ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ!
هن ڀيري گرمي به پنهنجي اوج تي آهي. مون کي اميد
آهي ته اهڙي گرمي ۾ اوهان ضرور گهر ۾ ئي آرام ڪندا
هوندا. ڪي ٻار سير تفريح لاءِ به ڪيڏانهن ويا
هوندا. نه ته توهان گهر ۾ ئي مائٽن سان ڪم ڪار ۾
ٻانهن ٻيلي هوندا. ۽ پنهنجي اسڪول جي مليل ڪم ڪار
کي به ضرور ڪندا هوندا. ڇو ته جي ڪتابن کي صفا نه
ڏسبو ته ذهن تان ڪافي ڳالهيون لهي وينديون ۽ توهان
رات ڏينهن محنت ڪري جيڪي ڪورس پڙهيو هو، سو وسري
ويو ته اوهان لاءِ وڏو نقصان آهي.
ٻارؤ ڪتاب اوهان جا پيارا ساٿي آهن. جي انهن سان
محبت نه رکندؤ ۽ انهن کي هٿ ئي نه لائيندؤ ته اهي
به ٻين دوستن وانگر اوهان سان رسي ويندا ۽ اوهان
سٺيون ڳالهيون پوءِ ڪٿان پرائيندؤ! ٻارؤ هن ڀيري
جڏهن هيءُ پرچو اوهان وٽ پهچندو ته اوهان عيد جي
خوشين ۾ دوستن سان گڏ هٿ هٿ ۾ ڏيئي عيد ملي رهيا
هوندا. اهڙي خوشي جي موقعي تي توهان جو رسالو گل
ڦل به توهان سان گڏ آهي ۽ اداري گل ڦل پاران اوهان
سڀني ٻارڙن کي عيد جون واڌايون هجن.
چڱو ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
رحيم بخش ”قمر“
لطيفي لات
وَحدہ لاَ شَريڪ لَہُ اِيُّ، وِهائج ويَّ،
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيَّ،
پاڻان چوندءِ پيّ، ڀري جام جنَتَ جو.
(شاهه)
مٿيون برڪت ڀريو بيت ڀٽائي گهوٽ رحمة الله عليه جن
جي رسالي مبارڪ ۾، سُر ڪلياڻ جي پهرين فصل ۾ موجود
آهي، سر ڪلياڻ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا سج لٿي
کان پوءِ ڳائي ويندي آهي. ”ڪلياڻ“ جي لغوي معنيٰ
آهي ”سک، سهنج ۽ سرهائي.
سمجهاڻي: بيان ڪيل بيت ۾ دنيا جي عظيم شاعر، انسان
کي سبق ڏيندي فرمايو آهي ته!
توحيد ۽ وحدت جو وکر وهاءِ ۽ کٽڻ ۽ هارڻ جو هنڌ به
هيءُ اٿئي. جڏهين تو هن دنيا جي بازار مان سچائي ۽
صداقت، توحيد ۽ وحدت جو وکر وهايو ته پوءِ توکي
پاڻ ئي چوندا ته جنت مان پيالو ڀري پيءُ.
معنيٰ: ”وَحدَه لاشريڪه“: اهو يعني الله تعاليٰ
هڪڙو آهي. سندس ڪو به شريڪ ۽ ثاني ڪونه آهي.
وهائج: سودائج ۽ خريد ڪج. هنڌ: ماڳ، جاءِ ۽ هيءَ
دنيا. پاڻان: پاڻ، ”جام“ پيالو گلاس. جَنّت: بهشت،
باغ.
نثار ”بزمي“
پکيئڙن جي پڪنڪ
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
ڏسڻ ۾ هي محفل مزيدار آئي.
”ٻَٻيهن“ ٻُهاري اڱڻ کي اجاريو،
”پپَيهن“ ته هر چيز کي پئي سنواريو،
”چتونئڙن“ پئي ”وائي“ ڀٽائيءَ جي ڳائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
اڇا ”ڪنگ“ ۽ ”قاز“ لڏندي پئي آيا،
وطن جا ”وَهِيَنّ“ ڏاڍا نعرا لڳايا،
وڏي موجَ ”تترن“ تنواري مَچائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
مِٺا لولا آيا کڻي ”ڪانگ“ ڪارا.
کڻي آيا انبن انگورن جا کارا،
مَلائي پئي ”مرغن“ مزي سان ورهائي،
سنڌوءَ ڀرتي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي .
جُهِمر پاتي ”جهرڪين“ ۽ ”ڳيرن“ پئي ڳايو،
پَڪو راڳ ڪو ”بُلبُلين“ پئي ٻڌايو،
ڪُراڙي ”ڪبوتر“ پئي ڍولڪ وڄائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
پٽي چهنب ”چيهن“ ته چهڪار ٿي ويا،
”ٻگهن“ ٻول ٻوليا ته ڳٽڪار ٿي ويا،
”ڪٻر“ پاپ ميوزڪ تي ٻولي ٻڌائي،
سنڌوءَ ڀرتي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
مِڙي سڀني ڦوٽو پوءِ پنهنجو ڪڍايو،
نظر ”مور“ سڀني جي وچ ۾ ٿي آيو.
رکيل اُنجي اڳيان هئي هڪ ٽپائي،
سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
کِلي کائي هرڪو پکي ويو اُڏامي،
چئي هو جمالو ڏِنائون سلامي،
محبت ۾ ”بزمي“ آ ڪيڏي مٺائي،
سنڌوءَ ڀرتي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
منٺار سولنگي نئون ديرو
ننڍپڻ
پڪڙي هٿ ۾ پوپٽ پيارا،
ڳاڙها، پيلا، رنگن وارا.
ڏينهن تتي جو گهر مان نڪرڻ،
ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.
هٿ هٿن ۾ ڏيئي هلندي،
گڏجي گيت جمالو چوندي.
پاڙي جي ڳلين ۾ ڊوڙڻ،
ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.
واري جا ڪي گهرڙا ٺاهي،
پل ۾ ٺاهي پَل ۾ ڊاهي.
تاڙيون وڄائي ٽهه ٽهه ٽهڪڻ،
ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.
ڪاڪي ڪرموءَ کي چيڙائي،
اڳ ۾ اُن کان پاڻ رسائي.
جهٽ ۾ ان سان پنهنجو پرچڻ،
ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.
وڻ تي چڙهي ۽ ماکي لاهي،
پيار منجهان هڪ ٻئي کي چاهي.
هڪ هنڌ ويهي گڏجي گيِڻ،
ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.
هُو منٺار، منور ڀي هو،
جاني، احمد، سندر ڀي هو.
گڏجي يار فِدن کي ڇيڙڻ،
ڪيڏو پيارو هو سو ننڍپڻ.
خليل عارف سومرو
ٻارڙا
پنکڙين جو پيار سنڌي ٻارڙا،
ساهه جو سينگار سنڌي ٻارڙا.
محفلون مکڙين سنديون مهڪي اُٿن،
سڀ گلن جا هار سنڌي ٻارڙا.
چنڊ کان سهڻا، مٺا ماکي مکڻ،
دل، اکين جو ٺار سنڌي ٻارڙا.
هي ارادو ڪن جبل جهڙو اٽل،
ملڪ جا معمار سنڌي ٻارڙا.
خوش هنن مان پيءُ سدا عارف رهي،
ماءُ جا منٺار سنڌي ٻارڙا.
نور محمد ”نور“ سومرو
اسڪول ويندس
امڙ آئون روز اسڪول ويندس،
لکي پڙهي آئون عملدار ٿيندس.
لکڻ پڙهڻ جو شوق آهي مون کي،
استادن لئه وڌ ادب آهي مون کي،
هڙن کان ڪمن ۾ هوشيار ٿيندس.
امڙ آئون روز اسڪول ويندس.
هڪجيڏن سان آئون اڻهي گهمان ٿو،
ملي انهن سان چڱا ڪم ڪيان ٿو،
علم ۾ اڪابر، نه ٻڪرار ٿيندس.
امڙ آئون روز اسڪول ويندس.
ڊاڪٽر ٿيڻ جو چڱو چاهه ٿم،
غريبن جي مدد جو ڏاڍو ڏانءُ ٿم،
عزم اهو آهي، برقرار ٿيندس.
امڙ آئون روز اسڪول ويندس،
لکي پڙهي آئون عملدار ٿيندس.
مختيار مڱڻهار
بلي بلي
هو ڏس ڪيئن ٿي ريل هلي،
واهه واهه سائين، بَلَي بَلي.
ڪٿي ڪراچي، ڪٿي آ ڪوئٽا،
شهر ڇڏيا ٿئين رلَي رَلي،
واهه واهه سائين، بَلَي بَلَي.
ڀڄندي منزل ڏانهن وڃي ڄڻ،
خوشيءَ مان ٿي چلَي چلَي.
واهه واهه سائين، بَلَي بَلَي.
ماڻهن کي محتاج ڏسي هو،
ڪوڪون ڪري ٿي پلَي پلَي،
واهه واهه سائين، بَلَي بَلي.
پاڻ تي ڪيڏو بار کڻي ٿي،
سور نه ڪنهن سان سَلَي سَلَي،
واهه واهه سائين، بَلَي بلَي.
علي نواز صابر نظاماڻي
سنڌي ٻار
سهڻا سٺڙا سنڌي ٻار!
توسان منهنجو آهي پيار!
ڳالهيون تنهنجون لک لهن،
مائٽ تنهن شال جيئن،
جن جو توسان آهي پيار.
سهڻو مهڻو تنهنجو ديس،
واهه وڻي ٿو تنهنجو ويس،
گلڙن جا ٿو پائين هار.
کاڌو تنهنجو آهي کير،
تون ته عقل جو آهين وير،
ديس مٺي جو تون دلدار.
کلندو ايندو آهين گهر،
خوف نه توکي آ ڪنهنپر،
همت وارو تون هوشيار.
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حضرت صالح عليہ السلام
حضرت هُود عليہ السلام جي وفات کان ٽي- چار سؤ سال
پوءِ ”ثمود“ نالي هڪ قوم پيدا ٿي. عرب ۾ هي قديم
قبيلو سڏيو ويو، جنهن کي عاد قوم جو جانشين به
چوندا هئا.
نهايت خوشحال ۽ وڏين ۽ خوبصورت عمارتن اَڏڻ ۾
گهڻي مهارت رکندو هو. خاص ڪري سنگتراشيءَ جي فن ۾
ته گهڻو مشهور هو. جبلن ۾ جوڙيل گهر، دنيا ۾ سندن
مثالي ڪارنامو سمجهيا ويندا هئا. انهن خوبين جي
باوجود منجهن شرڪ، بُت پرستي ۽ ٻين اڍنگين رسمن
ڏانهن زياده لاڙو رهيو. ڏينهون ڏينهن خراب ڪم سندن
جيءَ ۾ جاءِ وٺندا رهيا. ايتري تائين جو پنهنجي
پالڻهار کي به وساري ويٺا، سندن عقيدي موجب ”دنيا
جي حياتي هڪ دفعو آهي ۽ ان کان پوءِ ٻي حياتي ملڻي
نه آهي ۽ نه ئي وري ڪو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي“
الله تعاليٰ سندن هدايت لاءِ منجهانئن حضرت صالح
عليہ السلام کي نبي ڪري موڪليو.
حضرت صالح عليہ السلام، ثمود قوم مان هو. هڪ
اندازي مطابق سندس ولادت 2400 ق- ۾ ڌاري ٿي. سندس
والد جو نالو ”ثمود‘ هو ۽ جتر بن ارم بن سلم بن
نوح عليہ السلام سان سندس نسب ملي ٿو. نهايت نيڪ
نفس ۽ حيا وارو هو. فضيلت ۽ عقلمنديءَ ۾ به سرس
هو. هن پنهنجي ذات ڀائين کي سڏي چيو، ته ”خدا هڪ
آهي، جنهن کي توهان هينئر وساري ويٺا آهيو ۽ بُتن
جي پوڄا ڪري بلڪل گمراه ٿي چڪا آهيو- بهتر آهي، ته
اُن جي ڏسيل حڪمن موجب هلو ۽ ڪنهن کي به سندس ثاني
نه سمجهو!“
ثمود قوم جا هٺيلا سردار، حضرت صالح عليہ السلام
تي ٽوڪون ڪرڻ لڳا ۽ سندس هڪ به نه ٻڌائون. حضرت
صالح عليہ اسلام گھڻو ئي کين سمجھايو ۽ باربار
معافيءَ لاءِ توبهه تائب ٿيڻ تي مجبورڪيو. مگر
ثمود قوم وارن کيس چيو، ته ”اي صالح! تو ۾ اسان جو
وڏيون اُميدون هيون ۽ اڄ وري اسان کي تون اُنهن
بُتن جي پوڄڻ کان روڪي رهيو آهين، جن تان اسان جا
ابا ڏاڏا قربان هئا!! جيڪڏهن تون سچو آهين، ته
تُرت ڪرامت ڏيکار!!!“
ثمود قوم جي وڏن وڏن سردارن. حضرت صالح عليہ
السلام تي اهو پڻ زور ڀريو ته ”سامهون واري جبل
مان جيئري ڏاچي نڪري اچي ۽ اچڻ شرط گورڙو ڄڻي _
اُن کان پوءِ تنهنجي زبان سچي سمجھنداسين.“
حضرت صالح عليہ السلام، الله تعاليٰ کان دعا گھري.
سندس دعا قبول پئي. اُنهيءَ وقت جبل مان ڏاچي
رڙندي ڏانهنس پهتي ۽ ايندي شرط گورڙو ڄڻيائين.
ڪرامت واري ڏاچيءَ ۾ اها خاصيت هئي، ته سارو شهر
منجھانئس کير ڏهي ڍؤ ڪندوهو. مال جي پاڻي پيئڻ
لاءِ شهر ٻاهران جيڪو کوهه هيو، اُهو سمورو ڏاچي
پي ويندي هئي. انهيءَ ڪري هڪ ڏينهن شهر جي ماڻهن
جو مال کوهه تان پاڻي پيئندو هو ۽ ٻئي ڏينهن ڏاچي،
حضرت صالح عليہ السلام، ثمود قوم وارن کي هدايت
ڪئي ته ”هي معجزو سمجھو. هن ڏاچيءَ کي نه ڏکوئجو!
جيڪڏهن ڪنهن به کيس ڌڪ هنيو ته خدا تعاليٰ جو عذاب
نازل ٿيندؤ! ڏاچي کي ڇڏي ڏيو، خدا جي زمين ڪشادي
آهي، جيڏانهن وڻيس ته پئي گھمي!!“
ڏاچيءَ جو قد ايترو ته وڏو هو، جو جھنگ جا جانور
به کانئس ڊجندا هئا.
ثمود قوم جا ست ناميارا سردار هئا، جيڪي وڏا ظالم،
بُت پرست، فسادي ۽ سچ ٻُڌڻ جا هرگز عادي نه هئا.
حضرت صالح عليہ السلام جي معجزي کي ڏسي به مٿس
ڀروسو نه ڪيائون ۽ رات ڏينهن ڏاچيءَ جي مارڻ لاءِ
صلاحون سٽڻ لڳا.
آخر ڏاچيءَ جي خاتمي لاءِ پاڻ مان نوَ ڄڻا
چونڊيائون. اُنهن ۾ قدار بن سالف ۽ مصدع جو نالو
به شامل هو. پوءِ هڪڙي ڏينهن جيئن ئي ڏاچي کوه تان
پاڻي پيئڻ لاءِ ويجھو آئي، ته ثمود قوم جي ماڻهن
مٿس لٺين سان حملو ڪري ڏنو. حملي دوران قدار جي
قهري ڪانَ سندس ٽنگون ٽِڙڪائي وڌيون؛ جنهن ڪري
ڏاچي اڦٽ مري وئي، سندس گورڙو دانهون ڪندو جبل
ڏانهن هليو ويو ۽ وري واپس نه آيو.
حضرت صالح عليہ السلام کي جيئن ئي ڏاچيءَ جي مارڻ
جي خبر ملي، ته دانهن ڪري چيائين، ته ”اي منهنجا
ذات ڀائيو! توهان پاڻ سان وڏو غضب ڪيو آهي. هاڻي
خدا تعاليٰ جو سخت عذاب توهان تي جلدي اچڻ وارو
آهي؛ انهيءَ لاءِ ٽن ڏينهن اندر پڇتاءُ ڪريو!!“
هن هٺيلي قوم، ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي. توبهه ته نه
ڪيائون. ويتر حضرت صالح عليہ السلام جي مارڻ جا پڻ
منصوبا گھڙڻ لڳا. اڃا انهيءَ بدنيتيءَ ۾ ئي مشغول
هئا، ته خداوندي طرفان مقرر ڪيل مُدو به اچي پورو
ٿيو. نتيجي ۾ ٽئين ڏينهن آسمان مان مٿن آفت اچي
ڪڙڪي. پهريائين هڪ زبردست طوفان آيو. اُن کان پوءِ
زلزلو آيو. صبح ٿينديئي سموري نافرمان ثمود قوم
برباد ٿي وئي.
حضرت صالح عيلہ السلام پنهنجي قوم کي گھرن ۾ مُئل
ڏسي، باقي پوئلڳن سميت شام ڏانهن راهي ٿيو. ڪلہ
شهر ۾ حياتيءَ جا باقي ڏينهن آرام سان گذاريائين.
چوڻ ۾ اچي ٿو، ته حضرت صالح عليہ السلام پنج سئو
ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس تُربت ڪلہ جي جامع
مسجد ۾ اڄ تائين سلامت آهي.
آنحضرت محمّد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليہ
وسلم جن جي زماني تائين وادي القريٰ ۾ ثمود قوم
ٻُڌڻ ۾ آئي. عربستان جا واپاري قافلا شام ڏانهن
ويندي اڪثر اتان لانگھائو ٿيندا هئا. آنحضرت صلي
الله عيلہ وسلم جن پنهنجن اصحاب سڳورن سان تبوڪ
طرف ويندي ، اُها جاءِ به ڏٺي، جتان حضرت صالح
عيلہ السلام جي ڏاچي ظاهر ٿي هئي ۽ اُن جي گھمڻ
ڦرڻ جا هنڌ به اصحاب سڳورن کي ڏسيائون. اُتي پاڻ
سڳورن اها هدايت فرمائي، ته ”هتان جو پاڻي استعمال
نه ڪريو توبہ استغفار چوندا رهو.“
حضرت صالح عليہ السلام جو نالو ۽ ڏاچيءَ وارو
معجزو قصي جي صورت ۾، قرآن پاڪ ۾ موجود آهي.
سنڌيڪار: امتياز منگي
ايوان ۽ پپر جو وڻ
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته روس جي هڪڙي شهر ۾، هڪ هاري
رهندو هو، جنهن کي چار پٽ هئا. انهن مان ٽي ته
ڏاڍا چالاڪ ۽ هوشيار هوندا هئا، پر چوٿون جنهن جو
نالو ايوان هو، سو عقل ۾ مڙني کان گھٽ هو. هن جا
ڀائر هن سان سدائين چرچا ڪندا هئا ۽ کيس گھڻو ئي
چيڙائيندا هئا.
ڪجھ عرصي کان پوءِ جڏهن هاريءَ وفات ڪئي ته ان جي
ٽنهي هوشيار پٽن، پيءَ جي سموري ملڪيت جو ڳچ حصو
ته، پنهنجو پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو پر ايوان کي جيڪو
حصو مليو سو نه هجڻ جي برابر هو. هن کي حصي ۾ هڪ
نٻل ۽ بيمار ڳئون ڏني وئي هئي.
هڪ ڏينهن ايوان پنهنجن ڀائرن کي چيو ته اڄ مان
پنهنجي ڳئون کي وڪڻڻ لاءِ بغداد ڪاهي ويندس. هن جي
ڳالهه تي سندس ڀائر ڏاڍو کليا ۽ چيائونس ته ”اسان
کي پڪ آهي ته تنهنجي اها ڳئون نه کپندي.“ هنُن هن
کي وڌيڪ چيڙائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر انهن جي ڳالهين کي
انظراندار ڪندي، پنهنجي ڳئون ڪاهي روانو ٿيو.
هاڻي ايوان هڪ گھاٽي جھنگ مان گذري رهيو هو ۽ ڳئون
ان جي پٺيان پئي آئي. اڳتي هلي هن هوا جي تيز گھلڻ
جو آواز ٻڌو، جيڪو هڪ وڻ مان اچي رهيو هو ۽ هي
جڏهن ان وڻ جي هيٺان پهتو ته هن هڪ چرڙات ٻڌو.
”ڇو! توکي ڇا کپي؟“ هن وڻ کي چيو.
ڦرو... ڦرو... ڦرو وڻ هڪ عجيب آواز ڪڍيو جنهن
ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ هو ڪجھ چوڻ ٿو چاهي.
”ڇا؟ ته تون منهنجي ڳئون خريد ڪرڻ ٿو چاهين؟“
”پر تون موکي هن جي قيمت ڪيتري ڏيندين؟“ ايوان
چيو.
ڦر... ... ڦر...ڦرر وڻ مان وري هڪ آواز آيو.
”ستر رپيا! چڱو ٺيڪ آهي، مان توکي پنهنجي ڳئون ڏيڻ
لاءِ تيار آهيان.“
ايوان پنهنجي ڳئون کي وڻ سان ٻڌو.
”ڀلا منهنجا پئسه ته ڏي نه؟“ هن چيو.
ڦرر... ڦرر... ڦرر وڻ وري آواز ڪيو.
”ٺيڪ آهي، تون واعدو ڪرين، ٿو ته، سڀاڻي پئسا
ڏيندين، ان لاءِ مان هاڻي ته وڃان ٿو پر سڀاڻي
سوير تو وٽ ايندس، اهو چئي ايوان پنهنجي ڳئون اتي
ڇڏي، پنهنجي ڳوٺ جو رستو ورتو. گھر پهچي هن پنهنجي
ڀائرن کي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي:
”ها_ ها_ ها_ ها“ هن جا ڀائر اها ڳالهه ٻڌي ٽهڪن ۾
شروع ٿي ويا ۽ کيس چيائون.
”اڙي بيوقوف، وڻ به ڪڏهن پئسه ڏنا آهن؟ تون ته
اسان جي سوچ کان به وڌيڪ بيوقوف نڪتين، نه توکي
پئسا ملندا ۽ نه ڳئون، ڇاڪاڻ ته رات جو ڪي چور
ضرور ان کي اتان چورائي ويندا.
هاڻي ايوان ڪجھ به نه ڪڇيو ۽ خاموشيءَ سان ٻاهر
نڪري ويو.
ٻئي ڏينهن سوير صبح جو ايوان، پنهنجي ڳئون جا پئسه
وٺڻ لاءِ جھنگ جو رخ ڪيو پر جڏهن هي ساڳئي وڻ وٽ
پهتو ته هن جا تاڪ لڳي ويا ڇاڪاڻ ته ڳئون موجود نه
هئي.
”ڪٿي آهي منهنجي ڳئون؟“ هن ڪاوڙ مان وڻ کي چيو.
”ڦرر_ ڦرر_ ڦرر_“ وڻ مان ساڳيو ئي آواز آيو ۽ اُن
جون شاخون هوا ۾ زور سان لڏڻ لمڻ لڳيون.
”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“
ڇا ايئن ته نه آهي، جو رات منهنجي ڳئون کي جھنگلي
جانور کائي، کپائي ويا هجن، جيڪڏهن ايئن آهي ته
منهنجا ستر روپيا مون کي ڀري ڏي، ڇاڪاڻ ته تو مون
سان اڄ جو واعدو ڪيو هو ۽ جي تو ايئن نه ڪيو ته
مان تنهنجا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيندس.“ |