شروع شروع ۾ جڏهن ننڍڙو هو به ماءُ کيس گڏ
سمهاريندي هئي، پر جڏهن کان هادس ڄائو آهي ته هن
جو بسترو الڳ ٿي ويو. کيس ماءُ بيحد پيار ڪندي هئي
۽ اسڪول وڃڻ لاءِ صبح شام الڳ الڳ خرچي ملندي هيس.
پر! هاڻي ته ماءُ کان هن لاءِ سڀ ڳالهيون وسري
ويون آهن، جيڪڏهن گھر ۾ ڪابه شيءِ آهي ته صرف هادس
لاءِ.
هو آهستي آهستي کٽ تان اٿيو ۽ سڌو ماءُ جي ڪمري ۾
ويو. سندس پيءُ؛ هادس لاءِ ڪجھ شيون وٺي آيو هو.
هن چپ چپ ڪري ڪجھ شيءِ کاڌي ۽ ڪجھ کائي رهيو هو ته
ايتري ۾ سندس ماءُ ڏسي ورتو. ٻه ٿڦڙ هڻي ڪڍيائينس.
پر هو وري ڀڄي ويو. ٻاهر گرمي ڪجھ گھٽ هئي. شام جو
وقت هو. هن وري به مارڪيٽ ڏانهن رخ ڪيو- شام جي
وقت سڀئي ٻار کائڻ پيئڻ لاءِ ٿي ڦريا. هو پنهنجي
هڪ جيڏن ڏانهن ڏسڻ لڳو. سندس دل سٽ ٿي کاڌي جيڪر
هڪ جيڏن کان گھري وٺان. پر وري سوچڻ لڳو ته مان به
ڪنهن کي ڪجھ کارايان ئي ڪونه ته ٻيا مون کي ڪيئن
کارائيندا. هو اڳتي وڌي مانڊڻي واري جي ڀرسان بيهي
رهيو. مانڊاڻي وارو هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي، تنهن
ڪري مڙيئي هڪ کٺڙو ڏئي ڇڏيائينس.
سندس ننڍڙا ننڍڙا دوست بيٺا هئا. هو انهن کي چتائي
ٿو ڏسي. ٻيا ٻار کيس ٽوڪين پيا سندس اک تي، ڪپڙن
تي. هو سڀڪجھ ٻڌي پوءِ به خاموش ٿو رهي. ڇاڪاڻ ته
هو حالتن جي لحاظ کان واقعي سڀني کان غريب پي لڳو.
هونئن به هن جا پيءُ – ماءُ سکيا آهن، پر هروڀرو
هن کي ڪونه ڏين. جڏهن پيءُ- ماءُ جو سڪيلڌو هو ته
پوءِ دنيا جي هر شيءِ هن لاءِ هوندي هئي. دل جيڪي
چاهيندي هيس سو وٺي کائيندو هو ۽ هي ٻين کي
ٽوڪيندو ۽ اهل ڪندو هو.
هو سڀني ٻارن ۾ ويڳاڻو ويڳاڻو ۽ اجنبي پئي لڳو.
پنهنجو پاڻ کي ڄڻ اوپرو پئي محسوس ڪيائين.
گھڙي کن کان پوءِ سندس پيءُ ننڍڙي هادس کي به
مارڪيٽ ۾ وٺي آيو هو. هن پنهنجي پيءُ کي ڏسي کڻي
ڊوڙ پاتي ۽ وڃي هٿ مان ورتائينس. سندس پيءُ ڄڻ شرم
محسوس ڪندو هجي ڇو ته هن جا ڪپڙا هڪ ته ميرا ۽ ٻيا
ڦاٽل هئا ۽ وار به هيٺ مٿي لڳا پيا هئس پيءُ ٻنهي
پٽن کي ڏٺو. پيارا ته ٻئي هئس پر جيترو پيار هادس
لاءِ هئس اوترو هن لاءِ ڪونه هيس. سندس پيءُ ٻنهي
لاءِ سوچي ٿو ته ماڻهو مون کي ٽوڪين تنهنڪري هن پٽ
کي چيو ته گھر هل ته مان تنهنجي لاءِ شيءِ وٺي ٿو
اچان-
هن مٿي تي هٿ ڦيري هن کي گھر ڏانهن روانو ڪيو ۽
پاڻ هادس کي وٺي فخر محسوس ڪندي اڳتي وڌيو.
هو گھر ڏانهن وڃڻ لڳو، کيس رستي ۾ سندس دوست مليا
جيڪي پنهنجي پيءُ سان گڏ هٿ هٿ ۾ ڏيو مارڪيٽ ٿي
ويا. هن جنيد ۽ جمشيد ٻنهي ڀائرن ڏانهن ڏٺو جيڪي
پنهنجي پيءُ سان گڏ بوتلون پي رهيا هئا، هو پنهنجي
لاءِ سوچي ٿو ته بابا مون کي پاڻ سان گڏ ڇو نه ٿو
وٺي هلي. جمشيد ۽ جنيد جو پيءُ ڪهڙو نه سٺو آهي،
منهنجو پيءُ مون کي ڄڻ نوڪر سمجھندو هجي. بابا
هادس کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿو وڃي ۽ مون کي پاڻ کان
پري ٿو رکي آخر مان ڇا ۾ خراب آهيان.
هو رکي رکي پوئتي نهاريندي ٿي ويو ته بابا هادس کي
ڪيڏانهن وٺي ويو ته هو سامهون بوتلن واري وٽ ڏسي
بيهي رهيو، ڏٺائين ته بابا هادس کي بوتل پيو پياري
سندس دل به چيو ته مان به جيڪڏهن موٽي وڃي بوتل
پيان، پر سمجهيائين ته بابا هونئي موٽائي ڇڏيندو
تنهنڪري چپ چپ سان اڳتي وڌيو.
گھر ۾ گھڙيو پر ڪوبه ماڻهو هن ڏانهن ڪونه ٿو ڏسي.
هي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٽيليويزن واري ڪمري ۾ هليو
ويو گھڙي کن ويهي وري ٻاهر نڪتو ۽ چپ ڪري ٻاهر
رکيل ڪرسي تي ويهي رهيو.
ايتري ۾ سندس پيءُ به اچي ويو. هٿ ۾ بسڪيٽن جو
پئڪٽ ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون هئس. هي دل ۾ ڏاڍو
خوش ٿيو، بابا منهنجي لاءِ شئي وٺي آيو آهي. سندس
پيءُ به پاسي ۾ ويهي رهيو هي ڏاڍو خوشيءَ وٽان اٿي
پيءُ جي ڀرسان بيٺو ۽ آهستي آهستي چوڻ لڳو.
”بابا هي منهنجي لاءِ شيءِ آندي اٿئي.“
”سڄو ڏينهن ٿو چرين ته به پيٽ ڪونه ٿو ڀرجنئي“
سندس پيءُ چيو.
”بابا. ڀلا هڪڙو کٽمٺڙو ڏئي.“
”نه اهي هادس لاءِ آندا اٿم.
تون ٿوروئي ڪو ننڍڙو آهين جو توکي کٽمٺڙو ڏيان.“
هو چپ ڪري بيهي رهيو، پر شيءِ ڪانه مليس.
”هل هاڻي ڪتاب کڻي ويهي پڙهه. سڄو ڏينهن لڳو رلڻ
پنڻ پويان آهين.“
هو آهستي آهستي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيو، پوئتي
نهاريائين ته ننڍڙو هادس شئي کائي رهيو هو. هي ڪجھ
به نه ڪڇيو. دل ۾ سوچيائين، جڏهن مان به ايترو هيس
ته اهڙيون ئي شيون کائيندو هيس. هاڻي به ايترو ئي
آهيان، پر مان رڳو هادس ناهيان. هن هادس ڏانهن ڏٺو
جيڪو سندس ننڍڙو ڀاءُ هو. هو ڀاءُ ڏانهن ڏسندي
ڏسندي بيهي رهيو. دل ئي دل ۾ ڄڻ ائين چوڻ لڳو“
ڀاءَ تنهنجي اچڻ کان پوءِ مون کي بابا ۽ امان
الائي ڇو وساري ڇڏيو آهي. آهيان ته مان به تو جھڙو
پر منهنجو پيار ڄڻ تو کسيو آهي.“ هو الائي ڇا مان
ڇا سوچي رهيو هو ته سندس پيءُ وري به دڙڪو ڏنو
”پڙهين ڪونه ٿو باقي اتي وات پٽيو بيٺو آهين، وڃ
وڃي پڙهه.“
هو چپ ڪري ڪمري ۾ گھڙي ويو پوئتي ڏٺائين، سندس
ماءُ، پيءُ ۽ ڀينرون سڀئي هادس سان گڏ ڪرسين تي
ويٺا هئا. هادس مزي سان شئي کائي رهيو هو. هو چپ
ڪري ڪتاب کڻي پڙهڻ ۾ لڳي ويو.
مظهر علي عباسي
سنسار سڄو سور
سانوڻ گھر ۾ داخل ٿئي ٿو، پريان هڪ ڇنل کٽ تي سندس
ماءُ رلهي سبي رهي هئي. ڪتابن جو ٿيلهو ڀت ۾ ٽنگي
ماءُ ڏي وڌي ٿو ۽ ماءُ کي پنهنجن ننڍن ٻانهن سان
ڀاڪر پائي چوي ٿو ”امڙ اڄ ته مون کي ڪتاب وٺي ڏي
نه ماستر مون کي اڄ ڪڪڙ ڪري بئنچ تي بيهاريو هو ۽
چيائين ته اڄ آخري دفعو ٿو چوانءِ جيڪڏهن سڀاڻي
ڪتاب نه آندءِ ته هتان تنهنجو نالو ڪاٽاءِ ”ماءُ
هڪدم پٽ جي وات تي آڱر رکي چويس ٿي ته ”نه ابا
الله اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري“ ۽ ڀاڪر پائي کيس چويس
ٿي . ”ابا ان لاءِ ته ويٺي رلهي سبان ته من ڪي
ڏوڪڙ ملي پون ته پنهنجي سون جي ٽُڪر لاءِ ڪتاب
وٺان“ ماءُ رلي کڻي اٿندي چوي ٿي ”ابا مان هيءَ
رلهي کڻي وڏيريءَ جي گھر وڃان ٿي من ڪي ڏوڪڙ ملي
پون؛ ۽ ها تون ماني نه کائيندين ڇا؟ هوءَ ڇٻيءَ ۾
ماني ڍڪي رکي اٿمانءِ.“
ماءُ رلهي کڻي ٻاهر هلي ٿي وڃي سانوڻ اٿي ڇٻو کڻي
ٿو ڇٻي ۾ اڌ ماني ۽ پٽاٽن جو ٻوڙ پيو هوس. هو اتان
ٻه- ٽي گرهه مانيءَ جا کائي ٻاهر راند تي هليو وڃي
ٿو.
سج لٿي ڌاري جڏهن سانوڻ گھر ۾ داخل ٿئي ٿو ته ماڻس
ڏيئو ٻاري رهي هئي، هو ماءُ جي ڀرسان وڃي چوي ٿو
”امان پئسا مليا؟“ ماڻس جي منهن جو پنو ئي لهي
ويو، ڏيئي جي روشنيءَ ۾ سندس چهرو ائين ٿي لڳو ڄڻ
ڪنهن سندس چهري تي هئڊرو رنگ ڏنو هجي. ماڻس چويس
ٿي ”ابا وڏيريءَ جي گھر ويئي هيس وڏيريءَ سان مليس
رلي ڏني مانس چوي پئي ته پئسا ٻئي ڏينهن وٺي
وڃجانءِ تنهن تي مان چيومانس منهنجي پٽ کي ڪتابن
لاءِ پئسا کپن انڪري پئسن جي ضرورت آهي. پاڻ
چيائين ته هاها! هنن کي پئسن ضرورت ۾ آهن ۽ ٻين کي
ڄڻ آهي ئي ڪانه، اهو نڀاڳو پڙهندو پڻس به پڙهيو هو
جو پٽ پڙهندس ۽ ”اڪ ڪارا ڪندو“ ماڻس ائين چئي بس
ڪئي ۽ هوءَ وري پنهنجي ماضيءَ طرف وڃي نڪتي ۽ سوچي
رهي هئي ته.
”جيڪڏهن اڄ سانوڻ جو پيءُ زنده هجي ها ته اڄ هنن
کي ايترا ڏک ڏسڻا نه پون ها.
سانوڻ جو پيءُ گلڻ هڪ محنتي هاري هو. هنن جو فصل
ڳوٺ ۾ ٻين جي فصلن کان تمام سٺو ٿيندو هو، اها
سانوڻ جي پيءُ جي محنت جي برڪت هئي، جڏهن سانوڻ جو
پيءُ زنده هيو ته هيءَ ننڍڙي ٽن ماڻهن تي مشتمل
آڪهه ڪيترو نه خوش هوندي هئي! پر هڪ ڏينهن جڏهن
بهار جي مند هئي ته سانوڻ جو پيءُ اسرُ ڌارا ڏاندن
جا جوڙا ڪاهي ٻنيءَ ۾ هر ڪاهڻ لاءِ ويو ۽ جيئن ئي
هو هر ڪاهي رهيو هو ته هڪ ڪاريهر نانگ کيس ڄنڳهه ۾
چڪ هنيو سانوڻ جو پيءُ گلڻ گھر ڏانهن موٽي آيو،
پوءِ سانوڻ جي پيءُ کي کڻائي شهر ڏانهن ويا پر اڌ
واٽ تي جلدي علاج نه ملڻ سبب گذاري ويو ۽ هو رئندا
پٽيندا گھر ڏانهن آيا. فصل جي ٻئي سال وڏيري سندس
زمين ۽ ڏاند ضبط ڪري ڇڏيا. تنهن کانپوءِ هنن جي
زندگي غريبي ۽ مفلسيءَ ۾ گذرڻ لڳي ۽ سانوڻ جي ماءُ
رليون سبي پنهنجو ۽ پنهنجي پٽ جو گذران ڪندي هئي.
امان... او امان سانوڻ ماءُ کي سڏ ڪيو، سندس ماءُ
ڇرڪي ۽ پنهنجي خيالي دنيا مان واپس اچي ويئي ۽
سانوڻ ڏي ڏٺائين. سانوڻ ماءُ کي چيو امان ڏس ته
ٻاهر هوا ڪيڏي نه تيز گھلي رهي آهي؛ ماڻس ٻاهر
نڪري ڏسي ٿي. ٻاهر آسمان تي ڪارن ڪڪرن جي چادر
ڇانيل هئي هوا تيز لڳي رهي هئي اوچتو ڏيئو وسامي
ويو، مينهن جون ڦڙيون آهستي آهستي وڌڻ لڳيون ۽
پوءِ برسات ايتري قدر تيز ٿي ويئي جو هنن غريبن جي
جھوپڙيءَ مان مينهن هيٺ ريلو ڪري وهڻ لڳو، اڄ
ايترو مينهن شايد غريبن جي جھوپڙين ڊاهڻ لاءِ
وسيو! ٻئي ماءُ پٽ ويچارا سيءَ ۾ ڏڪيا پئي ۽ سندن
ڪپڙا ڀڄي آلا ٿي پيا هئن.
صبح جو جتي ڪٿي آلاڻ لڳي پئي هئي، راتوڪي وٺل
برسات هر هنڌ گپ چڪ ڪري ڇڏي هئي.
سانوڻ جي ماءُ کي هلڪو نمونيا جو بخار ٿي پيو هو
سڄي رات مينهن وسڻ ۽ هوا لڳڻ جي ڪري کيس وڌيڪ ٻيڻو
تپ ٿي پيو صبح جو سانوڻ بنان نيرن ڪرڻ جي اسڪول ڏي
هليو ويو هو. ماءُ کي بخار هئڻ جي ڪري پنهنجي پٽ
کي ماني به نه پچائي ڏنائين.
جڏهن سانوڻ اڌ واٽ تي آيو ته کيس ڪتابن جي يادگيري
آئي ۽ انهيءَ يادگيريءَ سان گڏ ماستر جا دڙڪا به
”اڙي ڇورا جيڪڏهن سڀاڻي ڪتاب نه آندءِ ته هتان
تنهنجو نالو.“ ”.....نه نه“ ننڍڙي سانوڻ کان اهي
لفظ خودبخود واتان نڪري ويا؛ پوءِ ته سندس ننڍڙو
سڄو بدن ڏڪي ويو جيئن ڪُئي جو ٻليءَ کي ڏسي ٿيندو
آهي. اسڪول ڏي وڃڻ جي دل ئي ڪانه پئي ٿئي پر پوءِ
وري ماءُ جا دڙڪا ياد آيس ته اسڪول نه وڃان متان
امان ماري، سو نيٺ وري اسڪول ڏي رڙهندو ويو.
گھنڊ لڳو قطار ٿي، قطار کان پوءِ قرآن شريف جي
تلاوت ٿئي ۽ آخر ۾ قومي ترانو ٻارن گڏجي ڳايو تڏهن
کان پوءِ هر ڪوئي پنهنجن ڪلاس ڏانهن وڃڻ لڳو هيءُ
به آهستي آهستي هلندو ڪلاس ۾ آيو ۽ آخر بئنچ تي
ڪنڊ ۾ هڪ هنڌ ويهي رهيو. گھڙي کن کان پوءِ استاد
آيو، سڀ شاگرد ادب وچان اٿي بيٺا. استاد واري
وٽيءَ تي هر ڪنهن کان سبق پڇندو ٿي ويو جڏهن سانوڻ
جو وارو آيو ته هي اُٿي بيٺو استاد ڪرڙيون اکيون
ڪري کيس ڏٺو ۽ چيائين.
”اڙي ڇورا ڪتاب آندءِ“ سانوڻ ڪجھ چوڻ چاهيو پر
سندس الفاظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ هو ڳالهائي نه
سگھيو. استاد وري پڇيس ”ڇورا نه ٿو ٻڌين ڇا مان ڇا
ٿو چوان.“ نيٺ سانوڻ همت ڪري چيو ته سائين امان
چيو... اڙي امان جا پٽ مان رڳو چوانءِ ٿو ته ڪتاب
آندءِ يا نه. پر سانوڻ جواب نه ڏنو. پوءِ ته ماستر
اچي ورتس اڳيون پويون ڪسرون سڀ ڪڍي ڇڏيائين ڌم،
ڌم...... ٺا ٺا ... ٺا........ ڌَڪِ....... ڌُم
ُ.... لتون مڪون، ٿڦون پر ڇوڪرو اهڙو ڪڇي جھڙي ڀت
نيٺ ماستر به ڪُٽي، ڪُٽي پان ساڻو ٿي ڪرسيءَ تي
ويهي رهيو ۽ ڇوڪرن کان پاڻي گھرائي پيتائين، سانوڻ
بيهوش ٿي ويو هو ڇوڪرن ان جي مٿان پاڻيءَ جا ڇنڊا
هنيا ڪجھ دير کان پوءِ سانوڻ کي هوش آيو ۽ هو اٿي
وڃي بئنچ تي ويٺو. سڀني ڇوڪرن کي ڄڻ راڪاس ڳهي ويو
هو، هر هنڌ چپ لڳي پئي هئي. آخر نيٺ رسيس کان پوءِ
موڪل جو گھنڊ لڳو ۽ هر ڪو ئي ٻار گيت ڳائيندوٻاهر
نڪرندو ويو.
”موڪل ملي ٿي قلم سليٽي“
”امان ڏاڍو کلي ٿي“
پر هو اڃان بئنچ تي ويٺو رهيو. ٿوريءَ دير کان
پوءِ پٽيوالو در بند ڪرڻ آيو هن کي ڏسي چيائين اڙي
سانوڻ تون ڇو ويٺو آهين، موڪل ملي ويئي آهي ڀڄ تون
به گھر وڃ ائين چئي جيئن ئي پٽيوالي سانوڻ جي
ٻانهن ۾ هٿ وڌو ته ڇرڪي پري ٿيو. اڙي هي ڇا! توکي
پٽ ڏاڍو بخار آهي، جلدي گھر ۾ وڃ ۽ وڃي ڪجھ بلو
ڪراءِ ته بخار لهئه. سانوڻ اٿيو ۽ آهستي، آهستي
هلندو گھر ڏانهن ٿي آيو رستي ۾ کيس هڪ ٻه دفعو
اُلٽي به آئي. جڏهن هو گھر پهتو ڏسي ته سندس گھر
جي آڏو ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي. هي ماڻهن کي
وائڙن وانگر ڏسندو اڳتي وڌي ٿو، سامهون کٽ تي سندس
ماءُ سُتي پئي هئي. هو ماءُ کي سڏ ڪرڻ لڳو پر سندس
ماءُ ڪوبه جواب نه ڏنو. هن چرين وانگر ماءُ کي وڏا
سڏ ڪرڻ لڳو هٿ کان وٺي ڌونڌاڙڻ لڳو. ماڻهو هن کي
پرچائڻ ۽ ماءُ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر هي
چوين ٿو. ”مون کي پري نه ڪيو مان امان کي اٿاريان
۽ چوانس ته مون کي ڪتاب وٺي ڏي نه ته سڀاڻي به
ماستر مون کي ماريندو... هو ائين چئي روئڻ لڳي ٿو
۽ سندس معصوم ۽ گول ننڍين اکين مان ڳوڙها نار ڪيو
وهڻ لڳا.
ناز ڊومبڪي
اُمنگ
ڇولي وارو، ڇولي وارو..... ظفر شهر جي پررونق روڊ
تي، ڇولن سان ڀريل ٿالهه کنيو، ڇولا وڪڻندي اڳتي
ٿي وڌندو ويو. هن جي هلڻ، هن جي ڳالهائڻ ۾ هڪ عزم
هئي، هن جي دل ۾ هڪ امنگ هئي.
صبح جو سوير اٿي هو رات جي رکيل ماني، پنهنجي ماءُ
کان وٺي کائي، ڪتابن جو ٿيلهو کڻي سوير ئي اسڪول
ويندو هو. اسڪول ۾ هميشہ پهريون پهچندڙ شاگرد ظفر
ئي هوندو هو، پنهنجي ڪلاس ۾ هوشيار شاگرد به ظفر
هو ، ظفر پاڻ کان ننڍن سان پيار ڪندو هو ۽ وڏن جي
عزت. انهي ڪري هيڊ ماستر کان استادن تائين سڀ ظفر
جي عزت ڪندا هئا.
سال جي في هيڊ ماستر پنهنجي جيب مان ڀريندو هو، هر
سال ڪتاب ظفر کي استادن طرفان ملندا هئا- گھر ۾ هڪ
ماءُ ئي ظفر جي هئي، جيڪا صبح شام ٻين گھرن ۾ ڪم
ڪار ڪري، ڪجھ نه ڪجھ ڪمائي، ظفر جي ڪپڙن تي ۽ ٻئي
خرچ کي پوري ڪندي هئي.
ظفر جي ماءُ ظفر کي ڪڏهن به ڪنهن ڪمي ٿيڻ جي احساس
نه ڏنو.
ظفر اسڪول کان فارغ ٿي ماني کائي، ڇولا ٺاهي،
وڪڻندو هو، جيڪو پئسو ظفر ڇولن مان ڪمائيندو هو سو
شهر جي بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندو هو. ظفر کي ڪاليج ۽
يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ڪافي پئسي جي گھرج پوڻي
هئي، تنهنڪري هو پنهنجي مستقبل لاءِ اڳ هر طرح
ڪوشش ڪري رهيو هو. جڏهن ڇولا هلائي هو فارغ ٿيندو
هو ته ڪجھ وقت آرام ڪندو هو، پوءِ شهر جي باغ ۾
ڪتاب کڻي وڃي پڙهندو هو- پڙهندي پڙهندي جڏهن سج
لهي ويندو ۽ باغ خالي ٿي ويندو هو، مگر ظفر پنهنجي
پڙهائي ۾ مصروف رهندو هو ايتري ۾ ظفر جو واحد دوست
علي آيو جنهن کي ظفر جي هر عادت جي خبر هئي، ظفر
کي اچي اٿاريندو هو بعد ۾ ٻئي دوست ڪجھ وقت ملڪي
حالات تي بحث ڪندا ھئا ۽ پوءِ علي جي گھر ظفر ٽي.
وي تي خبرون ٻڌڻ ويندو ھو. علي جو والد مفامي بئڪ
۾ مئنيجر ھو سو علي مالي لحاظ کان ڪافي مضبوط ھو.
علي ھر وقت پنهنجي دوست جي مدد لاءِ تيار رھندو
ھو. مگر ظفر ڪڏھن به علي کان ڪجھ ڪين ورتو. علي
ڪڏھن چوندو ھوس، يار ظفر جي پئسن جي گھرج ھجيئي ته
حجاب نه ڪجانءِ مگر ظفر اھو چئي علي کي لاجواب
ڪندو ھو. ادا؛ مون کي رب پاڪ ڪمائڻ لاءِ ٻه ھٿ ڏنا
آھن، مان ڪافي ڪجھ ڪمائي سگھان ٿو، توھان جي
مهرباني. اڄ جڏھن ظفر اسڪول مان موٽيو ته ان جو
چهرو خوشيءِمان ٻهڪي رھيو، گھر اچڻ سان ھن ماءُ کي
سڏڻ شروع ڪيو امان،امان...... ڪٿي آھين. ماءُ رڌڻي
مان جواب ابا ھتي آھيان، ماني پئي ڪيان.
ظفر تکا قدم کڻندو رڌڻي ۾ ويو، امان اڄ اسان جو
مئٽرڪ جو نتيجو نڪتو آھي ۽ مان سڄي اسڪول ۾ پهريون
نمبر آيو آھيان. ماءُ خوشي مان رڙ ڪئي ابا شل
جوانيون ماڻين. در جي کڙڪڻ جو آواز ٻڌي ظفر درتي
ويو ته علي کي ھٿ ۾ مٺائي جو دٻو کئين مسڪرائيندي
ڏٺائين. علي خوش ٿي چيو ادا ظفر مبارڪ ھجئي ۽ علي
جي سيني سان لڳي ويو. پوءِ ٻئي دوست اڱڻ ۾ پيل کٽ
ته ويهي رھيا، ظفر دٻو کوليو ۽ پوءِ مٺائي کائڻ
ويٺا. علي به مٺائي کاڌي پئي ۽ ظفر جي ماءُ به
شريڪ ھئي.
علي به فرسٽ ۾ پاس ٿيو ھو، مٺائي ختم ڪري علي ۽
ظفر شهر جي ڪاليج ۾ داخلا لاءِ سوچڻ لڳا. اڄ ظفر ۽
علي ڪاليج ويل ھئا ۽ ظفر جي ماءُ بيچيني سان منتظر
ھئي، بار بار پئي دعائون گھريائين... يارب منهنجي
ٻچڙي جي اھا آس، اھا امنگ پوري ڪر ته ھو ڊاڪٽر
ٿئي. نيٺ انٽر سائنس جو نتيجو نڪتو، ان ڏينهن
ٻاھران ھڪ ڪار جي بيهڻ جو آواز آيو- ظفرجي ماءُ جي
دل ڌڙڪڻ لڳي، ايتري ۾ ظفر دروازي کان مسڪرائيندي
اندر داخل ٿيو، پويان علي ۽ ھڪ خوبصورت نوجوان
داخل ٿيا. اچو اچو وحيد، ظفر ان نوجوان کي مخاطب
ٿي چيو، ٽيئي دوست اڱڻ ۾ پيل کٽولي تي ويهي رھيا.
امڙ ھي آھي منهنجو جگري دوست وحيد، ظفر ماءُ کي
مخاطب ٿيندي چيو. وحيد ھي منهنجي عظيم ماءُ، پر
امان وات مٺو ڪراءِ وحيد جو. ماءُ، مسڪرائيندي
ورندي ڏني، ابا ٻيو ته ڪجھ ڪين آھي ڪجھ کجور پيل
آھي جي چئو ته کڻي اچان، وحيد، کلي چيو ھا امان
کجور به بهتر پر ڪجھ جلدي آڻيو. کجور کائڻ کان
پوءِ ظفر امڙ جي پيشاني تي چمي ڏني ۽ چيائين،
امان توھان جو فرزند ار جمند پنهنجي دوستن سان
انٽر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي آھي. ماءُ جي منهن مان
بي اختيار دعا نڪتي، ابا شل جوانيون ماڻين. ٻئي
صبح ظفر وحيد سان حيدرآباد ھليو ويو پر داخلا ملڻ
۾ ڪابه دشواري ڪانه ٿي ۽ پوءِ پڙھائي ۾ به ظفر کي
ڪابه مشڪل پيش ڪانه آئي، ڇا لاءِ ظفر وٽ بئنڪ ۾
ڪافي پئسو موجود ھو، جيڪو ھن پوين ڏھن سالن کان گڏ
ڪري رکيو ھو. |