سونهري موتي
نيڪي گناهه کي کائي ويندي آهي.
رشوت انصاف کي کائي ويندي آهي.
ڪاوڙ عقل کي کائي ويندي آهي.
صدقو مصيبت کي کائي ويندو آهي.
غم عمر کي کائي ويندو آهي.
عدل ظلم کي کائي ويندو آهي.
محمد رضا پنهور
مضمون –1
سلسلو-3
ماءُ جو پيار
الله تعاليٰ هن ڌرتي تي جيڪي به پنهنجون عظيم
ترين، تخليقون ڪيون آهن، عورت به انهن عظيم ترين
تخليقن مان هڪ آهي. عورت جا مرد سان رشتا عظيم
آهن. عورت مختلف رشتن سان سڃاتي وڃي ٿي. هوءَ ڀاءُ
جي ڀيڻ ۽ پيءُ جي ڌيءَ هوندي آهي. پر عورت جو
جيڪو سڀ کان وڌيڪ ۽ اڻٽٽندڙ رشتو هوندو آهي اهو
ماءُ جو ئي آهي.
ماءُ جنهن کي مختلف زبانن يا ٻولين ۾ مختلف نالن
سان سڏيو ويندو آهي، سو ڪيڏو نه پيارو لڳندو آهي.
ماءُ محبت جو پتلو آهي ۽ سندس پيار رحمت جو ڪڪر
هوندو آهي. ماءُ اها عظيم شخصيت آهي. جنهن
پيغمبر، شهنشاه، شاعر، فيلسوف، امن پسند ۽ جنگجو
جوان پيدا ڪيا آهن.
ماءُ جو پيار بي لوث هوندو آهي. پيءُ پنهنجي پٽ
سان ان لاءِ به محبت ڪري سگهي ٿو. ته کيس پنهنجي
پٽ جي ڪمائي جو آسرو هوندو آهي. پر اها ماءُ ئي
آهي جيڪا پنهنجي اولاد ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ نٿي
رکي. هو هميشہ پنهنجي اولاد کي سکيو ڏسڻ چاهيندي
آهي. ته شل سندس ٻچڙي کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي.
اوهان ڏٺو هوندو ته نه صرف انسانن ۾ پر جانورن جو
به اولاد سان اهو اڻ ٽٽندڙ رشتو موجود آهي. جڏهن
ڪو باز يا سرڻ ڪڪڙ جي ٻچڙي کي کڻڻ جي ڪندو آهي، ته
ڪڪڙ بچائڻ لاءِ کيس پنهنجي کنڀن هيٺان ڪندي آهي، ۽
پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ان خونخوار جانور سان جنگ
جوٽيندي آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن جن ماڻهن کي
ماءُ سچي دل سان پيار ڪيو ۽ دل جي گهراين سان دعا
ڏني سي ڪيئن نه وڏن وڏن درجن تي پهتا. چون ٿا ته
اها ماءُ جي دعائي هئي. جنهن نادر شاه کي هڪ
ٻڪرار مان شهنشاهي تي پهچايو.
ماءُ جي محبت لاءِ حضور جن فرمايو ته: ”جنت مان
جي پيرن هيٺان آهي.“ تنهنڪري اسان کي گهرجي ته
هميشہ پنهنجي ماءُ جي خدمت ۾ رهي سندس دعائون حاصل
ڪيون ۽ کيس ڪڏهن به رنج ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريون.
ماءُ جو پيار هڪ اڻمٽندڙ حقيقت آهي ۽ جيستائين هي
فاني دنيا فنا نه ٿيندي تيستائين ماءُ جي دل
انهيءَ جذبي سان سرشار رهندي.
بخت جو بخت
ٻارڙن لاءِ 100 صفحن تي مشتمل باتصوير ڪهاڻين جو
ڪتاب عمده ڇپائيءَ سان سنڌ جي سمورن بوڪ اسٽالن تي
پهچي چڪو آهي. اڄ ئي خريد ڪريو.
قيمت صرف ست روپيا.
پوسٽ ذريعي گهرائڻ لاءِ :-
ڪهاڻي پبليڪيشنس
دينوءَ جو پڙ، حيدرآباد. (سنڌ)
نيل امبر ڌناڻي
مضمون-2
سلسلو- 3
ماءُ جو پيار
ماءُ جي معنيٰ آهي اها هستي، جنهن جي ڪک مان
انسان جنم وٺي ٿو ۽ ماءُ کان سواءِ مٺي ٻي ڪا
مائٽي ڪانهي.
ماءُ نو مهينا پنهنجي پيٽ ۾ ٻار کي سانڍي، جڏهن
ڄڻي ٿي ته پوءِ دنيا ۾ ان ٻار کان وڌيڪ سندس لاءِ
پياري ٻي ڪا شيءِ ڪانهي. هو راتين جا اوجاڳا ڪري
ڏينهن جو تڪليفون سهندي هڪ معصوم ٻار کي جيڪو گلاب
جي گل کان به وڌيڪ نازڪ آهي، جنهن ۾ سردي گرمي ۽
تڪليف برداشت ڪرڻ جي ڪا سهپ نه آهي. تنهن کي پالي
وڏو ڪري ٿي، هو روئي ٿو ته کيس پنهنجي ڇاتي جو کير
پياري، ڍؤ ڪرائي ٿي، سندس صفائي ۽ سٺائي ڪرڻ وقت
گندگي کان نفرت نٿي ڪري.
ماءُ جي شفقت ٻار جي خوشي آهي، زندگي آهي ۽ ماءُ
جي گود هزارين پلنگن ۽ پٿراڻين کان به وڌيڪ آرام
ده آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، ماءُ پيءُ سان ڀلائي
ڪريو.
هڪ حديث ۾ آيل آهي ته، ”جنت ماءُ جي پيرن هيٺان
آهي.“ ان جو مطلب آهي ته ٻار جيڪو پنهنجي ماءُ جو
ادب، احترام ۽ خدمت ڪري ٿو ته ان کي بهشت ملي ٿو.
اچو ته عهد ڪريون ته ماءُ جي خدمت ڪرڻ مان ڪا به
ڪثر نه ڇڏيون ۽ جڏهن وڏا ٿيون ته ماءُ جي گهڻي
خدمت ڪيون، ياد رکو ته ماءُ جي دعا هميشہ اثر ڪندي
آهي. جيئن ته ايران جو بادشاهه نادر شاهه به ماءُ
جي دعا سان بادشاهه ٿيو. ڪنهن ڪم کان نادر جي ماءُ
نادر کان خوش ٿي دعا ڪئي ته ”ٻچا! خدا توکي
بادشاهه ڪندو ماءُ جي دعا اثر آندو ۽ نادر بادشاهه
ٿي ويو. اسين به ماءُ سان ڀلائي ڪريون ۽ جيڪي هن
اسان کي پاليندي ڏک ڏٺا آهن انهن جي بدلي اسان
ماءُ جهڙي عظيم هستي کي ٻيڻا سک ڏيون.
هڪ دفعي هڪ اصحابي سڳوري پاڻ رسول الله صلي الله
عليہ والہ وسلم کان پڇيائون ته .يار سول الله مون
تي سڀ کان وڌيڪ حق ڪنهن جو آهي؟“ پاڻ سڳورن فرمايو
ته ”تنهنجي ماءُ جو“ انهي مان اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته ماءُ هڪ عظيم هستي آهي.
انهيءَ جو مطلب آهي ته ماءُ کان وڌيڪ عزيز ۽ محبت
ڀريو رشتو ڪوبه ڪونهي، ماءُ پنهنجي اولاد جي وڏي
هئڻ ۽ سٺي نوڪري حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندي آهي.
انهيءَ مان اندازو لڳايو ويو ته ماءُ دنيا جي سڀ
کان پياري ۽ حسين نعمت آهي.
ماءُ جي عزت ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي.
عام معلومات
1- سڀ کان وڏو ڏيڏر آفريڪا ۾ آهي جيڪو ننڍي ڪوئي
جيڏو آهي.
2- سري لنڪا ۾ هڪ قسم جي مڇي ٿئي ٿي. جيڪا پاڻي
کان ٻاهر هڪ هفتي تائين جيئري رهي سگهي ٿي. هو
خشڪي تي هڪ ميل کن هلي سگهندي آهي.
3- سڄي دنيا ۾ قيمتي ڪرسي اٽلي جي پوپ جي آهي.
جنهن جي قيمت هڪ لک روپيه آهي.
4- سائرس اهو بادشاهه هو. جنهن کي پنهنجي فوج جي
هر سپاهي جو نالو ياد هو.
5- سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي لئبريري ماسڪو ۾ آهي.
جنهن جو نالو لينن لئبريري آهي. ان ۾ اٽڪل ڏيڍ
ڪروڙ ڪتاب آهن.
6- دنيا ۾ سڀ کان ڏکي زبان چيني آهي.
ننڍڙا اديب
اپريل فول
سارنگ ۽ دادن انهيءَ ٻڏتر ۾ هئا ته فرسٽ اپريل فول
ڪيئن ملهائجي ۽ ڪنهن سان ملهائجي؟ آخر گهڻي سوچ
ويچار کان پوءِ پنهنجي گهري دوست سوڍي جو نالو
تجويز ڪيائون سوڍو پنهنجي بهادري جي وڏي هام هڻندو
هو ۽ انهي بهاني ٻنهي دوستن کيس آزمائڻ پئي چاهيو.
اتفاق سان سوڍي جا مائٽ ڪنهن عزيز جي شادي تي ويل
هئا ۽ سوڍو گهر ۾ اڪيلو هو. شام جو ستين وڳي، ٻئي
دوست ڪارا پڙا پائي ۽ مڇون لڳائي پنهنجا هٿ ۽ منهن
ڪارا ڪري سوڍي جي گهر روانا ٿيا. سندس گهر پڻ
سارنگ جي گهر جي ويجهو هو. تنهنڪري هو ٿوري دير ۾
سندس گهر ۾ پهچي ويا. در کليل هو ۽ هو ٻئي خاموشي
سان اندر گهر ۾ داخل ٿيا. گهرجي بجلي جو مين سُچ
مٿي ڪيائون ۽ پاڻ ڪمري جي دروازي وٽ لڪي ويٺا،
سوڍو جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو سو ميڻ بتي کڻڻ لاءِ
جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته سارنگ ۽ دادن لوه ڪئي
۽ ڊيڄاريندڙ رڙيون ڪندي مٿس چڙهي ويا سوڍو
انهيءَ لاءِ بلڪل نياز نه هو تنهنڪري رڙيون ڪندي
بيهوش ٿي ويو، اهو ڏسي ٻئي دوست ڪافي وقت تائين
ٽهڪ ڏيندا رهيا.
ڪجهه دير بعد سارنگ دادن کي چيو يار هن کي پاڻي جا
ڇنڊا هڻ دادن ائين ڪيو پر سوڍو هوش ۾ نه آيو.
هنن کي اچي سرسان لڳي، هيڪر سوچيائون ته ڀڄي
هلجي. پر ذهن ۾ آين ته جي ڀڄي وينداسين ته ٿي سگهي
ٿو ته هي مري وڃي، گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ انهن
مان هڪڙو ڄڻو ويو، وڃي ڊاڪٽر کي وٺي آيو.
ڊاڪٽر اچي سوڍي کي تپاسيو ۽ ٻه ٽي انجيڪشن
هنيائينس ته سوڍي اکيون کوليون.
ڊاڪٽر ڪجهه دوائون لکي ڏيئي ويو هليو ۽ سوڍي به
آهستي آهستي ڳالهائڻ شروع ڪيو. سارنگ ۽ دادن سڄي
ڳالهه ڪري سوڍي کي ٻڌائي. پهرين ته سوڍو ڪاوڙجي
پيو پر پوءِ سوچي کلي ڏنائين ۽ ان ڏينهن کان پوءِ
دادن ۽ سارنگ فيصلو ڪيو ته اڳتي اهڙي مذاق نه ڪبي
جيڪا ڳچي ۾ پئجي وڃي.
لياقت ٿهيم، جوهي
اُس
ٻارؤ سج ته اسان سڀ هرروز ڏسون ٿا سج قوت ۽
توانائي جو وڏو خزانو آهي. هن دنيا ۾ جيڪو به ڪم
ڪيو وڃي ٿو ان ۾ توانائي خرچ ٿئي ٿي ۽ ان جو اثر
زمين تي به پوي ٿو.
سج جنهن جي توانائي ڪنهن نقصان کان سواءِ اسان کي
ملي ٿي ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته سج جي پنهنجي
توانائي به ختم ڪانه ٿي ٿئي.
هڪ ته رات هئن ڪري ٻيو بادلن سبب ان جي توانائي
ملڻ ۾ رڪاوٽ ٿئي ٿي، ليڪن ان جو حل به اڄڪلهه جي
سائنسدانن دريافت ڪري ورتو آهي. سج نڪري نه نڪري
اسان ان جي توانائي مان فائدو وٺي سگهون ٿا.
شمسي چلها تيار ٿي چڪا آهن اس سان مزيدار کاڌا
تيار ٿي سگهن ٿا آفريڪا، آمريڪا ۽ يورپ ۾ چلها
استعمال ٿي رهيا آهن. جيڪي اُس سبب پاڻي جلد گرم
ڪن ٿا.
روس ۾ اُس سان ٿڌ پيدا ڪئي وڃي ٿي اهڙا ريفريجيٽر
بڻايا ويا آهن جيڪي بجلي سان نه بلڪ اُس سان هلن
ٿا، برف بڻائين ٿا ۽ هڪ اهڙو سيل به ٺاهيو ويو
آهي جيڪو اُس جي مدد سان برقي قوت پيدا ڪري ٿو.
سنڌيڪار: خليق ٻگهيو ڳچيرائي
ڳوٺ جي سڪ
اڄ خميس جو ڏينهن هو. اسڪول کان سويل موڪل ملي
هئي. مان جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ گهڙيس ته امي به
ڪڍ لڳي آئي. پهريائين ته ڏاڍي گهٻرائجي ويس ۽ پاڻي
جي گهرج محسوس ڪيم. ايتري ۾ امي مرڪندڙ لهجي ۾
چيو، ”ڳوٺ هلندينءَ!“
هانءُ تي پاڻي جو ڇنڊو پيو ۽ مرڪندي وراڻيم، ”اها
به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي.“ ”چڱو، پوءِ ڀلا سگهو
سنبري وٺ“ امڙ تڪڙ ۾ چيو. مان ڪپڙن ۾ نه پئي
ماپيس ڇو ته گهڻي وقت کان پوءِ ڳوٺ وڃي رهي هيس.
اهو ڳوٺ، جنهن ۾ مون پنهنجي ٻاروتڻ جا پورا ست سال
گهاريا هئا اڄ به جڏهن کٻڙن جا پيرون، ڪرڙن جا
ڳيلهون، ڪنڊين جون سڱريون لَوَن جا ساڪُنَ، ٻٻرن
جا پلڙا، اڪن جون انبڙيون، ۽ جوئر جا ڳنا ياد
ايندا اٿم ته مک تي مرڪ تري ايندي آهي.
ڌنارن جا ڌڻ ۽ پنهوارن جون پچارون ياد ايندي من
خوشيءَ مان نچڻ لڳندو آهي. شام ويلي موٽندڙ ڌڻن جا
ٻيڪاٽ، چڙن ۽ ٽلين جي ٽڻ ٽڻ ۽ چنگن ۽ بوڙينڊن جا
آلاپ ساريندي اهڙو سُرور ايندو آهي جو من مدهوش ٿي
ويندو آهي.
ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي پنهنجن پيارن پهنوارن
۽ ديس جي ڪرڙن ڪنڊن کي ياد ڪري ماروئڙن لاءِ قرب
ويتر وڌي ويندو آهي.
مان اڃا انهيءَ سوچ ۾ هوس ته امڙ چيو ته ”هلو ته
هلون“ ۽ مان ڄڻ ته گهري ننڊ مان سجاڳ ٿيس ۽ خوش
خوش سڀني کان اڳيان هلڻ لڳيس.
مارئي مهرياڻي سکر
سلام سَنيهَا
·
گل شير احمد خانواهڻ. ادل مون ڪور موڪليو آهي اهو
شايع ڪندا، ۽ ڪهاڻي به موڪلي اٿم اها شايع ڪندا.
(ڀاءُ ڪور سٺو ٺهيل نه آهي.)
·
منير احمد ميمڻ: ادل رسالو سٺو پيو نڪري. مون کي
قلمي دوستي ۾ نالو شايع ڪرائڻ جو شوق آهي. (ادل
هيڊ ماستر صاحب کان مهر هڻائي موڪليو.
·
سميع ڀنڀرو: ادل، هن ڀيري، ڪهاڻي واعدو چوٿين درجي
جي ڪتاب تان نقل ٿيل آهي. منهنجون ڪهاڻيون شايع
ڪندا. (ڀاءُ نقل ڪندڙ ڀائرن کي سوچڻ گهرجي ته نقل
ڪرڻ خراب ڳالهه آهي ۽ ماڻهو خوار ٿئي ٿو).
·
عبداللطيف سنائي هالا پراڻا: ڀاءُ، هن ڀيري ڪهاڻين
کان مضمون سٺا هئا ۽ واعدو ڪهاڻي نقل ٿيل هئي.
·
علي اصغر اداسي: ڀاءُ هن ڀيري مواد تمام سٺو شايع
ٿيل هو. ڀيڻ زاهده گوپانگ جي ڪهاڻي متاثر ڪيو.
·
منير ڪليري: ادل هن ڀيري مواد ڏاڍو سٺو ڇپيل هو.
·
درياخان سهاڳ: ادل مئي جو پرچو پڙهيم ڏاڍو سٺو
ڇپيل هو. قلندر شهباز جي روضي جي تعمير 1261 لکيل
هئي جا غلط آهي. (ڀاءُ پروف جي غلطي ٿي ويئي .
(1361) پڙهڻ گهرجي.)
·
اشفاق حسين شيخ: ادل مون دوستن کان تعريف ٻڌي گل
ڦل خريد ڪيم. واقعي سٺو رسالو هو، مواد موڪليان
پيو شايع ڪندا. (ڀاءُ هي مواد ته کنيل آهي، ٻيو
پنهنجو لکي موڪليو.)
·
عادل حق سنڌي: ادل وائي موڪلي رهيو آهيان شايع
ڪندا. (ڀاءُ وائي ته سٺي آهي پر حالتون اجازت نه
ٿيون ڏين).
·
سڪندر علي سرڪي: ڀاءُ منهنجو مواد شايع نه ٿا ڪيو.
مان مايوس ٿي ويو آهيان. (ادڙا پنهنجو ڪچو ڦڪو لکو
ته سٺو).
·
منير حسين منگي لاڙڪاڻو: ڀاءُ توهان اسان جو مواد
ڇو نه ٿا شايع ڪيو. (ادل، شايع ٿيڻ جهڙو مواد نه
آهي).
·
غذرا پروين نوابشاهه: ڀاءُ ڪهاڻيون ترجمون ڪري
موڪليان پئي شايع ڪندا. (ڀيڻ اهي ڪهاڻيون اڳ سنڌي
۾ ترجمو ٿيل آهن).
·
جاويد احمد چنو: ڀاءُ مواد ڪڏهن ٿا شايع ڪيو.
(ڀاءُ مواد نقل ٿيل آهي).
·
محمد طفيل منگي: ادل ٻارن جا فوٽو موڪليان پيو
مهرباني ڪري شايع ڪندا. (ڀاءُ فوٽو چٽا نه آهن.
شايع نه ٿي سگهندا).
لطيفو
هڪڙو ماڻهو پان واري جي دوڪان تي ويو. دوڪاندار کي
چار آنا ڏيندي چيائين: ڀائي صاحب! هڪ پان ڏجو....
۽ پان ۾ ذرا سونف به وجهجو... لونگ ۽ ڦوٽو به،
ٿورا سونف به وجهو ته مزو اچي ويندو! ۽ ها،
مصالحو ۽ ڏونگهي به وجهجو ۽ پيپرمينٽ هجي ته ٿورو
اهو به.... پان واري وچ ۾ چئي ڏنس ”بابو جي
توهان جيڪي چار آنا ڏنا آهن. چؤ ته اهي به پان ۾
وجهي ڏيانو!
سشيل بي. جروار
گل ڦل قلمي دوستي
56- نالو: احمد خان مدهوش،
عمر: 14 سال
وندر: ادب سان چاهه
ڪلاس: ستون.
ائڊريس: تعلقو ميهڙ پوسٽ فريدآباد
مدرسو عربيه محمديه فريدآباد.
57- نالو: خالد پرويز
عمر: 15 سال
وندر: ادب سان چاهه
ڪلاس: ڏهون
ائڊريس: گورمينٽ اسلاميه هاءِ
اسڪول مسڻ وڏي حيدرآباد.
58- نالول اياز احمد سومروعمر: 14 سالوندر: ڪتاب
پڙهڻڪلاس: ڏهون بي ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
نيو جتوئي.
59- نالو: پرويز احمد شيخ. عمر: 14 سالوندر: ادب
سان چاهه ڪلاس:اٺون ائڊريس: هاءِ اسڪول ڊٻ مهر
شاهه، خيرپور ميرس.
60- نالو: غلام اصغر مهر عمر: 16 سال وندر: قلمي
دوستي رکڻ ڪلاس: ڏهون. ائڊريس: پوسٽ خانپور مهر
وايا گهوٽڪي.
61- نالو: خواجا محمد علي عمر: 15 سال وندر: رسالا
پڙهڻ ڪلاس: ڏهون بي ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
سجاول.
62- نالو: عالم عمر: 16سال وندر: اخبارون پڙهڻ
ڪلاس: ڏهون ائڊريس: پوسٽ آفيس مسڻ وڏي حيدرآباد.
63- نالو: نصرالله عمر: 16 سال وندر: ننڍڙن ٻارن
سان پيار ڪلاس: ڏهون. ائڊريس: هاءِ اسڪول مسڻ وڏي
حيدرآباد.
64- نالو: عبدالرشيد شيخ عمر: 14 سال وندر: گل ڦل
پڙهڻ ڪلاس: اٺون ايڊريس: هاءِ اسڪول ڊٻ مهر شاهه،
خيرپور ميرس.
65- نالو: شعيب راجا مٺواڻي عمر: 14 سال وندر:
قلمي دوستي رکڻ ڪلاس: نائون اي ائڊريس: مٺواڻي
محلو ڏيپلو.
66- نالو: شنڪر لعل عمر: 12 سال وندر: درسي ڪتاب
پڙهڻ ڪلاس: پنجون ائڊريس: خانيومل هريجن هه- م
لانڍي، مير غلام حسين تعلقو جيمس آباد.
67- نالو: غلام حسين عمر: 12 سال وندر: راند ڪرڻ
ڪلاس: چوٿون ائڊريس: خانيومل هريجن هه- م لانڍي،
ميرغلام حسين تعلقو جيمس آباد.
68- نالو: ٿانور داس عمر: 12 سال وندر: راند ڪرڻ
پڙهڻ ڪلاس: چوٿون ايڊريس: خانيومل هريجن هه- م
لانڍي، مير غلام حسين تعلقو جيمس آباد.
نالو: عبدالرحيم سومرو عمر: 16 سال وندر: ادبي
ڪتاب پڙهڻ ڪلاس: ڏهون ائڊريس: ٺٽ ڳوراهو، وايا
مٺياڻي تعلقو نوشهرو فيروز.
70- نالو: ظفر اقبال سومرو عمر: 14- سال وندر:
معلومات گڏ ڪرڻ ڪلاس: ڏهون ائڊريس: پوسٽ ساند وايا
ٺارو شاهه تعلقو نوشهرو فيروز.
71- نالو: عبدالرحمان پنهور عمر: 14 سال وندر:
ريڊيوٻڌڻ ڪلاس: اٺون ائڊريس: ساٿي ٻارڙا لائبريري
دڙو.
72- نالو: سڄڻ خان بروهي عمر: 13 سال وندر: عام
معلومات پڙهڻ ڪلاس: اٺون ائڊريس: گورنمنٽ هاءِ
اسڪول دڙو.
73- نالو: تلسي داس عمر: 14 سال وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
ڪلاس: نائون ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.
74- نالو: لياقت علي لغاري، عمر 15 سال، وندر:
رسالا پڙهڻ، ڪلاس: ڏهون. ائڊريس: هاءِ اسڪول مسڻ
وڏي. (هيڊ ماستر صاحب جي مهرکانسواءِ نالو شايع نه
ٿيندو). ايڊيٽر
اچو ته مضمون لکون
اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن ۾ تمام گهڻو مقبول
ٿي ويو آهي. ان جي مقبوليت کي ڏسي. اسان پهريون ۽
ٻيو نمبر
ايندڙ مضمون نگارن کي انعام ۾ ڪتاب موڪليندا
آهيون.
شرط:-
1- سترنهن سالن تائين عمر جو ٻار مضمون لکي سگهي
ٿو.
2- هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون. پنج جو ڪوپن
ڀرڻ ضروري آهي.
3- مضمون اهڙي طرح موڪليو، جو اسان وٽ 24- جولاءِ
1985ع تائين پهچڻ گهرجي.
4- مضمون گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي.
5- مضمون پني جي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل
مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
6- مضمون سان گڏ پوري ائڊريس لکڻ گهرجي. گهڻا ٻار
مڪمل ائڊريس: نٿا لکي موڪلن جنهنڪري ڪتاب پوسٽ
وارا واپس ڪن ٿا.)
اچو ته مضمون لکون- 5
عنوان
(هڪ شهري جا فرض)
مضمون موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد.
نتيجو اچو ته مضمون لکون
ماهه مئي جي پرچي ۾ ”اچو ته مضمون لکون“ جي عنوان
تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن
حصو ورتو.
1-
محمد رمضان پنهور 2- نيلمبر ڌناڻي حيدرآباد 3-
غلام فاطمہ شورو 4- ايم. شاهه پرديسي سجاول 5- شيخ
شمس الدين ٺيڙهي 6- سيد عطا حسين شاهه موسوي روهڙي
7- اجمل چانڊيو شاهه گودڙيو 8- نارائڻ داس
ڪوهستاني 9- سليم راجا ابڙو خانپور مهر 10- سارنگ
سنڌي نئين باڊهه 11- اڪبر گهانگهرو ڪنڊيارو 12-
جاويد احمد چنو لاکو لنجاري 13- پرنس حبيب الله
شيخ شهداد ڪوٽ 14- ظفر ڏهراج محمود آباد 15- احمد
نواز چانڊيو ميروخان 16- راجا محبوب شاد مان خان
17- محمد صديق ميمڻ کهڙا 18- کينراج چوهاڻ عمرڪوٽ
19- الورڻ ڪمار عمرڪوٽ 20- شاهنواز خاصخيلي جهمپير
21- عبدالرشيد چانڊيو باغ ڀٽي 22- ممتاز عالم
جمالي تلهار 23- وارث ڏاهري نوابشاهه 24- تهمينا
ناز چنو خيرمحمد آريجا 25- علي محمد چنو خانواهڻ
26- شفيق محمد آريجو خيرمحمد آريجا 27- راجڪمار
ميرپور ماٿيلو 28- احمد علي جتوئي دادو 29- نظر
محمد اوڳاهي 30- رياض ميمڻ کهڙا 31- منگي محمد
طفيل خيرپور 32- سچار سنڌي بهراڻي 33- اقبال
شاهاڻي چوهڙپور 34- لياقت چانڊيو لاڙڪاڻو 35- اياز
احمد سنڌي داد لغاري 36- گل محمد لاکو مشوري شريف
37- فاروق احمد لغاري سجاول 38- شيراز علي لوهر
39- حامد علي سڪايل سولنگي 40- سجاد احمد ميمڻ
حيدرآباد 41- کينراج چوهاڻ عمرڪوٽ 42- ويرو ڪرم
مٺي 43- حافظ محمد مسلم ساريو 44- مفتي فيض محمد
سومرو ميرپور ٻرڙو 45- آفتاب ابڙو وارهه 46- ظفر
احمد چانڊيو وارهه 47- قمرالزمان ٽنڊو باگو 48-
غلام نبي دائوداڻي وارهه 49- شنڪر لعل گهمبٽ 50-
شوڪت علي دشتي ٺري 51- شفيق الرحمان گهانگهرو
ڪنڊيارو 52- سهيل احمد لکي 53- پرويز احمد گمبٽ
54- عبدالرسول شر ٺري ميرواهه 55- اختر ملاح
موريو ملاح 56- منظور عباسي وارهه 57- منور لاکو
مٽياري 58- حبيب خيرپور 59- کنيراج عمرڪوٽ 60-
محمد نديم ٽنڊو آدم 61- نعمان راشد مٺواڻي ڏيپلو
62- سڪندر سرڪي ٺل 63- غلام المصطفيٰ سيوهڻ 64-
محمد اسحاق مغل ميرپور ٻرڙو 65- سڪندر علي نائچ
دادو 66- محمد هارون ڪنڌ ڪوٽ 67- وحيد احمد سومرو
خيرپور 68- خليل احمد شيخ 69- سيف الله نظاماڻي
70- منير حسين منگي لاڙڪاڻو 71- ثناء الله لاڙڪ
72- رياض ميمڻ نوان جتوئي 73- موسيٰ خاصخيلي
شاهپور چاڪر 74- انعام علي انجم عباسي مورو 75-
مهراب علي ملاح 76- نديم احمد سکر 77- محمد نواز
بوزدار 78- نورالدين سومرو شڪارپور 79- نصيراحمد
سومرو 80- سيد فيض محمد شاهه جهانيان 81-
عبدالوحيد لاڙڪ 82- نذير احمد ميمڻ کهڙا 83- سيد
فيض محمد شاهه جهانيان 81- عبدالوحيد لاڙڪ 82-
نذير احمد ميمڻ کهڙا 83- عبدالستار گهانگهرو 84-
اقبال نائچ حيات پتافي 85- غلام حسين مـڱڻهار
ميرپور خاص 86- ارشد ميمڻ کهڙا 87- خان محمد ڀروسر
لانڍي 88- اشفاق شيخ شهداد ڪوٽ 89- نور مصطفيٰ
شيخ شهداد ڪوٽ 90- عبدالغني ڪنڌ ڪوٽ 91- قلندر بخش
مڱڻهار کهڙا 92- سهيل احمد راڌڻ 93- عبدالواحد
جتوئي لاڙڪاڻو 94- پارس سومرو خيرپور 95- غلام
حسين ٽنڊو سومرو 96- عبدالقادر خاصخيلي درياخان
مري 97- اميربخش نوابشاهه 98- عبدالواحد لاڙڪ 99-
سريش ڪمار سائناڻي گهبٽ 100- نثار نوناري گهوٽڪي
101- محمد حيات بهراڻي 102- علي اڪبر بهراڻي 103-
نذير چنو لاڙڪاڻو 104-آفتاب احمد کهڙا 105- سميلا
افضل شيخ شڪارپور 106- محمد علي صابر تڙ خواجه
107- هريشچند ڪشمور 108- محمد حسين چاڪي 109- نصير
سومرو ڍوورونارو 110- فياض حيدر ڪليار نواب شاهه
111- خالد شيخ باڊهه 112- دودل بيوس 113- منير
احمد کهڙا 114- حزب الله سومرو ڦلواهڻ 115- نويد
خان سنڌي 116- امداد جلباڻي ميرپور ماٿيلو 117-
غلام شبير سومرو قمبر 118- مشتاق علي وڳڻ ٺارو
شاهه.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون
پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن. اهي پنهنجي
صحيح ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
1- محمد رمضان پنهور جوهي.
2- نيلمبر ڌناڻي حيدرآباد.
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو-3 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح پهتا آهن کين حصي آهر
ڪتاب موڪلبا.
جواب: (1) پيرس (2) لنڊن (3) اسپيوٽنڪ (4) قاضي
خادم(5 ) 1981ع.
صحيح جواب موڪليندڙ ٻارن جا نالا:-
1- نظير احمد ميمڻ معرفت حاجي يارمحمد ناڪي منشي
کهڙا وايا گهمٽ.
2- رياض احمد ميمڻ معرفت لياقت ميڊيڪل اسٽور، کهڙا
گمبٽ.
3-ارشد علي ميمڻ، معرفت حاجي قادر بخش جنرل اسٽور،
کهڙا.
4- ممتاز علي ميمڻ معرفت لياقت ميڊيڪل اسٽور کهڙا.
5- اقبال احمد نائچ پوسٽ آفيس حيات پتافي، وايا
ميرپور ماٿيلو سکر.
6- عبدالجبار ميراڻي، پوسٽ حيات پتافي ميرپور
ماٿيلو سکر.
7- خليل احمد شيخ، معرفت شاهه محمد شيخ اناج منڊي
کهڙا.
8- شيخ منير احمد ڪلاس ڏهون گورنمينٽ هاءِ اسڪول
کهڙا گمبٽ.
9- آفتاب احمد ميمڻ ڪلاس نائون گورنمينٽ هاءِ
اسڪول کهڙا گمبٽ .
10- قربان علي کوکر، جوهي.
گل ڦل خال ڀريو- 5
هڪ سؤ روپين جو انعام
اسان وٽ پهچن جي آخري تاريخ: 24- جولاءِ 1985ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 25- جولاءِ 1985ع
گل ڦل خال ڀريو جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.
1- هن سلسلي ۾ 16 سالن تائين عمر جا ٻار حصو وٺي
سگهن ٿا.
2- جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي هڪ سؤ
روپين جا ڪتاب حصي آهر انعام ۾ ڏنا ويندا، جي ڪنهن
جو به جواب صحيح نه آيو ته اهو انعام هڪ غلطي
واري ٻار کي ڏنو ويندو. جي هڪ غلطي ۾ به ڪنهن ٻار
جو جواب صحيح نه آيو ته اهو انعام رد سمجهيو
ويندو. |