ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارو!
جنوري 1991ع جو خاص پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو....؟
خاص پرچي سان شامل ڪئلينڊر جي ڪابه قيمت نه هئي
اِهو ڪئلينڊر هر سال جيئن، هن سال به اوهان لاءِ
سوکڙي طور شامل هو، ۽ ها جنوري جو پرچو اوهان
تائين دير سان پهچڻ لاءِ اوهان کان معذرت چاهيان
ٿو.
ٻارو! مواد موڪلڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه جيڪا
اوهان کي هميشه ذهن نشين ڪري ڇڏڻ گهرجي سا اِها
ته، اوهان گل ڦل ۾ ايندڙ جنهن به سلسلي ۾ شامل ٿيڻ
چاهيو ان کي الڳ صاف پني تي، هڪ پاسي تي لکي اسان
کي اماڻيو، جيئن مواد جي ورهائڻ ۽ آساني ٿي سگهي ۽
ساڳي ريت ڪهاڻي يا مضمون به صاف پني تي هڪپاسي تي
وڏين وٿين سان لکي اماڻڻ گهرجي جيڪي ٻار مٿين
ڳالهه تي عمل نه ڪندا، تن ٻارن جو مواد گل ڦل ۾
شامل نه ڪيو ويندو.
پيارا ٻارو! 15 فيبروري جي سورج سان بهار جي موسم
به پنهنجي رنگ رنگيلا ڇپر کولي ڌرتي کي پنهنجي
سونهن ۽ سوڀيا سان گل رنگ ڪرڻ جي شروعات ڪندي. اڄ
اوهان به اسان سان واعدو ڪريو ته جيئن ئي بهار جي
موسم جي شروعات ٿيندي، گل ڦل پڙهندڙ هر ٻار پنهنجي
گهرجي آڳنڌ ۾، پنهنجي اسڪول جي گرائونڊ ۾ ڪنهن گل
جو ٻوٽو، يا وڻ جي چڪي ضرور پوکيندا ڪيئن ٺيڪ آهي
نه؟ ۽ ان مهم کي پنهنجي ذميداري سمجهي عمل ڪرڻ سان
گڏ ٻين ٻارڙن کي به عمل ڪرائيندا. ڇو ته ڌرتي کي
سائو ستابو رکڻ اسان جي قومي ذميداري به اهي.
چڱو ٻارو ساٿ سلامت.
اڪبر جسڪاڻي
انور هالائي
لطيفي لات
سوري آهي سينگار، اَڳهين عاشِقَن جو،
مُڙَڻُ موٽَڻ ميهڻون، ٿئا نظاري نروار،
ڪُسَڻ جو قرار، اَصل عاشقن کي.
معنيٰ: سوري
=
ڦاسي. سينگار
=
فخر، اعزاز. قرار
=
انجام، قول، ٻول.
هن بيت ۾ سوري سچ پچ ڦاسي ڪانهي بلڪ هڪ ڀيٽ ڪيل
آهي انهن عاشقن جي، جيڪي خدا تعاليٰ جي عشق ۾ محو
۽ مست آهي ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ هر تڪليف ڏک ۽
سختيون هن کي پاڻ لا وڏو فخر ۽ اعزاز سمجهن ٿا. هو
جڏهن ان راهه يعني الله جي واٽ ۾ پنڌ ڪن ٿا ته
موٽڻ خواه مڙڻ هنن لاءِ طعنو آهي ڇاڪاڻ ته هو ان
جو اعلان کليو کلايو ڪن ٿا ڪابه لڪ ڇپ ڪونه ٿا
لڳن. ڇاڪاڻ ته انهن تڪليفن ۾ سختين سهڻ جو ٻول هنن
اڳيئي روح پيدا ٿيڻ شرط پنهنجي ملڪ خدا تعليٰ سان
ڪيو هو جنهنڪري هنن لاءِ ڪابه سختي يا تڪليف ڪانهي
بلڪه راحت ئي راحت آهي.
ڪمال ڄامڙو
صبح جي دُعا
صبح جا سائين، تون هر ڪنهن جي عرض اگهائين
توکي ٿا ٻاڏايون، تون ئي ٿو ورنائين
سڄو ڏينهن سائين، سک ۽ امن جو گذار
مزدور هاري، شام جو خير سان موٽائين.
صبح جو سنبري سهي، وڃون ٿا پڙهڻ.
سڀني کي پنهنجي، مقصدن ۾ ڪامياب فرمائين،
آ رب وٽ باس، ٻچا ٿئين هر موڙ ۾ پاس،
اي مولا سائين شل امڙ جي دعا اگهائين.
ڌرتي جي گولي تي، هر قومي ٽولي تي،
پنهنجن پيارن جي، سنڌڙيءَ جو مان وڌائين.
اشفاق سومرو مرزاپور
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 13 مارچ 1828ع ۾ جنوبي جرمنيءَ
جي هڪ ڳوٺ ”السر فيلٽ“ ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ جو
نالو ”جارج ٽرمپ“ هو. ڳوٺ جي ٻاهران کيتي واڙي ڪري
پيو زندگيءَ جو گذر سفر ڪندو هو ۽ ڊکاڻڪي ڪار ڪرڻ
لاءِ به ڪجهه وقت ڪڍندو هو. هن جي والده جونالو
”سارا“ هو.
جنهن علائقي ۾ ٽرمپ پيدا ٿيو اهو علائقوق انهن
ڏينهن ۾ مارٽن لوٿر جي تحريڪ اصلاح جو محور ۽ مرڪز
۾ ٺڻيل هو. هتان جي اڪثر آبادي هن تحريڪ سان
ڳانڍاپيل هئي ۽ اهي هن جي فروغ لاءِ سرگرم عمل
هئا.
چئن سالن جي عمر ۾ ٽرمپ کي اسڪول ۾ ويهاريو ويو.
هڪڙي ڏينهن ڳوٺ ڇي ٻاهران خانه بدوشن جا پکَا لڳل
ڏنا. انهن خانه بدوشن جي ٻولي هن کي ڀلي لڳي، هو
هر روز وقت بچائي انهن جي ٻولي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ
اوڏانهن ويندو هو ۽ پوري غور سان انهن جي ٻولي ٻڌڻ
۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
جڏهن پيءَ کي اهڙي پٽ جي دلچسپيءِ جي خبر پئي ته
ٽرمپ کي هڪ ويجهي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جتي
هن لاطيني، يوناني ۽ ٻيون به ڪيتريونئي زبانون
سِکي ورتيون. 17 سال جي عمر ۾ ٽرمپ پنهنجي تعليم
مڪمل ڪئي، پڻس جو خيال هو ته ٽرمپ ”لوٿر“ تحريڪ جو
سرگرم بڻجي انهيءَ ڪري ٽرمپ کي ڪنهن مذهبي مدرسي ۾
داخل ڪرايو ويو. جتي هن مذهبي تعليم سان گڏوگڏ
عبراني سنسڪرت، عربي ۽ حبشي زبانون سِکي ۽ سمجهي
ورتيون پوءِ به هن اڃان پنهنجي رٿيل تعليم پوري ئي
نه ڪئي هُئي، ته سنه 1848ع ۾ جرمنيءَ ۾ ”لبرل“
تحريڪ زور پڪڙيندي رهي ٽرمپ انهيءَ تحريڪ ۾ هڪ
جوشيلي ڪارڪن جي حيثيت سان داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾
جرمني ننڍن ننڍن رياستن ۾ ورهايل هئي ۽ انهن جا
حڪمران ڪنهن به اهڙي تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ پورو زور
هلايو ۽ هر حربو استعمال ڪيو ويو مگر ٽرمپ سميت
ڪيترائي ٻيا سرگرم نوجوان گرفتار ڪيا ويا. بعد ۾
جڏهن آزاد ڪيا ويا ته ٽرمپ دل برداشت ٿي سوئزرلينڊ
هليو ويو. دراصل هو اهڙين حالتن جي تلاش ۾ هو، جتي
هو پنهنجي پسنديده موضوع يعني مطالع لسانيت کي
جاري رکي سگهي. بلااَخر هو انگلستان هليو ويو جتي
هن کي اسڪول ۾ هيڊ ماستري ملي وئي ۽ شاگردن کي
لاطيني ۽ يوناني زبانون پڙهڻ لڳو. مگر جلدئي کيس
ڪنهن ٻي اداري ۾ کنيو ويو جتي هن جي رابطو ”چرچ
سوسائٽي“ سان ٿيو ۽ پوءِ کيس حڪم مليو ته هو
هندوستان سان وڃي اتان جي ڪجهه زبانن جي گرامر ۽
لغات تيار ڪرڻ تائين مبلغن کي مسيحت جي ڦهلاءَ ۾
آساني ٿئي. ٽرمپ هيءَ تجويز خوشيءِ سان منظور ڪئي
۽ 1854ع جي موسم گرما ۾ هو هندستان روانو ٿي ويو.
پهريائين بمبئيءَ آيو ۽ اتان بذريئي بحري جهاز ۾
45 سيپٽمبر 1854ع تي ڪراچي پهتو، هتي پهچڻ کان
پوءِ هو پنهنجي هڪ قلمي ڪتاب ۾ ڪراچي جي ناموافق
آبهوا جو ذڪر ڪيو. هو ڪراچي کي مٽي ۾ ڪکن جا ٺهيل
جهوپڙين جي بي هنگم شهر ڪوٺي ٿو. شهر جي آبادي
پنهنجاهه هزارن کان گهٽ ٻڌايائين ڪراچي جي آبهوا
ٽرمپ کي راس نه آئي ۽ هو بيمار ٿيندو ويو ليڪن
انهيءَ حالت ۾ به هن سنڌي زبان و ادب کي پنهنجي
موضوع تحقيق بنائي ڇڏيو. جلدئي هن جي مطالعات جي
مشهوري برطانوي ۽ سنڌي اهل قلم تائين پهتي ۽ هو
اهڙن حلقن ۾ مسيحي مبلغ کان سواءِ هڪ عالم جي
حيثيت سان به گهڻو مشهور ٿيو.
ڪراچي ۾ هن جي طبيعت جڏهن زياده خراب ٿي ته علاج
لاءِ فلسطين هليو ويو، جتي هو پروسٽنٽ مشن جي
ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندو رهيو ۽ گڏوگڏ عربي زبان
جو مطالعو به جاري رکندو آيو يروشلم ۾ سندس تعليم،
جرمن جونسل جارج روزن وٽ رهيو. روزن جو شمار معروف
جرمن مستشر قين (عالمن) ۾ ٿئي ٿو جنهن مولانا
روميءَؒ رح جي ٻن دفترن جو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪيو هو. 1891ع ۾ يروشلم ۾ ئي ٽرمپ جي ملاقات
سئزرلينڊ جي هڪ عورت ”پولين لنڊر“ سان ٿي اک ملي
اک سان منٽن ۾ صفائي ٿي وئي ٻنهي هڪٻئي کي پسند
ڪيو. 2 آڪٽوبر 1856ع ۾ شادي ٿي، فورا بعد هو زال
سان گڏ ڪراچيءَ آيو 1857ع تي کيس پٽ ڄائو، ليڪن ٽن
ڏينهن اندر ٻار جي ماءُ هي جهان ڇڏي وئي نومولود
ڪلهي تي رکي ٽرمپ وري جرمنيءَ هليو ويو.
ٻار جي پرورش لاءِ هن 1857ع ۾ ئي وري ٻي شادي ڪئي
15 نومبر 1858ع ۾ زال ۽ اڳئين ٻار سميت ٽرمپ وڏيون
اذيتون سَهِي پشاور آيو 23 ڏينهن جي ڪٺن مسافت کان
پوءِ لاهور کان ٿيندو پشاور پهتو. پهچڻ سان ئي هن
پشتو زبان سکڻ شروع ڪئي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته
پشتو جهڙي ڏُکي ٻولي جلد سکي ويو. ٽن هفتن کان
پوءِ هن پشتو ۾ پنهنجي نظريي جي پرچار شروع ڪيو.
هندوڪش زبانون نه رڳو پشتو پر ڪشميري، براهوي ۽ ڪي
غير معروف زبانن جو به مُطالعو ڪندو رهيو. ٽرمپ
ڏيڍ ورهيه پشاور ۾ رهيو، پوءِ صحت جي خرابيءَ سبب
وڌيڪ عرصو رهي نه سگهيو ۽ واپس هليو ويو. 1860ع ۾
1863ع جي وچ وارو عرصو هو شفٽ گارت ۾ مقيم رهيو ۽
پنهنجيون تحقيقون ۽ تخليقون مختلف زبانن جي
ماهنامن ۾ شايع ڪرائيندو رهيو. کيس اميد هئي ته
”ٽي نيگن يونوروسٽي“ جي مشرقي زبانن جي شعبي ۾ کيس
پروفيسر ملي ويندي مگر يونيورسٽي جي با اثر افراد
جي مخالفت سبب هو پنهنجي خواهش پوري ڪري نه سگهيو
ڪجهه سالن کان پوءِ هو وري هندستان موٽي آيو. هن
دفعي هن جي منزل نه ڪراچي هئي ۽ نه پشاور بلڪ هو
سڌو لاهور آيو ۽ هتي هن پورو هڪ سال گذاريو.
1870ع-1871ع هن حڪومت برطانيه جي فرمائش تي سکن جي
مقدس ڪتاب ”گرنٿ“ جو انگريزيءِ ۾ ترجمو مڪمل ڪيو.
هندستان ۾ ٽرمپ جو هي آخري قيام هو، ليڪن روز شب
جي سخت محنت ۽ آبهوا جي ناموافقت سندس طبيعت کي
وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو ۽ ان جو وڏو اثر سندس بينائيءَ
تي ٻيو انهيءَ ڪري واپس جرمنيءَ هليو ويو. هن دفعي
کيس ”ٽيو نيگن يونورسٽيءَ“ جي سامي زبانن جي شعبي
۾ ريڊر مقرر ڪيو ويو هتي هُو پرسڪون ماحول ۾ ڪم
ڪري نه سگهيو ۽ ڪجهه عرصو ميونخ يونورسٽيءَ جي
انهيءَ شعبه ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو.
ٽرمپ پنهنجي رٽائرمينٽ تائين هن يونورسٽيءَ ۾
فرائض انجام ڏيندو رهيو. ان کانپوءِ ”فريدرش هومل“
جو تقرر ٿيو. هي اهوئي صاحب هو جنهن جي نگرانيءَ ۾
علام اقبال 1907ع ۾ پنهنجو ڊائرئڪٽريٽ مقالو مڪمل
ڪيو هو. عمر جي آخري حصي ۾ ٽرمپ جي بينائي بلڪل
ختم ٿي چڪي هئي جنهن ڪري کيس لکڻ ۽ پڙهڻ متاثر
ٿيو. بلاآخر هو 56 ورهين جي عمر پائي 15 اپريل
1885ع تي انتقال ڪري ويو.
ٽرمپ بنيادي طور تي لسانيات جو ماهر هو. خدا هن کي
مختلف زبانن سکڻ جي وڏي ڏات ڏني هئي. هو هر مشڪل
زبان چنڊ ڏينهن ۾ سکي وٺندو هو. پاڪستان جون مکيه
زبانون سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي براهوي ۽ ڪشميري
وغيره هن آسانيءَ سان سِکي ورتيون هُيون. ٻولين جي
هن کي ”بادشاهه“ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
پاڪستاني زبانن جي حوالي سان ٽرمپ جيڪي ڪتاب تاليف
ڪيا آهن سي هن طرح آهن.
1-
سنڌي ريڊنگ بوڪ:-
(مطبوع لنڊن 1885ع) هن ۾ عربي ۽ ديوناگري کي
استعمال ڪيو ويو آهي تاڪه هندو ۽ مسلم ٻئي هن مان
فائدو وٺي سگهن، ديباچه ۾ سنڌي زبان جي آغاز
وارتقاتي اظهار خيال ڪيو ويو آهي، ان ۾ سنڌي جي
ڪلاسيڪي ادب کانسواءِ نصيحت ڀرين ڪهاڻين کي به جمع
ڪيو ويو آهي.
2-
(شاهه جو رسالو 1689ع – 1752ع):-
شاهه عبداللطيف رح جو رسالو پهريائين ٽرمپ مرتب
ڪيو. صفحن جو تعداد (739) اهي. هي 1868ع ۾ ڇپيو.
سنڌي ادب ۾ هي نسخو نمايان مقام رکي ٿو. هي ٽرمپ
جي وڏي علمي ۽ ادبي خدمت اهي جيڪا ماڻهن سان
پهريون ڀيرو روشناس ٿي.
3-
گرام آف دي سنڌي لنگويچ:-
هي گرام 1876ع ۾ شايع ٿيو هن جي ڇپجڻ کي هڪ صدي لڳ
ڀڳ ٿي گذري آهي ليڪن اڄ به پنهنجي افاديت جي
اعتبار کان سرفهرست آهي. هن گرامر کي اڄ تائين
قابل اعتبار سمجهيو وڃي ٿو.
4-
لَوگِرنٿ جو انگريزي ترجمو:-
ٽرمپ هي ترجمو حڪومت برطانيه جي حڪم تي ڪيو هو ۽
لاهور ۾ هڪ ورهيه ويهي هي گرام مڪمل ڪيو ويو هو.
5-
گرام آف دي پشتو:-
ويانا جي امپريل اڪيڊمي آف سائنس جي سرپرستي ۽
مالي مُعاونت سان هي گرامر لکيو ويو، 1873ع ۾ شايع
ٿيو هن ۾ ايراني ۽ شمالي ڀارت جي زبانن سان موازنو
ڪيو ويو آهي.
انهن ڪتابن کانسواءِ ٽرمپ سنڌي، پشتو، براهوي ۾
شمالي علائقن جي زبانن ۾ قابل قدر مقالا لکيا ويا
آهن جيڪي جرمن ۾ اورينٽل سوسائٽيءَ جي رسالي ۾
شايع ٿيندا رهيا آهن.
امام راشدي
گدڙ پنهنجي ڏَرِ تي شينهن
ڪالهه کان ڏاڍي برسات وسي رهي هئي جيڪا اڄ صبح جو
وڃي ختم ٿي هئي. هر طرف ماحول وڻندڙ هو. وڻ ٽڻ، گل
ٻوٽا ۾ ڌرتي ڌوپي پئي هئي. صبح جي سج جا سونهري
ڪرڻا، هرهر ڪڪرن مان جهاتي پائي، عجيب وغريب نگ
رنگ پکيڙي رهيا هئا. هر طرف پکين جون وڻندڙ ٻوليون
۽ لاتيون جهنگ جي ماحول کي ويتر ڄڻ ته سهڻو ڪري
رهيو هيون. پکي پکڻ، جانور ۽ جيت جڻيا به هن
خوبصورت ماحول جي مزي ماڻڻ لاءِ پنهنجي گهرن،
آکيرن ۾ ٻِرن کان ٻاهر نڪري خوش خوش ٿي رهيا هئا.
گدڙ به مينهن کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڏَرِ ۾ ڪالهاڪون
ائين لڪو ويٺو هو. ڄڻ 107 جي ڪيس ۾ چالان ٿي، جيل
۾ بند ٿيو هجي. مينهن به مينهن هيو ان ۾ نڪرڻ جو
ته تصور نه پيو ڪري سگهجي. گدڙ به بک ۾ ويهي ويهي
ڪُڙهجي پيو هو. جان ڏکي رهي هيس مينهن بند ٿيڻ سان
ئي هو تڪڙ ۾ ڏَرِ کان ٻاهر نڪتو. وڏي اوٻاسي ڏئي،
پنهنجو پاڻ ڇنڊيائين ۽ ماحول جو جائزو وٺڻ لڳو.
پکين جي ٻولين تي هن سج جا ڪرڻا سندس اکين ۾ ترورا
ڪرڻ لڳا. هن کڻي تڪڙ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو. هُن وري آڪڙ
ڀڳو، ۽ سوچڻ لڳو ته، ڪيڏانهن وڃجي. سندس اڳيان
مينهن جي پاڻيءَ جا دُٻا ٺهي پيا هئا. هن سوچيو
ته، اهي ٽپي هو پريان جهنگ ۾ شير شڪار تي هليو
وڃي. هن کي ڪالهاڪون ڏاڍي بک هئي. بک ۾ نه آنڊا
پيا وڍجنس. هو اڃان اهوئي سوچي پيو ته، سَهي کي
ڏسي کيس هڪ ڪئي، ”اڙي. او... سها، بيهه، اتي تو ۾
ڪم آ...“ سهو سمجهي ويو ته، مامي گدڙ جو مون ۾
ڪهڙو ڪم آ... هن کيس بيهي چيو. ”ڳالهه ڪر ماما،
مونکي ڏاڍي تڪڙ آ“ ”اڙي... تون نه ٿو ٻڌين. خبر ئي
نه ٿي پوئي ته، توکي ڪير سڏي رهيو آهي“. گدڙ ٿورو
هلڻ لڳو. ”خبر آ خبر، پنهنجي ڏر تي بيٺو آهين.
تڏهن ٿو اهڙا رعب هلائين. ٻڌو نه ٿي ته، گدڙ به
پنهنجي ڏر تي شينهن هوندو آ، هان! تون به اتي ته
شينهن آهين، باقي ٻاهر ته ڪُتي ٻلي کان به ڊڄين
ٿو. اڙي! تون ته بزدل آن بزدل... شينهن ته جيڪو
آهي سو آهي، سمجهيئه! تو جهڙا ڇا ٿيندا شينهن...!“
سهو اهو چيون وٺي ڀڳو. |