تاج الملوڪ
نوان ڪتاب
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ
سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جي مشهور عالم جناب ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جو هي ڪتاب ’زيب ادبي مرڪز‘
حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پهرين
اشاعت (150 صفحن) ۾ سڌارا ۽ واڌارا آڻي 342 صفحن
تي شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر موصوف هن سلسلي ۾ پنهنجي
تحقيق جي شروعات 1950ع کان ڪئي جنهن کي 1962ع ۾
شايع ڪيو ويو هو ۽ هاڻي هي علمي ادبي ڪتاب نهايت
بهترين تاريخي معلومات ۽ دليلن سان شايع ڪيو ويو
آهي. هي ڪتاب دليلن ۽ حوالن سان سمن جي دور تائين
آهي. پهرئين باب ۾ اهو نظريو پيش ڪيو ويو آهي ته
”سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌي سنئون سنسڪرت مان نڪتل
ناهي بلڪ ان کان اڳ واري دور جي سنڌي ماٿر جي قديم
ٻولي آهي“ ٻئي باب ۾ برهمڻ گھراڻي ۽ عربن دور
حڪومت جي تجزيي ۾ اهو نتيجو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ”
اهو سنڌي ٻولي جي تشڪيل جو بنيادي دور هو، جنهن ۾
موجوده سنڌي ٻولي“ اڀري ٽيون باب سومرن جو دور
آهي، جنهن ۾ ثابت ڪيو ويو آهي ته ”اهو سنڌي ٻوليءَ
جو تعميري دور هو“ چوٿين باب ۾ سمن جي دور جو
تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته هن ڪتاب ۾ جن چئن تاريخي دورن
بابت بحث ڪيو ويو آهي، سي سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ
جا آڳاٽا دور آهن، انهن جو تحقيقي جائزو وٺي، انهن
بابت علمي نظريا قائم ڪرڻ ۽ صحيح نتيجا ڪڍي ڪنهن
خاص منزل تي پهچائڻ هڪ مشڪل ڪم هو، جنهن کي ڊاڪٽر
صاحب نهايت آسان ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي وڏن
عالمن ۽ دانشورن کان وٺي ٻارن تائين سڀني جي لاءِ
معلومات ۽ علم لاءِ بهترين خزانو آهي ۽ هر ننڍي
خواه وڏي کي پڙهڻ کپي.
سنڌي ٻوليءَ جو هي بهترين ڪتاب ٽيهن روپين ۾ ”زيب
ادبي مرڪز حيدرآباد“ وٽان گھرائي سگھجي ٿو.
ڪوڏ ۽ سپون
سنڌي ساهت سال جي سلسلي ۾ ٻارن لاءِ شاعريءَ جو
ڪتاب ”ڪوڏ ۽ سپون“ شايع ٿي ويو آهي. هن ڪتاب جو
مصنف نئين ٽهيءَ جو اڀرندڙ شاعر نياز پنهور آهي.
جنهن جي لکڻ جي پختائي حيرت انگيز طور ڏينهون
ڏينهن تيز ٿيندي ٿي وڃي. هن ڪتاب جو مهاڳ خان محمد
پنهور لکيو آهي ۽ شاعرانه راءِ امداد حسيني ڏني
آهي. هن ۾ 23 ٻارن لاءِ گيت ڏنل آهن، جن سڀني کي
بهترين اسڪيچن سان سينگاريو ويو آهي. نياز پنهور
جو تعارف منصور عالم ڪيو آهي. بهترين ٽائيٽل،
آفيسٽ پني تي ڇپايل هي ڪتاب صرف چئن روپين ۾ سنڌ
پبلشرس سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو سنڌ يا سنڌ
جي سڀني ڪتاب فروش وٽان حاصل ڪري سگھجي ٿو.
تارا تارن هيٺ
ساهتي پبلڪيشن ڪنڊيارو طرفان هي ڪتاب ظفر عباسي
طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ 13 ڪهاڻيون ڏنل
آهن. هر ڪهاڻيءَ اڳيان اسڪيچ به ڏنو ويو آهي. ظفر
عباسي پنهنجي ليکي هن صف ۾ گھڻي ڪهاڻيڪارن کان
اڳرو ثابت ٿيو آهي. چئن رنگن جو ٽائيٽل ، 86 صفحا
۽ بهترين ڇپائي وارو هي ڪتاب ساهتي پبليڪيشن ڀٽائي
بازار ڪنڊيارو وٽان پنجن روپين ۾ حاصل ڪري سگھجي
ٿو.
سنڌي ادب
هي ڪتاب پير حسام الدين راشديءَ جي اردو ڪتاب جو
ترجمو آهي، جنهن کي محترم غلام محمد لاکي ترجمو
ڪري گرامي پبليڪيشن دولتپور صفن ضلع نواب شاهه
طرفان شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو ترجمو نهايت سٺو ڪيو
ويو آهي. هن دور ۾ هن ڪتاب جي سخت ضرورت آهي.
ترجمو ڪندي جيڪي حاشيه ۽ وڌارا آندا ويا آهن، اهي
قابل قدر آهن. پنهنجي مقدمي جو بنياد لاکي صاحب،
رڳو سنڌي ڇپيل ڪتاب رکيا آهن، جنهن ڪري ڪيترين ئي
غلطين کي ورجايو ويو آهي. حقيقت ڪري هن قسم جي
ڪتاب لکڻ وقت مترجم کي مڪمل معلومات ۽ ڄاڻ حاصل
ڪرڻ کپندي هئي. هن قسم جا ڪتاب پريشانين ۽ هڻ هڻان
واري دور ۾ لکڻ سان ادب لاءِ نقصان به ثابت ٿي
سگھن ٿا. ضروري آهي ته هن قسم جا ادبي ڪتاب پوري
ڇنڊڇاڻ بعد لکيا وڃن. ترجمي جا حق سٺي طريقي سان
پورا ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب جي شاگردن
لاءِ بهترين معلومات ڏيئي سگھي ٿو. 164 صفحن جو هي
ڪتاب ڏهن روپين ۾ گرامي پبليڪيشن دولتپور صفن ضلع
نواب شاهه وٽان گھرائي سگھجي ٿو.
اڃايل اکڙيون
هي ڪتاب ساهت سال جي سلسلي ۾ روشن تارا پبليڪيشن
هالا پراڻا طرفان شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب جا
سهيڙيندڙ خالد حسين صدر ۽ نثار احمد ميمڻ آهن ۽
ساٿي افتخار احمد ڀٽي، آفتاب احمد ڀٽي ۽ سهيل احمد
صدر آهن. هن ڪتاب ۾ 7 نظم 4 ڪهاڻيون ۽ هڪ مضمون
آهي. سڀني ٻارن جي هيءَ گڏيل محنت ساراهڻ جوڳي
آهي. 32 صفحن جو هي ڪتاب هڪ روپئي ۾ (ٽڪليون
موڪلي) روشن تارا پبليڪيشن هالا پراڻا وٽان گھرائي
سگھجي ٿو.
چار نوان ڪتاب
ٻاراڻو ساهت گھر محرابپور ضلع نواب شاهه طرفان
ٻارن جي ڪهاڻي جا چار ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن. 1_
گڏهه ۽ موسيقي 2_ دوستيءَ جي هام 3_ پيار جو ڪرشمو
4_ گل جي گفتار. هي چارئي ڪتاب ترجما آهن ۽ ٻارن
لاءِ نهايت دلچسپ آهن. چئني ڪتابن جي گڏيل قيمت
ساڍا چار روپيه آهي. هر هڪ ڪتاب 24 صفحن جو آهي ۽
ٻاراڻو ساهت گھر محرابپور ضلع نواب شاه طرفان
گھرائي سگھجن ٿا.
دنيا ۽ آخرت
دنيا ۾ دولت ۽ درجي لاءِ ايتري ڪوشش ڪريو جيڪا
دنيا ۾ رهڻ تائين ڪم اچي ۽ آخرت لاءِ ايتري ڪوشش
جيڪا هميشہ ڪم اچي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي حياتي عارضي
آهي ۽ آخرت جي حياتي دائمي آهي.
موڪليندڙ: محمد هارون سومرو
ايم- اين – عيساني، دڙو
الطاف حسين آگرو
ٻارن جي اخبار
ڇهن مهينن جي عمر ۾ عينڪ
ڪولمبس (آمريڪا) جي ڪارل جائلز ڇهن مهينن جي عمر ۾
عينڪ پائڻ شروع ڪئي. انهي ڪري ان جو شمار سڀ کان
گھٽ عمر ۾ عينڪ پائڻ وارن ۾ ڪيو وڃي ٿو.
وڌيڪ پڙهجڻ وارو رسالو
انگريزي زبان ماهنامو ”ريڊرز ڊائجسٽ“ دنيا ۾ سڀ
کان وڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو. هر مهيني دنيا جي سترهن
زبانن ۾ ان جون ٽي ڪروڙ ڪاپيون ڇپجن ٿيون.
تباهه ٿيل جھاز ۾ ٽپال جو ٿيلهو
چالو نڪسن فرانس جي هڪ ٽڪريءَ تي هڪ ٽپال جو ٿيلهو
مليو آهي.
اهو ٿيلهو ڀارتي هوائي ڪمپني ايئر انڊيا انٽرنيشنل
جي انهي جھاز ۾ رکيل هو جو 31 سال پهريائين 1950ع
۾ فرانس ۽ اٽلي جي سرحدي جبلن جي وچ ۾ ڪري تباهه
ٿيو هو. انهي حادثي ۾ 48 ماڻهو مري ويا هئا. ٿيلهي
۾ هندوستان ٽائمز جي هڪ ڪاپي به آهي. جنهن تي 31
آڪٽوبر 1950ع جي تاريخ لڳل آهي.
دنيا جو پهريون ڇپيل ڪتاب
دنيا جو سڀ کان پهريون ڇپيل ڪتاب رسول اڪرم ﷺ جي
سيرت پاڪ تي مبني آهي جو چين جي هڪ مبلغ سن 618ع ۽
سن 648 جي وچ ۾ ڪاٺ جي بلاڪن تي ڇاپيو هو. هن وقت
انهي ڪتاب جا صرف ٻه صفحا بچيا آهن.
ديوار چين
ديوار چين 200 سال قبل مسيح ۾ تعمير ٿي. ان جي
ڊيگھ ٻه هزار پنج سو پنجاهه مليل آهي.
وڏي تصوير
1940 ۾ نيويارڪ جي هڪ مصور جان نبوارڊ هڪ تصوير ٽن
ميلن ڊگھي ڪينواس تي ٺاهي. اها تصوير مڪمل ڪرڻ ۾
هن کي چار سو ڏينهن لڳا. چيو وڃي اها دنيا ۾ وڏي ۾
وڏي تصوير آهي.
پاڪيٽ سائيز ٽرانسٽر ٽيلي فون
تازو بيل ٽيليفون ليبارٽريز هڪ اهڙو عجيب و غريب
هلڪو ٽيلي فون ايجاد ڪيو آهي، جنهن کي آسانيءَ سان
کيسي ۾ رکي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه تائين کڻي وڃي
سگھجي ٿو. هي ٽيلي فون ٽرانسٽر ريڊيو جيئن تارن جي
ٻنڌڻن کان آزاد آهي. واٽ تي هلندي هوٽل ۾ ويٺي،
مطلب ته هر جڳهه تي انهي ٽيلي فون ذريعي چند
سيڪنڊن ۾ پنهنجي گھربل نمبر تي ڳالهائي سگھجي ٿو.
انهي ٽيلي فون ۾ ڊائناميٽڪ نظام استعمال ٿيندو
آهي. انهي نظام تحت هزارين ڪالون هڪ ئي وقت بوڪ
ڪري سگھجن ٿيون.
وڄندڙ پٿر
آمريڪا ۾ هڪ اهڙو پٿر آهي، جنهن کي ماڻهو ”وڄندڙ
پٿر“ چون ٿا. انهي پٿر ۾ مٿان هڪ وڏو سوراخ آهي،
جنهن ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان زوردار آواز ٿئي ٿو جيڪو ٻن
ميلن تائين ٻڌي سگھجي ٿو. مقامي روايت جي مطابق
1871ع ۾ جڏهن ڊنمارڪ ۽ جرمني ۾ جنگ ٿي رهي هئي
تڏهن شاهه الفريد انهي پٿر کي وڄائي پنهنجي ڇڙوڇڙ
فوج کي گڏ ڪيو هو. اهو عجيب و غريب پٿر جنهن کي
شاهه الفريد جو بگل به چون ٿا، اڄ ڪلهه هڪ ڳوٺاڻي
جي ملڪيت آهي جو هرسياح کان ڏهه پئسن وصول ڪرڻ کان
پوءِ ڏيکاري ٿو.
اوهان جو امتحان
امتحان نمبر _ 73
دريا ۾ ٽي ٻيڙيون ڪجھ ماڻهو کنيو وڃن ٿيون. هلندي
هلندي پهرين ٻيڙي ٻڏڻ لڳي ٿي ته ٻي نمبر واري
ٻيڙيءَ وارو ٻڏندڙ ٻيڙيءَ واري کي چوي ٿو ته جيترا
ماڻهو مون وٽ آهن اوترا موڪل. پهرين ٻيڙيءَ وارو
ائين ڪري ٿو. اچانڪ ٻيو نمبر ٻيڙي ٻڏڻ لڳي ٿي ته
ٽيون نمبر ٻيڙيءَ وارو ان کي چوي ٿو ته جيترا
ماڻهو مون وٽ آهن اوترا موڪل. ٻيءَ ٻيڙيءَ وارو
ائين ڪري ٿو اهڙيءَ طرح ٽنهي ٻيڙين ۾ هڪ جيترا
ماڻهو ٿيا ۽ ٽيئي ٻيڙيون ٻڏڻ کان بچي ويون. ٻڌايو
ته اصل هر هڪ ٻيڙيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ تعداد ماڻهن جو
ڪيترو هو.
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا
ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري
تاريخ 20 فيبروري 1982ع آهي. جواب سان گڏ هن رسالي
۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 73 موڪلڻ ضروري آهي.
انعام
امتحان نمبر 71 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن،
انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا
آهن:
1_ ممتاز علي سولنگي ڳوٺ علي بجر ضلع خيرپور ميرس.
2_ علي نواز برهماڻي پاٽ شريف ضلع دادو. 3_ عابد
حسين تونيه ميروخان ضلع لاڙڪاڻو،
4_ عاشق علي ميمڻ چوهڙ جمالي ضلع دادو. 5_
عبدالحڪيم سولنگي کيبر ضلع حيدرآباد.
سڀني ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب انعام طور
ڏنا ويندا. کين گھرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي
ڪتاب گھرائي وٺن.
امتحان نمبر_ 71
زنجير جي قيمت واچ ۽ پٽي جي ٻه ڀاڱي پنج جيتري
آهي. پٽي جي قيمت، واچ ۽ زنجير جي قيمت جي پندرهن
ڀاڱي ايڪتاليهه جيتري آهي. واچ جي قيمت، زنجير ۽
پٽي جي قيمت جي پنجويهه ڀاڱي ايڪٽيهه حصي جيتري
آهي جيڪڏهن واچ جي قيمت 800 روپيا آهي ته ٻڌايو ته
زنجير جي قيمت ڪيتري آهي.
جواب: زنجير جي قيمت 512 روپيا آهي. هي حساب اسان
کي هالا مان ميمڻ محمد ابراهيم مخمور ڏياري موڪليو
آهي:
جن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن
ٿا.
ضلع ٿرپارڪر. ”ڏيپلو“: شريف الدين ميمڻ، غلام محمد
ميجر، عبدالله کٽي، شوڪت ميمڻ، عبدالرحمان ميمڻ،
خالد اختر ميمڻ، شازانجم ميمڻ، فريدا ميمڻ، طارق
عزيز حامداڻي، محمد هاشم ميمڻ، غلام محمد حبواڻي،
لکاڏنه بجير، فرح زيب ميمڻ. ”پنات تڙ“: وفا
اسماعيل راحمون، محمد رمضان. ”جھڏو“: خليل الرحمان
ميمڻ، ارباب علي ڪپري، عبدالرحمان ٿري. ”ڀاڏور“:
قبول خان بجير. ”ديهه 375“: عبدالرزاق خاصخيلي.
ضلع سانگھڙ. ”ٽنڊو آدم“: محمدخان مڱريو، محمد اسلم
ميمڻ، غلام رسول پٺاڻ، عبدالقادرقريشي، مسعود احمد
چنه. ”قاسم بلوچ“: ٽيڪم داس. ”سرهاڙي“ رياض احمد
ميمڻ. ضلع بدين. ”نندو شهر“: محمد علي ميمڻ،
ذولفقار علي ميمڻ، مشتاق علي ميمڻ. ”ٽنڊو غلام
علي“: سنتوش ڪمار، سراج خان سرائي. ”ڪڙيو گھنور“:
نجيب الرحمان آرائين، غلام محمد نظاماڻي ”غلام
رسول پنجابي“: مظهر اقبال. ”قمرالدين احمداڻي“:
محمد ياسين احمداڻي. ”الهداد“: الهڏنو ڀرڳڙي. ”ڇتو
مادرڻي“: احمد خان ٽالپر. ”فضل محمد ٽالپر“: محمد
شريف مڱڻهار، محمد بخش ٽالپر. ضلع حيدرآباد. ”ٽنڊو
محمد خان“: سليم سمون، آصف علي دايو. ”ملڪاڻي“:
علي گوهر ملڪاڻي. ”درياخان ٽالپر“: نفيس حيدر
ٽالپر. ”جمع شهوڪ“: اعجاز علي شهوڪ. ”هالا“: ظفر
علي مٺاڻي، ”ڪڪو منگواڻو“: غلام رسول شاهه.
”سيکاٽ“: رياض حسين سومرو. ”الهه رکيو پٺاڻ“: غلام
محمد پٺاڻ ”ڍالو خاصخيلي“: نبي بخش خاصخيلي. ”جمع
ميرجت“: محمد پيرل ميرجت. ”کيبر“: سڪندر علي شاهه،
عبدالڪريم سولنگي، عبدالجليل ميمڻ. ”حيدرآباد“:
شجاع الدين قريشي، محمد ابراهيم سمون. ضلع ٺٽو.
”شيخ سومار شاهه“: امير بخش رونجھو، محمد شريف
رونجھو، ”ٻنون“: ارشاد حسين ڌماچ، الطاف حسين ڌماچ
”سجاول“: محمد حسين هنڱورجو، محمد صادق پٺاڻ،
ايف.اي جعفراڻي، فياض حسين خواجه، عبدالقيوم ميمڻ.
”ميرپور بٺورو“: گلاب راءِ مقبول احمد کٽي، محمد
جمن ٽالپر، محمد صادق کٽي، لڇمڻداس، غلام عباس
اميرالبحر، رميش ڪمار لوهاڻو، شمس الدين ميمڻ،
غلام اصغر ڀٽي. ”چوهڙ جمالي“: حاجي احمد کٽي،
اقبال کتري، فهميده پروين کتري، محمد عثمان ميمڻ.
”دڙو“: محمود عالم سومرو، محمد يوسف ميمڻ، مشتاق
احمد فاضلاڻي، موٽومل پرديسي، عاشق علي ميمڻ،
آفتاب احمد، ذوالفقار علي ميمڻ. ”ٺٽو“: عبدالله
ميمڻ. ”خان زمان خان“: احمد نواز پٺاڻ، سليم احمد
پٺاڻ، امير احمد پٺاڻ، قمر زمان. ضلع نواب شاهه.
”دريا خان دٻائي“: محمد فاضل ڪيريو. ”علي محمد
مڱريو“: محمد علي مڱريو. ”عالم شير“: غلام شبير
اعواڻ. ”10_ ڀورا“: صابر علي پرهيار. ”نيو جتوئي“:
علي نواز ملاح، ”حاجي رسول بخش“: محمد صالح ڏاهري.
”حاجي گوڏر“: بهادر خان ڏاهري. ”نٿو ڪيريو“: رسول
بخش بروهي. ”لاکا روڊ“: محمد فياض تبسم، غلام
مصطفيٰ آرائين، غلام محمد زرگر، صفدر حسين ڀٽي،
نور محمد شر، ربنواز اعواڻ، غلام علي ڏاهري، ممتاز
احمد اعواڻ، الطاف حسين زرگر، محمد تقي اعواڻ، شير
محمد مڱريو، محمد نويز، فياض تبسم، صحبت علي
لاشاري، غلام علي ڏاهري، محمد طالب ڏاهري، محمد
رفيق پيرزادو، محمد يعقوب مغل. ”محبت ديرو جتوئي“:
پيرل ڀٽو. ”هوت خان جلباڻي“: عبدالرسول، علي اڪبر
سمون. ”ڏيپارجا“: پهلوان خان منگسي. ”سڪرنڊ“: ضمير
احمد سولنگي، عبدالقادر ڪيريو، غلام سرور لاکو.
”نواب شاهه“: اشفاق النبي قاضي. ضلع خيرپور ميرس.
”علي بحر“: بشير احمد سولنگي، شوڪت علي سولنگي،
چنڊ خان سولنگي، ارباب علي سولنگي، نورالدين
سولنگي، بهارالدين سولنگي، اعجاز علي سولنگي، نادر
علي سولنگي، منظور علي سولنگي، ممتاز علي سولنگي.
مدد علي سولنگي. ”صوڀو ديرو“: اختيار پروين
خاصخيلي، رفيق احمد پٺاڻ، محمل بچل سامٽيو.
”اڳرا“: امدادالله سيال، غلام شبير بهيلم، مجيب
الرحمان ٽالپر، محمد يونس، قادر منگي، جاويد
تونيو، افتخار تونيو، غلام حيدر تونيو. ”ملهيراڻي
سولنگي“: رياض حسين سولنگي. ”ڪوڏيجي“: علي حسن.
”رسول آباد“: محمد صديق ميمڻ. ضلع دادو. ” پاٽ
شريف“: محمد اڪرم سومرو. مسعود علي چنه، معشوق
احمد ميمڻ، مظهر علي پنهور، ضياءالدين صديقي، رفيق
احمد چنا، نصيراحمد ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، شاهد
حسين عباسي، جميل حسين چنا، علي نواز برهماڻي،
عبدالرحمان ڪلهوڙو. ”ڪڪڙ“: اي- ايڇ ساريو ”راڌڻ“:
محمد خان گلال، رتن ڪمار سچيڏيواڻي، عبدالهادي
ٻڳهيو، امتياز علي لغاري. ”ٿاڻو بولا خان“: هريش
ڪمار ڪوهستاني. ”ايل. ايم. سي ڪالوني“: رفيعه
عنايت قريشي. ”بوبڪ“: عبدالستار ميراڻي.
”خداآباد“: صلاح الدين قريشي. “ سعيد چانڊيو“:
شيرل اميرالبحر. ”محراب لاکير“: نورالنبي پيرزادو.
”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“: اشوڪ ڪمار. ”نيرهه“: محمد
آصف جان پيرزادو. ضلع لاڙڪاڻو. ”ميروخان“: محمد
موسيٰ ڀٽي، محمد نواز تونيه، عبدالقيوم انصاري،
واحد بخش تونيه، محمد اسحاق تونيه، سيف الله تونيه
محمد حنيف تونيه ، توفيق احمد ابڙو، اياز احمد
ڀنڊ، احمد نواز چانڊيو، عبدالهادي، امتياز علي
سومرو، عبدالرؤف ابڙو، جاويد سڪندر تونيه،
عبدالجبار تونيه، زاهد حسين تونيه، احمد علي
بروهي، بدرالدين ڀٽي، عبدالرزاق انصاري، عابد حسين
تونيه، نواز احمد ڪورڪائي، آفتاب احمد تونيه، مالڪ
ڏنو انصاري، ذولفقار علي ڪلهوڙو، عشرت حسين ابڙو،
منظور علي ڀٽي، عليم راحمان تونيه ”رتوديرو“: شفقت
حسين گھانگھرو، عابد حسين گھانگھرو. آزاد حاجن
سيال، غلام حسين گھانگھرو، حاجي مدد علي زنگيجو،
عبيدالله ڪنڀر، فرزانه شبروز جوڻيجو. ”نئون ديرو“:
اياز علي ميمڻ. ”شهپور“: عبدالصمند کوکر، زاهد
حسين کوکر. ”بنگل ديرو“: محمد صديق ڀٽو، حق نواز
ڀٽو، اسدالله ڀٽو، محمد اجمل علي هديٰ. ”باڊهه“:
پير شاهه بخاري، راجا ٻلرام ڏوڏائي، ڪرشن ڪمار
منوجا، حاجن خان ڏيرو، عبدالحفيظ ناشاد منگي، علي
نواز بروهي، علي محمد بروهي، شاهه محمد ساريو،
ذوالفقار علي ساريو. ”لاڙڪاڻو“: لالا نثار احمد
سومرو. ”قمبر“: زبير احمد خان پٺاڻ سيف الله شيخ،
دليپ ڪمار دولتاڻي. ”لعل بخش مگسي“: هدايت علي
مگسي. ”مرادي“: عبد الباري پتوجو. ”پنجوديرو“:
خليل الرحمان قادري. ”غلام قادر خشڪ“: الطاف حسين
خشڪ. ”ڦل وڏا“: سيما عنبرين ڦل، ”ٽاٽزي“: وزير علي
منگي. ”نئون ٺارو وڌو“: خادم حسين کيڙو، مسرت حسين
وڌو. ”نصير آباد“: ديداري حسين چنه. ضلع سکر.
”گھوٽڪي“: عبدالجبار پٺاڻ. ”حيات پتافي“: نثار
سنڌي. ”سکر“: جاويد احمد سومرو، نثار احمد سرهيو،
مارئي مبن مڱريو، مير محمد عباسي، گلزار احمد
سومرو، محمد اسلم عباسي، ”بچل شاهه مياڻي“. روشن
چنڊ اوڏ، سلطان احمد انصاري، عبدالصفيط انصاري،
رسول بخش، باقر علي ميراڻي. ”لال مشائخ“: محمد
پناهه ڊيهو. ”خانپورمهر“: ڪنورلعل. پهلاجراءِ،
مختيار احمد سيال. ضلع شڪارپور. ”چڪ“: رشيد احمد
سومرو. ”ڳڙهي ياسين“: الهه بخش سومرو، غلام فاروق
جان، سڪندر علي کوکر، ثناءالله انصاري. ”لکي غلام
شاهه“: خالد ڪريم ميمڻ. ”لهه بخش“: جاويد احمد
سومرو. ضلع جيڪب آباد. ”بڊاڻي“: امبرت ڪمار،
بيبولعل، پون ڪمار. ”بخشاپور“: جيئي ٻائي. ”ڪنڌ
ڪوٽ“: سريش ڪمار. ”رانجھاپور“: قلندر شاهه بخاري،
هاشم علي شاهه بخاري.
سلام ۽ سنيها
رتي ديري کان سوز جلباڻي لکي ٿو ته اوهان جو گل ڦل
اڳي کان اڳرو نه پر گھٽ هو. آئون ڪافي عرصي کان گل
ڦل پڙهندو هوس پر ڪن سببن ڪري پڙهڻ ڇڏي ڏنم.
منهنجو خط ٻين وانگر تعريفي ڪونه آهي. انڪري اوهان
کي ڪاوڙ ضرور لڳندي، پر آئون ٻارن جي صفحي يا
رسالي کي خوبين ۽ خامين کان ضرور آگاهه ڪندو
آهيان. اڳ اوهان کل ته سهي، روح رهاڻ، روشن تارا
ڪالم ڏيندا هوا، اهي بند ٿيل ڏسي ڏک ٿيو. شاعريءَ
۾ جوهر بروهي ۽ علينواز صابر جا نظم پسند پيا،
ڇاڪاڻ ته شاعريءَ سان انس اٿم. هڪ ٻاراڻو نظم
موڪليان ٿو پسند پوي ته شايع ڪندا.
·
ڀاءُ، اسان سڀ تعريفي خط شايع ڪونه ڪندا آهيون.
راءِ ڏيڻ ۾ هرڪو آزاد آهي. اوهان کي روح رهاڻ، کل
ته سهي ۽ روشن تارا ڪالم نه ڏسي ڏک ٿيو آهي. روح
رهاڻ ۾ سوال اهڙا اچڻ لڳا جن جا جواب خود ٻارن جي
ڪورس ۾ موجود هوا پر نالي ڇپائڻ لاءِ هن ڪالم کي
بيدرديءَ سان استعمال ڪيو ويو. کل ته سهي ۾ لطيفا
اهڙا اچڻ لڳا جي اڳيئي شايع ٿيل هوا يا اهڙا
ناشائسته هوا جن کي گل ڦل ۾ شايع ڪرڻ مناسب نٿي
لڳو. مجبور ٿي ٻئي ڪالم بند ڪرڻا پيا. روشن تارا
ڪالم قائم آهي، جڏهن به ڪنهن سٺي ليکڪ ٻار جو
انٽرويو ملي ٿو ته اسان اهو شايع ڪندا رهندا
آهيون. شاعريءَ جو حصو پسند آيو مهرباني. اوهان جو
نظم پهتو اڳي به اسان اوهان کي ڇاپيو آهي، هي نظم
به واري سان شايع ڪبو. ڇا ائين مناسب ڪونه هو
”اوهان جو گل ڦل“ جي عيوض ”اسان جو گل ڦل“ وارو
جملو استعمال ڪيو ها. آئيندي به پنهنجي راءِ
موڪليندا
دڙي کان آفتاب ميمڻ لکي ٿو ته گل ڦل ۾ هڪ ڳالهه جي
ڪمي آهي جو ان ۾ عام معلومات جو ڪالم ڪونه هوندو
آهي ڪهاڻيون ته سٺيون ٿا شايع ڪريو، ”اچو ته کلون“
به شايع ڪريو ته بهتر. اوهان جي امتحان جي ڪوپن
سان جيڪڏهن ڪو ٻيو مواد موڪلجي ته موڪلي سگھجي ٿو
يانه؟ آئون ڪا آکاڻي لکان ته اها ڪيتري عرصي کان
پوءِ شايع ڪندا. گل ڦل لاءِ ڪو ٽائيٽل ٺاهي
موڪليان ته اهو شايع ڪندا يانه؟
·
ادا، عام معلومات لاءِ هڪ جدا ڪالم آهي، جنهن ۾
اڪثر ڪري سائنسي معلومات ڏيندا آهيون. باقي
معلومات لاءِ صفحن جي کوٽ آهي. ”کل ته سهي“ لاءِ
مٿئين خط وارو جواب پڙهندا. اوهان جي امتحان سان
هر قسم جو مواد موڪلي سگھجي ٿو. آکاڻي موڪليو اگر
گل ڦل جي ڏانءَ وٽان هوندي ته واري تي شايع ڪبي.
گل ڦل جو ٽائيٽل ڀلي ٺاهي موڪليو پر ضروري آهي اهو
گل ڦل جي ٽائيٽلن جي معيار مطابق هجي ان کي ڪوبه
رنگ نه ڏيندا رنگ اسان پاڻ سيٽ ڪنداسين.
ٽنڊي محمد خان کان آصف علي دايو لکي ٿو ته گل ڦل ۾
ڪجھ مشورا ڏيان ٿو:_ 1_ گل ڦل ۾ دير سان شايع ٿيڻ
وارو دستور بند ڪريو ۽ هر مهيني جي 20 تاريخ اندر
گل ڦل بوڪ اسٽالن تي پهچي وڃڻ کپي. 2_ معياري
ڪالمن لاءِ هڪ ئي تاريخ مقرر ڪئي وڃي ته جيئن سڀني
ڪالمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آساني ٿئي. 3_ اڳي اوهان
چترڪاري ۽ مضمون نگاري لاءِ مقابلا ڪرائيندا هوا.
اهي وري شروع ڪيا وڃن.
4_ آڏ اکري ڳجھارت جو صحيح نتيجو مقرر تاريخ تي
اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. 5-قلمي
دوستيءَ لاءِ نرم پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ اھو
سلسلو ھر گز بند نه ڪيو وڃي-
·
ڀاءُ، فيبروري 1982ع کان پرچو اوھان کي 20 تاريخ
ملڻ لڳندو-
معياري ڪالمن لاءِ ھڪئي تاريخ مقرر ڪرڻ جو سلسلو
شروع ڪيو ويو آھي. چترڪاريءَ جا مقابلا ڪرائڻ اڃا
ممڪن ڪونهي. باقي ھن مهيني جان ننڍن اديبن جا
مقابلا شروع ڪري رھيا آھيون. آڏ اکري ڳجھارت جو
صحيح نتيجو اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي اسين
فائدي ۾ آھيون. ان تي ضرور عمل ڪبو. ڪلمي دوستيءَ
وارو ڪالم في الحال بند آھي. ھن سال ان کي جاري
ڪرڻ ممڪن ڪونهي.
دڙي کان گل چوھاڻ لکي ٿو ته رسالو جلد شايع ڪريو،
ٿي سگھي ته پندرھين ڏينهن شايع ڪريو. گل ڦل آڏ
اکري ڳجھارت وارو سلسلو دلچسپ ۽ مزيدار آھي، ان کي
بند نه ڪندا. اوھان جو امتحان ۾ مشڪل حساب ڏيندا
ڪريو. روح رھاڻ شروع ڪريو. اوھان ھر شهر مان ڪنهن
پڙھندڙ جو انتخاب ڪري ان کي لکو ته ھو ان ساڳئي
شهر جي فلاڻي پڙھندڙ کان انٽرويو وٺي موڪلي. ھي
سلسلو گھڻو مقبول ٿيندو. ياد رھي ته ھي سلسلو اڳي
به شروع ڪيو ويو ھو. آڪٽوبر ۾ ڪهاڻيون ’وکريل
موتي‘ ۽ ’سودي بازي‘ وڻيون. شاعريءَ ۾ واجد،
ذوالفقار سيال ۽ جوھر بروھي خوب ملهايو. گل ڦل جي
آرٽسٽ ساجد قريشيءَ کي مبارڪباد ڏيندا. گل ڦل جو
سالنامو ڪڏھن پيو اچي.
·
اوھان جون تجويزون وڻيون پر ڪن تي في الحال عمل
ڪرڻ ممڪن ڪونهي. روح رھاڻ به شروع ڪرڻ به ممڪن
ناھي. انٽرويو جو سلسلو ڪامياب نه ويو ان ڪري ان
کي وري شروع ڪرڻ جو ارادو ڪونهي . ساجد قريشيءَ کي
اوھان جون مبارڪون پهچايون ويون آھن. سالنامو
ايندو ته ان لاءِ اڳواٽ اعلان ڪبو.
سکر کان پرويز سومرو لکي ٿو ته گل ڦل کان سست
رفتاري ڇڏايو. آڪٽوبر جي رسالي ۾ ڪهاڻيون سبق آموز
ھيون. صلاح آھي ته بنا عنوان، اوھان جو امتحان ۽
ڳجهارت جي ھڪ ئي تاريخ رکو. قيمت وڌائي اٿوپر صفحا
اڃا نه وڌايا اٿو، صفحا ٿورا آھن. چترڪاري جو ڪالم
وري شروع ڪريو.روپ جي واپسي هاڻي دلچسپ ٿيندي ٿي
وڃي پر ان جا صفحا وڌايو. ساجد قريشيءَ کي جنهن
تصوير تي سرٽيفڪيٽ مليو ھو اھا گل ڦل ۾ شايع ڪريو.
گل ڦل آڏ اکري جي نتيجي ھيٺان لکيل ھوندو آھي ته
ھيترن ٻارن حصو ورتو ۽ ھيترن جا خاڪا رد ڪيا ويا
جيئن ته اھي ٿورا ھوندا آھن، ان ڪري انهن جا نالا
ڏيندا ڪريو ته خبر پوي ته انهن جا خاڪا صحيح ھوا
يا نه؟
·
ادا، معيادي ڪالمن جي ھڪ ئي تاريخ مقرر ڪرڻ تي
عمل ٿي چڪو آھي. صفحا ان ڪري نه وڌايا اٿئون ڇاڪاڻ
ته پنو سخت مهانگو ٿي ويو. چترڪاري جو ڪالم شروع
ڪرڻ ممڪن ناھي. روپ جي واپسي ھاڻي پوري ٿي ويئي.
ساجد قريشيءَ وٽ جيڪڏھن اھا تصوير ھوندي ته ضرور
شايع ڪبي. جن ٻارن جا خاڪا رد ڪيا ويندا آھن، اھي
سڀ غلط ھوندا آھن. صحيح ڪوبه نه ھوندوآھي، ھونئن
به اسان وٽ ايتري گنجائش ڪانهي جو اھي نالا شايع
ڪريون.
نتيجو بنا عنوان
ماھ آڪٽوبر 1981ع ۾ سنڌو دولتاڻي جي ڪهاڻي بنا
عنوان جي ڏني ويئي ھئي. ججن جي فيصلي مطابق ھيٺين
عنوان کي پهريون نمبر مليو.
پيڙا جي پڄاڻي
موڪليندڙ؛ سڪندر علي ملاح سنڌ ڪتاب گھر، سڪرنڊ.
کيس مٿئين ائڊريس تي ويهن روپين جا انعامي ڪتاب
موڪليا پيا وڃن.
ھڪ سوروپين جو انعام ڪنهن نه کٽيو
ڪنهن به ٻار جو جواب صحيح نه آيو
گل ڦل آڏ اکري ڳجھارت_ 31جو نتيجو 15- نومبر 1981ع
صبح جو ڏھين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت
موجود ھوا) جي روبرو، مسٽر غلام رباني آگرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ظاھر ڪيو.ساڄي کان کاٻي ؛
2- مفڪر 5- کم 6- ايسپ 7- ديا 9-سچ 10- ناڻو.
مٿا کان ھيٺ؛
1-
گدا 3- ڪمايل 4- سامري 5- امر.
جيئن ته ڪنهن به ٻار جو ڪوبه جواب صحيح نه آيو
انڪري ھن مهيني جا انعامي ڪتاب، ايندڙ مهيني جي
ڳجھارت سان گڏي ڏنا ويندا.
ڪهاڻين جو مقابلو
انهن ننڍن اديبن لاءِ ڪهاڻين جو مقابلو شروع ڪيو
پيو وڃي جيڪي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪن ٿا.
پنهنجي ڪهاڻيءَ سان پنهنجي اسڪول جي هيڊ ماستر جو
سرٽيفڪٽ ضرور شامل ڪيو وڃي ۽ ڪهاڻيءَ اسان وٽ 31
مارچ 1982ع کان اڳ پهچڻ گھرجي. پهريون ۽ ٻيو نمبر
آيل ڪهاڻيون، ڪهاڻيڪارن جي فوٽن سان شايع ڪيون
وينديون. ڪهاڻي لاءِ رهنما مواد هيٺ ڏجي ٿو ”امجد،
هڪ ننڍڙو ٻار آهي، جنهن جي ذهن تي اسڪول ۾ استاد
جي مار جو ڊپ ويٺل آهي. اوهان پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ان
مان اسڪول جو ڊپ ڪيئن ڪڍندا ۽ کيس اسڪول وري
پڙهائڻ تي ڪيئن راضي ڪندا.“ ڪهاڻي 500 لفظن کان
گھٽ نه هجي.
موڪلڻ جو پتو: ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12
حيدرآباد.
گل ڦل آڏا اکري ڳجھارت _ 33
هڪ سئو روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ : 20_ فيبروري 1982ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ : 21_ فيبروري 1982ع
هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن، انهن کي اهڙيءَ طرح
ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مطلب ٿي وڃن. جملن
۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا
آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. نمبرن جي روشنيءَ ۾
جملا پڙهي، خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي
اسان ڏانهن مقرر تاريخ اندر ڏياري موڪليو. لفافي
تي گل ڦل آڏا اکري ڳجھارت لکڻ ضروري آهي.
جن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي هڪ سئو روپين جا
ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ هڪ کان
وڌيڪ هوندا ته انعام وارا ڪتاب سڀني ۾ هڪ جيترا
ورهايا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ ڪوبه نه آيو ته اهو
انعام هڪ غلطي وارن ۾ ورهايو ويندو، جي هڪ غلطيءَ
۾ ڪوبه نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهني سان گڏي
ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور
پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
1_ جنهن ۾ ____ جو جذبو ناهي سو ڀلا زندگيءَ ۾
ڪيئن ڪامياب ٿي سگھندو.
4_ امير ماڻهن وٽ ته انبار لڳا پيا آهن. ڪنهن شيءِ
جي وٽن کوٽ ڪانهي، پر هڪ غريب ۽ مزدور ماڻهوءَ کي
ته مزدوري مان ___ وٺي وڃڻو پوندو آهي.
7------- مان بي انت فائدا آهن.
8- اسلام جي ناماچار وڌائڻ ۾ ---- جو وڏو هٿ آهي.
مٿان کان هيٺ
1_ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عوام جون دليون ائين
ته ------ ڇڏيون جو اڄ به سندس بزرگي ۽ فن وهائو
تاري مثل چمڪي رهيو آهي.
2-
اهو ته ڪو----- احمق ۽ نڀاڳو سڏيو جنهن جي ماءُ ته
ويلا ڪاٽي پر هو پاڻ هوائي جھازن ۾ چڙهيو ولايتون
واچيندو وتي.
3-
---- جو ڀانيو ساڻيهه، مانجھادي جو ماڳ. (شاهه)
4-
ڏسڻ شرط ڪنهن ٻار جي ___ جو اندازو لڳائڻ وارا
بلڪل ٿورا ملندا .
5-
سنڌ جو ايوارڊ مشهور ڪهاڻيڪار ___ جليل جنهن جا
اکر اڳتي پوئتي لکجي ويا آهن.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 33
هدايتون ۽ شرط
1_ پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجھارت واري خاڪي
۾ خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري،
ٻئي گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي
پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
2_ مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
3_ ڳجھارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجھارن جي
جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو
ويندو.
4_ هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگھجن ٿا. پر
هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اهي گل ڦل
مان ڪٽيل هجن. جداجدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾
ڪيترا به خاڪا موڪلي سگھجن ٿا.
5_ لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجھارت لکڻ ضروري
آهي ۽ پوسٽ باڪس 12_ حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ
کپي.
6_ صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن
روزنامه عبرت، سنڌنيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع
ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.
7_ صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو آهي،
جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.
8_ صحيح جواب تي هڪ سئو روپين جا ڪتاب انعام طور
ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح
هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو
ويندو. جي صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ
غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪوبه
نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجھارت ۾
وڌائي ڏنو ويندو.
9_ ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
10_ هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن
کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن
به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگھبو. |