استاد: ”پٽ، سفارش جو هڪ ٻيو اهم پهلو به آهي. ڪن
حالتن ۾ سفارش ڪندڙ، ڪنهن لائق ۽ اهل ماڻهوءَ جي
سفارش ڪندو آهي ۽ اها ڪرڻي پوندي اٿس. ڪيترائي
اهڙا لعل ۽ موتي پيا آهن. جيڪي هوند اتي ئي رهجي
وڃن، ڇاڪاڻ ته، غريبي حالتن ۽ شرميلي طبيعت هئڻ
سبب انهن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ وارو ملي ڪونه سگهندو
آهي، يا جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو، هنن کي سڃاڻندو
آهي، ته پوءِ به، هنن کي نمايان ڪرڻ يا ڪنهن جي
اڳيان انهن جون خوبيون بيان ڪرڻ جي تڪليف گوارا نه
ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪن لائق ماڻهن جي سفارش ڪبي، ۽
هنن جا لڪل جوهر ڪڍي نمايان ڪبا، ته اها گندي
سفارش ۽ مفاد پرستي نه آهي، اهڙيءَ حالت ۾، سفارش
ڪندڙ کي، ڪو به ذاتي مفاد ڪونه هوندو آهي. هو صرف
اهو چاهيندو آهي، ته. لائق ماڻهو، مناسب جڳهه تي
پهچي ۽ بس. خوشبودار ۽ سهڻا گل، جهنگل ۾ ئي
ڪومائجي نه وڃن، انهن مان ڪو واس وٺي. اها ڳالهه
قوم جي مفاد ۾ به آهي. اهڙي سفارش ڪندڙ ۾، قومي
خدمت جو جذبو ۽ قدر شناسي هوندي آهي. هت، ضروري
آهي ته سفارش ڪندڙ اهل نظر ۽ همدرد هجي ۽ حق کي
ظاهر ڪرڻ جي جرائت هجيس، پوءِ نتيجو ڇا به نڪري.“
شاگرد: ”ڀلا سائين، سفارش ڪندڙ لاءِ ڪهڙيون
ڳالهيون ضروري آهن“
استاد: ”پٽ، سفارش ڪندڙ، لاءِ ٻنهي حالتن ۾ ضروري
آهي ته هو وڏو ماڻهو هجي، جنهن ڏانهن سفارش موڪلي،
اهو سندس هٿ وس هجي ۽ اڳلي جو ڪو ڪم سندس هٿ ۾
هجي، ٻيءَ حالت ۾، سفارش رائيگان ويندي. ظاهر آهي
ته سفارش مڃندڙ اهو خيال ضرور رکندو، ته سفارش ڪرڻ
واري ۾ منهنجو ڪهڙو مفاد آهي ۽ مون کي ڪهڙي ڪم اچي
سگهي ٿو.“
شاگرد: سائين اوهان جي وڏي مهرباني، جو سفارش
بابت ڪافي معلومات ڏنوَ.
ولي محمد ظاهرزاده
ڇا ٿو ڏسان
ادب جي قورمي ۽ قيمي جون ديڳون اونڌيون آهن. ڪي
الڙ ادب جا اڻڀا الوڻا ڪوهر ڪوسا ڪري ڪتاب نما
ٿالهين ۾ وجهي وڪڻي رهيا آهن. اجهو، هن ڇوڪر ڏوڪڙ
ڏئي ڪاڳر ۾ ڪوهر ورتا آهن. ڦَڪ ڀري وات ۾ پيو
وجهي. نڪو ٿا چٻجن نڪو ٿا ڳسن! منهن ڦٽائي ڪوهريءَ
ڏانهن پيو ڏِسي: مگر ڪوهريءَ کي سندس ڪاڻ ڪانهي.
نيٺ نينگر باقي بچيل پُڙو پاسيرو ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيو
آهي. پريان هڪ ادب جو بکيو فقير ڊوڙندو آيو. اچي
ڪوهر سونگهيائين، چکيائين ڪونه هليو ويو.
ويرم نه گذري ته اُن پُڙي تي پکين آڻي ڦيرا ٻڌا.
ڪڻو ڪڻو ڪري چڳي ڀڙڪي ڏئي اُڏامي ڀڳا. ڪوهري اهو
لقاءُ ڏسي ڦونڊ ۾ ڀرجي چيو: قلمي جو قسم آءٌ
ڪامياب ٿي ويس، هر ادب جي بورچيءَ کان بازي کٽي
ويس، ڇو ته هنن پکين ۾ ڪونج به هئي، مور به هو ۽
ڪوئل به هئي.
اڄ به مور جي ٽهوڪي. ڪونج جي ڪُرڪ ۽ ڪوئل جي ڪوڪ ۾
منهنجي ڪوهرن جي چشڪي جي چاشني ۽ ميٺاڄ موجود آهي.
اُپيندر ناٿ آشڪ
سنڌيڪار: واشديو سنڌو
ٻي آني جي مٺائي
خان بهادر رحمت علي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته سندس اکيون
اُلا ڇڏڻ لڳيون. ڪاوڙ کان سندس سڄو بدن ڏڪي رهيو
هو. هن زور سان رڙ ڪندي سڏيو، ”عرس! او عرس جا
پُٽ! عرس، خان بهادر جو ننڍي ڄمار جو نوڪر هو. هو
سندس پٽ منوءَ جي ڄمار جو هو. هو باسڻ مليندو هو،
پاڻي ڀريندو هو، ٻُهاري پائيندو هو ۽ گهر جا مڙيئي
ڪم ڪاج ڪندو هو. ان هوندي به خان بهادر، عرس سان
برو ورتاءُ ڪندو هو.
”عرس!“ هن ٻيهر رڙ ڪئي.
ليڪن عرس ڪمري ۾ نه هو. هو پاسي واري ڪوٺيءَ ۾
ٻُهاري ڏيئي رهيو هو. سڏ ٻڌندي ئي هو ڏڪندو سامهون
اچي حاضر ٿيو. خان بهادر جو غصي ۾ لعل منهن ڏسي ان
جي نگاهه هيٺ پَٽَ ۾ ڄمي ويئي ۽ سندس هٿ ۾ جهليل
ٻُهاري فرش تي ڪري پيئي.
”حرامزادا!، خان بهادر ٿـڦڙ هن جي ڳل تي وهائي
ڪڍي. ”هو ڦولدان تو ڇو ٽوڙيو؟“
هو ڪجهه جواب ڏيئي، اُن کان اڳ ئي خان بهادر جي
زوردار ٿـڦڙ سان هو فرش تي وڃي ڪريو ۽ سندس مٿي
مان رت وهڻ لڳو. پر بنان ان ڏانهن ڌيان ڏيندي،
پنهنجي ڪاوڙ جي وهڪري ۾ خان بهادر هن کي گهليندو
ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيو.
ٽيبل هيٺان فرش تي شيشي جو سهڻو ڦولدان ٽٽو پيو
هو. عيد جي شڀ موقعي تي سندس هڪ پراڻي دوست ولايت
مان موڪليو هو ۽ سندس سڀني دوستن ان جي ساراهه ڪئي
هئي. ڪاوڙ ۾ خان بهادر، عرس کي ڦولدان جي ڀڳل شيشن
جي ٽڪرن مٿان کڻي اڇليو. شيشن جا ٽڪر غريب عرس جي
هٿن ۾ چُڀي ويا. ليڪن رحم جي بدران ان ٻيڻي ڪاوڙ
مان عرس کي کنيو ۽ گهٽ وڌ گاريون ڏيندي گهر کان
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
ڦولدان کي حاصل ڪري خان بهادر ڏاڍو خوش ٿيو هو. ان
جي سهڻي چِٽسالي کي ڏيکارڻ لاءِ هن عيد جي موقعي
تي پارٽي به ڏيئي ڇڏي هئي. اڃا عيد جي رات ختم به
نه ٿي هئي ته ڦولدان ٽٽي پيو هو. اڃا نه ڄاڻ هن
ڪيترن دوستن کي اهو ڦولدان ڏيکارڻ ٿي چاهيو. جڏهن
کيس نوڪرياڻي کان پتو پيو ته شايد عرس ٻُهاري
ڏيندي ڀڃي ڇڏيو آهي، تڏهن هو ڪاوڙ ۾ پاڳل ٿي ويو
هو. نوڪرياڻيءَ کي گهرائي ٽٽل ڦولدان کڻي، جڳهه
صاف ڪرڻ جو حڪم ڏيئي هو ڊرائنگ روم مان ٻاهر نڪري
آيا.
اڱڻ ۾ سندس پٽ منو اُنهيءَ ڦولدان جي هيٺئين گول
نري سان راند ڪري رهيو هو. خان بهادر کي ڏسندي ئي
هو گهٻرائجي ويو. ان جي هٿ مان ڦولدان جو اُهو ٽڪر
وٺي اوچتو خان بهادر پڇيو، ”ڇا، ڦولدان تو ٽوڙيو
هو؟“
هو اڃا به گهٻرائجي ويو. آهستي آهستي هن جو منهن
روئڻهار ڪو ٿيندو ويو ۽ پوءِ هن روئي ڏنو.
ڦولدان اصل ۾ هن ئي ٽوڙيو هو. منوءَ کي رئندو ڏسي،
خانبهادر جي سڄي ڪاوڙ هوا ٿي ويئي. پيار مان اڳتي
وڌي هن منوءَ کي پنهنجي هنج ۾ کڻي ورتو ۽
ٻُچڪاريندي چيائين، ”روئين ڇو ٿو پٽ، حميد چاچي کي
اسين لکنداسين ته منوءَ لاءِ هڪ ڦولدان ٻيو
موڪلي.“
خان بهادر جي اکين ۾ اُلن بدران پيار وسڻ لڳو. پر
ٻاهر ويچارو عرس مٽي ۾ پيو، زارون زار روئي رهيو
هو ۽ پنهنجن هٿن مان شيشن جا ننڍا ٽڪرا ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو هو.
”گڏهه عرس کي چئه ته پنهنجي ٽِين ٽِين بند ڪري!“
خان بهادر ڊرائنگ روم ۾ ويو ۽ کيسي مان ٻه آنا ڪڍي
نوڪرياڻيءَ ڏانهن اُڇليندي چيائين، ”اهي ٻه آنا هن
کي ڏي ۽ چئينس ته اسان کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ هلي
پنهنجو ڪم شروع ڪري... چئجانس ته ٻي آني جي مٺائي
وٺي کائي.“
سائنسي معلومات
- ڪار جي انجڻ هلڻ سان هڪ زهريلي گئس ”ڪاربان
مونو آڪسائيڊ“ پيدا ٿيندي آهي.
- مشهور سائنسدان نيوٽن 24 سال ”رائل سوسائٽي آف
لنڊن“ جو صدر رهيو ، اهو اعزاز ٻئي ڪنهن کي حاصل
نه ٿيو.
- ڪتي جي چڪ پائڻ سان جيڪا بيماري پيدا ٿيندي آهي.
تنهن کي ”هائڊرو فوبيا“ سڏبو آهي.
وقار احمد شيخ، کهڙا
سنڌيڪار: سعيد سومرو
عقل، سون ۽ بوعلي سينا
قديم بخارا ۾ هڪ پوڙهو شخص هوندو هو، سندس ڪم هو
سڙڪن تي پاڻي وڪڻڻ، ماڻهو کيس مشڪوب جي نالي سان
سڏيندا هئا. جنهن جي معنيٰ آهي (بهشتي).
هڪ لڱا مشڪوب هميشہ جيان، هوڪا ڏيئي پاڻي وڪڻي
رهيو هو. ”ٿڌي پاڻيءَ وارو، پاڻي وٺو. پاڻي ڪنهن
کي کپي.“ ته امالڪ سندس اک وڃي هڪ مسافر تي کتي
جنهن جا لٽا مٽيءَ سان ڀڀوت هئا.
”پاڻي پيئندين؟ پاڻي ڳني اُڃ اجهاءِ.“ مشڪوب چيو.
”مان سڄي دنيا ڀيٽي آهي. مان سخت اڃيو آهيان پر
پاڻيءَ جي بدلي ڏيڻ لاءِ دمڙي به ڪونهي.“
واٽهڙوءَ چيو.
مشڪوب کي مٿس رحم اچي ويو. هن واٽهڙوءَ کي نه رڳو
پاڻي پياريو، پر رات به رهايائينس.
”تون نهايت مهربان ماڻهو آهين.“ پرديسيءَ چيو ”تو
مون سان نيڪي ڪئي آهي. جنهن جي عيوض آءٌ توکي هڪ
مجرب دوا جو نسخو ٻڌائيندس. اهڙي دوا جا هر مرض
تي پوندي آهي. توڙي مرض ڪيتروئي پراڻو ۽ خطرناڪ ڇو
نه هجي. هڪ ڪتاب به ڏيئي رهيو آهيان. جيئن توکان
نسخو وسري نه وڃي. ڪتاب ۾ ڏنل هدايت تي عمل
ڪجانءِ، پر هڪ ڳالهه سا ياد رک ته ڪڏهن به پاڻ
جهڙي مسڪين کان دوا جي قيمت نه وٺجان.“
”تنهنجو نالو؟“ مشڪوب پڇيو.
”منهنجو نالو بو علي سينا آهي.“ پرديسيءَ چيو.
مشڪوب هن جا ٿورا مڃڻ ٿي چاهيا. پر هو غائب ٿي چڪو
هو.
رڳو ورانڊي جي در بند ٿيڻ جو آواز ٿيو ۽ پوءِ سانت
ڇائنجي وئي.
مشڪوب نسخي تي عمل ڪيو ۽ علاج شروع ڪري ڏنائين.
مريضن جي قطار لڳي وئي.
هو غريبن کي مفت دوا ڏيندو هو ۽ اميرن کان ڳري في
وٺندو هو، جيئن کيس هدايت ڪئي وئي هئي.
اهڙي ريت نه رڳو مشڪوب، پر بخارا جا ٻيا به ڪيترا
ماڻهو خوشحال ٿي ويا.
ماڻهو مشڪوب جي عزت ۽ تعريف ڪرڻ لڳا هو ڏاڍي آرام
جي حياتي گذاري رهيو هو.
هن گهر ٺاهيو، شادي ڪيائين، پلاءُ ۽ تترکائڻ
لڳو!.
سندس جيون ائين ئي سکي گذري ها، جيڪڏهن منجهس ساڙ
۽ لالچ گهيرو نه ڪن ها.
هن جي نيت خراب ٿي وئي. سوچيائين!
”مون کي سڀن کان دوا جي قيمت وٺڻ گهرجي. غريبن کي
دوا مفت ۾ ڇو ڏيڻ گهرجي. منهنجو انهيءَ سان ڪهڙو
واسطو ته ڪير غريب آهي ڪير امير، جيڪڏهن مان ڇائپ
نه ڪيان ها ۽ مفت دوا نه ڏيان ها، ته هوند اڄ
بخارا جو نواب هجان ها.“
مشڪوب بوعلي سينا جي نصيحت وساري ويٺو.
هڪ ڏينهن ساڳي طرح هڪ غريب پنهنجي بيمار ٻار جي
دوا لاءِ مشڪوب وٽ آيو، ته هن کانئس دوا جا پئسا
گهريا.
”پر مون وٽ ته ڪاري ڪوڙي به ڪونهي.“
غريب روئڻ لڳو-
”ته پوءِ ٽر هتان“ مشڪوب رڙ ڪندي چيو.
اوچتو مشڪوب محسوس ڪيو، ته کانئس دوا جو نسخو وسري
ويو آهي.
هن پريشانيءَ وچان بو علي سينا جو نسخي بابت ڏنل
ڪتاب ڳوليو. پر کيس ڪرنه لڌو ۽ نه وري نسخو ئي ياد
آيس.
ستت ئي سندس گڏ ڪيل موڙي ختم ٿي وئي. گهر ۽ ٻي
ملڪيت کان محروم ٿي ويو ۽ نئين سربخارا جي سڙڪن تي
پاڻي وڪڻڻ شروع ڪيو.
”پاڻي ٿڌو پاڻي. آهي ڪو پيئڻ وارو.“
مشڪوب پڄري پڄري سنهڙو ٿي ويو هو. ڄڻ ڪانءُ هجي.
هڪ ڏينهن، جڏهن مشڪوب ڌوڙ سان ڀريل سڙڪن تي گهمي
رهيو هو ته سندس ملاقات هڪ شخص سان ٿي، هو اُٺ
تي سوار هو.
”ڳالهه ته ٻڌ مشڪوب .؟“
هن چيو- ”مان مسافر آهيان رهڻ لاءِ ٺڪاڻو ڪونهي.
مون کي پنهنجي گهر ۾ رات رهائيندين؟“
مشڪوب چاهيو ته نه ٿي ته ان شخص کي گهر ۾ رهائي.
پر مهمان نوازيءَ جي اصول کي ڪير ڇڏي.
”ٺيڪ. آ. ڀلي رهه.“
هن بي دليءَ سان چيو ۽ کيس گهر وٺي ويو.
تون ڏاڍو نيڪ ۽ مهربان ماڻهو آهين.“
مسافر چيو- ”تنهنجي مهمان نوازي انعام لهڻي. مان
هڪ وڏو ڪيميادان آهيان. مان توکي سون ٺاهڻ جي
ترڪيب ٻڌائيندس. پر ياد رک، تون اها ڳالهه ماڻهن
کان لڪائڻ جي ڪوشش اصل نه ڪجانءِ ٻڌ! جڏهن هر شخص
کي اهو راز معلوم ٿيندو، ته پوءِ دنيا ۾ ساڙ ۽
ڪيني جو نانءُ ئي نه رهندو. |