حال احوال
سنڌڙي جا هونهار ٻارو، هي پرچو جڏهن توهان جي ڪومل
هٿن ۾ پهچندو، تڏهن توهين گرمي جون موڪلون ماڻي
رهيا هوندا.
ٻارو! ٻه مهينا موڪل (جون-جولا) انهيءَ ڪري حڪومت
ڪندي آهي، جيئن توهين معصوم ٻار گرمي کان محفوظ ٿي
گهر ۾ آرام ڪريو. پر، اڪثر ٻار ان جو غلط اثر
وٺندا آهن.
ٽاڪ منجهند جو، جڏهن ڪانءُ جي اک پئي نڪرندي آهي،
پکي پسڻ پنهنجي آکيري ۾ آرامي هوندا آهن، ته ڪي
ٻار ڪجهه ساٿين سان گڏ گليل کڻي وتندا آهن، پکين
کي ستائيندا. ڪن ٻارن کي گرمي به لڳيو وڃي ۽ بيمار
به ٿيو پون. ان لاءِ ٻارو، توهانکي منهنجي گذارش
آهي، ته گهر ۾ آرام ڪريو. اسڪول طرفان مليل گهرو
ڪم ڪريو ۽ صبح جو والدين سان گهرو ڪم ڪار ۾ مدد
ڪرايو.
جي؛ توهان جا والدين سرندي وارا آهن، ته پوءِ ڀل
ڪنهن ٿڌي شهر ۾ گهمڻ وڃو، يا ڪٿ مٽ مائٽ آهن ته
انهن وٽ وڃو. پر ان ۾ يا ته والدين سان گڏ وڃو يا
سٺن دوستن سان گڏ وڃو ۽ گهمي ڦري اچو. پر، جي
والدين غريب آهن، ۽ ڪو دوست توهان کي گهمڻ ڦرڻ
لاءِ چئي، ته پوءِ مائٽن کي اجايو تنگ نه ڪريو، ۽
انهن جي حال تي ئي هلو. توهين گهر ويٺي مطالعو ڪري
ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا.
ڪتاب ئي توهان جا بهترين ساٿي آهن. انهن سان دل
وندرايو. اهي ڪڏهن به اوهان کي نقصان نه ڏيندا، پر
اڃا اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا.
اميد ته توهين هنن ڳالهين تي عمل ڪري پاڻ کي جهولي
۽ لُڪ کان بچائيندا ۽ والدين کي اجايو پريشان نه
ڪندا.
اوهانجو چاچا:
اڪبرجسڪاڻي
لطيفي لات
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تن! تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا.
هي بيت شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي مان آهي. سُر يمن
ڪلياڻ جي داستان اٺين جو، پنڌرهون نمبر بيت آهي.
سمجهاڻي: هن بيت ۾ شاهه صاحب چئي ٿو، ته: اهڙن
ماڻهن (درويشن) جي ويجهو وڃي ويهجي. جن سان ملڻ
کان پوءِ هر قسم جي پيڙا (ڏک) ختم ٿي وڃي، يعني
درويشن جي صحبت سان ئي روحاني سڪون ملندو آهي، ۽
انهن جي ئي صحبت ۾ رهڻ سان، انسان هر بري ڪم کان
بچي ٿو. ڏک، فڪر ۽ ڳڻتي به لهيو وڃي.
(ڪلياڻ آڏواڻي)
غلام محمد لاکو
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
هونئن ته سنڌ ۾ سوين شاعر پيدا ٿيا آهن، ليڪن
جيتري اهميت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي حاصل
ٿي، ايتري مڃتا، ٻئي ڪنهن به شاعر کي نه ملي سگهي
آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان جو تمام وڏو شاعر ٿي
گذريو آهي. ان ريت پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو محسن
به سڏجي ٿو.
شاهه صاحب جو تعلق متعلوي ساداتن سان هو. هن
خاندان جا وڏا بزرگ سمن ڄامن جي دور ۾ هرات کان
سنڌ پهتا هئا. شروع ۾ سندن ماڳ مڪان هالا شهر ۽ ان
جي آس پاس ۾ ٿيو. اڳتي هلي، اهي مٽياري شهر جي اصل
نالي جي نسبت سان، متعلوي سيد سڏجڻ ۾ آيا. هن وقت
هي سادات سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن. تاريخ جي مختلف
زمانن ۾ متعلوي خاندان ڪافي معتبر ماڻهو پيدا ڪيا
آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي موجوده ڀٽ شاهه جي آس پاس سن
1102هه برابر 1690ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو
شاهه حبيب هو. شاهه صاحب جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي
دور جي ماحول مطابق ٿي. بعد ۾ کين مجازي عشق جي
چوٽ لڳي. تڏهن گهر گهاٽ ۽ ڳوٺ راڄ ڇڏي، پاڻ سير
سفر تي روانو ٿي ويو. هي سفر ٽي سال جاري رهيو. ان
ريت شاهه لطيف سڄي سنڌ پنهنجي اکين سان ڏٺي. ان
کان علاوه جيسلمير، ڪڇ ڀڄ، لس ٻيلو ۽ ملتان به
ڏٺائين. ان طرح پاڻ هن سموري علائقي جي جاگرافي،
تاريخ ۽ رسم رواج کان با خبر ٿيو. ان بعد ٺٽي کان
ٿيندو گهر موٽي آيو.
نوجوان عبداللطيف گهر واپس پهتو ته خوشيون ٿي
ويون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندن شادي ڪوٽڙي مغل جي
مغليه خاندان مان ٿي گذري. هاڻي هن جي حياتيءَ ۾
سڪون اچي ويو. الله تعاليٰ جي عبادت ۾ خلق خدا جي
خدمت ۾ مگن ٿي ويو. سندن شاعري آهستي آهست پختگي ۽
فڪري مٿانهينءَ طرف وڌڻ لڳي. هونئن به شاعري کين
ورثي طور ملي هئي. سندن پڙڏاڏو شاهه عبدالڪريم ۽
والد شاهه حبيب به، سنڌي زبان جا سٺا شاعر ٿي
گذريا هئا.
شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌ ملڪ تي ميان نور محمد
ڪلهوڙي جي حڪومت هئي. وقت جا شاعر فارسي زبان ۾
شعر چوندا هئا. اهي حاڪمن جي ساراهه ڪري انعام
اڪرام حاصل ڪندا هئا. سندن شاعريءَ جو سنڌي عوام
سان ڪو به واسطو نه هو. شاهه عبداللطيف ان دور جي
ادبي روايتن کان بغاوت ڪئي. ان طرح پاڻ شعر ۽ سخن
لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي اهميت ڏنائون. پاڻ پنهنجي
شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جو پرچار ڪيائين. سنڌي عوام
جي ڏکن دردن، رسمن رواجن ۽ جاگرافي تاريخ جي پچار
شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ پڌري پٽ ڏسجي ٿي. پاڻ
پنهنجي شعر ۾ سنڌ جي قصن ۽ عشق جي داستان کي ڳايو
اٿس. شاهه صاحب جتي ٿر کي ڳايو، اتي ڪوهستان کي به
ياد ڪيو آهي. سمونڊ جي ساراهه ڪري ٿو ته، سنڌو
درياهه جي تعريف به ڪئي اٿس. حاڪمن جي واکاڻ بجاءِ
سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪندي، کين خوشي محسوس ٿئي ٿي.
مطلب ته لطيف جي شاعري پڙهندي ان دور جي، سنڌي
سماج جي سڄي صورتحال سامهون اچي وڃي ٿي.
شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي ڪتاب کي ”شاهه جو
رسالو“ سڏجي ٿو. ان ۾ ڪل ٽيهه داستان يا سر آهن.
پاڻ پنهنجي شعر لاءِ سنڌ جي قصن ۽ داستانن مان
مواد ورتو اٿس. ان مقصد لاءِ مورڙو مانگر مڇ، عمر
مارئي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، سورٺ
راءِ ڏياج ۽ مومل راڻي جي قصن کي خاص اهميت
ڏنائين. ان ڪري شاهه صاحب جي شاعري موضوع ۽ مقصد
جي لحاظ کان، سنڌي ساهت جو لازوال ڪردار بنجي چڪي
آهي.
شاهه لطيف رڳو شاعر نه هو، ليڪن پاڻ موسيقيءَ جو
به وڏو ڄاڻو هو، سنڌ موسيقي به سندن هٿن ۾ وڌي
ويجهي. هن ڏس ۾ پاڻ ڪي ڪامياب تجربا به ڪيائون،
خاص طرح سان ’دنبورو‘ نالي ساز لطيف سائين جي
ايجاد آهي.
سنڌ جي هن وڏي صوفي ۽ شاعر سن 1144 هه برابر 1731ع
۾، ڪوٽڙي مغل کي ڇڏي موجوده ’ڀٽ شاهه‘ کي آباد
ڪيو. ان ريت هي ڀٽ جي نسبت سان شاهه ڀٽائي مشهور
ٿيو. ساڳئي سال ۾ سندن والد شاهه حبيب وفات ڪري
ويو. کيس نئين وسايل شهر ۾ دفن ڪيو ويو. شاهه صاحب
زندگيءَ جا ويهه سال هتي گذاريا. سندن وفات 14 صفر
1165هه برابر 22 ڊسمبر 1751ع تي ٿي. کين ڀٽ تي
دفنايو ويو. سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه، سندس
مزار تي هڪ عاليشان مقبرو اڏايو. هي مقبرو اڄ سوڌو
سلامت آهي.
شهيد احمد خان آصف
نصحت جون ڪهاڻيون
ٻڌو ٻارو نصيحت جون ڪهاڻيون،
ڪهاڻيون هي اٿوَ هيرن جون داڻيون.
سُمهو ساجهر اُٿو ساجهر سدائين،
اٿڻ سان ياد ڪريو ربُ سائين.
کڻي ڏندڻ ڏيو پنهنجي ڏندن کي،
ڪيو ڌوئي صفا منهن ۽ بدن کي.
ڦڻي ڏيئي اکين ۾ سرمو پائي،
ڪري نيرن ۽ پوءِ ڪپڙا مٽائي.
اچو اسڪول ۾ ساجهر سويلو،
وڃڻ گهرجي نه مڪتب ۾ اويلو.
ڏيو استاد جي اول سلامي،
ٿيو پوءِ هم ڪلاسين سان ڪلامي.
رهو اسڪول ۾ ريڌا پڙهڻ ۾،
وڃايو وقت ڇو! کيچل ڪرڻ ۾.
گهڙي هڪڙي نه غفلت ۾ گذاريو،
متان پنهنجا سبق دل تان وساريو.
ملي موڪل ڀلي پوءِ راند ڪريو،
ڀلي کيڏو، ڊڪو ۽ ڊوڙ ڀريو.
ادب سان نت هلو ننڍن وڏن سان،
پراون توڙي پنهنجن مائٽن سان.
فضيلت سان اوهان جي اٿندؤ وهندؤ،
جتي ويندؤ اتي نت مان لهندو.
ڪيو وس هوندي سڀ ڪنهن سان ڀلائي،
انهيءَ ۾ آ اوهان جي خود چڱائي.
ڪريان ٿو شڪر جي هاڻي پڄاڻي،
اوهان سان هوندو نت الله ساڻي.
اهي اقوال ”آصف“ جا هنڊايو،
نصيحت ۽ هدايت ڪجهه پرايو.
غفار ساند
ٻاراڻي وائي
چهرا چوڏهينءَ چنڊُ،
ٻار اسڪول پيا وڃن.
ميڙا، ٽوليون ٿا ڪن،
جهرڪين جو ڄڻ جهُنڊُ،
ٻار اسڪول پيا وڃن.
مٺڙا سندن ٻول پچار،
ڄڻ ڪي ماکي کنڊُ،
ٻار اسڪول پيا وڃن.
دير سير روز هنن جي،
لڳو هنن تي ڏنڊُ،
ٻار اسڪول پيا وڃن.
اجهوڪي آيو ٻڌڻ ۾،
لڳو اسيمبليءَ گهنڊُ،
ٻار اسڪول پيا وڃن.
محمد عثمان عباسي
بوعلي سينا
شايد، اوهان کي، هن ڳالهه جي خبر نه هجي، ته مغرب
جا جيڪي مالڪ، اڄ علم تهذيب ۾ اڳتي آهن، اهي ڪجهه
صديون اڳ اوندهه ۾ ڀٽڪي رهيا هئا. هي اهو زمانو
هو، جڏهن مشرق ۾ علم جي روشني مڪمل طرح پکڙجي چڪي
هئي. مغرب وارن؛ مسلمان فلاسافرن، طبيبن، عالمن ۽
سائنسدانن کان تمام گهڻو ڪجهه سکيو ۽ عربي زبان جا
ڪتاب لاطيني زبان ۾ ترجمو ڪري يورپ جي ڪيترن ئي
ملڪن ۾ پهتا ۽ مسلمانن جا لکيل هي ڪتاب صدين تائين
يورپي ملڪن جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ داخل رهيا.
شيخ بوعلي الحسين ابن عبدالله ابن سينا، اهڙن ئي
مسلمان حڪيمن مان هو، جنهن کان مغرب وارن تمام
گهڻو ڪجهه سکيو. هن کي يورپ ۾ اڃا تائين اوي سينا
(Avecinna)
جي نالي سان ياد ڪندا آهن.
عالم اسلام جو هي عظيم فلاسافر ۽ طبيب 370 هجري
مطابق آگسٽ 970ع ۾ بخارا جي ويجهو خرمستان نالي هڪ
ڳوٺ ۾ ڄائو، جتي سندس والد عبدالله ساماني مشغول
رهيو. جنهن ۾ منطق، طب، فلسفي، نفسيات، رياضي،
هيئت، دينيات، اخلاقيات، تصوف، تفسير، ادب ۽
موسيقي شامل آهن.
هن اٽڪل ٻه سو کن ڪتاب لکيا ۽ سندس لکڻ جي رفتار
روزانو پنجاهه صفحا هوندي هئي.
بو علي سينا کي جن ٻن ڪتابن جي ڪري عالمي شهرت ملي
اهي هي آهن. هڪ ”القانون“ ۽ ٻيو ”الشفا“.
القانون عربي زبان ۾ طب جو هڪ بي مثال ڪتاب آهي،
جيڪو پنجن جلدن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب علم طب جي
هڪ جامع انسائيڪلوپيڊيا آهي. هن ڪتاب جي اهميت جو
اندازو، هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، ته هن ڪتاب
جا يورپي زبانن ۾ ترجمان لڳاتار اٺن صدين تائين
ٿيندا رهيا ۽ هي ڪتاب يورپ جي هر ميڊيڪل ڪاليج جي
نصاب ۾ شامل آهي، هن ڪتاب جو عربي ترجمو 1553ع ۾
روم ۾ ڇاپيو ويو ۽ ڪريمونا جي، جرارڊ، ٻارهين صدي
۾، هن کي لاطيني ۾ ترجمو ڪيو. پندرهين صدي عيسوي
جي آخري ٽن سالن ۾ هي ڪتاب سورنهن دفعا ڇپيو ۽
سورهين صدي عيسويءَ ۾ ويهه دفعا يورپ جي مختلف
زبانن ۾ شايع ٿيو.
سندس ٻيو ڪتاب ”الشفا“ فلسفي، طب، ڪيميا، رياضي،
موسيقي ۽ حياتيات جي مضمونن تي مشتمل آهي. هي ٻئي
ڪتاب يورپ ۽ ايشيا جي وڏين يونيورسٽين جي نصاب ۾
شامل آهن.
هڪ يورپي مصنف جو چوڻ آهي: ته ”دنيا ۾ ڪنهن به طبي
ڪتاب جو ايترو مطالعو نه ٿيو آهي، جيترو ”القانون“
جو، ان ڪري
يورپين طب ٿي ابن سينا جو تمام گهرو اثر پيو.
هندستان جي هڪ مشهور مورخ جو چوڻ آهي ته: ”هو وچين
دور جو عظيم ترين مفڪر ۽ علمي شخصيت آهي.“
انسائيڪلو پيڊيا، آف اسلام جي مطابق ”مغربي زبانن
۾ هن جي ڪتابن جال تمام گهڻا ترجما ٿيا ۽ اهي تمام
گهڻو پڙهيا ويا.
هي، جون 1037ع تي، تلاوت ڪلام پاڪ ڪندي جمعي جي
ڏينهن رمضان 438 هه تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
خاندان جي مشهور بادشاهه نوح بن منصور جي دور
حڪومت ۾ گورنر هو.
بو علي سينا، اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد بدلي
ڪرائي بخارا آيو. اهڙيءَ طرح بو علي سينا جي تعليم
۽ تربيت بخارا ۾ ئي ٿي. اڃا ڏهن سالن جو ٿيو، ته
هن قرآن شريف، عربي ۽ فارسي تي ڪافي عبور حاصل ڪري
ورتو. هي ٻالڪپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ علم جو شوقين
هو.
هن رياضيءَ جي تعليم محمود مساخ کان ۽ فقه جي
تعليم اسماعيل زاهد کا ورتي.
هي، ٻئي استاد پنهنجي شاگرد جي ذهانت ڏسي، اهو
يقين ڪري چڪا هئا، ته جي بو علي سينا کي صحيح
تعليم جو موقعو نصيب ٿيندو، ته هو هڪ ڏينهن علم ۽
حڪمت جو وڏو عالم ٿي اڀرندو.
هنن ٻنهي، بو علي سينا جي والد عبدالله کي هن جي
تعليم تي خاص توجهه ڏيڻ لاءِ خاص تاڪيد ڪئي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ ان زماني جو مشهور فلسفي ۽ علم
طبعي جو وڏو ڄاڻو ابو عبدالله ناتلي بخارا آيو.
عبدالله هن کي پنهنجي گهر ۾ رهايو ۽ بو علي سينا
کي ان جي شاگرديءَ ۾ ڏئي ڇڏيو. بوعلي سينا،
ناتليءَ کان منطق، هيئت، فلسفي ۽ اقليدس جي تعليم
حاصل ڪئي ۽ پوءِ
بطليموس جو
”مشهور ڪتاب ”مجسطي“ پڙهيو.
ناتليءَ جي وڃڻ کان پوءِ، هي سڀني علمن جي مطالعو
ڪندو رهيو، اهڙيءَ طرح انهن علمن جو سٺو ڄاڻو ٿي
ويو. آخر ۾ کيس طب جو شوق پيدا ٿيو ۽ طبي تعليم
ڏانهن بنا استاد جي ٿوريءَ محنت سان ئي مهارت حاصل
ڪري ورتائين ۽ واکاڻ پري پري تائين پکڙجي وئي.
بو علي سينا، اهڙي دور ۾ زندگي گذاري، جنهن کي
اسلامي تاريخ جو انقلابي دور سڏي سگهجي ٿو. هن
زندگيءَ جون ڪيتريون ئي لاهيون چاڙهيون ڏٺيون.
ڪڏهن وزيراعظم جهڙي اعليٰ عهدي جو مالڪ هو، ته
ڪڏهن قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ بي وس هوندو هو، ڪڏهن شهر
جي آرام ۽ سڪون واري فضا ڏٺائين، ته وري ڪڏهن جهر
جهنگ لتاڙيندو نظر اچي ٿو. پر انهن سڀني حالتن ۾
هو مسلسل لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ لڳو رهيو.
جوهر بروهي
دادو ڦاٽڪ تي
(دادو ريلوي ڦاٽڪ تي اڱارو 13 مئي 1997ع جي صبح
وقت، بولان ميل آڏو ايندڙ ٽن ٻارن کي بچائيندي، هڪ
پورهيت رجب علي ٻٻر نالي ويهن سالن جو نوجوان پاڻ
ريل هيٺان اچي شهيد ٿي ويو.)
مهر مقابل ماکيءَ لار،
ارپي پاڻُ، بچايا ٻار
دادو واري ڦاٽڪ تي.
ڪلجُڳ جي ڪُل ممتا گهوري
عظمت آڏو مڃتا گهوري،
وستي، وستي سڏڪا،پار،
ماٺي ٿي سرهاڻ سموري،
چنڊ جي پڻ چانڊاڻ اڌوري،
اوچو عزم ۾ تون هالار
وهوا تنهنجي ڦوهه جواني
ماڻ! امرتا اي لافاني،
باگ گهڙي جو ٿيو اقرار،
ٻار بچائي، پاڻُ لٽايئي
طرز مفادن واري مٽايئي
سونهن ۽ ساهن لئه سينگار
تولئه گيت غزل جي ورکا
تنهنجي عظمت جڳ لئه برکا
آهين انڊلٺ جو وهنوار
ٻيو ڪوٽو جئن گهور نه ٿيندو
اهڙو ٽهو ڪيو مور نه ٿيندو
آدم ذات ۾ تون هٻڪار
ماڻهن ۾ تون هڪڙو ماڻهو
سون يا سورج جهڙو ماڻهو
”رجبُ“ شهادت جو شهڪار
دادو وار ڦاٽڪ تي.
سنڌيڪار: واحد بخش مڱريو
پنجابي لوڪ ادب مان
مغرور ڪوئو
هڪ پاساريءَ جي دڪان ۾ کوڙ سارا ڪوئا رهندا هئا؛
جيڪي انهيءَ دڪان مان سٺيون سٺيون شيون کائي مزي
سان زندگي گذاري رهيا هئا.
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو، جو هڪ ڪوئو ڊڪندي ڪڏندي وڃي پيٺل
هيڊ جي دٻي ۾ ڪريو، سو، جيئن تيئن ڪري دٻي مان
نڪتو ۽ خوف کان ڀڄندو وڃي پنهنجي ساٿين سان گڏيو.
سندس ساٿين جو هن کي ڏٺو، سو سڀيئي حيران ٿي چوڻ
لڳس: ”واهه، واهه تنهنجو رنگ ڪيڏو نه سٺو آهي،
اهڙو رنگ تنهنجو ڪيئن ٿيو، اسان کي به ته ٻڌاءِ؟“
ساٿين جي ائين چوڻ سان، هي ڦونڊجي پاڻ کي جاچڻ
لڳو، ڇو جو، سڄو هيڊائو رنگ ٿي پيو هئس، سو ڏاڍو
خوش ٿيڻ لڳو ۽ وڏائي ۾ اچي، پنهنجن ساٿين کي چوڻ
لڳو ”مان هان توهان سان گڏ به ڪونه رهندس ۽ نه وري
ڪنهن جهڙي تهڙي ڪُئي سان شادي ڪندس. مان ته اُن
ڪُئي سان شادي ڪندس، جان مون وانگر سڄي هيڊي رنگ
جي هوندي ۽ سڀني کان طاقت واري به.“
پنهنجي ساٿين کي اهو چئي، هو سڀني کان جدا رهڻ لڳو
۽ سوچڻ لڳو ته: ”اهڙو سڱ ڪٿان حاصل ڪري پرڻجان.“
جنهن لاءِ اُن سڀني شين جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو.
نيٺ هڪ اٽڪل سمجهيس، ته: ”ڇو نه سج سان پرڻجان“ جو
ان جو رنگ به مون جهڙو هيڊائون آهي ۽ هو طاقت ۾ به
سڀني کان وڌيڪ آهي.“
اهڙي اٽڪل رکي سج ڏانهن ويو ۽ اُن کي چوڻ لڳو:
”سج تنهنجو رنگ به صفا مون جهڙو هيڊائون آهي ۽ تون
سڀني کان طاقت ۾ به گهڻو آهين. تون مون سان شادي
ڪر.“
سج ڪوئي جي ڳالهه ٻڌي، کلڻ لڳو ۽ سمجهائڻ لڳس: ”اي
ڪوئا، منهنجو رنگ برابر تو جهڙو آهي، پر مان سڀني
کان طاقت ۾ وڌيڪ نه آهيان؛ مون کان به وڌيڪ طاقت
ور ته ڪڪر آهن؛ جڏهن هو منهنجي سامهون ايندا آهن،
ته مون کي به ڍڪي ڇڏيندا آهن ۽ منهنجي روشني به
زمين تائين نه پهچي سگهندي آهي. ان ڪري مان توسان
شادي نه ڪندس.“ |