انساني دماغ ۾ موجود ٽيومر (Tumor)
کي ختم ڪرڻ ۾ ليزر ڪرڻا ڪافي مدد ڏين ٿا، انهن
ڪرڻن جي استعمال سان ٽيومر جي ڀر وارا سيل ۽ عضوا
بلڪل متاثر نه ٿيندا آهن.
اڄڪلهه ليزر شعاعن جي مدد سان بنا آپريشن جي مثاني
مان پٿري به ڪڍي وڃي ٿي.
2- مواصلات (Communication):-
جيئن ته ليزر ڪرڻن جي فريڪوئنسي (Frequency)
ريڊيائي لهرن کان تمام گهڻي ٿئي ٿي. تنهن ڪري انهن
ذريعي، هڪ ئي وقت ۾ ٽيليفون جا ڪيترائي پيغام ۽
ٽي-وي جا ڪافي پروگرام پهچائي سگهجن ٿا. ليزر
شعاعن جي مدد سان ٽيليفون، ٽيليگراف ۽ فيڪس تي
مختلف پيغامن کي تيز رفتاريءَ سان موڪلي سگهجي ٿو.
3- اليڪٽرانڪس (Electronics):-
ڪمپيوٽرن، ڪلڪيوليٽرن، گهڙين ۽ ٻين اليڪٽرانڪ پرزن
۾ اليڪٽرانڪ چپس (Chips)
ڪتب ايندا آهن. انهيءَ چپس کي ٺاهڻ لاءِ نازڪ ۽
باريڪ سرڪٽ ٺاهڻا پون ٿا. انهن باريڪ ۽ ڳتيل سرڪٽن
کي ڪٽڻ ترتيب ڏيڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم ليزر کان ورتو
ويندو آهي. مٽي، دز ۽ ٻين غلاظتون مختلف سببن ڪري
سرڪٽ ۾ داخل ٿي وڃن ٿيون، جنهنڪري انهن جي
ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي، اهڙن ڳتيل ۽ باريڪ سرڪٽن
جي صفائي ڪرڻ بيحد ڏکيو ۽ حساس ڪم آهي. ليزر ڪرڻا،
اهو ڪم بهتر نموني سرانجام ڏيندا آهن.
اڄ ڪلهه ڪمپيوٽرس ۽ اليڪٽرانڪ ٽائيپ رائيٽرس سان
ليزر پرنٽر لڳل هوندا آهن، ان کان علاوه صنعتي
ميدان ۾ ليزر کي ڪيترن ڪمن ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو.
عبدالوهاب عثماني جروار
پهريون نمبر مضمون
مون عيد ڪيئن
ملهائي
هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته، عيد جڏهن به ايندي
آهي، ته پاڻ سان گڏ جهول خوشين جا سان کڻي ايندي
آهي.
عيد جي اچڻ ڪري، هرڪو خوشيءَ ۾ نه ماپندو آهي. هر
ڪنهن جي مُک تي مُرڪ هوندي آهي، هر شخص پنهنجن
ڪپڙن، بوٽن وغيره جي وٺڻ جي تياري ۾ هوندو آهي.
پر اهائي عيد، ڪنهن شخص جي اکين ۾ صرف ڳوڙهن کان
سواءِ؛ ٻيو ڪجهه به نه ڏيندي آهي.
سياڻن سچ چيو آهي ته: ”هر خوشي واري ڏينهن، انسان
کي ڪونه ڪو ڏک ضرور هوندو آهي.“
ڪنهن کي والد جي وڇوڙي جو ڏک، ڪنهن کي ٻچڙي جي
وڇوڙي جو ڏک، ڪنهن کي پنهنجي غربت جو ڏک، ته ڪنهن
کي ٻيو ڪو ڏک.
عيد، جو ڏينهن ٿيو، صبح جو ساجهر بابا ننڊ مان
اٿاريو؛ ننڊ مان اٿي وضوع ڪري، مسجد ڏانهن نماز
پڙهڻ ويس. نماز پڙهي ڪري گهر واپس آيس. وهنجي
سهنجي، عيدالفطر وارا سبرايل ڌوتل ڪپڙا پاتم، ۽
وڏي ڀاءُ جو بوٽ پاتم، جڏهن تيار ٿي عيد نماز لاءِ
وڃي رهيو هئس، ته اما ڏهه روپيا عيد خرچي ڏني، فقط
ڏهه روپيه ڏسي اکين مان لڙڪ لار ڪري وهڻ لڳا؛
سوچيم ته ٻيا ٻالڪ نوان ڪپڙا پهري، سونَ جا نوٽ
کنيون گهمندا هوندا. مون وٽ فقط ڏهه روپيا.
پوءِ، امڙ لڙڪ اگهندي چيو، ”ٻچڙا، تون پنهنجي حال
کي ڏس، اسان ڪيڏا غريب آهيون، ٻنهيءَ جي سالياني
آمدني آهي. ان مان ئي توهان چئني ڀائرن جي اسڪول
جو خرچ ۽ گهر کي هلايون ٿا پيا.“
بهرحال، عيد نماز پڙهڻ ويس. عيد نماز پڙهي شهر ۾
آيس. ڏسان ته ڪنهن ٻار کي هٿ ۾ ٿڌي بوتل، ته ڪن
ٻارن وٽ آئسڪريم جو ڪپ، ته ڪن جي هٿن ۾ ڳاڙها نوٽ.
هر ڪو ٻار، پنهنجن نون ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. انهن
ٻارن کي ڏسي، منهنجي اکين ۾ وري ڳوڙها اچي ويا.
انهيءَ پاڻي کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳس، پر
اهي بيهڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن.
هر، ٻار جي کيسي ۾ ڳاڙها نوٽ پيا هئا. هر ڪو
پنهنجي من مستي ۾ هو، مان عيد جهڙي ڏينهن ۾ گهٽين
۾ گهمي ڦري وقت گذارڻ لڳس.
عيد واري ڏينهن دوست پنهنجي وڏائي ۾ گهمي ڦري رهيا
هئا.
مون کي غريب ڏسي ڪري، ڪنهن عيد مبارڪ به نه ڏني،
جنهن ڪري من مان آهون نڪرنديون رهيون.
پنهنجي حالت کي ڏسان پيو، ته اکين منجهه ڳوڙها تري
پيا اچن؛ وري جڏهن پنهنجي گهرو حالت کي ڏسان پيو،
ته انهن ڳوڙهن کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيان پيو.
اهو، ته عيد جو ڏينهن هو، پر، ان ڏينهن ته مون کي
ڳوڙهن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو. هيڏانهن هوڏانهن
گهمڻ ڦرڻ لڳس، ته جيئن ڏينهن گذري. پر، ڏينهن به
نه پيو گذري.
اوچتو نظر وڃي گهاٽي دوست تي پئي؛ مون سمجهيو ته
دوست اچي، ڀاڪر پائي عيد جي مبارڪ ڏيندو، اهو جگري
دوست به پئسن جي گهمنڊ ۾ منهن ڦيرائي هليو ويو.
پنهنجي دوست جي اهو رويو ڏسي اکين مان ڳوڙها ائين
نار ڪري وهڻ لڳا. ڄڻ سانوڻ ۾ مينهن وسي رهيو هجي.
۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچيندو رهيس ته: ”اي رب العزّت“
اسان کي غريب ڇو ڪيئي، اسان کي غريب ڇو ڪيئي.“
عيد واري ڏينهن به روئيندو گهر وڃي مٿان سوڙ وجهي،
سمهي پيس ۽ امڙ مٿان اچي بيٺي ۽ طبيعت جو پڇيائين!
۽ ٿڌو ساهه ڀري اڱڻ ۾ هلي ويئي!
جهٽ ۾ سيون کڻي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”پٽ اٿ عيد جو
ڀلارو ڏينهن آهي. ڪجهه کاءَ.“ مونکي انڪار ڪيو ته
امڙ چيو. ”پٽ اٿ ماءُ جو چوڻ مڃ.“ امڙ جا اهي لفظ
ٻڌي اٿيس ۽ گرڙي ڪري سيون کائڻ لڳس ۽ امڙ جي اکين
۾ خوشي ڏٺم.
منظور بيدار ڀٽو
(ٻيو نمبر مضمون)
مون عيد ڪيئن ملهائي
دوستو! هر قوم ۽ هر مذهب ۾ خوشي جا ڏڻ مختلف نمونن
۽ طور طريقن سان ملهايا ويندا آهن. جهڙي طرح ڪرسمس
۽ ايسٽر ڊي، عيسائي ۽ ڏياري يا هولي هندو. پنهنجي
لاءِ ”عيد“ کي خوشيءَ جو ڏينهن سمجهندا آهن.
اهڙي طرح اسان جي مذهب اسلام ۾ به اسان مسلمانن
لاءِ ٻه وڏا ڏينهن خوشيءَ جا مقرر آهن؛ عيدالفطر ۽
عيدالاضحيٰ.
عيدالاضحيٰ: هي ڏينهن ذوالحج مهيني جي ڏهين تاريخ
تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي حضرت ابراهيم
عليه السلام پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام
کي خدا جي راهه ۾ قربان ڪيو. انهيءَ سُنت ابراهيمي
جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ اسان عيد ملهائيندا آهيون.
عيد عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي
خوشي، اصلي ۽ خاص خوشيون انسان کي پنهنجي ڏينهن تي
حاصل ٿينديون آهن جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته
مون عيد ڪيئن ملهائي ته ان جو هت اظهار ڪرڻ کان
قاصر آهيان. پر، جيڪڏهن خوشي جو اظهار ڪجي به کڻي
ته پنا ڀرجي ويندا.
آئون پنهنجي عيد جي شروعات، صبح جي نماز ۽ تلاوت
ڪلام پاڪ سان ڪيم، پر، باقاعده عيد جي شروعات،
بابا سائين سان گڏ عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ ڪيم.
عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ، پيش امام سان گڏ الله
تعاليٰ جي بارگاهه الاهي ۾ عجز ۽ انڪساري سان عالم
اسلام لاءِ خير جي دعا گهريم. پنهنجي جيجل سنڌ جي
امن لاءِ پڻ دعا گهريم، جيڪا تمام گهڻي عرصي کان
امن ۽ سڪون لاءِ سڪايل آهي.
پنهنجي لاءِ خير جي دعا گهريم، علم جي حصول، رزق ۽
خير و برڪت جي دعا پڻ گهريم.
عيد نماز کان پوءِ؛ خدا جي راهه ۾ والدين سان
گڏڇيلي کي قرباني ڪرڻ جهڙي خوشي نصيب ٿي، جيڪا
منهنجي لاءِ خوشي هئي.
قرباني جو گوشت غريبن ۽ مسڪينن کي به ڏنوسون.
پاڙيسرين ۽ دوستن ڏانهن به موڪليوسون، پاڻ به کاڌو
سون ۽ خدا جو شڪريو به ادا ڪيوسون.
ٻي خوشي جمعي نماز پڙهڻ تي حاصل ٿي. هن دفعي هڪ
ڏينهن ۾ ٻه خوشيون نصيب ٿيون.
اڪثر ساٿين کي ڏٺو ويو آهي ته عيد نماز پڙهڻ کان
پوءِ فلمون ڏسڻ، ويڊيو گيم راند کيڏڻ، وي سي آر
ڏسڻ وغيره جي تلاش ۾ نڪري وڃن ٿا ۽ اجايو گهمن ڦرن
ٿا.
پر مان اجايو رُلڻ ڦرڻ جي ڪڌن ڪمن کان پري رهي
ڪري؛ پنهنجي ئي گهر ۾ تمام سادگي سان عيد ملهايم.
مٽن مائٽن سان عيد مليم. ڪجهه دوست، عيد جي ڏينهن
گهر آيا. انهن سان عيد مليم. دوستن کي ڀاڪر پائي
عيد مبارڪون ڏنم ۽ دوستن کان عيد جون حقيقي خوشيون
ورتم.
ها، اهو ته وسري ويو، ته انهيءَ کان اڳ ۾ گهر ۾
امڙ کي پيرين پئي عيد مبارڪ ڏنم ۽ ڀينرن ۽ ڀائرن
کي به عيد مبارڪ ڏنم. بابا کي ته عيد نماز پڙهڻ
کان پوءِ اتي ئي پيرين پئي عيد مليو هوس.
سيما عباسي
دماغي ڪمزوري ختم ڪندڙ غذائون
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته تندرستي جي حالت ۾، جڏهن رت
جو دورو باقاعدي ٿيندو آهي، ته جسم ان رستي،
غذائون دماغ کي پهچائيندو آهي. جن مان دماغ پنهنجي
مطلب جي غذا کڻي وٺندو آهي. پر، جڏهن رت جو دورو
باقاعدي نه هوندو، ته دماغ کي به پوري غذاب نه
ملندي، جنهن سان ان دماغ کي مناسب غذا پهچائي وڃي.
انسان جي زندگي ۾ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي، جڏهن
دماغ لاءِ مناسب غذا جو خيال رکڻ تمام ضروري ٿي
پوندو آهي، ۽ اهو وقت، اهو آهي، جڏهن عقل جي هوڙ
نڪرندي آهي؛ يعني انسان ننڍپڻ مان جواني ۾ قدم
رکندو آهي.
هي زمانو ڏاڍو نازڪ آهي، ان ڪري ضروري آهي. ته غذا
۾ ڪابه گهٽتائي نه هجي، ڇو ته ان جي گهٽتائي پيدا
ٿيڻ سان تنتي سرشتي ۾ ڪمزوري ۽ بي چيني پيدا ٿيندي
آهي، جو اڪثر نوجوان، جيڪي ننڍپڻ ۾ تندرست هوندا
آهن. ان عمر ۾ صحت جي نعمت کان محروم ٿي ويندا
آهن.
خوراڪ جي غفلت سان پهريائين رت جي گهٽتائي ٿيندي
آهي؛ ۽ پوءِ جسم جي ڪمزوري ٿيندي آهي. جنهن جو اثر
دماغ تي پوندو آهي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي، ته جڏهن دماغي ڪمزوري پيدا
ٿئي، ته ان جو ڪهڙو علاج ٿي سگهي ٿو.
ياد رکو، ته ان حالت ۾ دوا کان وڌيڪ غذا ئي مفيد
ثابت ٿيندي آهي. ها، ائين به آهي ته ڪيترين حالتن
۾ دوا ۽ غذا ٻئي، فائديمند ثابت ٿينديون آهن؛ باقي
صرف دوا مان ڪم نه هلندو.
هاڻي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ڪهڙي دوا دماغ
لاءِ مفيد آهي. سائنسدانن جو تجربو اهو آهي ته
فاسفورس دماغي صحت لاءِ ضروري آهي، تنهنڪري ڏاڍو
سٺو ٿيندو. جيڪڏهن ان حالت ۾ اهڙي خوراڪ استعمال
ڪئي وڃي، جنهن ۾ فاسفورس جا جزا وڌيڪ مقدار ۾ هجن.
مثلاً:- مڇي: دماغ لاءِ فائديمند آهي. ڇو ته هن ۾
فاسفورڪ ايسڊ وڌيڪ هوندو آهي، اهڙي طرح آنا، ڪڪڙ،
کير، مکڻ ۽ بادام به مفيد آهن. چڻا، مٽر، ڪشمش،
پستا، اخروٽ ۽ پنير به دماغ لاءِ سٺي ۽ عمدي غذا
سمجهي ويندي آهي. انهن ۾ نه رڳو دماغي مادا پيدا
ڪرڻ جا جزا موجود ٿين ٿا. پر، فاسفورس جو مقدار به
ٻين غذائن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هوندو آهي.
فاسفورس کان سواءِ، ان ۾ اهي سڀ جزا به ٿين ٿا،
جيڪي عضون کي جوڙڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن. دماغي ڪم
ڪرڻ وارن لاءِ گوشت نقصان ڪار آهي، ڳئون جو کير به
مفيد نه آهي. هلڪيون جلدي هضم ٿيڻ واريون عذائون
دماغ کي روشن رکنديون آهن. پر، انهن شين کان وڌيڪ
فائدي واري: اها شيءِ آهي. جنهن طرف اسان بلڪل
ڌيان نه ٿا ڏيون، ۽ جانورن جو کاڌو ٿا سمجهون، اها
آهي جوئر، ان لحاظ کان جوئر جو اٽو، سڀني شين کان
اُتم سمجهيو ويندو آهي، جو منجهس، فاسفورس، سڻڀ ۽
ٻين جزن جو مرڪب موجود ٿئي ٿو.
صوف دماغ لاءِ سڀني کان وڌيڪ فائدي وارو ميوو آهي.
۽ اونهاري ۾ انب طاقت بخش ميوو آهي؛ هي جسم ۾ رت
کي وڌائيندو آهي ۽ ڪمزوري کي ختم ڪندو آهي.
دماغي ڪمزوري کان بچڻ لاءِ مشهور آمريڪي ڊاڪٽر
’ڪيلاگ‘ ڪجهه قدرتي علاج به تجويز ڪيو آهي. جهڙوڪ:
(1)
ڪوبه دماغي ڪم، خاص ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ جو سمهي نه ڪرڻ
کپي، ڇو ته ان سان دماغ تي وڌيڪ بار پوڻ سان دماغ
ڪمزور ٿيندو آهي.
(2)
دماغي ڪم هميشه کليل، روشن ۽ هوادار هنڌ تي ويهي
ڪرڻ کپي.
(3)
هميشه ساهه اونهو کڻڻ کپي، خاص ڪري دماغي ڪم ڪرڻ
کانپوءِ، ڪجهه منٽ مسلسل وڏا ساهه کڻڻ گهرجي؛ ته
جيئن آڪسيجن وڌيڪ مقدار ۾ اندر وڃي. ۽ رت چڱي طرح
سان صاف ٿي سگهي.
(4)
ساوڪ تي نظر وجهڻ سان به دماغ کي سڪون ملندو آهي.
ان ڪري دماغي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ، باغ جو سير وغيره
جو شوق مفيد هوندو آهي.
(5)
ڪجهه دير تائين دماغي ڪم ڪرڻ، کانپوءِ آسمان ڏانهن
ڏسڻ سان، آسمان جي نيري ۽ صاف روشني دماغ کي سڪون
۽ راحت پهچائيندي آهي.
(6)
جڏهن دماغي ڪم ڪندي ماڻهو ٿڪجي پوي، ته دماغي ڪم
ڇڏي. پاڻي يا کير، ڍڪ-ڍڪ ڪري پيئڻ سان دماغ کي
فرحت حاصل ٿيندي آهي.
(7)
دماغي ڪم ڪرڻ کان پوءِ کليل هوا ۾ وڏا ساهه کڻڻ
سان دماغي سڪون حاصل ٿيندو آهي. اهڙي طرح، چنڊ ۽
تارن جي روشني به دماغ کي فرحت ڏيندي آهي.
سنڌيڪار: زاهده چنا
(انوار سهيلي جون ڪهاڻيون)
لالچ بري بلا آهي
هڪ لومڙي بک مان بي حال ٿي کاڌي جي ڳولها ۾
هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهي هئي، ته اوچتو گوشت جي
بوءِ سندس نڪ ۾ پهتي، هو هڪدم، ان طرف ويئي.
ڏٺائين ته اتي هڪ چمڙي جو ٽڪرو پيو هو. هن ان کي
کڻڻ جو ارادو ڪيو؛ ته اوچتو ڀر واري ڳوٺ مان ڪجهه
ڪڪڙ داڻو چڳندا، ان طرف هليا آيا.
انهن جي سار سنڀال هڪ ڇوڪرو، جنهن جو نالو زيرڪ
هو، سو ڪري رهيو هو، پليل ڪڪڙ ڏسي، لومڙيءَ جو وات
پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو. هن چمڙي جو خيال لاهي ڇڏيو ۽
ڪڪڙن جي تاڙ ۾ رهي. انهيءَ وچ ۾ اتان هڪ بگهڙ جو
لنگهه ٿيو. هُن لومڙي کان پڇيو.
”ڇا ڳالهه آهي، اڄ تون ايتري فڪرمند نظر اچين ٿي؟“
لومڙي چيو: ”ڇا، توکي اهي ڪڪڙ نظر ڪونه ٿا اچن، جي
سامهون اچي، چئي رهيا آهن، ته جيڪڏهن توهان کي
اسان جو گوشت وڻي ٿو ته کائو.“
”مان گهڻي دير کان بکايل آهيان ۽ خدا، جيڪو سڀني
جو رازق آهي. مون کي ان اهو چمڙي جو ٽڪر موڪليو
آهي. پر هاڻي بک جي تقاضا، اها آهي ته مان انهن
ڪڪڙن مان ڪنهن هڪ ڪڪڙ کي جهليان ۽ پوءِ گڏجي ان جي
گوشت جا مزا ماڻيون.“
بگهڙ چيو: ”افسوس! مان هڪ عرصي کان ان تاڙ ۾ آهيان
۽ ڪوشش ۾ آهيان ته انهن مان ڪنهن هڪ ڪڪڙ جو نشانو
ڪيان. پر هو ڇوڪرو زيرڪ، جيڪو انهن جي نگهباني ڪري
رهيو آهي، سو اهڙي طرح انهن جو خيال رکندو آهي، جو
ڪوبه انهن کي ڦاسائي نٿو سگهي. مان ڪيترن ئي ڏينهن
کان ان فڪر ۾ آهيان، پر ڪوبه فائدو نه ٿيو آهي.
توکي، جيڪو اهو چمڙي جو ٽڪر مليو آهي. انهيءَ کي
غنيمت سمجهه ۽ انهيءَ بيوقوفي واري خواهش کان بچ“.
لومڙي چيو: ”ادا! جيستائين دل جي مراد حاصل ٿيڻ جي
اميد آهي، تيستائين مڪاري ۽ چالاڪي کان ڪم وٺڻ ۾
ڪا برائي ڪانهي ۽ جيستائين آسائش جي باغ خوشين جي
گلن جو نظارو ممڪن آهي. ذلت جي جهنگ ۾ پير رکڻ عيب
آهي. منهنجي همت ان ڳالهه تي راضي ڪونهي؛ ته مان
چمڙي سان بک مٽايان ۽ تازي گوشت کان منهن موڙيان.“
بگهڙ چيو، ”اي لالچي! پنهنجي لالچ جو نالو تو همت
رکيو آهي ۽ ان غلط ڪم کي تون وڏو ڪارنامو سمجهي
رهي آهين. ان ڳالهه کي متان وسارين ته عظمت فقيري
۾ لڪل آهي ۽ خوشي قناعت ۾، ان کان بهتر ڪو عمل
ڪونهي، ته رازق توکي، جيڪو ڪجهه ڏنو آهي. انهيءَ
تي قناعت ڪر ۽ خوش رهه، ڇاڪاڻ جو جيڪو به فضول
خواهش ڪندو آهي. تباهه ۽ برباد ٿيندو آهي. مونکي
ته اهو ڊپ آهي، ته تنهنجي ان فضول خواهش جي پويان
هٿ آيل شيءِ به هلي نه وڃي.“
لومڙي لالچ ۾ اچي بگهڙ جي ڳالهه تي منهن ڪوجهو
ڪندي چيو ته: ”تون ويهي ڏس ته مان ڪيئن اٽڪل ڪري
ڪڪڙ جو شڪار ڪيان ٿي.“ ائين چئي چمڙي جو ٽڪر اتي
ڇڏي، هن ڪڪڙ جو رخ ڪيو. جڏهن بگهڙ ڏٺو، ته ان جي
نصيحت لومڙي ته ڪو به اثر نه ڪيو آهي، ته ڪنو منهن
ڪري اتان هليو ويو. هوڏانهن انهيءَ چمڙي جي ٽڪر کي
سرڻ پنهنجن چنبن ۾ کڻي اڏامي وئي، ۽ اڃا لومڙي
ڪڪڙن جي طرف پهتي به ڪانه هئي. ته زيرڪ جتي لڪل هو
اتان ٻاهر نڪري زور سان لومڙي کي لٺ هنيائين.
لومڙي کي زبردست ڌڪ لڳو ۽ ڀڄندي ڪرندي چمڙي جي طرف
وڌي. پر جڏهن ان جاءِ تي پهتي، ته چمڙي جو ٽڪر به
ڪو نه هو. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان اڀ جي طرف نهاريائين،
ته هن جي نظر سِرڻ تي پيئي، جيڪا چمڙي جو ٽڪر چنبن
۾ کنيون اڏامي رهي هئي. صدمي ۽ ڪاوڙ وچان؛ هن
پنهنجو مٿو زور سان زمين تي هنيو ته سندس مٿو ڦاٽي
پيو ۽ اهڙي طرح، اها لالچي اتي جو اتي مري وئي.
انڌو ۽ لَٺ
هڪ انڌو ۽ ٻيو سڄو ٻيئي هڪ جهنگ ۾ ترسيل هئا. جڏهن
رات ٿي وئي ۽ هنن اتان روانو ٿيڻ گهريو، ته انڌي
پنهنجي لَٺ ڳولهي. اتفاق سان نانگ سيءَ کان ٿڙڪندو
اتي سُتو پيو هو. انڌي ان کي پنهنجي لٺ سمجهي کڻي
ورتو. جڏهن ان تي هٿ ڦيريائين ته پهرين جي مقابلي
۾ اها کيس ڪافي نرم ۽ ملائم محسوس ٿي. خوشيءَ سان
اها کڻي پنهنجي وڃايل لَٺِ کي وساري روانو ٿي ويو.
پر، جڏهن صبح ٿيو ته اکين واري ماڻهو ڏٺو ته سندس
انڌي دوست جي هٿن ۾ هڪ نانگ آهي ته هن رڙ ڪئي.
”دوست! تون جنهن کي لَٺِ سمجهي رهيو آهين، اهو
زهريلو نانگ اٿيئي. ان کان پهرين جو توکي ڏنگ هڻي،
ان کي ڦٽي ڪري ڇڏ.“ انڌي سوچيو، ته ”سندس دوست هي
نرم لٺ ڦٻائڻ گهري ٿو.“ هن چيو ته ”اي منهنجا
پيارا! مون پنهنجي لٺ وڃائي ڇڏي آهي. خدا مونکي ان
کان بهتر لٺ عطا ڪئي آهي. جيڪڏهن تنهنجي قسمت به
تنهنجو ساٿ ڏي؛ ته توکي به اهڙي سٺي لٺ ملي ويندي،
پيارا سمجهي ڇڏش ته مان انهن ماڻهن منجهان نه
آهيان، جيڪي ڪوڙن قصن ۽ آکاڻين تي يقين ڪري ڇڏيندا
آهن. مان تنهنجي انهن ڪوڙن قصن، ڪهاڻين تي يقين
ڪري، ان لٺ کي ڦٽي نه ڪندس.“ سندس دوست مُرڪي چوڻ
لڳو: ”منهنجا پيارا ڀاءُ! دوستي جو فرض اهو آهي؛
ته مان توکي ان خطري کان باخبر ڪيان.سو مان ڪيو.
منهنجي ڳالهه مڃ ۽ نانگ کي پنهنجي هٿن مان ڦٽي ڪري
ڇڏ.“
اهو ٻڌي، انڌي ڪنو منهن ڪندي چيو:
”وڌاءُ جي به حد هوندي آهي. اها ڳالهه ڄاڻي وٺ، ته
جيڪو تقدير ۾ هوندو آهي؛ اهوئي ٿيندو آهي. تون
منهنجي لٺ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿو. تنهن ڪري ان کي
ڦٽو ڪرڻ تي زور ڀري رهيو آهين، ته جيئن ئي مان ان
کي ڦٽو ڪيان، تون اها کڻي وٺين. ان خيال ۾ نه رهه،
ڇاڪاڻ جو هيءَ لٺ مون کي خدا جي طرفان ملي آهي.“
سندس دوست ان انڌي شخص کي گھڻو ئي سمجھايو. پر هن
تي ڪوبه اثر نه ٿيو.
منجھند جو هوا گرم ٿيڻ شروع ٿي ۽ سيءَ کان سڪڙيل
نانگ جي جسم ۾ گرمي پيدا ٿي، ته هو ڦٿڪيو ۽ هن
پنهنجي فطرت مطابق انڌي جي هٿ تي ڏنگ هنيو ۽ اهو
لالچي ۽ بيوقوف انڌو اتي جو مري ويو.
(فارسي مان ترجمو)
مختيار نصير ڏوگر
هُد هُد پکي
اڄ، اسان اوهان کي هڪ اهڙي پکي جي باري ۾
ٻڌائينداسون؛ جيڪو، هڪ قاصد جو ڪم انجام ڏيندو هو،
هن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ سورة النمل ۾ آهي. چند آيتن
جو ترجمو ڏجي ٿو:
”هڪ ڀيري هي قصو ٿيو، ته حضرت سليمان پکين جي
حاضري ورتي، ته هد هد کي نه ڏٺائين. فرمائڻ لڳا
ته: ”ڇا ڳالهه آهي، جو آءُ هد هد کي نٿو ڏسان. ڇا
ڪٿي غائب ٿي ويو آهي؟ آءُ ان جي غير حاضري تي، ان
کي سزا ڏيندس يا ان کي ذبح ڪندس، نه ته سبب پيش
ڪري.
ٿوري دير ۾ هو اچي ويو ۽ حضرت سليمان عليه السلام
کي چوڻ لڳو ته: ”آءُ اهڙي ڳالهه معلوم ڪري آيو
آهيان، جا اوهان کي معلوم نه ٿي آهي. مون اوهان وٽ
سبا قبيلي جي خبر آندي آهي. مون هڪ عورت کي ڏٺو؛
ته اها انهن ماڻهن تي بادشاهي ڪري رهي آهي، ان وٽ
هڪ وڏو قيمتي تخت آهي. مون ان کي ۽ ان (عورت) جي
قوم کي ڏٺو، ته هو خدا جي عبادت کي ڇڏي ڪري سج کي
سجدو ڪن ٿا.“
حضرت سليمان عليه السلام انسانن، جنن کان سواءِ
پکين وغيره تي به حڪم ڪندو هو ۽ انهن سڀني جون
ٻوليون به سمجهندو هو. هُد هُد کيس سبا ملڪ جي
ملڪه بلقيس جو احوال ٻڌايو. انهن جي تفصيل قرآن
مقدس ۾ موجود آهي. هُد هُد جو ذڪر قرآن مجيد کان
سواءِ انجيل مقدس ۾ به آهي.
هُد هُد هڪ قديم پراڻي وقت جي پکي آهي. انساني
سماج سان ان جو گهرو تعلق رهيو آهي. قديم مصر جي
تصوير ۾ هُد هُد جي تصوير پڻ ملي آهي ۽ مصر جي لوڪ
ڪهاڻين م هن جو ذڪر ملي ٿو.
هي هڪ ميداني علائقي جو پکي آهي.
هي پاڪستان ۾ ٿوري تعداد ۾ آهي. پر هندستان، سيلون
۽ برما ۾ گهڻي تعداد ۾ ملي ٿو. قدڪاٺ ۾ ڪٻر (مينا)
جيترو هوندو آهي. چهنب کان پڇ تائين هن جي ڊيگهه
ڏهه کان ٻارنهن انچن تائين آهي. هن جو رنگ هلڪو
بادامي ۽ سفيد پرن کي ڪاريون لڪيرون ڏاڍيون سهڻيون
لڳنديون اٿس. ٽنگون ننڍيون ۽ چهنب ڊگهي ۽ سنهي
اٿس، مٿي تي پرن جي تاج نما موڙ سهڻو ۽ پيارو
لڳندو اٿس. جڏهن ته هد هد ڪاوڙ ۾ هجي يا اڏام
کانپوءِ ويٺو هجي، ته سندس تاج (موڙ) ٽڙي ننڍڙي
جاپاني پکي جهڙو ٿي ويندو آهي.
برصغير هند- پاڪ ۾ هي پکي گرمين ۾ هماليه جي جبلن
۾ گذاريندو آهي. سردين ۾ اتان اڏامي، ميدانن ۽
سمنڊ تائين نڪري ايندو آهي. هي ٻارنهن هزار جي
بلندي تي رهندو آهي. سردين ۾ برما، آسام ۽
بنگلاديش جي اترئين علائقن ۾ به ويندو آهي.
هُد هُد زميني پکي آهي. وڻن تي گهٽ ويهندو آهي. هي
هر هنڌ بيهي ڊگهي چهنب سان زمين کوٽيندو آهي. گاهن
۽ ٻوٽن جي پاڙن ۾ لڪي جيت ۾ ماڪوڙا کائيندو آهي.
گندگاهه ۽ پنهنجي خوراڪ تلاش ڪندو آهي. ڀونر ۽
پتنگ ته هن جو من پسند کاڌو آهي. بهار جي موسم ۾
هُد هُد گهر ٺاهڻ جي تياري ڪندو آهي.
آکيرو وڻن جي پورن ۾ ٺاهيندو آهي، پر آکيرو زمين
کان گهڻو مٿي نه هوندو آکيرو پنهنجي نوعيت جو
منفرد، سادگي ۽ ڪفايت شعاري جو دلچسپ نمونو آهي.
ٿورا وار، هڪ اڌ پر، پن يا گاهه جا ٻه ٽي پن بي
ترتيب، اهوئي هن جو گهر آهي. وڻ جي پاڙ ۾، جيڪڏهن
سوراخ ملي وڃي ته گاهه وغيره رکڻ جي ضرورت ناهي
رهندي.
مادي، هد هد، اپريل 1-مئي ۾ آنا لاهيندي آهي. جن
جو تعداد چار کان ڇهن تائين هوندو آهي. مادي جيئن
ئي آنا لاهيندي آهي، تيئن آکيريءَ ۾ بند ٿي ويهي
رهندي آهي. جيستائين آنن مان ٻچا نه ڦٽن ان وچ ۾
کاڌو وغيره ان کي نر هُد هُد آڻي ڏيندو آهي. آنن
مان، جڏهن ٻچا نڪرندا آهن، ته نر ۽ مادي ٻئي گڏجي،
انهن جي پالنا ڪندا آهن. واري واريءَ سان زمين مان
ڪيڙا، ماڪوڙا سنڊيون کڻي اچي کارائيندا آهن. هن جا
ٻچا وڏا پيٽو هوندا آهن. جڏهن نر يا مادي هنن جي
لاءِ چوڳو کڻڻ ويندا آهن، ته انهن مان هڪ آکيري جي
ٻاهر، ان وقت تائين پهرو ڏيندو آهي، جيستائين ان
جو ٻيو ساٿي اچي.
ٻچن سان گهڻي محبت جي باوجود، هي پکي بي رحم پڻ
آهي ۽ نهايت ظالمانه طريقي سان خانداني منصوبو
بندي تي عمل ڪندو آهي. هي پکي جيترو خوبصورت آهي،
اوترو ئي گدلو آهي. پنهنجي آکيري کي صاف نه ڪندو
آهي. پر، ان مان هن کي هڪ ٻيو فائدو آهي، ته
بدبوءِ جي ڪري ڪو به دشمن پکي هن جي آکيري ۾ داخل
نه ٿيندو آهي.
هُد هُد هاريءَ جو دوست آهي. هي تتر کان وڌيڪ محنت
ڪري ٿو. هي ڪيترائي جيت پنهنجي چهنب سان زمين جي
اندران ڪڍي کائي چٽ ڪندو آهي. ان کانسواءِ، هي
اهڙن ڀونرن جو شڪار ڪندو آهي، جيڪي ٻوٽن تي آنا
لاهيندا آهن ۽ نقصان پهچائيندا آهن. انهيءَ جي ڪري
هندستان، پاڪستان ۽ سيلون ۾ هن جي شڪار تي پابندي
آهي. هُد هُد جي اڏام تيز نه آهي. هد هد عموماً،
خاموش طبعت پکي آهي. ٻين پکين وانگر گوڙ نه ڪندو
آهي. ڪڏهن موڊ ۾ اچي، ته پوءِ آهستي آهستي، اُڪ،
اُڪ، اُڪ ڪندو آهي. هد هد پالتو پکي نه آهي، پر
جيڪڏهن گهر ۾ پلجي ۽ هن جي ضرورت مطابق هن کي اهڙي
پنڃري ۾ رکجي، جيڪو وڏو هجي، هيٺيون حصو خالي هجي
يعني هيٺ هي زمين تي رهي. جتي گاهه به هجي. جيئن
زمين کوٽڻ جو شغل به جاري رکي سگهي. قيد جي حالت ۾
هن کي دل گهريو کاڌو سنڊيون، جيت ملن ته پوءِ هي
اتي جلدي هري مري وڃي ٿو.
يونس احمد ملڪاڻي
ڪڪڙ پاڻ ۾ ڇو وڙهندا آهن
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي، ته ڪنهن جهنگ ۾ ڪڪڙن؛ جو
وڏو خاندان آباد هو. ڪڪڙن جو اُهو خاندان گهڻي وقت
جو اتي آباد هو. ڪڪڙن جا وڏا اُتي ڄاوا ۽ اُتي مئا
هئا. ڪڪڙن جا ٻچا ۽ وڏا اُتي ڏاڍو خوش هئا.
اُتي، ڪڏهن به ويڙهه نه ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن سڀ
ڪڪڙ ٻنپهرن جو سُتا پيا هئا؛ ته هڪ ڪانگ؛ هڪ ڪڪڙ
جو ٻچو کڻي ويو، ڪانءُ کي ڪنهن ڏٺو ئي ڪونه. جڏهن
ڪڪڙ ننڊ مان اٿي ته پنهنجو ٻچو گم ڏٺائين، هن
رڙيون ڪري ٻچي کي سڏڻ شروع ڪيو. پر، ٻچو ڪونه
موٽيو، رڙين تي ٻيا پاڙيسري ڪڪڙ به اُتي ڊوڙندا
آيا.
ڪڪڙ انهن کي ٻڌايو، ته سندس ٻچو گم آهي، سڀ ٻچي جي
ڳولا ۾ نڪتا،پر ٻچو نه مليو. نيٺ پريشان ٿي موٽي
آيا، ٻئي ڏينهن، وري ٻنپهرن جو هڪ ٻئي ڪڪڙ جو ٻچو
ڪانءُ کڻي ويو. اُهو ٻچو به ڪونه لڌو. آخر ڪڪڙن جي
وڏڙن فيصلو ڪيو ته روزانو هڪڙو ڪڪڙ پهرو ڏيندو.
هڪڙي متاري ڪڪڙ کي پهري تي مقرر ڪيائون.
ڪڪڙ هڪ وڏي وڻ تي چڙهي ويٺو ۽ هوشياري سان پهرو
ڏيڻ لڳو.
ڪانءُ، جڏهن ڏٺو ته هي هتان چري ئي ڪونه ٿو، سو
ڪانءُ به ويهي رهيو، انهن مان هڪڙو ڪڪڙ، ڪنهن ڪم
سان، ٻاهر نڪتو، ٿورو هتان هُتان چڪر هڻي. پنهنجو
ڪم لاهي ۽ وري وڃي، پنهنجي کُڏي ۾ ويٺو. پهرين
واري ڪڪڙ ڏٺو، ته هي ٻاهر نڪتو آهي، ۽ اندر به ويو
آهي. سو هن کي شڪ ٿيو ته اهو چور آهي، سو پهري
واري ڪڪڙ کي خوشي ٿي، ته مون چور جهليو آهي. هاڻي،
اڄ، جيڪڏهن ڪا چوري ٿي، ته آئون انهيءَ جو نالو
ٻڌائي ڇڏيندس.
سو هي آرام سان ويهي رهيو. ويٺي ويٺي هن کي ننڊ
اچي ويئي. ڪانءُ جڏهن ڏٺو ته پهريدار ننڊ ۾ آهي،
سو هو آرام سان آيو ۽ هڪ ٻچو کڻي هليو ويو.
جڏهن، سڀ جاڳيا ته ٻچو گم ڏٺائون، پهريدار کان
پڇائون، ته هن چيو ته؛ مون فلاڻي ڪڪڙ کي ڏٺو هو،
سڀ ڪڪڙ ان ڪڪڙ وٽ ويا ۽ کانئس حقيقت پڇيائون.
پر، ڪڪڙ چيو، ته آئون ته پنهنجي ڪم سان ويو هوس،
پر ان ڪڪڙ تي ڪنهن اعتبار ڪونه ڪيو.
نيٺ آخر ۾ اهو ٿيو ته اڌ ڪڪڙ هڪڙي پاسي ۽ اڌ ٻئي
پاسي ٿي ويا. هڪڙا چون ته هتان نڪري وڃو، ٻيا چون
ته اسان جو ڏوهه ڪونهي.
ڳالهه وڃي خون خرابي تي پهتي، سڀ ڪڪڙ هڪ ٻئي سان
وڙهڻ لڳا، انهيءَ جنگ ۾ ڪيترائي ڪڪڙ مارجي ويا.
ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڪانءُ هڪڙي پاسي ويٺو رهيو.
ڪڪڙ، اڄ به هڪ ٻئي سان وڙهندا آهن، صرف پنهنجي
خاندان جو پلاند وٺڻ لاءِ. انهي خوني جنگ جو سبب
صرف ڪانءُ آهي. جنهن ميٺ محبت سان رهندڙ، ڪڪڙن کي
ويڙهائي ڇڏيو!
ساحر سمون
جهڙي صحبت، تهڙو اثر
اڄ سارنگ ڏاڍو شرمندو هو. ڇو ته اڄ رزلٽ آئوٽ ٿي
هئي ۽ سارنگ فيل ٿيو هو. هينئر سارنگ اٺين ڪلاس ۾
آهي. جي پاس ٿئي ها، ته نائين ڪلاس ۾ هجي ها. اڄ
سندس ماءُ ۽ پيءُ هن کان سخت ناراض آهن. شرم کان
ٻاهر به نه ٿو نڪري.
سارنگ، جڏهن ستون ڪلاس پاس ڪيو هو، ته هن سڄي مڊل
اسڪول ۾ پهريون نمبر کنيو هو. پڻس ۽ ماڻس کيس خوب
خرچي ڏني هئي. ٻاهر دوستن کيس مبارڪون ۽ گلابن جا
هار وڌا هئا. جڏهن هي اٺين ڪلاس ۾ داخل ٿيو، ته هن
سوچيو ته ”هاڻي مان خوب محنت ڪندس ۽ وري به سڄي
اسڪول ۾ نمبر کڻندس.“ شروع ۾ ته هن ڏاڍي محنت ڪئي
۽ اسڪول جو روزانو هوم ورڪ ۽ سبق پڪو ڪري ويندو
هو. پر جڏهن کان افضل سان هن جي دوستي ٿي هن جي
پڙهڻ تان دل بلڪل کڄي وئي. سڄو ڏينهن افضل سان،
سائيڪل موٽر تي شهر ۾ گهمندو هو. استاد جي چوڻ جي
باوجود، هن اسڪول ۾ اچڻ گهٽ ڪري ڇڏيو. شروع ۾ ته
هن کي افضل جي خيالن سان اختلاف هوندو هو. پر جيئن
چوندا آهن ”جهڙي صحبت تهڙو اثر.“
سو، سارنگ به آهستي آهستي افضل جي وڇايل ڄار ۾
ڦاسي ويو. ايستائين جو کيس اهو به وسري ويو، ته
سندس پيءُ هڪ غريب ماڻهو آهي، جيڪو مزدوري ڪري گهر
۽ تعليم جي خرچ کي برداشت ڪندو آهي. شروع وارن
ڏينهن ۾ ته هي پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندو هو، ته
منهنجي دوستي هڪ شاهوڪار جي پٽ سان آهي. افضل جي
ئي چوڻ تي هن سانوڻ سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو.
سانوڻ به سارنگ وانگي، هڪ غريب ڪاٺير جو پٽ هو. پر
سانوڻ ڏاڍو محنتي هو. شروع ۾ ته هي ٻئي گڏجي
پڙهندا هئا. هنن گڏجي پنهنجي پڙهائي جو ٽائيم ٽيبل
ٺاهيو هو. جنهن مطابق هي پڙهندا ۽ راند روند ڪندا
هئا.
اڄ انهيءَ تي سارنگ کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿو ٿئي، ته جي
هي افضل جي پويان نه لڳي ها ۽ ان جي چوڻ تي سانوڻ
سان ڳالهائڻ نه ڇڏي ها، ته اڄ هي به سانوڻ وانگر
اسڪول ۾ نمبر کڻي ها. پر سارنگ افضل جي چوڻ تي
لڳي. پنهنجو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ
فلمن جو شوقين بنجي ويو.
پڻس ۽ ماڻس جي پڙهائي جو چوندا هئس، ته چوندو هو
ته ”آئون پاڻهي پاس ٿي ويندس. سڀ ڪاپي ٿا ڪن،
اڳئين سال ۾ به مون ڪاپي ڪانه ڪئي، مون سڀ ياد
لکيو هو، تڏهن ٻين سڀني ڇوڪرن ڪاپي ڪئي هئي،
هينئر، آئون به ڪاپي ڪندس. پاس ٿي ويندس، جي نمبر
نه مليو ته ڇا ٿي پوندو.“
جڏهن سارنگ جا امتحان ويجها ٿيا ته هن جو پهريون
پيپر انگلش جو هو. هي ان رات تياري جي بجاءِ افضل
سان گڏ سائيڪل موٽر تي فلم ڏسڻ لاءِ هليو ويو. رات
جو شهر مان رلي، دير سان گهر آيو ۽ اچي سمهي رهيو.
صبح جو سندس ماءُ کيس زوري ننڊ مان اٿاريو ۽ هي تڙ
تڪڙ ۾ انگلش جي بجاءِ سماجي اڀياس جو ڪتاب لڪائي
اسڪول ۾ کڻي ويو. جڏهن امتحان ڏيڻ لاءِ اسڪول ۾
پهتو، ته سڀني ڇوڪرن کي قطار ۾ بيهاري تلاشي وٺي،
پوءِ امتحان هال جي اندر ڇڏيو ويو. تلاشي جي دوران
هن وٽان ڪتاب نڪتو.
استاد جي جڏهن ڪتاب تي نظر پئي ته کيس سڀني شاگردن
جي اڳيان دڙڪا ڏنا. چيائين ته: ”توکي اها به خبر
ڪانهي، ته اڄ پيپر ڇا جو آهي ۽ تون هليون آهين،
پيپر ڏيڻ.“ ان وقت استاد جي انهيءَ جُٺ تي سارنگ
کي احساس جي بدران استاد تي ڪاوڙ آئي.
جڏهن امتحان هال ۾ سارنگ وڃي ويٺو، ته سڀئي ڇوڪرا
لکڻ ۾ مصروف هئا. فقط افضل ۽ سارنگ هئا، جيڪي
خاموش وات ۾ پين وجهي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيا
هئا.
استاد، جڏهن پڇيو ته؛ ”توهان لکو ڇو نٿا، ته شرم
وچان هي پيپر کي اٿلائڻ پٿلائڻ ٿي لڳا. |