سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1979ع

باب: --

صفحو :2

”بابا، هڪ صوف کي هڪ سؤ والن جي مفاصلي تان ته آسانيءَ سان چٽي ويندو.“ ڇوڪر وراڻيو. هاڻي گورنر کي، وليم ٽيل کان انتقام وٺڻ جو وجهه مليو. هُن جو سندس ٽوپلي کي سلام ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، سو گورنر سندس هٿان، سندس پٽ جي خون جو منصوبو تيار ڪيو. هن وليم ٽيل کي گهرايو ۽ چيائين:

”تون پنهنجي پٽ جي مٿي تي صوف رکي، هڪ سؤ والن جي پنڌ تان بيهي ان کي تير هڻ. اسان ٻڌو آهي ته تون هڪ هوشيار تيرانداز آهين.“

هي ٻڌي وليم ٽيل کي باهه وٺي وئي. گورنر ڏي منهن ڪري چيائين:

”گورنر صاحب! اوهان ڀانيون ته پنهنجي پٽ جو انت مان پنهنجي هٿن سان آڻيان؟ مان اهو ڪم هرگز ڪين ڪندس.“

وليم ٽيل جو پٽ، جو ان مهل ڀر ۾ بيٺو هو، چوڻ لڳو:

”بابا اوهان تير هڻو. ڇو ٿا گهٻرايو. اوهان جو نشانو ته ڪڏهن به خطا نه کائيندو آهي؟“

هاڻي گورنر ماڳهين مڇرجي پيو هو.

”اوهان تير هڻو، جي نه ته مان اوهان کي هينئر جو هينئر قتل ڪرائيندس.“ گورنر چيو.

وليم ٽيل هڪ بهادر شخص هو. هو موت کان هرگز نه ٿي ڊنو. سو خاموش رهيو، جنهن جي معنيٰ سڀني اها ڪڍي ته هو موت لاءِ تيار آهي. بيشڪ هو موت لاءِ تيار هو. جيتوڻيڪ کيس پڪ هئي ته هو هڪ سؤ والن جي مفاصلي تان ڪنهن به شئي کي چٽي سگهندو. ان هوندي به هو خاموش بيٺو رهيو. تيسين سندس پٽ جون آزيون نيزاريون جاري هيون. هو کيس ليلائي چوڻ لڳو:

”بابا، اوهان تير ڪمان کڻو. پرواه ناهي، جي تير مون کي لڳو. پرواه نه آهي، جو مان قتل ٿيس، ائين نه ڪندا ته هي ظالم حڪمران اوهان کي قتل ڪرائيندو. پر مون کي پڪ آهي ته اوهان جو نشانو ڪڏهن به خطا نه ٿيندو. اوهين پنهنجي ڪمان کڻو ۽ ان ۾ تير وجهو.“

اتي وليم جي گهر واري، پنهنجي مڙس کي نيزاري ڪرڻ لڳي ۽ چيائين:

”اوهين پنهنجي پٽ جي مٿي تي صوف رکي تير هڻو. ڌڻي ڪندو ته کيس ڪابه تڪليف نه رسندي.“

هاڻي وليم ٽيل لاءِ وڌيڪ خاموش رهڻ ڏکيو ٿي پيو. پنهنجيءَ زال ۽ پٽ خاطر هن کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ئي پيو.

هن پنهنجي ڪمان هٿ ۾ کنئي پنهنجي پياري پٽ جي مٿي تي صوف رکي، پاڻ پورن هڪ سو والن جي پنڌ تي ٿي بيٺو. ڏسڻ وارن جو ڏندين آنڱريون هيون ۽ پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳا. هي تماشو ڏسڻ لاءِ گهڻائي ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هئا. هو چوڻ لڳا:

”اڙي ڏسو ته هڪ پيءُ پنهنجي پُٽ جو نشانو وٺي رهيو آهي.“

هر ڪو دل ۾ سوچڻ لڳو: هي امتحان ڏاڍو ڏکيو آهي. هر ماڻهو گورنر سان نفرت ڪرڻ لڳو.

وليم ٽيل نهايت هوشياريءَ سان تير کي ڪمان ۾ وڌو. ڪمان کي ڪشيو ۽ سندس پٽ جي مٿي تي جو صوف رکيو هو ان هي تڪ ڪيائين. تير ڇُٽو ۽ زوزاٽ ڪندو سڌو وڃي صوف کي لڳو. صوف ٻه اڌ ٿي پيو ڇوڪري کي ڪو به ايذاءُ نه رسيو. هو مرڪندو رهيو. گورنر جو منهن ڀت سان لڳو ۽ ڌاڍو شرمندو ٿيو. وليم ٽيل ڊوڙي وڃي پنهنجي پٽ کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس پيار ڪرڻ لڳو.

شمس الدين سومرو

شيري ۽ ڀوري

منهنجي شيريءَ سان ڄاڻ سڃاڻ تڏهن ٿي، جڏهين هوءِ اڃا تمام ننڍڙي هئي. سندس شيريون اکيون، ننڍڙا ننڍڙا پتڪڙا  هٿَ، ڀورا وار ۽ سڄو بدن اڇو هوس. ان تي ڪارا ڪارا چٽا اهڙي ته سهڻي نموني ٺهيل هئا، جو ان کي ڏسندي ئي دل ڀانئي ته کڻي  هنج ۾ وهارجيس. پوءِ اهڙي سهڻيءَ شيءِ تي پيار به ڇو نه اچي.

اسان جڏهين لياقت ڪالونيءَ ۾ نئين جاءِ ورتي ته مان سامان ڏاڪڻ وسيلي مٿي کڻي رهيو هوس ۽ هوءَ دروازي وٽ ويٺي هئي ۽ مون ڏانهن معصوميت سان گهوري نهاري رهي هئي، ڪيڏي ڪيڏي مهل پنهنجي ننڍڙن هٿن کي چٽي پئي پٽ سان هنيائين. جڏهين مون سامان مٿي چاڙهي بس ڪيو ۽ ماني کائڻ لاءِ دروازو بند ڪرڻ ويس ته هوءَ تڏهين به مون ڏانهن نهاري رهي هئي. مون دل ۾ خيال ڪيو ته جيڪڏهن هن کي اندر بند ڪندس ته سندس ماءُ کيس ڳوليندي رهندي. سو هن کي در کان ٻاهر ڪڍي در بند ڪري ڇڏيم. کٽ تي ويهي اڃا هڪ گرهه ئي مس کاڌم ته دروازي تي تمام آهستي ٺڪ ٺڪ ٿي. مون دل ۾ سوچيو ته شايد ڪو ملڻ لاءِ ملڻ لاءِ آيو آهي. سو جيئن ئي دروازو کوليم ته هوءَ يڪدم ٽپ ڏيئي، بانبڙا پائي اندر گهڙي آئي. مان به اُن کي جهلڻ لاءِ اندر آيس. پر هوءَ مون کي ڪٿي ٿي وٺ ڏي. وٺي ٽپ ڏيڻ شروع ڪيائين۽ جتي منهنجي گهر واريءَ ماني پئي کاڌي، ان جي سامهون اچي ويهي رهي. شايد کيس بک لڳي هئي . مون به خيال ڪيو ته ڇو نه کيس ٽڪرڀور کارائي پوءِ ٻاهر ڪڍان. سو ٻه ٽي ننڍڙا مانيءَ جا ٽڪر سندس اڳيان ڦٽا ڪيم. هوءَ بک کان بي حال هئي. ٽڪر چٻاڙي به نٿي سگهي، پر جلدي ئي کائي ڇڏيائين. ماني کائڻ کان پوءِ جڏهين وري مون هن کي دروازي کان ٻاهر ڪڍيو ته هوءَ وڃڻ جو نالو ئي نه وٺي. مجبورن هن کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيم. پوءِ دورازو بند ڪري اسان سمهي رهياسين.

صبح جو مون ڏٺو ته هو ٻاهر ورانڊي ۾ ويٺي هئي. مان وري هن کي جهلڻ لاءِ اڳيان وڌيس. وٺي وڏا وڏا ٽپ ڏنائين ۽ وڃي دريءِ تي ويهي رهي. آخر تنگ ٿي پيس. گهر واريءَ به چيو ته ”مُئيءَ کي کڻي ڇڏيو، توهان آفيس وڃڻ جي تياري ڪريو: پيئي ڌوڙ پائي“.

نيرن ڪرڻ مهل اچي اسان جي سامهون ويهي رهي. ويٺي اسان ڏانهن نهاريائين ۽ پنهنجو ننڍڙو پڇ لوڏي، ٻنهي هٿن کي پاڻ ۾ ملائي، کائڻ لاءِ ڪجهه گهريائين؛ نيٺ اسان کي قياس اچي ويو چيوسين ته جانور جو ٻچو آهي سو به هيڏو سهڻو ۽ خوبصورت، ڇو نه کيس پالجي.

هن جي شيرين اکين هئڻ ڪري اسان هن جو نالو ئي ”شيري“ رکيو هو. پوءِ روزانو اسان پنهنجي کاڌي  مان ٻه چار گرهه ڀوري چُوري ڪري کيس کائڻ لاءِ ڏيندا هئاسون. هوءَ کائي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، نچڻ ۽ ٽپڻ شروع ڪري ڏيندي هئي.

شيري اسان سان تمام جلدي هري مري ويئي، هر ڳالهه ۾ حجت ڪرڻ لڳي. کيس جيڪڏهن اسان ڄاڻي واڻي مانيءَ جو ٽڪر نه ڏيندا هئاسين ته اسان جي پيرن کي اچي چٽيندي هئي ۽ ننڍڙن هٿن سان رانڀوٽا هڻڻ لڳندي هئي. پوءِ جڏهين ٽڪر ملندو هوس ته سندس پيٽ ڀرجندو هو ۽ پوءِ پاڻ کي ڦوڪي آرس موڙي وڃي ليٽندي هئي.

هڪ ڏينهن مون کير پي پيتو ته گلاس مان ڏٺم ته شيري مون ڏانهن نهاري، منهنجي پير تي رانڀوٽا هڻي رهي هئي. ڄڻ پيئي چوي ته مون کي به کير پيار. بس جهڙو ڪو هر شيءِ ۾ سندس حصو هجي. مو هڪ ٿالهيءَ ۾ کير جو ڍُڪَ وجهي شيريءَ کي ڏنو ته هوءَ کير کي چٽڻ لڳي. هن جو کير چٽڻ به عجيب پئي لڳو. ڀانءِ ته هن کير پهريون ڀيرو پيتو هو.

هاڻي اسان کي شيري ايتري وڻندي هئي، جو اسان هن کي گهر مان ڪڍڻ جو خيال ئي لاهي ڇڏيو. ڀلا مفت ۾ سڄو ڏينهن پي  ناچ، ٽپا ۽ رانديون ڏٺاسين، سو ڪٿي ٿي دل چاهيو ته شيريءَ کي پاڻ کان جدا ڪجي. سوچيوسين ته جي اوچتو شيريءَ جي ماءُ، هن کي وٺڻ آئي ته اسان شيريءَ کي لڪائي ڇڏينداسين، اهوبه ڊپ ٿيڻ لڳو ته جي اوچتو شيري گم ٿي ويئي يا هن کي ڪو چورائي ويو ته پوءِ اسان کي کلائيندو ڪير؟اسان سان راند ڪير ڪندو؟ اسان ماني ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪنهن کي کارائينداسين. انهيءَ ڊپ کان منهنجي آفيس وڃڻ کان پوءِ منهنجي گهر واري دروازو اندران بند ڪري ڇڏيندي هئي. جڏهن ٻن ٽن هفتن تائين شيريءِ جي ماءُ جو ڪو پتو نه پيو ته اسان به سک جو ساهه کنيو ۽ پوءِ شيريءَ جي جدا ٿيڻ جو ڊپ لهي ويو.

هڪ ڏينهن رسول بخش اسان جي گهر ملڻ لاءِ آيو. جڏهن اسان ٽيبل تي چانهه پيڻ لاءِ وياسين ته اتي منهنجي ڪرسيءَ تي اڳيئي شيري ويٺي هئي. اسان کي ايندو ڏسي، هوءَ ٽپ ڏيئي وڃي ڀر واريءَ ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ هٿ هٿ سان ملائي، ڪجهه کائڻ لاءَ گهرڻ لڳي. مان سمجهي ويس. مون ڪرسيءَ تي ويهندي ئي هڪ بسڪوٽ کڻي شيريءَ کان پڇيو:

”شيري  بسڪوٽ کائيندينءَ؟“

شيريءَ ڪنڌ لوڏي ”ها“ ڪئي. جڏهين مون سندس وات ۾ بسڪوٽ وڌو ته هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ خوشيءَ ۾ ڪرسيءَ تي ئي هٿ مٿي کڻي نچڻ ٽپڻ لڳي ۽ بسڪوٽ به تيستائين نه کاڌائين، جيستائين ٻه- ٽي ڦيريون نه کاڌائين. سندس اهڙين شرارتن رسول بخش کي ته جهڙو ديوانو ڪري ڇڏيو. چي:

”مان شيريءَ کي پاڻ سان وٺي ويندس.“

مون ڀوڳن ۾ چيومانس: ”ادا، هن جو خرچ گهڻو آهي، شيري ڏاڍي شرارتي اٿئي. توکي ڏاڍو تنگ ڪندي.“ ڀانيم ته ڪنهن به طرح ان ڳالهه تان لاهيانس پر رسول بخش اصل ڪو نه مڙيو ۽ شيريءَ کي چپٽيون وڄائي، ريجهائي، هڪ ڏينهن لاءِ واعدو ڪري، پاڻ سان وٺي ويو.

اسان جڏهن رات جو ماني کائڻ ويٺاسين ته منهنجي نظر خالي ڪرسيءَ ٿي پيئي جتي شيري وهندي هئي. منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. منهنجي  گهر واريءَ به ماني کڻي واپس دٻڪيءَ ۾ رکي.

”اڄ شيريءَ کان سواءِ ماني ئي نٿي وڻي. الائي ڇو؟“ منهنجي چپن ۾ آهستي ڀڻڪو ٿيو.

”ائين ٿو لڳي، ڄڻ شيري اسان کان هميشہ لاءِ جدا ٿي ويئي آهي ۽ وري ڪڏهن به واپس نه ايندي.“ منهنجي زال به ماٺ ڪري نه سگهي ۽ ٻئي ڄڻا کاڌي جي ميز تان کاڌي کائڻ کان سواءِ ئي اٿي کڙا ٿياسين. اسان کي ٻئي ڏينهن ماني به تڏهين وڻي، جڏهين شيري واپس اسان جي گهر پهتي. اسان ڏاڍا خوش ٿياسين. هاڻي شيري آهستي آهستي ڏاڪڻ تان لهڻ ۽ چڙهڻ شروع ڪيو ۽ ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل هيٺ لهي پاڙي وارن جي گهر مان گهمي ايندي هئي. پاڙي وارا به شيريءَ کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. ٻارن لاءِ ته ڄڻ رانديڪو هئي رانديڪو. هر ڪو ننڍو وڏو ڀانئي ته شيري سندس ڀر ۾ ويهي. پر شيريءَ کي هڪڙي هنڌ ويهڻ جي عادت اصل ڪونه هئي. سڄو ڏينهن ٽپ ڏيندي، چڪر کائيندي گذاريندي هئي.

سندس هيٺ لهي وڃڻ تي اسان به کيس ڪجهه ڪونه چوندا هئاسين، جوهوءَ هاڻي ڪجهه وڏي ٿي ويئي هئي ۽ پاڻهي ٻاهران گهمي ڦري واپس اچي وڃي سگهندي هئي. ڪيڏي مهل پاڙي جا ماڻهو شيريءَ کي گهر کان ٿور ڀرپور ڏسندا هئا ته کيس کڻي اسان جي گهر تائين ڇڏي ويندا هئا. هوءَ پاڙي وارن سان به هري مري ويئي هئي.

ڇهن ستن مهينن کان پوءِ اتفاق اهڙو ٿيو جو اسان کي وري اها جاءِ به ڇڏڻي پيئي. اسان ٿورو ڀرپور ٻي جاءِ جو انتظام ڪيو ۽ جاءَ کي خالي ڪرڻ لاءِ اسان سامان مٿان لاهي پئي هيٺ رکيو. پوءِ گاڏين ۾ ڀري ، ٻيءَ جاءِ تائين پئي پهچايو. سامان مٿان لاهيندي، شيري به  مون سان گڏ ڏاڪڻ تا پئي لٿي ۽ چڙهي. سامان جي گاڏي ڀرائي نئين جاءِ تائين ٿي ويس ته شيري به نئين گهر تائين سموري رستي تي نچندي ٽپندي پئي هلي.

سامان کڻڻ ۾ سڄو ڏينهن لڳي ويو. شام تائين اسان  جو سمورو سامان گهر تائين پهچي چڪو هئو. ڪافي ٿڪجي پيا هئاسين. سوچيوسين سين ته ماني کائي، ڪجهه سامان هينئر ٺاهي رکون ۽ باقي سامان صبح جو ٺاهي رکنداسين. اڃا ماني کائڻ لاءِ کٽ تي ويٺاسين ئي مس ته يڪدم مون کي شيري ياد اچي ويئي. هوءَ مو سان گڏ آئي ويئي پئي پر گهر ۾ هن کي نه ڏسي مون کان دانهن نڪري ويئي.

”شيري ڪيڏانهن ويئي؟“

”توهان سان گڏ ته آئي ويئي پئي، توهان کي خبر! منهنجي گهر واريءَ جو به هوش ٺڪاڻي آيو.

مان ماني اتي ئي ڇڏي شيريءَ کي ڳولڻ لاءِ نڪتس. پراڻي گهر وٽ هڪ هڪ پاڙي واري کا پڇا ڪيم ته متان انهن جو ٻار شيريءَ کي وٺي ويو هجي. رسول بخش جي گهر ويس، پر اتي به شيري ڪونه هئي. اها رات به شيريءَ جي وڃائجي وڃڻ ڪري اسان ماني ڪونه کاڌي. اسان کي سڄي رات ننڊ به ڪو نه آئي، رڳو پئي شيريءَ جون ڳالهيون ڪيوسين.

ٻئي ڏينهن به شيريءَ جو پتو ڪو نه پيو. ٽئين ڏينهن به شيريءَ واپس ڪونه آئي. چوٿين ڏينهن به اسان شيريءَ جو انتظار ڪندا رهياسين. ڏينهن هفتن ۾ تبديل ٿي ويا. هفتا مهينن ۾ بدلجي ويا. اسان کي رڳو شيريءَ جا خاڪا ياد ايندا هئا. هوءَ ڪيڏانهن ويئي؟ ڪيئن ويئي؟ ان جو پتو اصل ڪونه پئجي سگهيو.

پورن ٻن سالن کانپوءِ اتفاق اهڙو ٿيو جو مون ۽ منهنجي گهرواريءَ رات جي ماني پي کاڌي. هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندي، شيريءَ جو ذڪر به نڪتو. اسان کي وري شيريءَ ڏاڍي ياد آئي. پر اسان شيريءَ کي ڪيئن ٿي واپس آڻي سگهياسين! اسان کان شيريءَ کي واپس آڻڻ لاءِ جيڪي پڳو هو سو ڪيو هئوسين. منهنجون نظرون ٻاهر رستي واري در ڏانهن به کڄي رهيو هيون. مان پورو دروازو ڏسي سگهيس پي. ائين ٿي لڳو. مان شيريءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس.      (باقي آئينده)

اوهان خط لکو ٿا

اوهان جڏهن خط لکو ٿا ته اهو ضرور خيال ڪريو ته ايڊيٽر ۽ مئنيجر ڏانهن لکيل مواد جدا جدا، آهي يا نه؟ ان کان سواءِ لفافي تي ”پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد“ لکڻ نه وساريو. ٻيءَ صورت ۾ خط به رلي ويندو ۽ مواد، واسطيدار تائين پهچڻ ۾ به دير ٿي ويندي. – مئنجير

 

هڪ سؤ رپين جا ڪتاب

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت جا رڳو ست جملا پڙهي، ست لفظ ڀڃڻ سان، اوهين هڪ سؤ رپين جا ڪتاب حاصل ڪري سگهو ٿا. هن پرچي ۾ اهڙو تفصيل شايع ٿيل آهي، اهو پڙهي پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ئي ڪوشش ڪريو_ ادارو

زرينه زرين

بنا عنوان جي ......

هن ڪهاڻي جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري، اسان ڏانهن اهڙيءَ طرح ڏياري موڪليو، جو اسان وٽ ڏهين فيبروري کان اڳ پهچي وڃي. جنهن به ٻار جوعنوان سٺو هوندو،ان کي ويهن رپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. رڳو هڪ عنوان لکو. هڪ ئي نالي سان گهڻا عنوان مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا. عنوان لکڻ لاءِ پنو گهٽ ۾ گهٽ اٺاس ڪتب آڻيو.  ــــ ايڊيٽر

 

گلڻ اڄ نهايت خوش خوش هنڌ مان ٽپ ڏئي اٿيو. جلدي جلدي تيار ٿي نيرن ڪري ماءُ کان موڪلايائين ۽ کيس چوڻ لڳو: ”امان! دعا ڪجانءَ ته ڪامياب ٿيان. ياد اٿئي نه امان! اڄ اسان جي امتحان جونتيجو نڪرڻو آهي.“

”ها ها، ياد اٿم. ڀلا اها به ڪا وسرڻ جي ڳالهه آهي. پٽ! خدا توکي ڪاميابي نصيب ڪندو، شال خدا تنهنجيون ۽ تنهنجي پيءُ جون اميدون پوريون ڪندو.“ ماڻس ڏاڍي پيار مان مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو. ماءُ کان موڪلائي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، اچي اسڪول رسيو. اڄ اسڪول ۾ ڏاڍو چهچٽو هو. سڀ ٻار نهايت  سرها ٿي نظر آيا. ڪي تيل ڦليل ڪيو هيڏانهن هوڏانهن ٽلي رهيا هئا ته ڪي وري ٽولا ٺاهيو ڳالهين ۾ مشغول هئا. ايتري ۾ اسڪول جو گهنڊ وڳو. سڀئي ٻار قطار ٺاهي بيهي رهيا. دعا کان پوءِ شاگرد پنهنجن ڪلاسن ۾ وڃڻ بدران هڪ هال ۾ ڪٺا ٿيا. ڪجهه ساعت کان پوءِ هيڊ ماستر صاحب ۽ ٻيا استاد هال ۾ داخل ٿيا.

”اسلام عليڪم“ سڀني هڪ آواز ٿي کين سلام ڪيو.

استاد به ”وعليڪم اسلام“ چئي کين ويهڻ جو اشارو ڏنو. چؤطرف خاموشي ڇانئجي وئي. سڀني جو اکيون هيڊ ماستر جي چهري ۾ کتل هيون. شايد نتيجي جو بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيا هئا. ايتري ۾ هيڊ ماستر صاحب به رجسٽر کوليو ۽ نتيجي جو اعلان ڪيائين ته

”گل محمد ولد ولي محمد پنجين جماعت ۾ نهايت گهڻيون مارڪون کڻي پهريون نمبر حاصل ڪيو آهي.“

سندس ايترو چوڻ ۽ شاگردن جون تاڙيون وڄائڻ. سڄو اسڪول تاڙين جي شور ۾ گونجڻ لڳو. استادن جي چهري تي به خوشي هئي. گلڻ جي خوشيءَ وچان عجيب ڪيفيت هئي هن کي پنهنجن ڪنن تي ڄڻ ويساهه ئي نه پئي آيو. سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو. پوءِ هن ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجن استادن جي ڳچيءَ ۾ هار وڌا. استادن وري هار لاهي گلڻ کي پارايا ۽ پٺي ٺپري دعا ڏنائونس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com