي صحتمند رت جي گهرج آهي... ۽ ها، ڪير پئسن تي رت
ڏي ته به ٺيڪ آ.....“ شاهد جي ماءُ رحيمون کي
هدايت ڏيندي چيو، ٻئي ڏينهن اخبار ۾ اشتهار ڇپجڻ
کان پوءِ، پهرين نصيبان جو پٽ اشرف رحيمون سان گڏ
شاهد جي ماءُ اڳيان حاضر ٿيو.
”بيگم صاحبه! اشتهار ڇپجڻ کان پوءِ، صرف هيروئنن
جي ئي قطار لڳي وئي آهي ۽ رت لاءِ صرف اشرف ئي آيو
آهي....“ رحيمون بيگم صاحبه جي اڳيان بيهندي چيو.
اشرف کي اڳيان ڏسي، شاهد جي ماءُ جو ڪنڌ ندامت مان
جهڪي ويو، ڇو ته ٿورو مڃڻ لاءِ وٽس لفظ ئي نه رهيا
هئا، سندس ندامت ڀريون نظرون مٿي اڀريون ۽ اشرف
ڏانهن ڏسي چوڻ لڳي ”مون کي خبر ئي نه هئي، ته ڪو
غريب به اسان جي ڪم اچي سگهي ٿو، ڇو ته دولت هٿان
مغرور ٿيلن آڏو غريب ڪا اهميت ئي نٿو رکي.“
اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ اشرف جو رت نڪري رهيو هو،
۽ شاهد جي ماءُ خاموش ۽ حيرت سان اشرف کي ڏسي رهي
هئي. پوءِ اهو رت، شاهد کي لڳايو ويو ۽ اشرف مرڪي
پنهنجي دوست کي ڏسي، رهيو هو. شاهد کي رت لڳڻ سان
فرحت محسوس ٿي. پٽ کي خوش ڏسي هن پنهنجي رئي جي
پلاند سان ڳوڙها اگهيا ۽ چيائين ”اڄ مان شرمنده
آهيان، اشرف اڳيان، جنهن هن ڏکي وقت ۾ منهنجي مدد
ڪئي. اڄ آئون واعدو ٿي ڪريان ته مان هميشه غريبن
جي ئي حمايت ۾ رهنديس... غريب ته رحمت جا فرشتا
هوندا آهن. هو خود ته غريب آهن...... پر ٻين کي
غريب ٿيڻ نٿا ڏين.“
” ۽ هو چوندي رهي ۽ غريبن کي فرشتي جهڙو لقب ڏيندي
رهي.“
ايتري ۾ اشرف جي ماءُ به اتي آئي ۽ شاهد کي منهنجو
ٻچو چئي، ڀاڪر پائي طبيعت پڇڻ لڳي. شاهد مرڪي ماءُ
کي چيو ”امڙ اهي اٿئي غريب.“
شاهد جي ماءُ اشرف جي ماءُ کي ڀاڪر پائي ملي ۽
چيائين ”مان ڀليل هيس، واقعي غريب جي دل ۾ قرباني
جو جذبو آهي.
شاهد کي ڊاڪٽر گهر وڃڻ جي اجازت ڏني. شاهد جي ماءُ
اشرف ۽ سندس ماءُ کي به پاڻ وٽ وٺي آئي ۽ کيس ڀيڻ
ڪري گڏ رهائڻ لڳي.
اشرف ۽ شاهد هاڻ سڳن ڀائرن وانگيان، هڪ ئي گهر ۾
رهندا آهن.
ترجمو: انور علي لوهار
هوائي جهاز
انسان پکين کي هوا ۾ اُڏامندو ڏسي، دل ۾ سوچيندو
هو، ”ته ڇا ائين به ٿي سگھي ٿو. ته اسان به پکين
وانگر هوا ۾ اڏامڻ لڳون.“
شروع شروع ۾ انسان ٽپا ڏيئي ڪري ۽ وڏن وڏن پکين
جا، پرَ ٻانهن تي ٻڌي ڪري، اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
ان ۾ ڪامياب نه ٿيو.
هڪ ڏينهن، هڪ ماڻهو باهه جي مٿان ڪپڙو رکيو؛ ته
اهو چُرڻ لڳو. ته هن محسوس ڪيو، ته دونهون هن کي
چُوري رهيو آهي، اهو ڏسي ڪري هن ڪپڙي جو هڪ وڏو
ٿيلهو ٺاهيو ۽ ان جي هيٺيان باهه ٻاري. باهه سان
دونهون ٿيو ۽ اهو ٿيلهي ۾ جمع ٿيڻ لڳو.
جڏهن ٿيلهو هوا سان ڀرجي ويو؛ ته هن ٿيلهي جو منهن
چڱي طرح بند ڪري ڇڏيو، ته ٿيلهو مٿي اڏاڻو ۽ جنهن
طرف هوا هن کي ڇڪيو، انهيءَ طرف وڃڻ لڳو. انهي
ننڍڙي ڪاميابي، انسان جو حوصلو وڌايو ۽ ڪجھ ٻين
ماڻهن سوچ ويچار کان پوءِ، اهو اندازو ڪيو، ته
جيڪڏهن ڪو وڏو ٿيلهو ٺاهيو وڃي، ته اهو ڪجھ وزن
کڻي اڏامي سگھي ٿو.
اهو، خيال ايندي ئي فرانس جي ٻن ڀائرن ”جوزف مانٽ
گول فيئر ۽ جيڪس مانٽ گول فيئر“ جون 1783ع ۾ هڪ
ٿيلهو تيار ڪيو. جنهن ۾ گرم هوا ڀري ويئي؛ پوءِ هن
جي هيٺيان هڪ ٽوڪري ٻڌي ڪري، ان ۾ هڪ بدڪ، هڪ رڍ،
هڪ ڪڪڙ ويهاري ڪري هوا ۾ ڇڏيو ويو. ٿيلهو انهن کي
کڻي ڪري 547 وال مٿي ويو ۽ پوءِ ڪجھ مفاصلي تي هڪ
جھنگ ۾ ڪري پيو. هي ٽيئي مسافر آرام سان هيٺ آيا.
رڍ ته جنگ ۾ سائو گاهه چرڻ لڳي، بدڪ هڪ ويجھي
تلاءَ ۾ ترڻ لڳي ۽ ڪڪڙ پنهنجي هوائي سفر جي
ڪاميابي تي ڪڪڙون . . . ڪون جا نعره هڻڻ لڳو.
انهي ڪاميابي تي ماڻهو تمام گھڻو خوش ٿيا، پر اڃا،
تائين ڪا اهڙي صورت ظاهر نه ٿي هئي، ته انسان به
اڏامي سگھي ٿو.
1784ع ۾ ٻن انگريزن ڦوڪڻي جون ڪامياب پروازون
ڪيون. هي ڦوڪڻو پنجويهه منٽن تائين هوا ۾ اڏامندو
رهيو ۽ انهي عرصي ۾ هن پنج ميل سفر پڻ طئي ڪيو.
1785ع ۾ ٻن انگريزن ڦوڪڻي ۾ ويهي ڪري انگلستان پار
ڪيو، پر مشڪل هي هئي، ته ڦوڪڻي جي اندر هوا گرم
رکڻ لاءِ ڪوئلو ٻاريو ويندو هو، جڏهن ڪوئلو ختم
ٿئي ته ڦوڪڻو هيٺ لهي اچي.
پوءِ به اهڙن ڦوڪڻن ۾ انسان ڏيڍ ڏيڍ هزار ميل ڊگھو
سفر ڪيو. انهي زماني ۾ هائيڊروجن گئس به هٿ اچي
چڪي هئي؛ (جيڪا گرم هوا کان 14 دفعا هلڪي هوندي
آهي.) جڏهن ڦوڪڻن کي ٺاهي گئس سان ڀريو ويو، ۽
پوءِ اڏاريو ويو ته اهو طريقو گھڻو ڪارآمد ثابت
ٿيو.
پوءِ، اڃا تائين ڦوڪڻي جي اها حالت هئي، ته هوا،
انهن کي جنهن طرف چاهي، انهي طرف کڻي ويندي هئي.
انسان جي اها خواهش هئي، ته ڪا اهڙي شيءِ تيار
ڪري؛ جنهن کي جتي به چاهي موڙي، هلائي ۽ بيهاري
سگھي.
جرمن جي مشهور سائنسدان ”زيپلن“ هائيڊروجن گئس جا
وڏا وڏا هوائي جهاز تيار ڪيا ۽ پهرين جنگ عظيم ۾
ان ڪيترن ئي شهرن تي بمباري ڪئي، پر، انهن جهازن ۾
گھڻيون ئي خاميون هيون. زيپلن جي جهاز کي تباهه
ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه هو.
آمريڪا وارن هائيڊروجن گئس بدران هئليم گئس
استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو صحيح آهي، ته هئليم
گئس کي باهه ناهي لڳندي؛ پر قيمتي هجڻ ڪري ان جو
استعمال ناممڪن هو.
آخر، آمريڪا جي ٻن ڀائرن؛ هڪ اهڙو هوائي جهاز تيار
ڪيو؛ جيڪو انجڻ جي ذريعي هلندو هو. آمريڪا جا اهي
ٻئي ڀائر ”اورول رائٽ ۽ ولبر رائٽ“ دنيا جا پهريان
انسان هئا؛ جن هوائي جهاز ۾ ويهي ڪري پرواز ڪئي.
اهي ٻئي ڀائر آمريڪا جي شهر ”ڊيٽن“ ۾ سائيڪلن جي
مرمت جو ڪم ڪندا هئا.
انهن پهرين هڪ گلائيڊر بڻايو، پوءِ هڪ موٽر ڪار جي
پيٽرول انجڻ کي تبديل ڪري ان کي انهيءَ قابل
بڻايو، ته هو پکو هلائي سگھي. اها انجڻ انهن هڪ
بائي پلين گلائيڊر ۾ لڳائي ڇڏي.
17- ڊسمبر 1903ع کي اوروِل ۽ ولبر، انهي جهاز ۾
ويهي ڪري پرواز ڪئي. ٻنهي ٻه ٻه پروازون ڪيون.
پهرين پرواز ٻارهن سيڪنڊ، ٻين ۽ ٽئين انهن کان ڪجھ
وڌيڪ دير تائين ۽ چوٿين 9 منٽن تائين هلي.
رائٽ برادران، پنهنجي جهاز ۾ مسلسل واڌارو ڪندا
رهيا ۽ 1908ع ۾ ولبر هڪ ڪلاڪ 20 منٽ تائين پرواز
ڪئي. انهي عظيم ڪاميابي تي ٻنهي ڀائرن کي سڄي دنيا
مان انعام مليا.
هاڻي هر هڪ ملڪ هوائي جهاز تيار ڪرڻ لڳو. پر ان
جهاز جي انجڻ موٽر ڪار جي انجڻ جهڙي هئي. ۽ انهن
جي رفتار ايتري تيز نه هئي، جڏهن جيٽ انجڻ ايجاد
ٿيو، ته هوائي جهاز جي رفتار وڌي وئي ۽ هو گھڻو
پري تائين سفر ڪرڻ لڳا. ريل گاڏي جي ذريعي جيڪو
سفر ڏينهن ۾ طئي ٿيندو هو، اهو جهازن جي ذريعي
ڪلاڪن ۾ ٿيڻ لڳو.
جيئن جيئن زمانو گذرندو رهيو، تيئن تيئن نئين قسم
جا جهاز تيار ٿيڻ لڳا. ۽ هاڻي انهن جي رفتار آواز
جي رفتار کان به تيز آهي!
ريل گاڏي
انگلستان ۾ 1650ع ۾ لوهه جي پٽڙي تي ڦيٿي واريون
گاڏيون هلڻ لڳيون. جن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا ۽ انهن
۾ کاڻين مان ڪوئلو کنيو ويندو هو. لنڊن ۾ به هڪ
گاڏي هلندي هئي، جنهن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا.
جڏهن سائنسدانن ٻاڦ جي طاقت جو راز معلوم ڪيو، ته
انهن ٻاڦ سان هلڻ واري انجڻ تيار ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو. جيڪا گهوڙن جي جاءِ وٺي سگهي.
اهڙي قسم جي ايجاد ۾ گهڻن ئي سائنسدانن جو هٿ آهي.
انهيءَ ۾ هڪ انگريز ”ٽري وي ٿڪ“ هو، جنهن 1804ع ۾
ٻاڦ جي انجڻ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ”جارج
اسٽيفن سن“ انهن سڀني کان بازي کٽي ويو. هي به هڪ
انگريز هو هي گهڻن سالن جي محنت کان پوءِ، هڪ اهڙي
انجڻ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جيڪا ٻاڦ سان هلي ۽
پٽڙي تي ڊوڙي سگهندي هئي. انهيءَ انجڻ جو نالو هن
”راڪيٽ“ رکيو.
1825ع ۾ پهرين ريلوي لائن انگلستان ۾ وڇائي وئي،
جنهن تي اسٽيفن سن جي ئي انجڻ هلائي وئي. انهي
انجڻ 1829ع ۾ 36 ميل هڪ ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي
ڪري 500 پائونڊ جو انعام حاصل ڪيو.
1830ع ۾ آمريڪال جي هڪ شخص پٽڙي تي هلڻ واري انجڻ
تيار ڪئي ۽ هڪ ٽانگي سان ان جي ڊوڙ جو مقابلو ڪيو،
پر هڪ رڪاوٽ اچڻ سبب ٽانگو اڳتي نڪري ويو. انهيءَ
تي انجڻ جي مالڪ کي ڏاڍو افسوس ٿيو، پر هي ڳالهه
ثابت ٿي وئي ته گاڏين جا بي جان گهوڙا (انجڻ)
جاندار گهوڙن کان وڌيڪ طاقتور آهن.
1830ع ۽ 1831ع ۾ ٻيون به انجڻيون تيار ڪيون ويون،
جن کان گاڏين ڇڪڻ جو ڪم ورتو ويندو هو. ان کان
پهريان انجڻ جن گاڏن ڇڪيندي هئي، اهي صرف مال کڻڻ
لاءِ هوندا هئا.
ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ انهن ۾ نه هوندي هئي، پر
هنن انجڻين ۾ اهڙا گاڏا به لڳايا ويا، جن ۾ ماڻهو
ويهي سگهندا هئا. پر هي تڪليف اڃا باقي هئي، ته
جڏهن انجڻ هلندي هلندي، يڪدم بيهي رهي يا بيٺي
بيٺي هلڻ لڳي، ته لُوڏن جي ڪري ماڻهو پاڻ ۾
ٽڪرائجي وڃن ۽ انهن کي سخت تڪليف پئي ٿئي. ماڻهن
کي هڪ ٻي تڪليف اها به هئي، ته ڪڏهن ڪڏهن جهنگ ۾
هلندي هلندي انجڻ جو ڪوئلو ختم به ٿي ويندو هو، ته
اهڙي وقت ۾ مسافرن کي لهي ڪري جهنگ مان ڪاٺيون ڪپي
ڪري انجڻ جي خوراڪ جو انتظام ڪرڻو پوندو هو، آهستي
آهستي اهي سڀ مشڪلاتون ختم ٿي ويون ۽ اهڙيون
انجڻيون تيار ڪيون ويون، جيڪي تمام طاقتور به هيون
۽ هلڻ وقت لوڏا به گهٽ ايندا هئا.
پوءِ هر ملڪ هڪ کان هڪ سٺي انجڻ تيار ڪرڻ لڳو ۽
ايتري قدر انجڻيون تيار ٿيون جو انهن کي نالن جي
بدران نمبرن سان سڏيو ويو.
آخر اهو وقت به اچي ويو. جڏهن برصغير پاڪ و هند ۾
ريل جي پٽڙين جو ڄار وڇڻ شروع ٿي، سڀ کان پهريائين
هندوستان ۾ 1845ع ۾ ڪلڪتي کان راڻي گنج، بمبئي کان
ڪلياڻ ۽ مدراس کان ارڪونام تائين ريل جون پٽريون
وڇايون ويون.
1859ع ۾ اٺ ڪمپنين کي پنج هزار ميل ريلوي لائن
تيار ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو. 1860ع ۾ ڪراچي کان
ڪوٽڙي تائين اٽڪل 150 ميل ڊگهي پٽڙي وڇائي وئي.
اها پاڪستان جي پهرين ريلوي لائن هئي.
هاڻي ريلوي انجڻين گهڻي ترقي ڪئي آهي.
سڀ کان پهرين ٻاڦ جي انجڻ سان ٿي، پوءِ ان جي جاءِ
ڊيزل انجڻ ورتي، ان کان پوءِ بجلي سان هلڻ واري
انجڻ تيار ٿي.
ڊيزل ۽ بجلي جي انجڻ ٻاڦ جي انجڻين جي مقابلي ۾
تمام تيز رفتار ۽ هلڪي ٿيندي آهي.
جنهن طرح انجڻين جي شڪل ۽ صورت، طاقت ۽ رفتار ۾
اضافو ٿيو، انهيءَ طرح ريل گاڏين ۾ به مختلف قسمن
جون تبديليون ڪري انهن کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي.
اڄ ڪلهه جي ريل گاڏين م بجلي جا پکا، نرم بسترا،
ميز، ڪرسيون، سردي، گرمي کان بچڻ لاءِ حفاظت جو
سامان موجود آهي.
تڙ ڪرڻ لاءِ غسل خانه ۽ ڊگهي سفر لاءِ گاڏين ۾
کاڌي جو به هڪ گاڏو هوندو آهي.
(هي ٻه مضمون: ڪتاب ”ايجادون کي کهانيان“ تان کنيل
آهن.)
کل ته سهي
·
اسلم: (هڪ دوست کي) ”يار، ڪالهه کان وٺي منهنجو
ڪتو، وڃائجي ويو آهي.“
دوست: ”پوءِ اخبار ۾ اشتهار ڇو نه ٿو ڏين.“
اسلم: ”يار، ڪتو پڙهيل ٿوريئي آهي.“
دوست: ”تون ته پڙهيل آهين.“
عبدالرحمان ميمڻ، ٽنڊو باگو.
·
هڪ پيرسن: ٻارڙي کي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو، ڊاڪٽر تپاس
ڪري چيو: ”ٻارڙي کي هي گوريون کارايوس، ٺيڪ ٿي
ويندو.“
پيرسن: ”سائين گوريون ڪونه کائيندو آهي.“
ڊاڪٽر: ”پوءِ ڪُٽي کارايوس.“
ڪجهه دير کان پوءِ، ٻارڙي جي روئڻ تي ڊاڪٽر، ڪمري
کان ٻاهر نڪتو، ”ڏسي ته پوڙهو ٻارڙي کي ماري رهيو
آهي.“
ڊاڪٽر چيو: ”چاچا ڇو ٿو مارينس.“
پيرسن چيو: ”تو ئي ته چيو هو، ته ڪٽي کارايوس.“
ڊاڪٽر کلندي چيو: ”چاچا، ٻار کي نه، پرگوري کي ڪٽي
کارايوس.“
ماجد علي سومرو، مبارڪ پور.
·
پيءُ: (پٽ کي چيو): ”پٽ ڏاڍي گرمي آهي، وڃڻو هڻ،
ننڊ اچي ته توکي انعام ڏيندس.“
ڇوڪرو: پيءُ کي وڃڻو هڻڻ لڳو ٿوري دير کان پوءِ،
سندس پيءُ کي ننڊ اچي وئي.
ڇوڪر، پيءُ کي اٿاريندي چيو، ”بابا، هاڻ ڏيو خرچي،
توهان کي ننڊ اچي ويئي آهي.“
سعيد احمد ميتلو، قمبر علي خان
هڪ باڪسر، هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ، پنهنجو ڪوٽ
ميز تي رکي. اتي لکي ويو ته: ”مان باٿ روم ۾ ٿو
وڃا، منهنجو ڪوٽ ڪير به نه کڻي، مان باڪسر آهيان.“
جي ڪنهن کنيو ته ان کي ناڪ آئوٽ ڪندس.
باڪسر موٽي اچي ڏسي ته، ڪوٽ آهي ئي ڪونه، پر چٺي
پئي هئي، جنهن ۾ لکيل هو، مان ڊوڙڻ جو ماهر آهيان.
پهچ ته خبر پوي!
سنتوش ڪمار، شالواڻي، حيدرآباد.
·
ٽي شاگرد بس ۾ چڙهيا، بس ۾ رش هئي، سو ٻه مٿي ڇت
تي ويٺا ۽ هڪ هيٺ بيٺو.
ڪنڊيڪٽر ڀاڙو وٺڻ آيو، هيٺ بيٺل شاگرد ڪرايو ڏيندي
چيو، ٻه ڀاڱي هڪ، ڪنڊيڪٽر وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين،
”ڇا مطلب.“
شاگرد جواب ڏنو: ”ٻه مٿي ڇت تي ۽ مان هڪڙو هت هيٺ
آهيان.“
حضور بخش مهر، ڳوٺ حاجي پٺاڻ مهر
·
ٻه دوست سمنڊ جو سير ڪري رهيا هئا، ته انهن اتي هڪ
بورڊ لڳل ڏٺو. جنهن تي لکيل هو. ”ٻڏڻ واري کي
بچائڻ تي پنج هزار روپيا انعام.“ اهو پڙهي، هڪ
دوست چيو، ”مان گهڙان ٿو سمنڊ ۾ تون بچائجان ته
پنج هزار اڌو اڌ.“ ائين چئي، هو سمنڊ جي پاڻي ۾
اندر هليو ويو ۽ ٻڏڻ لڳو، سندس دوست بيٺو رهيو.
جيئن تيئن ڪري پاڻ بچائي پاڻي مان ٻاهر نڪتو.
دوست کي چيائين، ”تو مون کي پاڻي مان ڇو نه ڪڍيو.“
سندس دوست، ٻيئي لکيل بورڊ ڏانهن اشارو ڪيس، ان تي
لکيل هو ته: ”لاش ڪڍڻ واري کي ڏهه هزار روپيا
انعام ڏبو.“
راحب علي مهر، راجا فارم ڏوڪري.
·
استاد: ( شاگرد کي): ” ڇورا، مون ٻڌو آهي، ته هر
ڳالهه تي قسم ٿو کڻين.
شاگرد: ” سائين. خدا جو قسم اوهان غلط ٻڌو آهي.“
راجا روهيت ڪمار، مير واهه گورچاڻي
·
هڪ ماڻهو نجوميءَ وٽ آيو، ۽ چيائين: ”منهنجي ساڄي
هٿ ۾ خارش آهي.“
نجومي: ”تون خوش نصيب آهين توکي پئسا ملندا.“ ان
ماڻهو چيو: ”کاٻي هٿ ۾ به خارش آهي.“
نجومي چيو: پئسا توکي ملندا،پر سمورا خرچ ٿي
ويندا.“
ان ماڻهو وري چيو: ”منهنجي ساڄي پير ۾ به خارش پئي
ٿئي.“
نجومي چيو: ”تون ڊگهي سفر تي ويندين.“ ان ماڻهوءَ
وري چيو: ”منهنجي کاٻي پير ۾ به خارش پئي ٿئي.“
نجومي چيو: اڙي نڀاڳا، اٿي هتان توکي ته خارش جي
بيماري آهي. وڃي ڪو چمڙيءَ جو ڊاڪٽر هٿ ڪر.“
سنتوش ڪمار شالواڻي، حيدرآباد.
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: ڪستورو مل
ڪلاس: نائون اي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني، مٺي.
·
نالو: جهامن داس
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، نارٿ ڪالوني مٺي.
·
نالو: محمد صديق اڄڻ
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: قرآن شريف جُودور ڪرڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، کهڙا
·
نالو: اشوڪ ڪمار
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: معرفت: خدا بخش اليڪٽرانڪ ورڪس، پوسٽ ٿاڻو
احمد خان، تعلقو ٿاڻو بولاخان.
·
نالو: ڪيئڊٽ صادق بلوچ
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: راند ڪرڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: جناح هائوس ڪئڊٽ ڪاليج سانگهڙ.
·
نالو: محمد حنيف صابو ميمڻ
ڪلاس: ٻارهون
وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: لکاڏنو ڪريانه مرچنٽ شاهي بازار، ٽنڊو
باگو.
·
نالو: نثار احمد ڪيريو
ڪلاس: انٽر سائنس
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: وليج ويلفيئر ايسوسيئشن ڳوٺ مجيد ڪيريو،
سڪرنڊ.
·
نالو: الهداد سومرو
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: لطيفا پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول، پير جو ڳوٺ وايا خيرپور ميرس.
·
نالو: قدير احمد هاليپوٽ
ڪلاس: پنجون
وندر: پڙهڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس هٽڙي، ضلع حيدرآباد.
·
نالو: ڪليم رضا هاليپوٽو
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس هٽڙي، ضلع حيدرآباد
·
نالو: محمد الياس چانڊيو
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: انسان ذات جي خدمت ڪرڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول قاضي محمد عارف، تعلقو ميهڙ.
·
نالو: پپو سومرو
ڪلاس: نائون اي
وندر: هنر سکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: ممتاز ميڊيڪل اسٽور، خيرپور ناٿن شاهه.
·
نالو: جاويد علي لانگاهه
ڪلاس: اٺون اي
وندر: ٻارڙن جا رسالا پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: پوسٽ سٺ ميل، ضلع نواب شاهه.
·
نالو: نصير احمد سومرو
ڪلاس: پنجون
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس:پرائمري اسڪول عطاءَ الله شاهه، پوسٽ
عمرڊهو، گهوٽڪي.
·
نالو: انيس الرحمان ڪلوڙ
ڪلاس: انٽر
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: پوسٽ حسين ڪلوڙ، تعلقو پنوعاقل.
·
نالو: علي نواز لکڻ
ڪلاس: ڏهون
وندر: خدمت خلق ڪرڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: بسم الله بڪ اسٽور، عمر ڊهو، گهوٽڪي.
·
نالو: جئه پرڪاش
ڪلاس: اٺون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول ڏيپلو، ٿر.
·
نالو: محمد نديم جوکيو
ڪلاس: پنجون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: ڳوٺ ڍوري مڪان، پوسٽ مالماڙي، وايا جنگ
شاهي.
·
نالو: سرفراز سمون
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس:هاءِ اسڪول پيرو لاشاري.
·
نالو: زاهد حسين سريوال
ڪلاس: ڏهون
وندر: چترڪاري ڪرڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: هائوس نمبر اي/436 انڙ پاڙو، ٽنڊوالهيار.
·
نالو: عبدالغفار مهر
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: ادبي رسالا پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: پوسٽ رڪ شريف، ضلع شڪارپور.
·
نالو: سريش ڪمار هريجن
ڪلاس: ڇهون بي
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: ڏيچند بوٽ هائوس، صمد مارڪيٽ عمر ڪوٽ.
·
نالو: وحيد علي سومرو
ڪلاس: ڏهون
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: ممتاز ميڊيڪل اسٽور، خيرپور ناٿن شاهه.
·
نالو: مهيس ڪمار کيماڻي
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: سريش ڪلاٿ هائوس، خانپور مهر.
·
نالو: محمد بخش مهر
ڪلاس: پنجون
وندر: قرآن شريف جو مطالعو ڪرڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: معرفت: عبدالڪريم بڪ ڊپو، ڀرسان مدني مسجد
ڏهرڪي.
خط
ادا اڪبر! منهنجو گل ڦل سان واسطو تمام پراڻو آهي،
تقريباً ٻارنهن سالن کان گل ڦل پڙهندو پيو اچان.
گل ڦل ئي اهو رسالو آهي، جنهن مون ۾ لکڻ جو شوق
پيدا ڪيو.
پر! افسوس جو گل ڦل ۾ ڪڏهن به خط لکي حصو نه ورتو
اٿم، اڄ پهريون ڀيرو اوهان ڏانهن خط لکندي سرهائي
محسوس ڪريان پيو.
ادا اڪبر! اوهان جنهن منزل جا مسافر آهيو، آءُ به
ان منزل جو خاموش پانڌيئڙو آهيان. ادل! سنڌ جي
ٻارن سان بيحد پيار اٿم، انهن لاءِ ڪجهه لکڻ
پنهنجو قومي فرض ٿو سمجهان؛ مختلف ٻاراڻن رسالن ۾
مواد ڇپيو آهي، گل ڦل پنهنجو رسالو سمجهندي
”ٻاراڻا ٻول“ موڪلي رهيو آهيان، اميد ته،پهرين ئي
خط ۾ مانائتي موٽ ڏيندا ۽ گل ڦل ۾ وڌيڪ لکڻ جو
موقعو ڏيندا.
اوهان جو ننڍڙو ڀاءُ: عطا سنڌي، ٽپال گهر، خانپور
مهر.
پيارا چاچا: اسلام عليڪم!
احوال ته گل ڦل تمام سٺو رسالو آهي، هر مهيني
باقاعدگي سان وٺندو آهيان. هن ۾ تمام سٺا مضمون ۽
ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن، هڪ تجويز آهي ته
کل ته سهي جا ٻه پنا ڪريو، مهرباني.
فقط اوهان جو ڀائٽيو: سيد اشرف علي شاهه بخاري،
پليجاڻي.
چاچا:
جيئن ته مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان. مان هر
ماهه رسالو خريد ڪندو آهيان ۽ حصو به وٺندو آهيان؛
پر افسوس جو منهنجو مواد الائي ڇو گل ڦل ۾ شايع نه
ٿيندو آهي، مون کي هر ماهه گل ڦل جو انتظار هوندو
آهي، ته منهنجو مواد اڄ گل ڦل ۾ هوندو، پر وري به
اهو ساڳيو حال، چاچا مان ڪيترا ڀيرا مواد موڪليو،
پر افسوس جو هڪ به شايع نه ٿيو. چاچا اميد آهي ته
هي خط ضرور شايع ڪندا.
فقط اوهان جو ڀائٽيو: علي مراد ڇڄڻ، صابر ڇڄڻ،
ميرپور ماٿيلو.
ادا:
هن کان اڳ به ڪجهه ٻاراڻي شاعري اوهان جي نظر
موڪلي چڪو آهيان، جيڪا ڪجهه اوهان شايع پڻ ڪئي ۽
ان سان گڏ اوهان جي اداري پاران موڪليل اعزازي
ڪاپي پڻ ملي جنهن لاءِ اوهان جا ٿورا ۽ قرب.
هينئر وري ڪجهه شاعري ۽ ڏيئي جي آتم ڪهاڻي، پڻ
موڪلي رهيو آهيان؛ مواد رسالي جي معيار جو سمجهو
ته ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اٽڪائي ڇڏيندا.
مضمون ۾ ڪنهن به قسم جي لفظي ڪمي پيشي هجي ته
اطلاع ڪندا.
هڪ ننڍڙو ٻيو عرض ته خط پهچڻ جي موٽ طور رسالي ۾
شايع ڪندا، ته جيئن سمجهي وڃجي ته اوهان وٽ مواد
پهچي ويو آهي؛ باقي مواد اوهان جي مرضي تي آهي
جڏهن به شايع ڪيو. سلام خريت:
اوهان جو ٿورائتو: مدد علي هيسباڻي، پوسٽ جنگشاهي،
ضلعو ٺٽو.
چاچا:
اسلام عليڪم! جيئن ته توهان جو من موهيندڙ رسالو
هٿن ۾ آهي، جنهن جو هر سلسلو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
خاص ڪري، جيڪو استاد جي باري ۾ مضمون هيو، سو تمام
گهڻي کان گهڻو پسند آيو. چاچا مان اوهان ڏي ڪجهه
مواد موڪلي رهيو آهيان، اميد ته هن رسالي جي موتين
جهڙي صفحن ۾ جاءِ ملندي، مهرباني.
فقط اوهان جو ڀائٽيو: رسول بخش بروهي، بهرام
هيٺيون.
ادا: مان اٺن سالن کان گل ڦل پڙهندو رهيو آهيان.
تصوير ۽ ڪجهه مواد موڪليندو آهيان، 6 ڪلوميٽر پنڌ
ڪري شهر مان گل ڦل وٺندو آهيان؛ اهو ايجنٽ اسان جي
شهر ۾ سڀ کان وڏو دڪاندار آهي، هر مهيني 50 گل ڦل
گهرائيندو آهي، پر ادا مان هر مهيني اڳ هڪ ڪاپي بڪ
ڪرائي ڇڏيندو آهيان، پر ادا ڏک اهو اٿم ته اسان جو
پوءِ به قدر نٿو ٿئي. هاڻي آخري خط هڪ تصوير موڪلي
رهيو آهيان. اميد ته ردي کان بچائيندا.
توهان جو ٿورائتو: شفيق احمد سومرو، نئو ديرو.
چاچا:
جيئن ته مان گل ڦل جي پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ مون
اوهان ڏانهن ڪيتروئي مواد موڪليو. پر، اوهان
منهنجي هر مواد ۽ هر ڪهاڻي کي ردي واري ٽوڪري جو
منهن ڏيکاريو. ۽ مون پنهنجي دوستن کي مايوسي وارو
منهن ڏيکاريو. انهن دوستن ئي مونکي، اهو چيو، ته
”اهو آهي تنهنجي محنت کي برباد ڪرڻ وارو گل ڦل.“
جيڪڏهن تون ايتري محنت امتحان ۾ ڪرين ها، ته اي ون
پوزيشن حاصل ڪرين ها. پوءِ به مون گل ڦل پڙهڻ نه
ڇڏيو، اوهان جي مهرباني جو منهنجا لطيفا شايع ڪندا
رهيا.
فقط گل ڦل پڙهندڙ: نانڪ داس ميگهواڙ، ڳوٺ داد
لغاري.
پيارا ڀاءُ:
مان هن گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، پر خط پهريون
ڀيرو لکي رهيو آهيان، مان هميشه، هن پياري گل ڦل ۾
اهي شڪايتون پڙهندو پيو اچان، ته اوهان سفارشي ۽
رشوتي خط ۽ مواد شايع ڪندا آهيو، ان ڪري مون هن
جاني گل ڦل ۾ ڪڏهن به حصو نه ورتو. پر هاڻي منهنجي
دوست گل ڦل لاءِ مون کي اوهان ڏي خط لکڻ تي مجبور
ڪيو، توهان اسان ننڍڙن ٻارن جي لاءِ ايڏو خوبصورت
۽ پيارو دوست عطا ڪيو آهي. ان لاءِ مان اوهان جو
شڪر گذار آهيان. مان پنهنجي پڙهندڙ ڀائرن کي گذارش
ٿو ڪريان، ته هو پنهنجي پياري دوست يعني گل ڦل جو
هميشه ساٿ نڀائيندا، پنهنجي هن پياري دوست کان
سٺيون ۽ معلوماتي ڳالهيون ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا، هن ۾
سٺيون ڪهاڻيون ۽ سٺا مضمون شايع ڪرائي هن جي
خوبصورتي کي اڃا به خوبصورت ڪندا.
ساجد علي لغاري، ڳوٺ ڪرڙ کوسو، دادو
ادا:
گل ڦل جو هر مهيني بي چيني سان انتظار ڪندو آهيان.
هن خط کان اڳ، هڪ خط قلمي دوستي ۾ لکيم، اپريل
واري مهيني ۾ شايع ٿيل هو. پڙهي دل کي تمام خوشي
ٿي.
اپريل مهيني وارو رسالو هٿن ۾ آهي. لطيفي لات، حج
۽ عيدالاضحيٰ، چڱي ڳالهه چئو، فقير جو تحفو، ماکي
۽ سگريٽ، تيزهوش ۽ خرم دل، لومڙيءَ جي چالاڪي، کل
ته سهي ۽ قلمي دوستي گهڻو وڻيا.
اوهانجو ڀاءُ: اخلاق ميرل شاهاڻي، ڳوٺ علي مراد
شاهاڻي.
ادا:
جيئن ته ماهوار ”گل ڦل“ جو تازو پرچو هٿ ۾ آهي.
”عيدالاضحيٰ“ کان اڳ رسالي جي پڇا ڪيم، پر ڪونه
مليو؛ پوءِ عيد جي ٻئي ڏينهن تي ”سنڌو بُڪ اسٽور،
نئوديرو“ مان خريد ڪيم، انتظار ڏاڍو هو. جيڪو پوءِ
ختم ٿيو.
اپريل جي پرچي ۾ حال احوال کان پوءِ، جج ۽
عيدالاضحيٰ، چڱي ڳالهه چئو، غور سان پڙهيم. ان کان
سواءِ زبرسڪي ۽ ٽامڙو، غريب جي عيد ۽ ٻار، جديد جن
۽ ٻهراڙيءَ جا ٻار، چٻرو، فقير جو تحفو، ڪهاڻيون:
منهنجو استاد، تيز هوش ۽ خرم دل، بيربل جي سزا،
لومڙي، جي چالاڪي، ۽ دلچسپ معلومات پڙهيم ۽ ڏاڍيون
وڻيون.
اوهان جو: شاد محمود علي ڀٽو، ڳوٺ حسين ڀٽو،
رتوديرو.
باقي خط لکندڙن جا نالا
1- سيف الله کوکر، ڳوٺ حيات پتافي 2- شڪيل احمد
ابڙو، پيارو واهڻ 3- ذوالفقار علي، قادرپور 4-
عبدالحئي ڀٽو، ماٿيلو 5- آصف علي سومرو، رتوديرو
6- امان الله جنجهي، عمرڪوٽ 7- سليم حيدر شڪارپور
8- برڪت علي ڌاريجو، اٻاوڙو 9- راجا روهيت ڪمار،
ميرواهه گورچاڻي 10- حافظ محمد عمران شيخ لاڙڪاڻو
11- غلام عباس مگسي، شهداد ڪوٽ 12- يونس احمد
ملڪاڻي، پوسٽ ملڪاڻي 13- انيس ڪلوڙ، ڳوٺ حسين ڪلوڙ
14- رياض احمد مهر، ڳوٺ حاجي پٺاڻ مهر 15- شهزادو
ڀٽو، روهڙي 16- انيل جمن ڪوري، ڪئڊٽ ڪاليج سانگهڙ
17- سلمان احمد مڱڻهار، ٽنڊو الهيار 18- عطاءَ
الله عاجز ڀٽو، ماٿيلو 19- شمس الدين مگسي، ڳوٺ
صابو راهو 20- محمد اشرف دينپور 21- اي. حميد
مهيسر، زيڊ ڪالوني لاڙڪاڻو 22- عبدالغفار مهر، رُڪ
شريف 23- ڀڄن داس مارواڙي، ڳوٺ عمر ڊهو 24- ڪاشف
عزيز سومرو، مڪلي 25- ڪرشن داس مينگهواڙ، ڳوٺ داد
لغاري 26- گل پٺاڻ گڏاڻي، ميرپور، ماٿيلو 27- اشوڪ
ڪمار، ڳوٺ ٿاڻو احمد خان 28- نثار احمد ڪيريو، ڳوٺ
مجيد ڪيريو 29- غلام قادر ميمڻ، گولاڙچي 30- علي
نواز لکڻ، ڳوٺ عمر ڊهو 31- منور علي پتافي، ڳوٺ
شيخ ڀرڪيو.
نتيجو اچو ته مضمون لکون-4
هن ڀيري نتيجو ”اچو ته مضمون لکون“ ۾ ڪجهه ٻارن
حصو ورتو.
پهريون نمبر آيو: عبدالوهاب جروار، هاءِ اسڪول
خانواهه، تعلقو رتوديرو.
ٻيو نمبر آيو: منظور ڀٽو معرفت: ثناءَ الله ڊان
ڪارنر، ويجهو سئنيما روڊ، ڏهرڪي.
باقي مضمون ۾ حصو وٺندڙ ٻار: 3- گل محمد پرهياڙ،
نيو بلوچ فارم جيئند زنگيجو. 4- سيد اشفاق علي
شاهه بخاري، پليجاڻي مٽياري 5- ڪاشف عزيز سومرو،
مڪلي ٺٽو 6-ساجد علي چنه، ڳوٺ ٺٽ ڳوراهو، نوشهرو
فيروز 7- عمران سمون شڪارپور 8- تيجورام سوٽهر،
ميرواهه گورچاڻي 9- حمادالله ڪٽپر، ميرپورڀٽو 10-
سنجئه ڪمار شهدادڪوٽ 11- دليپ گل-ايڇ پاڳاراني 12-
عمران مڱريو، وحدت ڪالوني حيدرآباد.
نتيجو نالا سڃاڻو-11
هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو. هيٺين
ٻارن جا جواب صحيح آيا. (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب
لکي موڪليا، جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن) هيٺين
دوستن کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.
جواب: (1) مائي ماهڻ جوٽنڊو (2)
ڳاڙهو-ترنجي-پيلو-سائو-آسماني-نيرو-واڱڻائي(3) اهي
ڏسي رهيا آهن ڀت تي ڪوپن جي قطار (4) گلبوءِ.
نالا:
(1)
انيس الرحمان منگي، گهر نمبر 138/10 پنج پير محلو،
هاٿي در، شڪارپور.
(2)
محمد نواز سولنگي، پوسٽ بهارو ملان، وايا محراب
پور جنڪشن، ضلع نوشهرو فيروز
اچو ته مضمون لکون-6
ٻارن جي خواهش تي، ”اچو ته مضمون لکون“ سلسلو هلي
رهيو آهي.
هن سلسلي ۾ ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي مضمون لکيل نه
هجي، هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي
سگهن ٿا. مضمون موڪلڻ وقت ڪلاس ۽ اسڪول جو نالو
ضرور لکيو وڃي. ۽ ائڊريس اسڪول جي لکي وڃي، پهريون
۽ ٻيو نمبر مضمون رسالي ۾ شايع ڪبا ۽ اعزازي ڪاپي
موڪلبي.
عنوان:
(گندگيءَ سان بيماريون ڦهلجن ٿيون)
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:
نالا سڃاڻو-13
هيٺ ڏنل نالن جا اکر اڳتي پوئتي ڏنل آهن. اوهين
اکر ملائي صحيح لفظ جوڙي صحيح نالا لکي موڪليو، جن
ٻارن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي ”گل ڦل“ رسالي
جي اعزازي ڪاپي موڪلبي. (سادي پني تي جواب قابل
قبول نه هوندو)
(1) د-ي-ڌ-د-ن-ا-ا-س- (ٻارن ۽ وڏن لاءِ تاريخي
مضمون لکندڙ)
(2) ي-ي-ا-ا-ر-ا-ق-ز-د (شاعر ۽ ڪهاڻيڪار زنده)
(3) ڏ-ل-و-هه-ا-ش (استاد ۽ سائنسدان، مرحوم)
(4) هه-ي-ڻ-و-ا-ن-ر-ب-ل-ج-د-ا. (ٻارن جي ليکڪ ۽
پبلشر) |