سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1982ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جنوري 1982ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارو:

1982ع جو پهريون پرچو اوهان جي آڏو حاضر آهي. اسان کي يقين آهي ته هن پرچي کان جيڪي اسان نوان ڪالم شروع ڪيا آهن اهي اوهان جي ئي گھر مطابق شايع ڪيا اٿئون. حليم حرڪتي، ظفر عباسيءَ جو هڪ مزاحيه ڪالم آهي جيڪو اوهان کي سڄو سال وندرائيندو. ٻارن جي اخبار وارو ڪالم وري شروع ڪيو اٿئون جنهن کي الطاف حسين آگرو ترتيب ڏنو آهي. هن ڪالم ۾ نه رڳو دلچسپ ۽ عجيب خبرون ڏنيون وينديون پر ٻارن جي ادبي سرگرمين جون رپورٽون پڻ شايع ڪيون وينديون اسان کي اميد آهي ته ٻار، هن ڪالم لاءِ مواد ڏياري موڪليندا.

اوهان سڀني کي اها شڪايت آهي ته رسالو دير سان مارڪيٽ ۾ اچي ٿو. ان شڪايت کي دور ڪرڻ لاءِ به انتظامات ڪيا ويا آهن. اميد آهي ته ايندڙ مهيني کان 20 تاريخ تائين پرچو مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.

هن رسالي سان گڏ نئين سال جو خوبصورت ڪئلينڊر پڻ شامل آهي. اهو ڪئلينڊر اسٽيڪر ڪارڊ تي ڇپيل آهي ۽ رسالي ۾ اهڙي طرح لڳل آهي. جنهن کي ڦاڙي جدا ڪرڻ سان رسالي جي خوبصورتيءَ تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو. ڪئلينڊر جي پٺين پاسي هڪ زرد  (پيلو) ڪاغذ لڳل آهي ان کي آهستگيءَ سان لاهي، ڪئلينڊر ڪنهن ڀت، ڪٻٽ يا الماڙيءَ تي بنا تڪليف جي چمنبڙائي سگھو ٿا.

اسين دعاگو آهيون ته 1982ع جو سال، سنڌ جي ٻارن لاءِ اميد افزا ۽ خوشين جو سال ثابت ٿيندو.

اوھان جو ڀاءُ

انور ھالائي

لطيفي لات

ڪو ڏينهن اَھيِيِن ڪوٽ ۾، لوئي ھَڏِ م لاھهِ،

ڪامَڻِ! اَھِجي ڪُرَجي، آڏِ وَڏائِي آھه،

ھِت ِمَ پاڙجِ ھيڪَڙو، پائُر ِجي پَساھِه،

سَتِي! سيِل‘ نباھهِ، مَليِرِ ويِندنءَ مار‘ئِي.

(شاھه)

ھي بيت حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ سر مارئي جي داستان ڏھين ۾ پنجون بيت آھي.

سمجھاڻي:

اي مارئي! ھن ڪوٽ ۾ ڪجھ ڏينهن آھين، پنهنجي لوئي اصل نه لاھ تنهنجي خاندان جي خاص ڳالھ اھا آھي جو ھنن ڪڏھن به وڏائي ڪانه ڪئي آھي. حياتيءَ جا دم جيڪي ھن ڪوٽ ۾ پئي کڻين اھي ملير کان مٿي نه ڄاڻ. تون پنهنجي لڄ شرم نڀاءِ ته يقين آھي ته پنهنجي ملڪ موٽي ويندينءَ. شاھه صاحب ھن بيت  ۾ انسان کي نصيحت ڪئي آھي ته تنهنجو اصلوڪو ماڳ ھو جھان آھي، ان کي نه وسار. ڇاڪاڻ ته نيٺ توکي اوڏانهن وڃڻو آھي ۽ ان جھان لاءِ ھن جھان جي خوشين کي ترڪ ڪندين ته مانائتو ٿيندين.

معنيٰ: ھڏ= اصل، بلڪل، بنھ، ڪامڻ= خوبصورت. اھجي=اوھانجي. ڪر=ذات. آڏ= خاص. پائر= ملڪملير. سيل= لڄ، شرم، حيا.تباھ=پوروڪر، وفادار رھ.

غلام ڪبريٰ قمر

حمد باري تعاليٰ

منهنجا مولا، مِٺڙا مولا،

اسين آھيون، تنهنجا گولا،

ھر جا حاضر  ناظر آھين،

ڪُل جوتون ئي قادر آھين،

مشڪل ۾ پڻ واھر آھين،

اھجا ڪم ڪرين سولا۔

 

تون آن سڀ جو خالق سائين،

مِڙني کي ٿو رزق رسائين،

ٿڌڙا ٿڌڙا مينهن وسائين،

گرميون سرديون، جھڪون جھولا۔

 

کرڙ خطائون مون کان ٿي پيون،

جيڪي سڀ ئي ڏسين پيو تون،

پو ڀي آس اِھائي آ مون،

ڍڪيندين تون ئي ڍولا۔

 

آ عرض الاھي تو در منهنجو ،

ڪين ڪجان محتاج تون ڪنهنجو،

ڪج لطف و ڪرم پرور پنهنجو،

ڀورا ڀورا ٿين ڀولا۔

ذوالفقار سيال

ديس جي عظمت

ھن زندگيءَ ۾ ٻارو! وقت کي ھٿان نه ڇڏجو۔

واندي ويهڻ کان بهتر آ ڪو ڪتاب پڙھجو۔

 

آ ڪوڙ عيب ڏاڍو، ڪوڙو خوار ٿئي ٿو،

ڇابه جي ٿي پوي پر، سچ ئي سدائين چئجو.

 

جيڪو به ڪم چڱو آ، ان تي عمل ڪريو سڀ،

پنهنجو علم وڌايو، جھوليءَ ۾ علم ڀرجو۔

 

ڀلئي تي ڀئو ناھي، ناھي شرم سکئي ۾،

جيسين سکي سگھو ٿا، تيسين پيائي سکجو۔

 

ڪردار کي زماني جي رنگ کان بچايو،

ڌرتي ئي ماءُ آھي، ڌرتيءَ جي لڄ رکجو۔

 

ھن ديس جي امانت ، قسمت جا آھيو مالڪ،

ھن ديس جي ئي عظمت، سانڍي سدائين اچجو۔

عاصم اظهر ڪانڌڙو

سڪ سچائي

توکي هڪڙي ڳالهه چوان پيارا ٻالڪ اوري اچ،

سينو رک تون صاف سدا ڪوري ڪوڙ ۽ ڪَچُ.

 

گِلا غيمت، ڪينو ڪُپت، حسد ساڙ ٺڳي،

تن کان مٺڙا هر پل تون پري ڀڄي بچ.

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ سدائين سياڻن جو آ قول،

 

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجھي تون سون سڏاءِ سچ.

هڪ جيڏن سان رک تون الفت ڪنهن جي هرگز دل نه ڏکا،

اميريءَ غريبيءَ جو ويڇو ٽوڙي ٻار محبت جو ڪو مچ.

 

روشن ڪر تون سينو پنهنجو اخلاق ادب جو ڏيئو ٻاري،

سادا سٻاجھا جي مٺڙا ماڻهو تن کان قرب ڪماءِ تون ڳچ.

 

محبت الفت، سڪ سچائي، پيار پريت جو ٻاري ديپ،

سڀ سمائي دل ۾ ”عاصم“ پل پل پتنگن جيان پَچَ.

واجد

لوڪ ڪهاڻيون

منهنجي جيڪا آهي ماءُ

ڏاڍي مٺڙي آهي ماءُ

مون ۾ سندس آهي ساهه.

رات جو هوءَ سمهارڻ ويل

مون کي ديون پرين جون

شهزادن شهزادين جون

پياريون پياريون آکاڻيون

روز ٻڌائيندي آهي.

آءٌ جڏهن پوءِ سمهندي هان

سُندر سپنا ڏسندي هان

پرين جھڙا پَرَ لڳائي :

اُڀ سڄي ۾ اُڏندي هان

ڀري ستارا ڀاڪر ۾

چندرما کي چندي هان

تڏهن الا! شهنيلا،

من خوش ٿي ويندو آ

ڏاڍو مزو ايندو آ.

رات جو ٿوري دير ڪري

تون به اسان ڏي ايندي ڪر

منهنجي مٺڙي امڙ کان

لوڪ ڪهاڻيون ٻڌندي ڪر

۽ پوءِ تون به خوابن ۾

اُڀ سڄي ۾ اُڏندي ڪر

ڪڪرن ۾ پئي ڪڏندي ڪر.

ادل سومرو

مُبن سنبريون ميلي تي

وڪڻي پنهنجي ڇيلي

مُبن سنبريو ميلي تي.

ميلي ۾ ها هُلَ هشام َ

کائڻ پيئڻ جون شيون جام.

مبن کاڌي برفي پاءُ

جيئي جيئي منهنجي ماءُ.

ميلي ۾ ھا ڳانا سڳيون

کيس کٿا ۽ اجرڪ لُونگيون

مُبن پاتو ڳاڙھو ڳانو

جيئي جيئي منهنجو نانو

واءُ اَترجي لڳي جڏھن

مُبن ساريو ڪوٽ تڏھن

لڳو مُبن کي ڏاڍو سيءُ

جيئي جيئي منهنجو پيءُ

جڏھن ميلي جي ٿي پڄاڻي

ماڻهن گھر ڏانهن ڪئي سنبراڻي

مُبن تاڙيو ڳوٺ جو گاڏو

جيئي جيئي منهنجو ڏاڏو.

ڏوڪر پنهنجا سڀ کپائي

مُبن ويٺو جھانجھ وڄائي.

قاسم تِرڪيو ڪيلي تان

مُبن موٽيو ميلي تان.

شيخ رشيد آدرش

ٻارڙن جي راند

ڪا راند ڪن پيا ٻارڙا

ڄڻ آھن آسمان جا تارڙا

تن کان ڪجه پري بيٺل ھن

ڪارا ڪوجھا ٻيٽ سڪلن وارڙا

ڪا راند ڪن پيا ٻارڙا.

پنهنجي ڌرتي آ ڏاڍي پياري

پاڻکان وڌ نه آ طاقت ڌاري

ھي ديس جو ڌن جوانن جو آ

ھن جا ٻار گلن جا ھارڙا

ڪا راند ڪن پيا ٻارڙا.

ڪو ڪنهنکان وڌ نه ٿيندو ھت

ننڍ وڏائي جي ڊاھيو ڀت

سڀ پيار ڪرڻ جھڙا آھن

پوءِ اڇا ھجن يا ڪارڙا

ڪا راند ڪن پيا ٻارڙا.

ھمٿ سان سڀ ٿيندو آھي

محنتي ئي کٽي ويندو آھي

بزدل ھڪ ھنڌ ويهڻ وارو

پوءِ ڳوليندو آھي چارڙا

ڪا راند ڪن پيا ٻارڙا.

ڪنهنجي حڪم ۾ رھڻو ناھي

ظالم جي اڳيا ڊھڻو ناھي

وطن کي اڳ زنده رکي

پوءِ جيئندا اسان ٻارڙا

ڪا راند ڪن پيا ٻارڙا.

ڄڻ آھن آسمان جا تارڙا.

سرور لڪياري

جوت علم جي

علم ساڻ ٻارو دل کي لڳايو،

اٿو وک اڳتي ڪا يارو وڌايو.

علم ساڻ ملندي آھي شهرت،

علم ساڻ وڌندي آھي عظمت.

پنهنجي نمئ جي پڻ تلقين آھي،

ڪرڻ علم حاصل فرض اولين آھي.

علم سان ئي انسان، انسان آھي،

ري علم جي، انسان حيوان آھي.

علم سان ئي قومون زندھ رھن ٿيون،

سواءِ علم جي ھو مرده رھن ٿيون.

علم فرش تان عرش پهچائي ڇڏي ٿو،

دنيا ۽ آخرت ٻئي سنواري ڇڏي ٿو.

صلاح سرور جي اٿو اھا دوستو،

ڪريو علم حاصل دل سان دوستو.

عبدالرحمان سيال

کسيل پيار

ھو اسڪول مان موٽي گھر پهتو ھو. پنهنجي ڀيڻ کي سڏ ڪيائين پر ڀيڻ ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيو. کيس اُڃ به چڱي لڳي ھئي. پر اسڪول مان ايندي ڪجھ ٿڪجي پيو ھو، تنهن ڪري صوفا کي ٽيڪ ڏيئي ليٽي پيو. گھڙي کن گذري ھيڏانهن ھو ڏانهن نظرن کي ڦيريائين ته من ڪو اچي ته جيئن پاڻي گھُري پيان. پاڻ اٿي فرج کولي پاڻي جي بوتل ڪڍي کڻي وات تي رکيائين، ايتري ۾ سندس وڏي ڀيڻ به اچي وئي . ھن کي ائين پاڻي پيئندو ڏسي ڪاوڙجي پئي. ”ايڏو سارو اُٺ جيڏو ٿيو آھين! اڃا تائين پاڻي پيئڻ به ڪون سکيو آھين. خبر ناھي مُيون ماسترياڻيون به الائي ڇا ٿيون ٻارن کي سيکارين. نه اٿن ادب ۽ نه وري لکڻ پڙھڻ ٿو اچين، سچ به ڄٽ جا ڄٽ ٿا لڳن“ ھو ڪاوڙ ڇنڊيندي ھلي ويئي.

ھو ڀيڻ ڏانهن ڏسندو رھيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيندو رھيو. ھي سڀڪجهه مون سان ائين ڇو ٿو ٿئي. گذريل ڪيترن مهينن کان وٺي جڏھن کان ھي ننڍڙو ڀاءُ ھادس ڄائو آھي ته گھر جو ماحول ڄڻ بدلجي ويو آھي . منهنجي حيثيت به ڏينهون ڏينهن گھٽجندي ٿي وڃي . نه وقت تي ماني ٿي ملي نه وري ڪو ٻڌي به ٿو . ھن بوتل فرج ۾ رکي ۽ ويهي رھيو.

ھو جڏھن به اسڪول مان موٽندو ھو ته سندس ماءُ پيار وٽان کيس پيشاني تي مٺي ڏيندي ۽ اچڻ سان کيس کٽ تي سڀڪجھ تيار ملندو ھيس. ايتري قدر جو پيرن مان بوٽ به ٻيو ڪو لاھيندو ھيس. پر ھاڻي! ھاڻي ته صبح اسڪول وڃڻ لاءِ به پاڻ تيار ٿيڻو پوندو اٿس. ڪڏھن ڪڏھن ته ايتري دير ٿيو وڃيس جو سزا جو منهن  ڏسڻو پويس.

ھن پنهنجي بوٽ ڏانهن ڏٺو جيڪو کڙين کان بلڪل ڦاٽي پيو هو ۽ پالش نه هئڻ ڪري رنگ ئي بوٽ جو بدلجي ويو هو. ڪپڙا به بلڪل ميرا ٿي ويا هيس، هن پنهنجي ڪپڙن ڏانهن ڏٺو. سندس قميص ڪلهي کان ٿورو ڦاٽي پئي هئي. هو پنهنجي لاءِ سوچيندو رهيو ته ايتري ۾ سندس ننڍي ڀيڻ ڪمري ۾ داخل ٿي.

”ادي ماني ته کڻي اچ.“ هن پيار مان چيو.

”هون! ماني، اسڪول مان اڃان موٽي ئي ڪونه ٿو ته واڳون جھڙو وات پٽيو ماني! بڪندو ٿو اچي. ڪپڙا بدلايا اٿئي؟ مٽي وارا بوٽ به ڪونه لاٿا اٿئي، ڏس ته سڄو غاليچو ئي خراب ڪري ڇڏيو اٿئي. ويٺي ويٺي خانصاحب ٿو حڪم هلائي.“

هو ڀيڻ جا دڙڪا ٻڌي هيسجي ويو ۽ سندس بک به چپ ٿي وئي هو بوٽ لاهي پاڻ بورچي خاني ڏانهن ويو پر ڪنهن ماني جو اڌ ته ڪنهن جا ڪنَا ته ڪنهن جو وچ ۽ ٻوڙ جي شڪل به عجيب لڳي پئي هئي. هو ڪاوڙ سان ماءُ ڏانهن ويو. ماءُ کي سڀڪجھ ٻڌايائين پر سندس ماءُ به هن ڏانهن ڪوبه توجھ نه ٿي ڏئي. هوءَ صرف هادس سان ڳالهين ۾ مشغول هئي. هو چپ ڪري ماني لاءِ بورچي ڏانهن هليو ويو.

ماني کائي وري به اچي ماءُ جي ڀر ۾ ويهي رهيو.

”ڏس تنهنجو ڀاءُ ڪهڙو نه سهڻو آهي! وڏو ٿي هي به ڊاڪٽر ٿيندو.“

ڊاڪٽر! تون ته ڏس ڄڻ ڪنهن فقير جو پٽ هجين! ڪهڙا نه ميرا ڦاٽل ڪپڙا کڻي پاتا اٿئي، ڄڻ ماءُ نه هجئي.“ کيس ماءُ چيو.

هو ماءُ جي ڳالهين ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ٿو ڏئي. اڳتي وڌي پنهنجي ڀاءُ هادس کي پيار ڪرڻ لڳو.

”پنهنجا هٿ ڏٺا اٿئي. ڏس ٻوڙهاڻا، وڃ صاف ڪري اچ. مئا ٻوڙهاڻا ٿو ننڍڙي کي هٿ هڻين، پاڻ ته هئين انڌو پر هن کي به ٿو انڌو ڪرين.“

هو پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي پري کان ڏسي بيهي رهيو ۽ ماءُ جا لفظ سندس ڪنن ۾ چڀي ويا ”پاڻ ته هئين انڌو پر هن کي به ٿو انڌو ڪرين. هو ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو ۽ آرسي ۾ پنهنجو پاڻ ڏسڻ لڳو، هن پنهنجي اک ڏانهن ڏٺو جيڪا ڌڪ لڳڻ کان پوءِ سور جي ڪري بلڪل ننڍڙي ٿي وئي هئي. هن پنهنجي عيب کي محسوس ڪيو ۽ آرسيءَ اڳيان هٽي ويو.

سندس اکيون ته ڏاڍيون سهڻيون هيون پر راند ڪندي کيس اک ۾ ڌڪ لڳي ويو هيس. پيءُ – ماءُ سندس علاج ڪرايو، تنهن ڪري اک ڪجھ ٺيڪ ٿي وئي هئي پر جيئن ئي سندس ننڍڙو ڀاءُ هادس ڄائو ته سندس پيءُ – ماءُ جو ڌيان به هِن ڏانهن گھٽجي ويو. تنهن ڪري سندس اک بلڪل ننڍڙي ٿي وئي هئي.

هو چپ ڪري ڏينهن تَتي جو گھر مان ٻاهر نڪري ويو، ٻاهر گرمي به چڱي هئي. هن سڌو کڻي مارڪيٽ ڏانهن رخ ڪيو. مارڪيٽ سندن گھر جي بلڪل ويجھو آهي. گرمي جي ڪري سڀڪو وڃي ڇانو ۾ لڪو هو. هي چپ ڪري وڻ جي ڇانوَ هيٺان بيهي رهيو. هن پري کان سڀني شين کي ڏسي ٿڌو ساهه کنيو. هو جڏهن به مارڪيٽ ايندو هو ته بوتلن وارو کيس سندس پهچڻ کان اڳ بوتل کولي ڏيندو هيس. هاڻي! هاڻي ته بوتلن وارو کيس بوتلن جي ويجھو به اچڻ نه ڏئيس. ڇاڪاڻ ته اڳي بوتلن جا پئسا سندس پيءُ پاڻهي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ هاڻي ته پئسا خرچي لاءِ به مشڪل سان ڪا پائلي يا آڌيو مليس.

هو پري کان بوتلن ۽ برنين ۾ اندر کٽمٺڙن، چاڪليٽ، ٽافيون، ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين کي ڏسي واپس گھر موٽي ويو. گھر ۾ کيس سک ڪونه آيو، ڪيڏي مهل هيڏانهن ته ڪيڏي مهل هوڏانهن ڦرڻ لڳو کيس پيءُ دڙڪا ڏئي زوري سمهڻ لاءِ چيو. هو چپ ڪري ليٽي پيو پر ننڊ وري به ڪانه آيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com