سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1979ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جنوري 1979ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ،

اوهان سڀني کي نئين سال جون مبارڪون هجن. هن سال کي انجمن اقوام متحده طرفان ٻارن جو سال قرار ڏنو ويو آهي. انڪري به هي سال ٻارن لاءِ نيڪ ۽ ڀلو آهي.

هن سال ۾ ٻارن کي نون امنگن ۽ نون ارادن سان اڳتي وڌڻ لاءِ عملي ڪارگذاريون ڪرڻ گهرجن. پنهنجي تعليمي سرگرمين سان گڏ ادبي ۽ سماجي سرگرمين ڏانهن به ڌيان ڏيڻ کپي. ادب ۽ سماج ۾ حصو وٺڻ جو حق جيترو وڏن کي آهي، اوترو ئي ٻارن کي آهي. ٻارن کي گهرجي ته پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ مزاڪرا، مشاعرا، مضمونن جا مقابلا منعقد ڪرائين، جيئن منجهن آئيندي جي بهتريءَ جو صحيح روح ۽ جذبو پيدا ٿي سگهي.

جنوري 1979ع جو پرچو اوهان جي آڏو آهي. هن پرچي جي قيمت پنجاهه پئسا ته وڌيل آهي پر صفحا وڌائي سٺ ڪيا ويا آهن. اميد آهي ته اها تبديلي اوهان کي پسند ايندي، جيڪا اوهان جي ئي لاڳيتي گهُر سبب آندي ويئي آهي. هن مهيني کان اسين ٻه نوان ڪالم به شروع ڪري رهيا آهيون. هڪ ۾ سائنسي مضمون ۽ سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون ڏينداسون. هن ڀيري سائنسي مضمون ڏيئي رهيا آهيون. ٻي ڪالم ۾ اسان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت ڏني آهي جيڪا ٻارن جي وندر ۽ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته گل ڦل جا پڙهندڙ هن وندر ۾ دلچسپي وٺي نه رڳو هڪ سؤ رپين جا ڪتاب انعام ۾ حاصل ڪندا پر پنهنجي ذهني اوسر ۽ سماجي سجاڳيءَ ۾ به ڀرپور حصو وٺندا.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

سچائي جا ڪرڻا

قرآن پاڪ

1- نماز پڙهو، زڪوات ڏيو ۽ جهڪندڙن سان گڏ جهڪو.

(1- پارو)

2- حضرت محمد ڪريم ﷺ، الله جو رسول ۽ آخري نبي آهي. (21- پارو)

3- اي مسلمانو! جڏهين جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ ٻانگ ٻڌو ته هڪدم خدا جي ذڪر (عبادت) ڏانهن وڌو. (28- پارو)

4- بيشڪ نماز بي حيائي ۽ برائي کان بچائي ٿي. (21- پارو)

 

حديث شريف

1- حضرت عبدالله بن عمرو کان روايت آهي ته نبي اڪرم ﷺ جن فرمايو ته جنهن ماڻهوءَ ۾ هيٺيون چار ڳالهيون هونديون، اهو نج منافق هوندو:

1- جڏهن وٽس امانت رکي وڃي ته هو خيانت ڪري، 2- جڏهن به ڪا ڳالهه ڪري ته ڪوڙ ڳالهائي، 3- ڪو به قول ڪري ته يڪدم ڦري وڃي ۽ 4- جڏهن وڙهي ته گاريون بڪي. (بخاري ۽ مسلم)

2- حضرت عبدالله بن حارث بن جز چوي ٿو ته مون حضرت رسول الله کان گهڻو ڪنهن ماڻهوءَ کي کلمک نه ڏٺو. (ترمذي)

3- حضرت انس رضه بيان ڪري ٿو ته حضور پاڪ ﷺ،  جن فرمايو ته علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي. (ابن راجه رضه)

4- حضرت ابو هريره چوي ٿو ته حضور پاڪ جن فرمايو: دانائي جي ڳالهه مومن جي گم ٿيل شيءِ وانگر آهي، اها مومن کي جتي به ملي، ان جو مٿس سڀني کان وڌيڪ حق آهي. (ترمذي)

 

لطيفي لات

ساري رات سُبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،

اُن جي عبداللطيف چي، مٽي لَـڌو مانُ،

ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچئو اُن جي.

(شاهه)- گربخشاڻي وارو رسالو

هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سر سريراڳ جي داستان ٻي جو ٻيو بيت آهي.

سمجهاڻي: جن به ماڻهن سڄي رات ان پاڪ خدا کي ياد ڪيو يعني عبادت ڪئي. پنهنجي ڏوهن ۽ گناهن تي پڇتاءُ ظاهر ڪيو ۽ الله تعاليٰ کان بخشش ۽ نيڪيءَ جي گهر ڪئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چوي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي مٽي به مانائتي آهي يعني سندن قبر به ڏاڍي مشهور ٿئي ٿي. انهن جي اڳيان ڪئين ڪروڙين ماڻهو اچيو نه رڳو عبرت حاصل ڪن ٿا پر پاڻ ۾ به اهڙو نيڪ ٿيڻ جو عهد ڪن ٿا جيئن ان پوريل هستيءَ وانگر پاڻ به مانائتا ٿين.

معنيٰ: سبحان=پاڪ. چي= چئي، آکي، فرمائي. مٽي= خاڪ، ڌوڙ، قبر. مان= عزت، شان، آبرو. ڪوڙين=ڪروڙين. آڳهه=جهلو، آڌار، ٽيڪ، ڀروسو، سهارو.

خديجه سمون

ٻارن لاءِ نئون سال

نئين سال آندو نياپو نئون

خوشي هيج وارو دلاسو نئون

 

اوهان جي ئي عظمت جو هي سال آ

حقيقت ۾ ڏاڍي سٺي فال آ

 

اوهان ۾ ئي مڻيا جو آ سوجهرو

اٿو سائي ننڍڙا! سجاڳي ڪيو

 

وري وقت اهڙو نه ايندو هلي

مليو موقعو آ ڪيون ڪجهه ملي

 

ملي سڀ محبت ۾ گڏجي رهون

حقن کي رکي عزم حاصل ڪيون

 

سڄي ديس جي ڀائرن کي سڏي

ڪيون پيش پنهنجو هي مقصد گڏي

 

وڏن تي سنڀالڻ وڏو فرض آ

اسان جو انهن تي اهو قرض آ

حڪومت کي آهي اها التجا

اسان جا ڪري حل سڀ مسئلا

 

سدائين گلن کي بهارون ملن

خزائن کان هردم پري ٿي رهن

 

دعا دل جي دائم اها هجي

وڏي ٻارڙن جي حياتي هجي

 

اسان جو سدائين اهو آ خيال

وطن لاءِ بڻجون اسان باڪمال

 

رکي عزم اڳتي وڌو ڀائرو!

وڏن ۾ وڌايو نئون حوصلو!

سوسن مرزا

ڀٽائي جي ميڙي تي

صفر جي چنڊ جي

  تاريخ چوڏهين

بابو سائين

ڀٽائي جي ميڙي تي

مون کي نيندو

ڪيڏو نه مزو ايندو

آئون نچندو ٽپندو

کلندو ڪُڏندو،

چيچ جهلي بابي جي

ميڙو سڄو گهمندس

چوڏيل ۾ چڙهندس

ملهن جي ملهه ڏسندس

ڳپل ڳانا ڳنهندس

ڳچيءَ ۾ پائيندس

دهل جي ڌمال تي

جهمر پائي نچندس

ڀٽائي جا بيت

وڏي سر ڳائيندس

ميڙي مان ڳنهندس

ادڙي لاءِ ٽول

امان ۽ اديءَ لاءِ

مائي جو پيڙو

ڏاڏا ۽ ڏاڏيءَ لاءِ

ڦلن جي جهول

صفر جي چنڊ جي

تاريخ چوڏهين

بابو سائين

ڀٽائي جي ميڙي

مون کي وٺي هلندو

ڏاڍو مزو ايندو!

اختر درگاهي

بابا پئسو! سائين پئسو!!

عيد جي ڏينهن تي،

سُرهو سُرهو سڀ جو چهرو،

ڪپڙا پهريل رنگبرنگي.

سينڌ نڪتل سهڻي سڀ کي،

ڳچين منجهه رومال پٽن جا،

مورن وانگي ٽلي پيو هرڪو،

پر او منهنجا ننڍڙا ساٿي،

هڪڙو ٻالڪ،

ڏٺو مون ويندي عيدگاهه ڏي.

چهرو ان جو ڪوماڻل هو،

ڦاٽل ساٽل ڪپڙن سان،

ڪوجهو ميرو پير اُگهاڙا،

هٿ ۾ جنهن کي هيو ڪٽورو،

ٻاڏائيندي ليلائيندي چئي رهيو هو؛

نانءُ ڌڻيءَ جي هڪڙو پئسو!

بابا پئسو! سائين پئسو!!

هوندراج بلواڻي

لغڙ اڏاڻو

لغڙ اُڏاڻو، لغڙ اُڏاڻو،

آسمان ۾ لغڙ اُڏاڻو.

رنگ لغڙ جو نيرو پيلو،

اُڏي ائين ڄڻ آهه هٺيلو،

حيرت ۾ آ سوڀو سياڻو،

آسمان ۾ لغڙ اُڏاڻو.

پتنگ ڏسڻ ۾ اچي نٿو،

هن سان ڪوئي پڄي نٿو،

ٿڪجي ڪڏهن نه ٿيندو ساڻو،

آسمان ۾ لغڙ اُڏاڻو.

پيچ هڻي سڀ کي ڪيرائي،

خوب هوا ۾ ٽٻيون لڳائي،

کن کن ۾ پر ڪري ٿو ماڻو،

آسمان ۾ لغڙ اُڏاڻو.

احسان الله احسان

ٻول

اَبا آندي مڇي،

مڇيءَ ۾ ڪنڊو،

هڻ ڪُتي کي ڏنڊو.

ابو ڪُٽي ويٺو مڃ،

امڙ ويٺي ڏيئي،

ننڍڙي اَديءَ کي ٿڃ.

خالد بيدار

سرهاڻ

منهنجي ديس جا سنڌي ٻالڪ،

هيرن جي هن کاڻ.

علم ادب جا ابا ٿيندا،

علم ۾ رکندا ڪافي ڄاڻ.

سرڙو پنهنجي واري ڇڏيندا،

سنڌ وطن جي خدمت ڪاڻ.

ظلم ستم جي اونداهين ۾،

روشن دڳ ٺاهيندا پاڻ.

”گل ڦل“ باغ ته ٻالڪ گُلڙا،

گُلڙن مان ايندي سرهاڻ.

کيم چند شرما

مرڪندڙ ٻارڙا

اي مُرڪندڙ ٻلوان ٻارڙا سگهو شال جوان ٿئين،

پنهنجي سنڌ سونهاري جو دودو دريا خان ٿئين.

جيترا وار اوتري ڄمار، ڪري قادر تنهنجي،

پنهنجي عزم تي اَٽل، ثابت قدم انسان ٿئين.

ڪيرين ڪوٽ قهر جا ڪوپا تون قهار ٿي،

ظالم بي ضميرن لاءِ، تکو تير ڪمان ٿئين.

ڏيل ڏارين ڏونگرن جا مڙس مانجهي وير ٿي،

هوشو هيمونءَ جهڙو تون ارڏو، اَمر انسان ٿئين.

آرڪيڊي گيڊار                           روسي ڪهاڻي

(آخري قسط)

گرم پٿر

ماڻهو چون ٿا ته هن وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هي پوڙهو آهي ۽ اڪيلو آهي، ڀڳل عضوا اٿس ۽ هن ڪڏهين به خوشيون نه ڏٺيون آهن، جڏهن ته ٻيا ماڻهو خوش گذارين ٿا. جيتوڻيڪ اواشاڪا خود ننڍي هوندي به ٽي ڀيرا خوشيون ڏٺيون هيون. پهرين ڀيري جڏهين هن کي اسڪول لاءِ دير ٿي ته هڪ چمڪندڙ موٽرڪار جي اجنبي ڊرائيور هن کي گڏيل فارمن کان اسڪول پهچايو. ٻئي ڀيري جڏهين بهار جي موسم ۾ هن هڪ کَڏ مان وڏي مڇي پڪڙي. ٽئين ڀيري جڏهين چاچو مٽرو خان هن کي پهرين مئي جي وڻندڙ جشن ڏيکارڻ لاءِ شهر وٺي ويو هو، ”خدا ڪري هي پوڙهو ۽ بدنصيب شخص خوشيون ماڻي.“

اواشاڪا فراخدلي وچان ڀڻڪيو.

هي اُٿيو ۽ پٿر کي گهلي جبل تي آندو. سج لهڻ کان ٿورو اڳ پوڙهو شخص جبل تي ڏسڻ ۾ آيو، جتي سردي جو ماريل ۽ ڊونڊڙو ٿيل نواشاڪا باهه ٻاري پنهنجا گپ ۾ خراب ٿيل ڪپڙا سڪائي رهيو هو.

”توهان پاڻ سان ڪو هٿوڙو، ڪهاڙي، بڙڇي يا ڪو ڀالو ڇو نه آندو آهي؟ توهان اهو نه سمجهو ته هي پٿر اوهان خالي هٿن سان ڀڃندو، ڇا توهان ڀڃي سگهندو؟“ اواشاڪا عجب مان رڙ ڪري چيو.

”نه اواشاڪا“ پوڙهي شخص جواب ڏنو، ”آئون انهي پٿر کي پنهنجي هٿن سان ڀڃڻ جو ڪو به ارادو نٿو رکان، آئون اهو ڀڃڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته آئون نئين زندگي شروع ڪرڻ نٿو چاهيان.“

پوڙهو شخص اواشاڪا جي ويجهو آيو ۽ هن جو مٿو ٺپريو ۽ اواشاڪا کي اهو هٿ ڳرو ۽ ڏڪندڙ محسوس ٿيو.

”تو البت اهو سمجهيو ته آئون پوڙهو ۽ منڊو آهيان، بدصورت ۽ بدنصيب آهيان“ پوڙهي شخص چيو ”پر آئون سچ پچ ته هِن ڌرتيءَ تي پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ خوشنصيب سمجهان ٿو“ منهنجي پير کي هڪ بنڊ کان ان وقت نقصان پهتو هو جڏهين اسان بلڪل اڻ ڄاڻ هئاسين ۽ زار جي حڪومت خلاف پنهنجا حفاظت گاهه وڌائي، مورچا ٺاهي پيش قدمي ڪري رهيا هئاسين ۽ جنهن بابت اوهان کي تاريخ مان وڌيڪ معلومات ملندي. جڏهين اسان قيدين جيل ۾ انقلابي گيت ڳايا هئا. هڪ تلوار ان وقت اچي منهنجي منهن تي گهاءَ ڪيو، جنهن وقت پهرين لوڪ ريجمينٽ زار جي فوجن کي شڪست ڏيئي رهي هئي. آئون سخت سردي ۾ ڪکائين بيرڪ ۾ بخار ۾ بيهوش ٿيو پيو هوس، پر ان وقت منهنجي مٿي جي ڀر ۾ اسان جي ملڪ کي دشمنن جي ملڪ سان ڳنڍڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جهڙا الفاظ ڳالهايا ويا هئا، جيڪي موت کان به بدتر هئا ٻئي ڏينهن چمڪندڙ سج جي پهرين ڪرڻي تي مون کي معلوم ٿيو ته دشمن کي ٻئي ڀيري به شڪست ملي آهي. اسان فاتح هئاسين خوشي وچان اسان ٻاهر پهتاسين ۽ پنهنجا هٿ هڪٻئي سان ملائي خواب ڏسي رهيا هئاسين ته جيڪڏهن اسان جي ڏينهن ۾ نه ته اسان کان پوءِ اسان جو ملڪ جهڙو هينئر آهي ان کان وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ٿيندو.

ڇا اها خوشي نه آهي. بيوقوف اواشاڪا! پوءِ مون کي ٻي ۽ نئين حياتي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ٻي جواني؟ جڏهين ته منهنجي جواني ڏکي گذري پر سچائي ۽ ايمانداري سان گذري؟“

پوڙهو شخص سانتيڪيءَ سان ليٽي پيو ۽ پنهنجو پائيپ ڪڍي دکايو.

”پر ڏاڏا! مون کي ڇو اهو سخت ڪم ڪري، اهو پٿر ڇڪي جبل تي آڻڻو پيو جڏهين ته اهو ان ڌٻڻ ۾ وڌيڪ شاندار ۽ سهڻو لڳي ها؟“

”ڀلي ته ان کي سڀ ڏسن ۽ تون ڏسندين ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو اواشاڪا.“ ڪئين سال گذري ويا پر اڃان تائين اهو پٿر ٺيڪ حالت ۾ جبل تي موجود آهي. گهڻن ئي ماڻهن اهو پٿر ڏٺو، هو اچن ٿا ۽ ان کي ڏسن ٿا ۽ فخر وچان پنهنجا ڪنڌ لوڏي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃن ٿا.

آئون به انهيءَ جبل تي ويس. منهنجو ضمير ۽ سمجهه ان وقت حيران هوا ۽ آئون ان وقت هڪ اونداهي موڊ ۾ هوس.

”ڇو نه آئون اهو پٿر ڀڃي نئين حياتي شروع ڪريان.“ مون سوچيو پر جيئن آئون اتي بيٺس مون، ان بابت وڌيڪ بهتر سوچيو.

”آئون ان نموني حياتي گذارڻ نٿو چاهيان، جنهن سان مون کي پنهنجي مستقبل بابت ڪا به ڄاڻ نه پوي.“

سنڌيڪار: محمد امين بلوچ.

غلط خيال

اهي ماڻهو ڪٿي آهن جن گهڻو سامان ۽ دولت گڏ ڪئي، پنهنجي آسپاس پهرو رکيو ۽ هت هميشه رهڻ جو غلط خيال ڪيو. (حضرت علي رضه)

- محمد يوسف جمالي، نوابشاهه .

حبيب الله رحيم بخش مرزا

دلير نينگر

جهڙي طرح اڳي سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت هوندي هئي، ۽ وڏا آفيسر انگريز مقرر ٿي هتي گورنر يا حاڪم ٿي ايندا هئا، اهڙي طرح سان سئزرلئنڊ جي ملڪ ۾، اڳي آسٽريا جي حڪومت هئي؛ جنهن ڪري گورنر توڙي ٻيا آفيسر اتان ئي مقرر ٿي ايندا هئا.

هڪ ڀيري، آسٽريا مان، هڪ اهڙو گورنر مقرر ٿي آيو هو، جو ڏاڍي خراب طبيعت جو انسان هو. هن ايندي ئي سئٽزرلئنڊ جي ماڻهن کي ذليل ڪرڻ جو پهه ڪيو. پنهنجو ٽوپلو شهر جي وچ ۾، هڪ وڏي ڪاٺيءَ جي مٿان ٽنگي ڇڏيو هئائين ۽ اهڙو حڪم ڏنو هئائين ته هر شخص جو اتان لنگهي سو نئڙي ۽ سندس ٽوپلي کي سلام ڪري پوءِ اڳتي وڌي.

جنهن هنڌ اهو ٽوپلو ٽنگيل هو، اهو سئٽزرلئنڊ جي مرڪزي شهر جو اهڙو هنڌ هو، جتي ماڻهن جو گهڻو اچڻ وڃڻ هوندو هو. ٽوپلي کي سلام ڪرڻ جي ڊپ کان ماڻهن ماڳهين اتان اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو، ان هوندي به جي ڪو راهگير ڀلجي به اوڏانهن ايندو هو، ته اُتي بيٺل سپاهي، کيس مجبور ڪندا هئا ته گورنر جي ٽوپلي کي جهڪي سلام ڪري.

هڪ لڱا، هڪ اهڙو شخص اُتان لنگهيو، جو هڪ سچو محب وطن هو ۽ اهو ڏاڍو دلير هو. هن کي به سپاهين مجبور ڪيو ته هو ٽوپلي کي سلام ڪري. پر هن ماڻهوءَ انڪار ڪيو.

هي ڳالهه گورنر کي ٻڌائي وئي، تنهن کيس جيل ۾ اماڻيو. هن شخص جو نالو وليم ٽيل William Till هو. وليم ٽيل جو نالو، سئٽزلئنڊ جي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکبو. هن شخص پنهنجي ملڪ جي آزادي لاءِ سر توڙ جدوجهد ڪئي هئي. نيٺ سئٽزرلئنڊ کي آزادي ملي هئي. اڄ اسين هن شخص جي ننڍي پٽ جي دليريءَ جو هڪ ڪارنامو بيان ڪنداسين، جو بهادري ۽ دليريءَ جو هڪ لاثاني مثال آهي.

وليم ٽيل جي پٽ جي عمر تڏهن ست يا اٺ ورهيه هئي، جڏهن گورنر پڻس کي جيل ۾ وڌو هو. گورنر سندن گهر ڏانهن به سپاهي موڪليا هئا ۽ سڄي گهر جي تلاشي وٺرائي هئائين. ائين ڪندي گورنر جي ملاقات وليم ٽيل جي پٽ ۽ سندس گهر واريءَ سان به ٿي هئي. ڇوڪرو جيتوڻيڪ ننڍو هو. ان هوندي به ڏاڍو هوشيار ۽ بهادر نينگر هو. گورنر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ڳالهين ڪندي ڪندي وليم ٽيل جي تير اندازيءَ جي ڳالهه نڪتي. ڇاڪاڻ ته هو هڪ هوشيار تير انداز هو، سو گورنر اٽڪل ڪري ڇوڪري کان پڇيو:

”ڇوڪرا، ٻڌاءِ تنهنجو پيءُ هڪ صوف کي ڪيتري پنڌ تان چٽي سگهندو؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com