سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري 1991ع

باب: --

صفحو :5

گل ڦل قلمي دوستي

·                   نالو: دليپ ڪمار آزاد.

ڪلاس: ستون بي.

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ.

عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول عادلپور.

·                   نالو: سرور ڪمار.

ڪلاس: ڏهون اي.

وندر: ملڪ سان پيار.

عمر: 16 سال.

ائڊريس: هاءِ اسڪول خان پور مهر مير پور ماٿيلو.

·                   نالو: راشد علي کوسو.

ڪلاس: نائون ”بي“.

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

عمر: 13 سال.

ائڊريس:هاءِ اسڪول غريب آباد دادو

·                   نالو: زاهد حسين تونيو

ڪلاس: نائون

وندر: گل ڦل سان چاهه

عمر: 13 سال

ائڊريس:هاءِ اسڪول ٻير شريف

·                   نالو: شبير احمد ڇٽو

ڪلاس: اٺون اي

وندر: سنڌ سان پيار

عمر: 13 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول وارهه.

·                   نالو: غلام محمد جوڻيجو

ڪلاس: اٺون

وندر: علم سان چاهه

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمنٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو.

·                   نالو: لوٽو خاصخيلي

ڪلاس: اٺون

وندر: فٽ بال راند ڪرڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو

·                   نالو: غلام مرتضيٰ

ڪلاس: ڇهون

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول هالاڻي ڪنڊيارو

·                   نالو: سڄڻ خان مغيري

ڪلاس: ستون اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس:گورمنٽ هاءِ اسڪول وڳڻ

·                   نالو: اطهر امير پهوڙ

ڪلاس: نائون

وندر: علم سان چاهه

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور

·                   نالو: ڌرم داس کيماڻي

ڪلاس: نائون اي

وندر: سنڌ سان پيار

عمر: 15 سال

ائڊريس: خانپور مهر ميرپور ماٿيلو

·                   نالو: محمد عتيق سومرو

ڪلاس: اٺون ڊي

وندر: معلومات گڏ ڪرڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻو

·                   نالو: مهيش ڪمار تلريجا

ڪلاس: اٺون بي

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس:هاءِ اسڪول خانپور مهر، ميرپور ماٿيلو.

·                   نالو: نويد عبدالفتاح سيال

ڪلاس: ڏهون سي

وندر: ٻاراڻو ادب پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو

·                   نالو: علي عمران ميمڻ

ڪلاس: ڇهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس:گورنمينٽ شاهه ولي الله هاءِ اسڪول ميرپورخاص.

·                   نالو: عبدالوحيد ٻگهيو

ڪلاس: ڇهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 11 سال

ائڊريس: گورنمينٽ شاهه ولي الله هاءِ اسڪول ميرپورخاص

·                   نالو: شبير احمد سميجو

ڪلاس: پنجون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 8 سال

ائڊريس:مين پرائمري اسڪول ڪنڌ ڪوٽ

·                   نالو: نصرالله ناپر

ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: گل ڦل رسالو پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: مهراڻ ميڊيڪل اسٽور دادواڻي روڊ شڪارپور

·                   نالو: غلام محمد خشڪ

ڪلاس: پنجون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: پرائمري اسڪول آخوند براديه ٺٽو.

·                   نالو: نرسنگ لعل کيماڻي

ڪلاس: نائون اي

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: هاءِ اسڪول خانپور مهر ميپور ماٿيلو.

·                   نالو: پرڪاش ڪمار ڪاريڙا

ڪلاس: ٽيون

وندر: ڪرڪيٽ راند ڪرڻ

عمر: 9 سال

ائڊريس: پرائمري مين اسڪول ڏهرڪي

ننڍڙن اديبن لاءِ

شاهه رڪڻائي

دلبر خان ڌاڙيل

 

دلبر پار جو ويٺل هو. هو ماسيءَ سان ٻن سالن کان پوءِ ملڻ آيو هو. ماسِسِ جو ڳوٺ بس اسٽاپ کان ٻه ميل پري هو. اسٽاپ تي لهي ٽانگي ۾ ويٺو. ڳوٺ جي هوٽل تي ٽانگي واري هن کي اچي لاٿو. دلبر هوٽل تي چاهه پيتي ۽ هوٽل واري کي چيو ته ڀائو گلشير تيوڻي جو اهو ٻول ته ٻڌرائجانءِ.

”تنهن جي شاديءَ ۾ شامل ٿي نه سگهان مون کي معاف ڪجانءِ“

هوٽل واري ڪيٽ وڄائي، همراهه ڍڪ ڍڪ ڪري چانهه پيتي هر هر وڇون ڇاپ مڇن کي وٽڻ لڳو. نيٺ ٻٽي ڪلام ٻڌي اٿيو شايد بک به تپايو هوس. هوٽل واري کي چيائين ته ادا هاڻي ياعلي مدد، شام وري اچي اها ڪيسٽ ٻڌنداسين، رات ماسڙ سومر وٽ آهيان... سومر وارن جو مائٽ آهين ڇا؟  هوٽل وار پڇيس، اهو ته هاڻي کير ڏئي ويو آهي...

ڀائو اهو منهن جو ماسڙ آهي. دلبر چيو، اڙي يار تون ته پنهن جو آهين... بنهه پنهن جو ڪوڙي جو وارُ ڪرڙ هوٽل واري چيو.. دلبر... ڀائر آهيون ڀائر جدايون ناهن.

هاڻي دلبر ڌڙئي پير واري گهٽي ڏئي ٿاڻي جي اڳيان وڃي لنگهيو. ان وقت ٿاڻي جي در تي بيٺل سپاهي بي سُري سر ۾ هڪ ڪلام پئي چيو....

ڏينهن ڏٺي جو هڻندو وتين ٿو. دلبر تون هي ڌاڙا سپاهيءِ جو آواز ڀڀڪيدار هو. دلبر پنهن جو نالو ٻڌي ڇرڪ ڀري سپاهيءَ ڏي ڏٺو... هٻڪي هٻڪي چيائين ته: سائين مان ڌاڙيل ناهيان خداءِ جو قسم مون ڪڏهن ڌاڙو نه هنيون آهي. سپاهي هڪل ڪري چيس ته هيڏي آ... بدمعاش ..... نالو ڇا اٿئي؟ ڪٿي ويٺو آهين؟ سائين نالو دلبر اٿم ويٺو پار آهيان. دلبر چيو... ته پوءِ دلبر دلبر تون آهين جيڪو ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا هڻندو آهي... سپاهي سمجهيو ته منهن جي ڳايل ڪلام هن کي ڇرڪايو آهي ڳائڻي کي انهي مصر ڪلام تي وڌ ۾ وڌ ڏهه پندرهن روپيه ملن ها مان ڏسان ته هن ڄٽ وٽان گهڻو ڪمايان ٿو سچي ڪر نه ته صوبيدار وٽ وٺي هلندو سانءَ پوءِ سچ پترا ته ٻه ٻٽي لڳندءِ ته سڀ سچون ڪندين... سپاهي رعب ڪري دلبر کي چيو.. سائين قسم ڌوڙ ئي پير جو مان ڌاڙيل ته ڇا پر مون لاءِ ڪو چوي ته مون چوري ڪئي ته توهان مون کي جيل ڏئي ڇڏيو اڙي جيل ته اجهو ٿو. وڃين دلبر ڌاڙيل... هاڻي ٻڌجي پئسا ڏين ته هتان توکي ڇڏيانءِ نه ته صوبيدار کي خبر پئي ته ست سال ٽيپ کائي ويندين... دلبر ويچاري سوچيو ته جند ڪيئن ڇڏايان هن جي کيسي ۾ سو روپيه ڪرائي لاءِ بچيل هئا نوٽ ڪڍي سپاهيءَ کي ڏنائين... سائين مون کي ڪرائي لاءِ اهي پئسا آهن. مون کي ڀاڙي جا ڏيو ٻيا توهان کڻو. دلبر ليلائيندي سپاهيءَ کي چيو ڇا... ڇا ڀاڙو مان ڏيانءِ وڃ وڃي ڀاڙي لاءِ پن... مون تنهن جي عزت ڪئي آهي، اهڙي چريا چورن کان ٻه هزار وٺندا آهيون، تون ته دلبر خان ڌاڙيل آهين بس هاڻي وڃ جيڏانهن وڃڻو اٿئي....

سپاهي يڪ ساهي چئي ٿاڻي ڏي هليو ويو متان ڪو جمعدار نه ڏسي ۽ ونڊييعني حصو اٽڪائي.

دلبر وچاروائين پنهن جا سو رپيا ڦرائي ماسڙ سومر جي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.....

برڪت جيهو

”ساهوارا دشمن کان پنهنجو بچاءُ ڪن ٿا“

پيارا ٻارو! ڌرتي جي هن گولي تي ساهوارن وچ ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي نسل جي بچاءَ ۽ کاڌي جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان خوني لڙايو ٿينديون آهن جن کي سائنسي زبان ۾ ”وجودي ويڙهه“ چيو ويندو آهي. ان خونريز لڙاين ڪري هرهڪ جانور-ٻوٽي ۽ انسان کي قدرت جي طرفان پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪي خاص عضوا ٿين ٿا، جيڪي هو خطري وقت ۽ دشمن جي حملي وقت استعمال ڪندا آهن.

ڪمي يا ڪڇونءَ ته توهان ڏٺو هوندو، کين سخت کوپو ٿيندو آهي، جيڪڏهن گدڙ يا ڪتو حملو ڪندو اٿن ته پنهنجون ڄنگهون ۽ منڍي کوپي ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن، ڄاهي ۽ ٻين ٻرن ۾ رهندڙ جانورن جي جسم تي ڪنڊا ٿين ٿا جيڪي هو حملي وقت استعمال ڪندا آهن. ماکيءَ جي مکين ۽ ڏينڀن کي زهريلا ڏنگ ٿين ٿا ۽ نانگ کي زهريلا ڏند هوندا آهن جيڪي خطري وقت استعمال ڪندا آهن.

ڪن جانورن جو رنگ يا بدن جي بيهڪ سندن آسپاس سان اهڙي ته ملي جلي ويندي آهي جو اهي ڏسڻ ۾ ئي نه ٿا اچي سگهن. اهي پاڻ کي پنهنجي دشمن يا شڪار وارن جانورن کان لڪائي سگهن ٿا مثال طور گاهه جي تڏ جو رنگ  گاهه ۽ ٻوڙن سان چڱي طرح ملي وڃي ٿو.

شڪاري تڏ جيڪا گاهه جهڙي سائي هوندي آهي سا گاهه تي بلڪل سانت سان ويٺي هوندي آهي جيت جهڙوڪ ٽنڊيون مکيون پوپٽ ۽ سوپٽ انهن ٻوٽن جهڙا ساوا ٿين ٿا جن تي هو گذران ڪن ٿا ۽ پنهنجي دشمن جي نظر کان لڪل رهن ٿا.

ٻوٽا پنهنجو دفاع ٽن طريقن سان ڪندا آهن.

(1)                        ڪنڊا (2) بوءِ (3) ذائقو.

ڪيترن ٻوٽن کي ڪنڊا ٿين ٿا جيڪي نقصان پهچائيندڙ جانورن کي ٻوٽن جي ويجهو اچڻ نه ٿا ڏين ٿوهر ۽ پهر ول جا ٻوٽا هن قسم جا چٽا مثال آهن.

ٻيا اهڙا ٻوٽا آهن جن کي ڪنڊا ڪونه ٿين اهي پاڻ کي ڪوڙي ذائقي هئڻ ڪري بچائين ٿا، سندن اهو ذائقو جانورن کي پسند ڪونه ٿو اچي اسان جي سنڌ ۾ اَڪُ هن قسم جي مثال آهن ان ۾ هڪ قسم جي بدبوءِ به ٿئي ٿي جنهن ڪري جانور ان کي نقصان رسائڻ کان پاسو ڪن ٿا.

مٿيون بچاءَ جون خاصيتون جانورن کي قدرت طرفان عطا ٿيل آهن جن کي جانور خطري وقت پنهنجي بچاءَ طور استعمال ڪندا آهن.

شهناز بگٽي شڪارپور

غرور جي سزا

هڪ ڳوٺ ۾ ٻه ڇوڪرا رهندا هئا. هڪ جو نالو سليم ۽ ٻئي جو نالو جبار هئو. جبار جو پيءُ وڏيرو هئو ۽ سليم جو پيءُ هاري هئو. اهي ٻئي گڏ پڙهندا هئا. سليم پڙهائي ۾ هوشيار هئو ۽ هر سال پهريون نمبر ايندو هئو ۽ جبار پڙهائي ۾ سڀ کان گهٽ ۾ هر وقت غرور ۾ هوندو هئو ۽ سليم کي گهٽ سمجهندو هئو ڇو ته هو هاري جو پٽ هئو ۾ ٻيو وري سليم تي سڙندو به هئو ڇو ته سڀ استاد ان کي گهڻو چاهيندا هئا. جبار کي دولت تي غرور هئو ۽ هو سمجهندو هيو ته دولت سان انسان وڏو ماڻهو ٿئي ٿو ۽ نه ئي اخلاق سان، سليم جي سوچ مختلف هئي. هو هر انسان کي برابر سمجهندو هئو. ڇو ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته سڀ انسان برابر آهن، ڪوئي ڪنهن کان وڌيڪ يا وڏو ناهي ۽ اگر ڪو وڏو آهي ته اهو پنهنجين نيڪين تي. جبار جو پيءَ يعني وڏيرو ان جا ڪي دشمن هئا انهن وڏيري جي زمين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ ڪنهن ماڻهو کي خبر نه پئي ته باهه ڪنهن ڏني آهي خير وڏيري جو سڀ ڪجهه سڙي ويو ۽ گهر ۾ جيڪو ان هئو سو به چوري ٿي ويو. ان لاءِ وڏيري وٽ ڪجهه نه رهيو، جيستائين ڪائي پوک ٿئي ۽ ٻيو فصل تيارٿئي ۽ اناج حاصل ڪن. تڏهن سليم ۽ ان جو پيءَ وڏيريوٽ آيا ۽ چيائين ته سائين مون وٽجيڪي ڪجهه آهي اهو اوهان جي اڳيان حاضر آهي اهو جذبو ڏسي وڏيرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چيائين ته هڪ غريبجي دل تي وڏي آهي جيڪو پاڻ مشڪل سان پنهنجي گذارو ڪري ٿو ۽ مون کيبه صلاح ٿو ڪري. وڏيري، سليم جي پيءَ کي مهرباني چيائين اهو ڏسي جبار ڏاڍو شرمندو ٿيو ته جنهن کي هو غريب پيو سمجهي اهو دل جو امير آهي ۽ اصل ۾ غريب ته جبار هيو جيڪو مان دولت هوندي به ڪنهن جي به مدد نه پيو ڪري. ۽ ان ڏينهن کان پوءِ ان توبهه ڪري ڇڏي ته آئينده وڏائي نه ڪندس ڇو ته وڏائي رب کي پسند ناهي ۽ جنهنوڏائي ڪئي ان وڏائي جو نتيجو ڏٺو. ٻارو اوهان ڪڏهن به غرور نه ڪجو ڇو ته بري ڪم جو صِلو هميشه برو هوندو ئي آهي.

ربنواز سنڌو

وطن جي مٽي

هڪڙي ملڪ جي بادشاهه وت ڪي شهزادا، ٻئي ملڪ جا گهمڻ آيا. بادشاهه هنن جو ڏاڍو آڌار ڀاءُ ڪيو. شهزادن ٻه ٽي ڏينهن رهي، پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃن جو فيصلو ڪيو.

هي بادشاهه کان اجازت وٺي وڃڻ لڳا. بادشاهه هنن کي مال اشرفيون ڏئي رخصت ڪيو ۽ هنن سان گڏ ٻه وزير ڇڏي اچڻ لاءِ موڪليائين.

جڏهن هي شهزادا پنهنجي وطن پهتا ته وزيرن هنن کي چيو پنهنجون جتيون لاهي ڏيو ته صاف ڪريون. هنن جتيون لاهي ڏنن ته هنن جتين تي مٽي جيڪا لڳل هئي، اها لاهي کڻي وڃڻ لڳا، جڏهن شهزادن انهي جو سبب پڇيو ته وزيرن جواب ڏنو، توهان کي اسان جي بادشاهه اشرفيون سڀ ڪجهه ڏنيون پر اسان توهان کي پنهنجي وطن جي مٽي نه ڏينداسين.

ٻارو! ڏٺو ته هنن وزيرن کي پنهنجي مٽي سان ڪيڏو پيار هيو.

جهامن داس مالهي

محنت جو ڦل

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ هاري رهندو هو جنهن جو پٽ پريم هو. هو پنهجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو پريم جو پيءُ غريب هئڻ جي باوجود به پنهنجي پٽ کي پڙهائيندو هو. پريم ڇهين ڪلاس جو امتحان ڏيئي جڏهن هي ستين ڪلاس ۾ پهتو ته هن جو دنيا ۾ واحد سهارو هن جي پيءُ هو. سو ويچارو وفات ڪري ويو. پريم هاڻي سوچڻ لڳو ته هاڻي منهنجي سڄي گهر جو ڪاروبار مون کي سنڀالڻو آهي پريم پنهنجي ماءُ کان پڇي ٿو امان مان ڪهڙو ڌنڌو ڪيان هن جي ماءُ چيو ٻيا پاڙي جا ڇوڪرا چڻا وڪڻدا آهن ته به وڃي چڻا کپائين ته پنهنجو گذر سفر ٿيندو. باقي پٽ ويٺي کي ڪير به نه کارائيندو. پريم هاڻي صبح جو سوير اُٿي چڻن جو ٿال کڻي اسڪول جي اڳيان ويهندو هو. چڻا کپائي شام جو اسڪول ويندو هو. پريم ٽيوشن ڏيئي پڙهندو هو پريم هر سال پهريون نمبر کڻندو هو ۽ هن کي اسڪالرشپ به ملندي هئي پريم اسڪالرشپ مان گهر جو خرچ هلائيندو هو ۽ پڙهندو به هو. پريم پنهنجي پڙهائي جو منزلون پوريون ڪندو ويو ۽ آخر ۾ هن جو ڊاڪٽري ۾ آخري سان هو نيٺ هي ڊاڪٽر به ٿي ويو ۽ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ اسپتال کولي ۽ غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهو هن کي گهڻو ڀائيندو هئا ۽ ڏاڍي عزت ڪندا هئا.

سنڌيڪار: سعيد سومرو

سڀ جو استاد

شينهن کي پنهنجي ولي عهدي لاءِ هڪ سرپرست جي ضرورت هئي. ان سلسلي ۾ هو اميدوارن کان انٽرويو وٺي رهيو هو. ائين معلوم ٿي رهيو هو ڄڻ شهر وانگر جهنگ ۾ ”بي روزگاري“ وڌي وئي هئي. جاءِ صرف هڪ هئي جڏهن ته اميدوار گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڊزن آيل هئا. انٽرويو لاءِ سڀ کان پهرين لومڙ کي گهرايو ويو.

لومڙ انٽرويو روم ۾ داخل ٿيو ۽ شينهن کي ڦرڻي ڪرسيءَ تي ويٺي، پنهنجين مڇن کي تاءُ ڏيندي ڏٺو ته دهلجي ويو. هٿ پير ڏڪڻ لڳا. پر شينهن جڏهن ويجهو ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو ته هن ڪجهه همٿ ٻڌي.

”تون ئي لومڙ آهين؟“

”جي، ها سائين“ لومڙ پنهنجي خشڪ نڙيءَ ٿڪ سان تر ڪندي چيو.

”جيڪڏهن توکي ولي عهدي جي سرپرستي جي حيثيت سان ڀرتي ڪيو وڃي ته هن کي ڇا سيکاريندين؟“

”جي، مان ولي عهدي کي ”لومڙ پڻ“ سيکاريندس.“ لومڙ جواب ڏنو.

”لومڙ پڻ“

”ها، چالاڪي ۽ مڪاريءَ جا هون ته ڪيترائي قسم آهن، پر لومڙ پڻ انهن ۾ انفرادي حيثيت رکي ٿو. توهان جهنگ ۾ ڪيترن ئي جانورن جو شڪار ڪيو هوندو. پر توهان ڪڏهن، ڪنهن لومڙ جو شڪار ڪيو آهي. ڪڏهن لومڙ جو گوشت کاڌو آهي؛“

”نه شايد ڪڏهن نه“

”وجه“

”وجه؟“ شينهن جي پيشانيءَ ۾ گهنج پئجي ويا.

وجه مان ٿو ٻڌايان. ان ڪري جو اسان لومڙ پڻ جو سبب چڱن چوکن کي به دوکو ڏئي ويندا آهيون ۽ ڪنهن جي هٿ نه ايندا آهيون“

”شايد“

”شايد نه، يقينا“ لومڙ آواز ۾ زور پيدا ڪندي چيو.

شينهن لاجواب ٿي ويو، تنهنڪري چيائين چڱو، توهان وڃي سگهو ٿا. نتيجو بورڊ جي فيصلي کان پوءِ توهان کي ٻڌايو ويندو“

لومڙ ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو.

هاڻي گدڙ اندر داخل ٿيو.

شينهن ان کي سامهون ڪرسيءَ تي ويهڻ جا اشارو ڪيو.

گدڙ ڪريسيءَ تي ويهي، عادت موجب اکيون مٽڪائڻ لڳو.

”توهان ڇا سيکاريندو اسان جي ولي عهد کي؟“

”مان ولي عهد کي گدڙ ڀڀڪي سيکاريندس“

”اهو ڇا هوندو آهي ڀلاءِ؟“

سائين اهو اسان گدڙن جو مخصوص داءُ آهي ۽ اسان ان ئي داءُ يعني گدڙ ڀڀڪي جي ڪري جهنگ جي فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. نه ته اوهان کي خبر آهي، اسانجي دشمنن جي تعداد ايترو آهي، جيترا اسان جي جسم تي وار يا آسمان تي تارا، پر ان جو باوجود به اسان ٺاٺ سان رهندا آهيون ۽ دشمنن جي سينن تي مڱ ڏريندا آهيون.“

شينهن سوچ ۾ پئجي ويو.

شينهن کي سوچ ۾ مبتلا ڏسي گدڙ چيو. ”چڱو مونکي اجازت ڏيو. ضرورت پوي ته گهرائي وٺجو. مهرباني.“

هاڻي طوطي جو وارو هو.

طوطي اڳيان ساڳيون ئي سوال دهرائيو ويو.

هن جواب ڏنو-”مان ولي عهد کي“ ”طوطا  چشم“ سيکاريندس.

منهنجي خيال ۾ طوطا چسم جي وضاحت جي ضرورت نه آهي ڇو ته ان جي مطلب جي خبر ٻار ٻار کي آهي. اڄ اسان جو ڪجهه به آهيون، طوطا چشم هجڻ جي بدولت آهيون ۽ مان سمجهان ٿو ته هن دور ۾ ترقي جو انحصار طوطا چشميءَ ۾ ئي لڪل آهي.“

”هونهه“ شينهن ڀڻڪيو.

طوطي کان پوءِ سانڊو آيو ۽ ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ جي هٿيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ پنهنجي ڳاڙهي ڳاڙهي زبان ڪڍي اکيون مٽڪائڻ لڳو.

”تون، ڇا توکي به ڪو اهڙو هنر اچي ٿو جيڪو اسان جي ولي عهد کي سيکاري سگهين؟“

”ڇو نه، مونڏانهن ڏسو“ سانڊي چيو ۽ پوءِ رنگ بدلائڻ لڳو. ڪڏهن سائو، ڪڏهن پيلو، ڪڏهن ڳاڙهو....“

”اها ڇا ڳالهه ٿي ڀلا، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ آخر تون ائين چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“ شينهن هڪ ساهيءَ ۾ ڪيترائي سوال ڪيا.

”مان ولي عهد کي پاڻ وانگر رنگ بدلائڻ سيکاريندس. هر موقعي ۽ هر وقت جي لحاظ کان رنگ بدلائڻ جي هڪ هنر آهي. اهڙو هنر جنهن جو ڄاڻڻ هن دور ۾ بيحد ضروري آهي. وقت اچڻ تي جهڪي پئو، يعني خاڪي رنگ اختيار ڪيو ۽ مطلب نڪري وڃڻ کانپوءِ، پنهنجي محسن کي سائي جهنڊي ڏيکاريو ۽ جيڪڏهن احسان جتايو ته ڳاڙها ٿي وڃو. ٽانڊي وانگر... ۽ ترقي جون منزلون طئه ڪندا وڃون.

انٽرويو جو خاتمي تي شينهن پنهنجي مشيرن سان گڏ ويهي رهيو ڇو ته ايترن اميدوارن مان ڪنهن هڪ جوا انتخاب ڪرڻو هو. پر انٽرويو بورڊ جا ميمبر هاٿي، گينڊو ۽ ڦاڙهو ٽيئي متفقه طور تي سڀني اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڪا هئا. دليل هي هيو ته سرپرست ۾، انٽرويو ۾ ايندڙ سڀني اميدوارن جون خوبيون هجڻ کپن.

”پر انهن سڀني کي سرپرست مقرر ڪيو وڃي ته ولي عهد جي عمر جا ٽي حصا ته سرپرستن سان گڏ ئي گذري ويندا. پوءِ هو حڪومت جون واڳون ڪڏهن سنڀاليندو؟“ شينهن پڇيو.

ڳالهه صحيح هئي، ان ڪري سڀ ميمبر سوچ ۾ پئجي ويا. آخر ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ بورڊ اهو فيصلو ڏنو ته، انهن سڀني جانورن جي بجاءِ ڪنهن هڪ انسان کي ولي عهد جو سرپرست مقرر ڪيو وڃي. ڇو ته ان اڪيلي ۾ انهن سڀني جون خوبيون موجود آهن.

گل ڦل حساب پرولي 3 جو جواب

هيٺين ٻارن جا جواب درست آهن. ۽ انهن جا نالا شايع ڪجن ٿا.

جواب: ٻڙي

1- عبدالجبار سيٺار لاڙڪاڻو 2- شبير احمد اعواڻ ڪنڌ ڪوٽ 3- ذاولفقار علي پيراهين ميرپور ماٿيلو 4-علي اڪبرڏهر بوذدار وڏا 5- سنيل ڪمار لنڊ ڏهرڪي 6- غلام مرتضيٰ شيخ ڳوٺ خير محمد آريجا 7- ارشاد علي تنيو اڳڙا 8- شفيق احمد رند جوهي 9- تاج محمد عباسي ٺٽو 10- آغا فاروق پٺاڻ ڪنڌڪوٽ 11- محمد يوسف لاکو لواري شريف 12- نويد عبدالفتاح سيال لاڙڪاڻو 13- عبدالعزيز ميمڻ ٽنڊو آدم 14- فيصل ميمڻ بڪيرا شريف 15- دليپ ڪمار عادلپور 16- عبدالجبار سٺيو ٽنڊو محمد خان 17- مختيار احمد شيخ هنڱورجا 18- جعفري شبير حسين سمون بوزدار وڏا 19- علي اڪبر سنڌي لاڙڪاڻو 20- شير زمان جمالي نواب شاهه 21- علي اصغر مڱڻيجو وارهه 22- محمد يوسف بوبي سومرو نسيم ننگر حيدرآباد 23- فهد احمد عباسي لاڙڪاڻو 24 سمير سنڌي لاڙڪاڻو 25- ثناالله ڀٽي رتو ديرو 26- ايس حاجي محمد مٺواڻي ڏيپلو 27- شفيق اقبال قاضي هالا نوان 29- ساڌو جي  30- علي اصغر پتافي داد لغاري 31- ڪاشف علي بليدي دڙي 32- جوهر لال ڪاريڙا ڏهرڪي 33- نسيم احمد گهنچو هنڱورو 34 نفيس علي ميمڻ بٺورو 35- عبدالروف ميمڻ سجاول 36- محمد عتيق سومرو لاڙڪاڻو 37- مير ممتاز علي وگهيو دادو 38- شبير حسين سمون بوزدار وڏا 39- محمد صادق فاروقي داد لعاري 40- جان محمد ملاح ڪڍڻ 41- نويد عباس ميمڻ سجاول 42- عبداللطيف چانڊيو 43- زاهد علي ڀٽو ڪنڌڪوٽ 44- بشير احمد منگي ڇاندڻ شريف 45- ولي محمد سومرو لواري 46- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو 47- راجيش تلريجا حيات پتافي 48- محمد يونس شيخ بدين 49- ويرو مل قاضي احمد 50 اسلم قادر اڳڙا 51- جاويد علي لاشاري نواب شاهه 52 مهرالنساءِ هالاڻي 53- خادم سنڌي داد لغاري 54- جاويد احمد شيخ هنڱورجا 55- اعجاز احمد چنا ڪنڌ ڪوٽ 56- نويد عبدالفتاح سيال 57- عابده پروين ڏهرڪي 58- محمد حسن اگهيم بگهاڙ موري 59- اعجاز علي تنيو وارهه 60- مظفر احمد چانڊيو وارهه 61- پريم چند سٺ ميل 62- جيوي پروين کوسڪي  63- عبدالجليل بليدي کوسڪي 64- محمد يوسف ڀٽي بڪيرا 65- شوڪت علي ميمڻ ڄام شورو 66- انيس الرحمنٰ نظاماڻي ٽنڊو سومرو 67- عبدالله سومرو وارهه 68- الطاف حسين ڀٽي بوزدار وڏا 69- محمد علي ميمڻ دڙو 70- محمد اسلم مڱڻيجو وارهه 71- مڪيس ڪمار ڏهرڪي 72- محمد حنيف کٽي سجاول 73- محمد الياس واهوجو وارهه 74- علي محمد ڏهر بوزدار وڏا 75- جميل احمد کٽي بدين 76- اياز حسين شيخ قمبر 77- منير احمد مير جت خيرپور ميرس 78- اظهر الدين شيخ شڪارپور 79- امر لعل مينگهواڙ ڏهرڪي 80- محمد انور ملڪ ڏهرڪي.

نتجيو رنگ ڀريو

هن ڀيري به سڀ تصويرون محترمه طارق علم کي ڏيکاريو ويون جنهن ۾ پهريون نمبر تصوير ثناالله ڀٽي ڪلاس ستون بي گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتو ديرو جي آئي. جنهن کي ٽن مهينن لاءِ رسالو مفت موڪلبو.

باقي هيٺين ٻارن حصو ورتو.

2- ڪاشف سعيد لاڙڪاڻو 3- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو 4- عبدالجبار سٺيو ٽنڊو محمد خان 5- نسيم گهنڃو هنڱورو 6- قمرالدين قريشي وارهه 7- نويد عبدالفتاح سيال لاڙڪاڻو 8- عبدالجليل بليدي کوسڪي 9- محمد نور گاڏهي ميهڙ 10- نارائڻ آشواڻي مهيشوري سجاول 11- علي اڪبر سنڌي لاڙڪاڻو 12- سجاد علي ميراڻي ڏوڪري 13- رسول بخش موريو ڏوڪري 14- منظور احمد ساهڙ 15- عبدالجبار سيٺار لاڙڪاڻو.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه جو آخري نتيجو

هيٺين ٻارن جون ڳالهيون پهتيون، جن مان هڪ ۽ ٻه نمبر واريو ڳالهيون شايع ڪجن ٿيون ۽ باقي نالا شايع ڪجن ٿا.

1- شيخ رياض ڪرم آباد 2- محمد نور گاڏهي ميهڙ 3- راج ڪپور خانپور مهر 4- عبدالوحيد چانڊيو قمبر 5- امداد حسين پتافي خانپور مهر 6- منير احمد مير جت خيرپور ميرس 7- اشوڪ راماني ٽنڊو باگو 8- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو 9- عبدالوسيع لنڊ ميهڙ 10- مظهرالدين ڪنڀر باڊهه 11- ڪليم الله ملاح شاهپور چاڪر 12- نرسنگ لعل کيماڻي خانپور مهر 13- امتياز حسين لاکو ميرپور 14 ممتاز علي ميمڻ ٻيلو شهر 15- نسيم گهنڃو هنڱورو 16- نويد عبدالفتاح سيال 17- غلام حسين خاصخيلي بوبڪ 18- غلام محمد ڀٽي باڊهه 19- جان محمد لاشاري 20- محمد يونس شيخ 21- خالد حسين شيخ قمبر 22- واجد علي کوسو دادو 23- منير حسين مير جت خيرپور ميرس 24- سجاد علي ميراڻي موهن جو دڙو 25- سمير سنڌي لاڙڪاڻو 26- محمد شعيب بروهي خيرپور ميرس 27- امر لعل مينگهواڙ ڏهرڪي 28- دليپ ڪمار عادلپور 29- فياض جوڻيجو ڏوڪري 30- خادم سنڌي داد لغاري 31- قطب علي جمالي نواب شاهه 32- ڪاشف سندراڻي دڙي 33- جاويد شيخ هنڱورجا 34- ايم اسلم ڪنڀر کورواهه 35- حميده قادر تنيو اڳڙا 36- شبير احمد اعواڻ ڪنڌڪوٽ 37- قادر بخش سومرو وارهه 38- شڪيل احمد کٽي چوهڙ جمالي 29- محمد ميمڻ چوهڙ جمالي 40- غوث بخش قمبر 41- مهيش ڪمار خانپور مهر 42- غلام مهدي لاشاري سکر 43- محمد عثمان ناهيون ٺٽو.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ذهني آزمائش نمبر 2

سوال نمبر 1: رشتو ٻڌايو

   مون جڏهن طارق کان پڇيو ته غلام نبي تنهنجو ڇا ٿئي؟ ان تي طارق جواب ڏنو ته غلام نبي منهنجي ڏاڏي جي اڪيلي نُهن جي اڪيلي پٽ جو مامو ٿئي. ٻڌايو ته غلام نبي طارق جو ڇا ٿئي.

سوال نمبر 2: شاهه جو بيت مڪمل ڪريو

پتنگ چاهين پاڻ کي، ته پسي مچ م موٽ،

سهائي سپرين جي، ڪهڙ ته ٿيين گهوٽ،

سوال نمبر 3: شخصيت ٻڌايو

علم ۽ روحانيت سان واسطو -  سترهين عيسوي صديءَ ۾ رحلت ڪيائين. وفات کان اٺ سال پوءِ سندس حياتيءَ جو احوال ۽ ڪلام تربيت ڏنو ويو

سوال نمبر 4: زيرو، زبرون ۽ پيش بدلائي هيٺين لفظ مان گهٽ ۾ گهٽ چار معنيٰ وارا لفظ ٺاهيو

ڪن

سوال نمبر 6: انگريزن سنڌ کي پهريون ٽن ضلعن ۾ ورهايو هو، انهن ضلعن جا نالا ٻڌايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com