سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1979ع

باب: --

صفحو :4

روشن تارا

مهتاب احمد کوکر فهيم

انٽرويو وٺندڙ

الطاف احمد سومرو

الطاف احمد سومرو

انٽرويو وٺندڙ: مهتاب احمد کوکر فهيم

اسان جي ديس ۾ ڪيئي شاعر، اديب، استاد ۽ رهنما پيدا ٿيا، جيڪي اسان جي سهڻي ڌرتيءَ جي سونهن سوڀيا آهن. تاريخ ۾ انهن سٻاجهڙن جا نالا امر آهن. بلڪل اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌڙيءَ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي مکڙيون، جيڪي گل بنجي سرهاڻ ڏيڻ لاءِ آيون آهن. اهڙا ڪيترائي تارا آهن، جن جي روشني هن ڌرتيءَ کي نوراني بنائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ٿي ڇڏي. الطاف احمد سومرو به انهن روشن تارن مان هڪ آهي.

هميشه پهريون نمبر کڻندڙ الطاف احمد سومرو نائين ڪلاس سائنس گروپ جو شاگرد آهي. ڪوشش ۽ همت ڪري پنهنجي اسڪول ۾ گلشن سنگت جي بنياد وڌو اٿائين ۽ پاڻ سنگت جو جنرل سيڪريٽري آهي. گلشن سنگت پاران پهريون ڪتاب ”سوني جهرڪي“ نالي شايع ڪرايو اٿائين ۽ انهي ڪتاب کي لاڳيتو هلائڻ چاهي ٿو. مان ڳوٺ داد لغاري خاص انهي ارادي ساڻ ويم ته الطاف احمد سومري کان انٽرويو ضرور وٺبو.

گهر جو دروازو کڙڪايم، ڪجهه دير بعد دروازو کليو، الطاف احمد سومرو، پاڻ دروازي وٽ موجود هو. اوطاق جو دروازو کوليائين، ۽ اسان اچي اوطاق ۾ ويٺاسون.

انٽرويو جي ڳالهه ٻڌي مرڪي ڏنائين ۽ ڪجهه ڳالهه ٻولهه کان پوءِ انٽرويو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ۽ مون پهريون سوال ڪيو:

س: ادا، سڀ کان پهريائين ته اوهان پنهنجي واقفيت ڪرايو؟

ج: ادا، منهنجو نالو الطاف احمد آهي، ذات جو سومرو آهيان، نائون درجو سائنس گروپ ۾ پڙهان پيو.

س: اوهان ڪڏهن کان لکڻ شروع ڪيو؟

ج: هونئن ته مان 76 کان ڪجهه لکڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته گل ڦل کي باقاعده 76ع جنوري کان پڙهڻ شروع ڪيم، پر باقاعدي لکڻ 77ع جي مارچ مهيني کان شروع ڪيم ۽ گل ڦل ۾ ئي ٻي مواد کان سواءِ ٻه ڀيرا منهنجا ٻه نظم به شايع ٿي چڪا آهن.

س: اوهان ڪهڙن ڪهڙن رسالن ۾ لکو پيا؟

ج: اڳ مان ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ لکندو هئس، پر الاجي ڇو هاڻ بند ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ ”گل ڦل“، ”چڻنگ“ ۽ ”رابيل“ ۾ به لکندو آهيان. سکر کان شايع ٿيندڙ اخبار نجات ۾ هر هفتي ٻارن واري صفحي ۾ ”چاچي چلي جي ٻارن سان رهاڻ“ پڻ لکندو هوس.

س: اوهان ٻيو ڇا ڇا ڪندا آهيو.

ج: ڳالهه دراصل هي آهي جو مون کي ڪورس جي ڪتابن مان ايتري واندڪائي ڪا نه ملندي آهي جو ٻيو ڪجهه ڪري سگهان. وڏي ڳالهه ته منهنجو پيءُ ساڳي ئي اسڪول ۾ هيڊماستر آهي. مان جو ڪجهه لکندو آهيان سو به ڪڏهن ڪڏهن. باقي شام جو ڪڏهن فوٽ بال ڪڏهن ڪرڪيٽ کيڏندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺاڻيون رانديون به.

س: اوهان وڏا ٿي ڇا ٿيڻ چاهيو ٿا؟

ج: انهي سوال جو جواب شايد مان هن وقت نه ڏئي سگهان. ڇاڪاڻ ته منزل پري آهي ۽ رستو ڊگهو.

س: اوهان جا پسنديده ليکڪ ۽ شاعر ڪهڙا آهن.

ج: مون کي سڀ ليکڪ ۽ شاعر پسند آهن ۽ خاص طور تي وطن پرست.

ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون اچي ويون، ايتري ۾ الطاف احمد سومري جو چاچو دادا سنڌي به اچي ويو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، تنهنڪري موقعو ڄاڻي هڪڙو سوال ڪيومانس.

س: سائين، اوهان سنڌي تواريخي آکاڻيون گهڻيون لکندا آهيو، انهن جو سبب پڇي سگهان ٿو؟

ج: اڄ اسان جو سنڌي ساٿي هي ته ٻڌائي سگهي ٿو ته بابر مغل جو اصلي نالو ڇا هيو، پر کيس اها خبر ڪين آهي ته هي مهراڻ پنهنجي سيني اندر سنڌ جي ڪهڙي تاريخ سانڍيو وهندو پيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو مون سنڌي تاريخي آکاڻيون گهڻي انداز ۾ لکڻ شروع ڪيون. هاڻ منهنجي ٻين ساٿين کي به درخواست آهي ته هو به سنڌي تاريخي آکاڻيون پڙهن، لکن، لکائين ۽ پڙهائين. ٿوري ڳالهه ٻولهه کان پوءِ مان الطاف احمد کان پڇيو:

س: اوهان اسڪول تقريبات ۾ حصو وٺندا آهيو؟

ج: هائو، مان اسڪولي تقريبات ۾ حصو وٺندو آهيان، ۽ خاص طور تي ڪامياب ٿيندو آهيان. اسان جو اسڪول هڪ ته ننڍڙو آهي، ٻيو ڪا اهڙي سهولت به ڪين آهي جو تقريبات جو اهتمام ٿي سگهي، ان هوندي به اسان جي سنگت استادن جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ ڏهين ڏينهن، پندرهين ڏينهن ڪو نه ڪو پروگرام ضرور ڪرائيندي آهي.

س: ادا، گل ڦل بابت اوهان جو رايو ڪهڙو آهي؟

ج: ادا، گل ڦل اسان سڀني سنڌي ٻارن جو ترجمان آهي، انهي کان وڌيڪ مون وٽ چوڻ لاءِ ڪي به لفظ ڪين آهن.

س: اوهان گل ڦل ۾ ڪا ڦيرڦار چاهيو ٿا؟

ج: جي ها، سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڪهاڻيون ننڍڙيون، مختصر ۽ بامقصد شايع ٿيڻ گهرجن، اخلاقي سبق شروع ڪيو وڃي، بزرگن جي سوانح حيات ڏني وڃي، جن ساٿين جا ليک ناقابل اشاعت هجن تن جا نالا هر مهيني گل ڦل جي ڪالم ناقابل اشاعت ۾ ڏنا وڃن، باقي ٻيا ڪالم ٺيڪ آهن.

س: پنهنجي سنڌ جي ساٿين لاءِ ڪو پيغام.

تتي ٿڌي ڪاهه، ناهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

(شاهه)

ڪوڙ

محسن اِنسانيت حضور صلعم جن فرمايو ته ڪوڙ کان بچو. ڪوڙ فسق ۽ فجور ڏي گهلي وڃي ٿو ۽ فسق ۽ فجور دوزخ جي واٽ ڏسين ٿا. جيڪو شخص هميشه ڪوڙ ڳالهائي ٿو يا ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو اهو رب العزت وٽ ”ڪذاب“ ليکيو وڃي ٿو.

موڪليندڙ: امتياز شوڪت ابڙو، هالا نوان

ٻارن جي حقن جو پڌرنامو

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 30 نومبر 1959ع تي، ٻارن جي هڪ پڌرنامي کي يڪراءِ منظور ڪيو ۽ ان جو اعلان ڪيو. اهو پڌرنامو هن موقعي تي اسين، ٻارن ۽ ٻارن جي مائٽن جي پڙهڻ لاءِ هيٺ پيش ڪري رهيا آهيون.

ديباچو: جيئن ته انسان ذات تي فرض آهي ته ٻار کي پنهنجون بهترين گهرون ڏي: هاڻي تنهنڪري هيءَ جنرل اسيمبلي، ”ٻارن جي حقن جي پڌرنامي“ جو ان مقصد لاءِ اعلان ڪري ٿي ته جيئن ٻار کي خوشيءَ ڀريو ننڍپڻ نصيب ٿئي ۽ پنهنجي فائدي لاءِ ۽ سماج جي فائدي لاءِ، هن پڌرنامي ۾ ڄاڻايل آزاديون ۽ حق ماڻي؛ ۽ گهُر ڪري ٿي ٻارن جي والدين کان، مردن ۽ زالن کان، سندن انفرادي حالت ۾، ۽ رضاڪار تنظيمن، مڪاني اختياريءَ وارن ۽ قومي حڪومتن کان، ته هو ٻارن جي هنن حقن کي تسليم ڪن، ۽ ڪوشش وٺن ته اهي (حق) هيٺين ڄاڻايل اصولن پٽاندر، ورتل درجي به درجي اپائن ۽ قانونن وسيلي، عمل هيٺ اچن.

 

اصول پهريون

ٻار، هن پڌرنامي ۾ ڄاڻايل سمورا حق ماڻيندو. سڀني ٻارن کي، سواءِ ڪنهن به فرق جي، هنن حقن ماڻڻ جو پورو پورو اختيار هوندو. ان باري ۾ ڪو به فرق- نسل، رنگ، جنس، زبان، مذهب، سياسي يا ٻئي ڪنهن رايي، قومي يا سماجي نسب، ملڪيت، ڄم يا ٻئي ڪنهن درجي جو (پوءِ اهو کيس هجي يا سندس ڪٽنب کي) روا نه رکيو ويندو.

(باقي ايندڙ مهيني ۾)


 

ننڍڙا اديب

اسان جو عهد

علم جي دولت عام ڪنداسين،

محنت سان اسين ڪم ڪنداسين،

ملڪ جو نالو روشن ڪنداسين،

ٻڌو سڀئي عهد اسان جو.

 

پل پل سچي ڳالهه چونداسين،

روزانو قرآن پڙهنداسين.

باطل کان به اسين نه ڊڄنداسين،

ٻڌو سڀئي عهد اسان جو.

 

هرهڪ جو ڏک دور ڪنداسين،

روشن شمع نور ڪنداسين،

ظلم کي ڪافور ڪنداسين،

ٻڌو سڀئي عهد اسان جون.

جان محمد جوهر، ڦهلڏيون

ڏک، سکن جي سونهن

يوسف هڪ غريب هاري جو پٽ هو. جڏهن هو ٽن ورهين جو هو ته سندس پيءُ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. يوسف جي ماءُ هن کي محنت ڪري پاليو ۽ نپايو. جڏهن هو ڪجهه سمجهه ڀريو ٿيو ته هن کي هي ڏسي ڏک ٿيو ته منهنجي لاءِ امان ايتري محنت ڪري ٿي. هوءَ سڄو ڏينهن پاڙي وارن جي گهر ۾ پورهيو ڪندي هئي. پر هاڻي هن جو بدن گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري ڪمزور ٿي ويو هو. ان کان وڌيڪ محنت ٿي نٿي سگهي. يوسف سوچيو ته هو پاڻ محنت ڪري پنهنجي ماءُ جي مدد ڪري. هڪڙي ڏينهن يوسف ماءُ کي چيو ته آئون به پورهيو ڪندس. ماءُ پٽ کي گهڻو ئي منع ڪئي پر يوسف نه مڃيو. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاٺيون چونڊڻ ويو ۽ شام تائين ڪجهه ڪاٺيون گڏ ڪري ان کي ٻه ٽن آننن ۾ وڪڻي گهر آيو. يوسف پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪمائي مان ايترو خوش ٿيو، جهڙوڪو سيٺ پنهنجن هزارن روپين جي ڪمائي مان خوش ٿيو هجي. پئسا پنهنجي ماءُ جي تريءَ تي رکيائين. ماءُ کي گهڻي خوشي ٿي. هاڻي هو روزانو صبح جو ڪاٺيون گڏ ڪري، انهن کي وڪڻي، جيڪي ملندو هوس سو ماءُ کي اچي ڏيندو هو.

يوسف جي جهوپڙي جي ڀرسان هڪ گهر ۾ هڪ منشي رهندو هو. جنهن جي پٽ منور سان سندس دوستي هئي. منور روزانو اسڪول پڙهڻ لاءِ ويندو هو ۽ يوسف کي به اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ چوندو هو. يوسف جي دل اسڪول وڃڻ لاءِ چوندي هئي. پر هن کي معلوم هو ته هو پڙهي نٿو سگهي. منور کي به يوسف سان پيار هو، ان ڪري هو، کيس رات جو پڙهائيندو هو. يوسف تمام هوشيار ۽ ذهين ڇوڪر هو. ان ڪري هن کي هڪ ڀيرو ٻڌائڻ کان پوءِ ضرورت نه ٿيندي هئي. هن کي پنهنجو سبق هميشه ياد هوندو هو. هو چاهيندو هو ته جلدي پڙهي وڃان. سڄو ڏينهن مزدوري ڪندو هو ۽ رات جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهندو هو. انهيءَ ڪري منور جو پيءُ به هن مان خوش هو. يوسف جي ماءُ هاڻي تمام ڪمزور ٿي چڪي هئي. هميشه ڪا نه ڪا بيماري هوندي هيس. هڪ ڏينهن هن کي تمام سخت بخار آيو. ويچارو يوسف ڊاڪٽر وٺڻ ويو. پر ڊاڪٽر بنا في اچڻ لاءِ تيار نه هو ۽ فيءَ جي لاءِ يوسف وٽ هڪ پئسو به ڪو نه هو. يوسف حال سارو گهڻيون ئي ڦڪيون ستيون ڪيون پر نيٺ هڪ ڏينهن ماءُ يوسف کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويئي. يوسف کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هر وقت پيو روئندو هو. پر منور ۽ منشيءَ جي سمجهائڻ تي هن پنهنجي ڪجهه حالت سنڀالي ۽ سوچيائين ته مون کي ماءُ جي نصيحت تي عمل ڪرڻ گهرجي، ان مرڻ وقت چيو هو ته ”پٽ! منهنجي دل جي خواهش هئي ته توکي سٺي حالت ۾ ڏسي وڃان ۽ تون پڙهي صالح ٿين ۽ دنيا ۾ نيڪ ماڻهو بنجين“ ماءُ جون ڳالهيون ياد ڪري يوسف جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. پر هن جلدي پاڻ کي سنڀالي زور سان چيو ته آءٌ محنت ڪندس. سٺو، سچو ۽ سلڇڻو بنبس. ان ڪري ڏينهن رات محنت ڪرڻ لڳو. هن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. جنهن ۾ پهريون نمبر آيو. ان کان پوءِ منشيءَ هن کي هڪ دڪان ۾ نوڪر رکايو. يوسف نوڪري ڪندو رهيو ۽ پڙهندو به رهيو. يوسف کي دڪان ۾ ڪم ڪندي ڪجهه وقت گذريو. هن پنهنجي محنت ۽ ايمانداري ڪري پنهنجي مالڪ جي دل وٺي ڇڏي، هن جو مالڪ هن مان تمام گهڻو خوش هو. اهڙي طرح هن وٽ چڱي خاصي رقم جمع ٿي ويئي. يوسف سوچيو ته پنهنجي لاءِ جدا دڪان کولي. هن جو اهو ارادو جلدي پورو ٿيو. ڪاروبار وڌي ويو، هن ٻه نوڪر رکيا، جنهن جي ڪم جي هو پاڻ جانچ ڪندو هو ۽ انهن سان سٺو برتاءُ ڪندو هو. ٿوري وقت ۾ هن جو دڪان ترقي ڪندو رهيو. چئن سالن کان پوءِ بي. اي به پاس ڪيائين ۽ ڏهن سالن اندر چڱي خاصي ملڪيت جو مالڪ بنجي ويو.

هن تي يوسف تمام گهڻو خوش هو. ڇو ته پنهنجي محنت ۽ ايمانداري جي ڪري سڌريل ماڻهو ٿي ويو. هن انسانيت جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن غريب ڇوڪرن لاءِ مفت تعليم جو انتظام ڪيائين، ماڻهو هن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، واقعي انسان پنهنجي محنت ۽ مشقت سان وڏي درجي تي رسي سگهي ٿو.

اختر حسين ميمڻ، ٽنڊو محمد خان.

خواب

احمد ۽ ارشد پاڻ ۾ گهرا دوست هئا. هو ٻئي هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. هو ٻئي اسڪول ٽائيم کان پوءِ جڏهن پاڻ ۾ راند روند ڪندا هئا ته احمد ٿورين ٿورين ڳالهين تي ضد ڪندو هو. ارشد هن کي سمجهائيندو هو ته ضد ۽ لالچ تمام بڇڙي شيءَ آهي. انهيءَ مان ڪنهن به وقت اسان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. پر هو نه سمجهندو هو.

هڪڙيءَ رات احمد کي سمهندي ئي ننڊ اچي ويئي ۽ هن کي خواب ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو خواب ۾ ڏسي ٿو ته بدستور هو ۽ ان جو دوست جيئن ٻئي گڏجي اسڪول کان گهر موٽندا هئا اهڙي ئي نموني هو اسڪول کان گهر موٽي رهيا هئا ته انهن رستي ۾ هڪڙو ريشمي رومال پيل ڏٺو. هنن خيال ڪيو ته ڪنهن واٽهڙوءَ جو ڪريو هوندو. رومال تمام سهڻو ۽ ڏسڻ ۾ ڏاڍو سٺو پئي لڳو. هي ٻئي ڏسندي ئي انهيءَ رومال ڏانهن وڌڻ لڳا. جڏهن رومال جي ويجهو آيا تڏهن ڇا ڏسن ته رومال جي بدران انهيءَ جڳهه تي هڪ رپيو پيو آهي. ارشد ته اهو ڏسي رڪجي ويو پر احمد جيڪو ضديءَ سان گڏ لالچي به هو، هن رپيو ڏسندئي هٿ ۾ کنيو. انهيءَ کان اڳ ۾ ارشد هن کي رپئي کڻڻ کان منع ڪئي پر هو نه رهيو ۽ کڻي کيسي ۾ وڌائين. جڏهن اهي ڪجهه پنڌ ڪري آيا تڏهن هنن کي ٿَڪ محسوس ٿيو ۽ هڪ وڻ هيٺيان ويهي ٿَڪ ڀڃڻ لڳا. هنن پاڻ ۾ ڳالهين ڪندي انهيءَ رپئي جي ڳالهه ڪڍي. احمد کي ارشد وري به چيو ته انهن پئسن کي ڦٽو ڪر پر احمد انهن پئسن کي ڦٽو ڪرڻ بدران ارشد کي چيڙائڻ لاءِ اهو رپيو ڪڍي هن جي سامهون جهلي کڙڪائڻ لڳو. جيئن هن ارشد جي اڳيان کڙڪايو ته انهيءَ مان اوچتو هڪ عجيب قسم جو ٽوال ٿي پيو. اهو ٽوال ايترو وڏو هو جو هن تي اهي ٻئي ويهي ٿي سگهيا. احمد ته اڳ ۾ ڊنو پر پوءِ پاڻ کي ارشد جي نظرن ۾ دلير ڏيکارڻ لاءِ هن اهو ٽوال اڇلڻ جي بدران پٽ ٿي وڇايو ۽ هن تي وهڻ لڳو. ارشد هن کي ان ٽوال تي ويهڻ کان سخت منع ڪئي پر هو ضدي هئڻ ڪري ان ٽوال تي ويهي رهيو ۽ اٽلو ارشد کي به زوريءَ پاڻ سانب گڏ ان ٽوال تي وهاريائين. هنن ٻنهي جي وهندي ئي ٽوال اڏامڻ شروع ڪيو. اڏامندي اڏامندي جڏهن اهو ٽوال هڪ وڏي جهنگل جي مٿان آيو جنهن ۾ خوفناڪ بلائون رهنديون هيون. تڏهن اتي ٽوال هيٺ لهڻ لڳو ۽ جلدي ۾ ان جهنگل ۾ اچي زمين تي لٿو. جڏهن هو ٽوال تان لٿا ته ٽوال گم ٿي ويو ۽ ٻئي وڌيڪ ڊڄڻ لڳا پر احمد پاڻ کي ڪجهه ڀائيندي اڳتي وڌڻ لڳو ۽ ارشد کي چوڻ لڳو ته واهه واهه ڊڄين ٿو، مون کي ته ڏس ڊڄان ٿو؟ ايئن ارشد کي به پاڻ سان وٺي هلڻ لڳو. جڏهن ڳچ پنڌ اڳتي هليا ته انهن کي اُڃ ۽ بک ستائڻ لڳي، اهي ٻيئي پاڻي جي ڳولا ۾ هلندي هلندي هڪ جهوپڙيءَ وٽ پهتا. جڏهن جهوپڙيءَ جي ويجهو آيا ته اَن جهوپڙيءَ ۾ ڪنهن کي نه ڏسي ان ۾ داخل ٿي ويا. ارشد ڊڄندو ڊڄندو احمد جي پٺيان ٿڪل قدم کڻي رهيو هو. جڏهن ٻيئي جهوپڙي ۾ اچي بيٺا ته انهن جهوپڙي ۾ هڪ مٽ رکيل ڏٺو. انهن سمجهو ته انهيءَ ۾ پاڻي هوندو پر ڳالهه ئي ٻي هئي. مٽ جو ڍڪڻ لاهڻ سان هنن کي عجيب نمونو ڏسڻ ۾ آيو. جهوپڙي ڦري هڪ وڏو محلات بنجي پيو. اهو مٽ بدلجي تمام روشن شيءَ ٿي پئي، جنهن ان محلات جي ڪمري کي چانڊوڪيءَ وانگر روشن ڪري ڇڏيو هو. ٻئي اهو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. انهن پاڻي ۽ ماني جي ڳولا ۾ سڄو محلات گهميو جيڪو تمام خوبصورت هو. پر هنن کي کاڌي پيتي لاءِ ڪا به شيءِ نه ملي. هو ٻيئي نااميد ٿي واپس موٽندي جڏهن ان پهرين ڪمري کان نڪتا ته اُڃ بک جي شدت کان پٽ تي ڪري پيا ۽ ڪرندي ئي بيهوش ٿي ويا. جڏهن هوش ۾ آيا تڏهن هنن پاڻ کي ان وڻ جي هيٺان ڏٺو جنهن هيٺان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويٺا هئا. اهو ڏسي انهن الله تعاليٰ کان شڪراني جي دعا گهري. احمد، ارشد کان پنهنجي ڪئي جي معافي ورتي ۽ هن واعدو ڪيو ته اڳتي هو ڪڏهن به ضد ۽ لالچ نه ڪندو. ارشد احمد کي اهي لفظ چوندو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ هو پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا.

جڏهن احمد کي جاڳ ٿي ته پاڻ کي بستري تي ستو ڏٺائين ۽ چيائين ته جهڙيءَ طرح ارشد سان خواب ۾ واعدو ڪيو اٿم. اهڙو ئي ٿي هلندس ۽ اهڙين سڀن ڳالهين کان پري رهندس جن مان پاڻ کي ۽ ٻين کي نقصان پهچي.

نور محمد گهوٽو، قادرپور

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com