گدڙ کي سهي جا اهي لفظ تير وانگر لڳا. ڪاوڙ ۾ تپي
باهه ٿي ويو. هن سوچيو. ”صبح صبح جو، سهو مون سان
ڏاڍي ڪيون ٿو وڃي. هڪ بک، ٻيو وري سهي جي اها
مجال. ڇا مان، واقعي رڳو پنهنجي ڏر تي شينهن آهيان
هون نه، ته مان ته ٻاهر به شينهن جهڙي دل رکان ٿو،
ڪوڙو، ڪوڙي جو پٽ.....“
هن سهي کي دل ئي دل ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مرڪي، وٺي
پاڻيءَ مان ئي ٽپي سهي جي پٺيان ڀڳو. اڳ ۾ سهو،
پٺيان گدڙ، ائين ڀڄندا پئي ويان، ڄڻ ته شينهن ڪڍ
پيو اٿن سهو ته، پنهنجي چالاڪي سان هر هيڏانهن، هر
هوڏانهن پئي ڀڳو، گدڙ جي پٺيان هڪل پئي پيس ته،
”نه ويندين سها! اڄ ته مان توکي چڱيءِ طرح ٿو
ڏسان. ڪاڏي ڀڄندين! شينهن سان کنئس ڪري، ائين ڀڄبو
آ، بيهه ته خبر پوي نه“ ”ويچارو گدڙ هر هر گپ ۾
ترڪي، ڪري پئي پيو. گپ ۾ سڄو ٿڦجي ڀڀوت ٿي ويو هو.
اوچتو ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز گدڙجي ڪن تي پيو. پر
چڱي ريت ٻڌي نه پئي سگهيو. ڇو ته، هر هر گپ ۾ ڪرڻ
جي ڪري ويچاري جي ڪنن ۾ به مٽي پئجي وئي هئي. گدڙ
پهريون ته لنوايو، جو سمجهيائين ته، شايد منهنجا
ڪن ٿا لنون، پر جڏهن ڪُتي جو ڀونڪڻ ويجهو محسوس
ڪيائين ته، ايمرجنسي بريڪ لڳي ويس. هو بيهي رهيو.
سهو ته ڊوڙندو ڊوڙندو اڳيان نڪري ويو ۽ پريان گاهه
۾ لڪي گدڙ کي ڏسڻ لڳو. گدڙ ڊُڪي ڊُڪي ساڻو ٿي پيو
هو. هو ڏاڍو سهڪي رهيو هو. زبان ٻاهر نڪري آئي
هيس. ڊڪڻ ۾۽ بُک جي ڪري هو ڏڪي رهيو هو. ويتر
ڪُتي جي ڀونڪڻ سندس متين منجهائي ڇڏيون هن کي سهو
ته وسري ويو، پر هاڻي ته، پنهنجي جان جي اچي لڳس.
جيسين هو ڪجهه سوچي ئي سوچي، ائين ڪتي کي ڀونڪندو
پاڻ ڏانهن ايندو محسوس ڪيائين. ۽ هن وٺي پويان پير
ڪيا. گدڙ اڳ ۾ ۽ پٺيان شڪار ڪُتو واءُ مينهن ڪيون
پئي آيو. گدڙ، جيڪو شڪار ڪرڻ نڪتو هو، سو پاڻ شڪار
ٿي رهيو هو. بُک وگهي گدڙ ڊڪي به نه پئي سگهيو.
پر، پوءِ به سر هر ڪنهن کي پيارو آهي. گدڙ جي ڪڍ
موت هو. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. هن کان
ته، ڀَو ۾ گهر جو رستو به وسري ويو. هو نهايت
تيزيءَ سان ۽ ڦڙتيءَ سان ڊُڪي رهيو هو. پويان ڪتو
اوچتو ترڪي پيو ۽ بولاٽيون کائيندو وڃي پرتي ڪريو.
هو اٿيو ۽ ڀڳو، پر، گدڙ پري نڪري ويو هوس. گدڙ کي
اوچتو ڏر نظر آئي ۽ ان ۾ گهڙي ويو. جنهن ۾ اڳ ئي
ٻه گدڙ ستا پيا هئا. هن کي پنهنجي مٿان ڪرندو ڏسي،
هنن کان به رڙ نڪري وئي. ويچارو گدڙ ڦانءِ ٿي ڪري
پيو. هو ڀَو ۾ ايترو ته تيز سهڪي ۽ ڏڪي رهيو هو جو
آواز ٻاهر به پئي ٻڌو. هو ان ڊپ ۾ ته، متان ڪاڪو
ڪتو آواز ٻڌي اندر نه هليو اچي! پر هو اهڙي ماٺ
ڪري ويهي رهيو ڄڻ ته، آهي ئي ڪونه هنن ٻنهي گدڙن
کانئس پڇڻ پئي چاهيو، پر تيسين ڪتو به ڀوڪندو اچي
ڏر مٿان پهتو ۽ زور زور سان ڀونڪڻ لڳو. ۽ هو ٻئي
خاموش ٿي ويا. گدڙ پاڻ تي ضابطي رکڻ لاءِ هن
پنهنجي ساهه کي منجهايو ته، سهي پر سهڪو جاري هيس.
ڪتو ڪافي دير تائين ڀونڪي ڀونڪي هليو ويو. گدڙ ته
سمجهيو، بس اڄ خير ڪونهي، شايد ڪتو ٻاهر لڪي ويهي
رهيو آهي. ان ڀو۾ هو بيمار ٿي پيو. مٿو سور ۾ ڦاٽڻ
لڳس. گِگ وهندي رهيس بک ۽ اڃ ۾ وڦلڻ لڳو. ڏر ۾ ٻه
ڏينهن سخت بيمار رهڻ کان پوءِ ويچارو گدڙ راهه
رباني وٺي رمندو رهيو. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي.
حافظ علي گل
نظم
پيارا ٻارو پاڻ سڃاڻو
ننڍڙا وڏڙا علم پرايو
علم خدا جي اعليٰ نعمت
علم وڌائي عزت عظمت
سمجهو علم اتم سرمايو
علم وڏي هڪ دولت آهي
”اقراء“ مالڪ ٿو فرمائي
ڪين پڙهڻ کان ڀاءُ ڪيٻايو
ڏيه اجالو علم ڪري ٿو
جو نه پڙهي سو ظلم ڪري ٿو
ٻارو وقت نه هاڻ وڃايو
علم بنا انسان اڌورو
سمجهه اهو حيوان سمورو
سوچ ته شاعر ڇا ورجايو
لکڻ پڙهڻ جو سهڻو ڪم آ
سڀ کان ساٿي علم اتم آ
مٺڙا مڪتب کان نه نٽايو
صنم، نشو ۾ نعيم سونهارا
کڻج ڪتاب پڙهه اي پيارا
جلدي يونيفارم پايو
علم جي دولت رب بخشيندو
گل جان چهرا ٽڙندا رهندو
ٻرڙي ٻوليون دل سان لايو
مرتضيٰ سومرو
ننڍڙو ٻار
گلن جهڙو مان ننڍڙو ٻار
پڙهڻ لکڻ سان مون کي پيار
جهر مر جهر مر چمڪون اسان
ننڍو وڏو لهي اسان جي سار
سدائين رهياسين ته اسان
هر ڪنهن ماڻهو سان سچار
سچ ڳالهايون سچ چئون
ڪوڙ جي نه ڪريو مور پچار
وڙهو نه ڪنهن ساڻ ڪڏهن
سڄو اسان کي وڻي هي سنسار
پيءُ منهنجو هڪ هاري آهي
ڏيان نه ڏکويان مون نه ميار
عبدالله ”شجاع“ سنڌي
”موسم بهار“
موسم بهار آئي آهي
هر ڪنهن خوشي ملهائي آهي
پکي باغن ۾ لاتيرون لنون ٿا
سڀني خدا جي تعريف ڪن ٿا
واهه! واهه! خدا جي خدائي آهي
موسم بهار آئي آهي
موسم سڀ کي پياري هيءَ آ
سڀ لئه راحت واري هيءَ آ
غمگينن عيد ملهائي آهي
موسم بهار آئي آهي
وڻ ٽڻ هوا ۾ خوب لڏن ٿا
راحت سان اڄ راند کيڏن ٿا
ڀائو! مند ملهاري آهي
موسم بهار آئي آهي
سرهاڻ گلن ۾ آئي آ اڄ
پوپٽ واس وٺائي آ اڄ
دلڙيءَ کي ٿي بهاري آهي
موسم بهار آئي آهي
ڪڪر خوشيءَ جا وَسي پيا
”شجاع“ جا غم لهي پيا
خوب ٿي گل گلزاري آهي
موسم بهار آئي آهي
امير بخش پٺاڻ
اُڀ ۾ سهاڻ چنڊ ستارا
پوءِ ڀي ڌرتيءَ وارا پيارا.
پيارا ٻارو!
اوهانکي چڱيءَ طرح ياد هوندو ته اسان جي نبي ڪريمﷺ
ڏانهن ڌڻي طرفان پهريون پيغام اهو پهتو ته ”پڙهه“.
پڙهڻ اهي مٿي چڙهڻ، جن پڙهيو ۽ ان تي عمل ڪيو، سي
ئي موچارا ماڻهو ٿيا. لکڻ پڙهڻ ئي انسان کي علم،
اديب، شاعر محقق ۽ صحافي بڻائيندو آهي. جيڪڏهن
اسان به لکڻ پڙهڻ سان دل لڳائينداسين ته هر ڪو
اسان کي قلم ڌڻي چوندو.
اوهان ۽ اسان جي سنڌ ڪيترائي عالم اديب، شاعر ۽
صحافي پيدا ڪيا آهن. انهن مان جن فيبروريءَ ۾ وفات
ڪئي، اچو ته انهن مان ڪن جا نالا نوٽ ڪري ڇڏيون:
1-
ڊاڪٽر گربخشاڻي
جنهن شرح سان ”شاهه جو رسالو“ مرتب ڪيو ۽ جيڪو
”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو ڪيترا سال صدر ٿي رهيو.
2-
مولاني شيدائي
جنهن سنڌ جي تاريخ تي گهڻو ڪم ڪيو ۽ پنهنجي دور جو
مشهور شاعر، صحافي ۽ محقق ٿي گذريو آهي.
3-
اسدالله شاهه ٽکڙاتي
جنهن آزادي جي تحريڪ ۾ حصو
ورتو ۽ پاڻ عالم ۽ علم دوست انسان هو.
4-
غلام احمد ”نظامي“
جيڪو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سندس وفات کان
پوءِ هن جي شاگرد ۽ دوست شاعرن ”بزم نظامي“ قائم
ڪئي.
5. محمد عثمان ڏيپلائي
جيڪو مشهور صحافي ۽ اديب ٿي گذريو آهي ۽ جنهن
ڪيترائي ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا.
6. مولوي دين محمد ”اديب“
جيڪو مشهور ديني عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي ۽ جنهن
مولانا رومي جي مثنوي جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪيو.
”ڄاڻ جي کاڻ“
(نبي ڪريم جا رشتيدار)
والد محترم حضرت عبدالله اصل نالو عبدالدار
والده محترم بيبي آمنه
ڏاڏو محترم: حضرت عبدالمطلب اصل نالو عامر
پڙ ڏاڏو محترم: حضرت هاشم
پڙ ڏاڏي محترمه: بيبي سلميٰ
ڏاڏي محترمه: بيبي فاطمه بنت عمرو
ناني محترمه: بره بنت عبدالعزيٰ
نانو محترم: حضرت وهب
چاچا محترم: ڪل يارنهن، جن مان حضرت ابو طالب،
حضرت زبير حضرت حمزه، حضرت عباس ۽ ابولهب جا نالا
مشهور آهن.
ازواج مطهرات: بيب خديجه الڪبريٰ رضه، بيبي سوده
رضه، بيبي عائشه، بيبي خفضه بيبي زينب بنت خزيمه،
بيبي زينب زينت بنت حجش، بيبي ام حبيبه، بيبي ام
سلميٰ بيبي ميمونه، بيبي صفيه، بيبي جويريه ماريه
قبطيه.
فرزند ارجمند: حضرت ابراهيم.
ڏوهٽا: حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين
سوٽ: حضرت علي
مکيه سهرا محترم: بيبي خديجة الڪبريٰ جو والد
خويلد
بيبي عائشه جو والد حضرت ابوبڪر
حضرت حفضه جو والد حضرت عمر بن خطاب
(ڪتاب ”رهبر اعظم“ از سيد گل محمد شاهه بخاري
وغيره تان ورتل)
موڪليندڙ غلام مصطفيٰ پٺاڻ
گورمنٽ هاءِ اسڪول آريجا
ٻارن لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل نوان ڪتاب
1.
شهيد جي ماءُ- ليکڪ يوسف سنڌي- ڪهاڻيون- قيمت-6
رپيه گهرائڻ جي ائڊريس: گهر نمبر 9.5 بابن شاهه
ڪالوني حيدرآباد سنڌ.
2.
مسلمانن جا سائنسي ڪارناما. مضمون.
3.
مصنف: غلام مصطفيٰ مشتاق – قيمت 5 رپيه
4.
گهرائڻ جي ائڊريس: غلام مصطفيٰ مشتاق، لاهوري محلو
لاڙڪاڻو.
5.
ڌرتي روشن ٿيندي-شاعر: مختيار مڱڻهار – قيمت -8
رپيه.
6.
گهرائڻ جي ائڊريس: سنڌي ادبي سنگت زرعي يونيورسٽي
ٽنڊو ڄام.
7.
گيتن جي گلزاري – شاعر ڊاڪٽر نواز علي شوق – قيمت-
10 روپيه.
8.
گهرائڻ جي ائڊريس: مڪتبه برهان اردو بازار ڪراچي.
موهن سنگهه
ولي سروري
ٻار
درگاهن تي مڃتا ڪرائي
مال ۽ دولت سڀ وڪڻائي
ويٺي ويٺي ڇرڪ ڪڍائي
اَڻ ٿيڻيون جي ٿيڻيون ڪرائي
ٻچي کان ڪا شي به نه پياري
جنهن جي بکايل دنيا ساري
ڀل هجي ڪا حور پري
ٺاهوڪي ۽ سونهن ڀري
شاهاڻي گهر ڄائي پري
توڙي هنڊائي پٽ ذري
پورو سندس سينگار نه چئبو
جيسين گود ۾ ٻار نه چئبو
زال مڙس جي پاڻ ۾ رُٺا
بار جي صدقي ٻئي سان پرتا
ٿورو ٿيڻ تي سڀ سک ڦٽا
هڪڙي هونگ سان چوڪڙا لٿا
اهڙو ميوو ڪنهن به نه ڏٺو
جيئن جيئن ڪچو تيئن تئين مٺو
مسڪينن کان شاهن توڙي
ٻار جي مرضي ڪنهن به موڙي
حسن حسين جي پياري جوڙي
جن لئه عربي بڻيو گهوڙي
شاهن جو پڻ شان ٻچي سان
مال دولت جو مان ٻچي سان
نيڻ ٻچي جا پيارا پيارا
جيئن سي مشعل نور منارا
ڪومل ڪومل هون هونگارا
ڄڻ ڪي صحيفا ڄڻ سيپارا
جيڪو روز انهن کي پڙهندو
ڏاهو سڏبو چاڙهي چڙهندو
(ساوي پتر مان آزاد ترجمو)
رحيم بخش بلوچ
استاد ۽ شاگرد جي باهمي تعلق
ماضيءَ کان وٺي، موجوده دور تائين، هر دور ۾ استاد
۽ شاگرد جي باهمي تعلق کي وڏي اهميت حاصل آهي.
اهوئي تعلق شاگرد جي صحيح ۽ مڪمل نشو نما لاءِ سنگ
ميل جي حيثيت رکي ٿي ٿو.
تعليم ۽ تدريس يعني سکڻ ۽ سيکارڻ جي عمل ۾ ٻن
هستين جو ڪردار هوندو آهي. هڪ استاد ۽ ٻيو شاگرد.
استاد جي اهميت کان هر ڪو واقف اهي. دنيا جي هر
مذهب ۾ استاد جي اهميت نمايان نظر اچي ٿي. اسلام ۾
ته کيس روحاني، پيءُ جو درجو حاصل آهي. اهوئي سبب
آهي، جو سڪندراعظم جهڙو بادشاهه به هميشه پنهنجي
استاد کي تخت تي ساڄي پاسي ۽ پيءُ کي کاٻي پاسي
ويهاريندو هو.
هڪ يوناني مفڪر جو قول آهي، ته ”پنهنجي استاد تي
عدم اعتماد جو اظهار، بحيشيت استاد جي قتل ڪرڻ جي
مترادف آهي.“ ڇاڪاڻ ته هن سڄي دنيا ۾ والدين کان
پوءِ استاد جهڙو ٻيو ڪو به خير خواه نه هوندو اهي. |