سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1983ع

باب: --

صفحو :5

دولت جي ديوار

امجد، جي چهري تي فڪر جون ريکائون ڇانيل هيون. هو پارڪ ۾ سائي ڇٻر تي ويٺو ڪجهه سوچي رهيو هو. وقت تيزي سان گذرندو پئي ويو ۽ سندس مايوسي، نااميدي ۾ بدلبي پئي ويئي. سندس ڪنن ۾ ڊاڪٽر جا لفظ پڙاڏو بنجي گونجي رهيا هئا ته شاهد کي ايندڙ چئن ڪلاڪن تائين به رت نه مليو ته هو......!“

”نه نه...... نه“ هن مٿو جهٽڪي خيالن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيو. ”منهنجي هوندي ائين ڪونه ٿيندو.“ سندس چهرو پگهرجي چڪو هو ۽ پگهر جا ڦڙا سندس قميص آلي ڪري رهيا هئا.

شاهد ۽ امجد ٻئي همڪلاسي ضرور هئا، پر ٻنهي جي وچ ۾ وڏو ويڇو هو. ڇو ته امجد، هڪ سرمائيدار جو اڪيلو سرمايو هو ۽ شاهد هڪ پيٽ بکئي ڪڙميءَ جو پٽ. جڏهن به شاهد، امجد ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو ته امجد سندس آڏو اوچي..... هماليه کان به اوچي دولت جي ديوار ٿي کڙي ڪئي!

اهو جمع جو ڏينهن هو. امجد، سائيڪل تي چڙهي سير لاءِ نڪتو ۽ بيخبري ۾ سائيڪل وڃي ٿنڀي سان ٽڪري ۽ سندس مٿي مان رت سمڻ لڳو. اوچتو گهٽيءَ مان شاهد جو گذر ٿيو. امجد کي هن حال ۾ ڏسي سندس دل ڀرجي آئي. اڳين نفرتن کي وساري، کيس سهارو ڏنائين ۽ گهر جي در وٽ ڇڏي آيو! امجد حيرت مان سندس منهن پئي تڪيو.

شاهد جي اخلاق جي پابندي ڏسي. هن پاڻ کي تمام ڪَريل محسوس ڪيو. هن کي پنهنجو وجود براين ۽ گهيريل نظر آيو ۽ پوءِ هن سوچي ورتو ته کيس شاهد کان معافي وٺڻ گهرجي.

ٻئي ڏينهن جڏهن اسڪول پهتو ته شاهد کي ڪونه ڏٺائين. مبن کان پڇيائين، تنهن چيس ته ”ڪالهه شام شاهد جو ڪار سان ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو، سو هينئر اسپتال ۾ هوندو.“

”فڪر جي ڳالهه ته ڪانهي؟“ هن تڪڙ ۾ چيو.

”بلڪل آهي“ مبن چيو ”ڊاڪٽر چيو آهي ته اگر، شاهد کي ترت رت نه مليو ته هو مري ويندو.“

هو ڊوڙندو ڊوڙندو اسپتال پهتو ته ٻاهران ئي شاهد جي پوڙهي پيءُ کي ملول چهري سان ڏٺائين، جيڪو هڪ موٽي شخص کي رت لاءِ ليلائي رهيو هو، ۽ موٽي نهڪر پئي ڪئي.

هو يڪدم ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ بدحواسي سان چيائين: ”سائين شاهد لاءِ منهنجو رت ڪڍو... مان حاضر آهيان“ ڊاڪٽر،پهرين کانئس غور سان نهاريو ۽ پوءِ هڪ نرس کي سڏي چيائين، ”سسٽر: هن جو ”ويٽ“ ڪريو، اگر پورو پوي ته ڀلي رت ڪڍوس.“

جڏهن وزن ٿورو گهٽ ٿيو ته هو ملول ٿي ويو. هو شاهد کي رت نه پئي ڏيئي سگهيو، پر پوءِ به ڊاڪٽر کي منٿون ڪرڻ لڳو، مگربيسود، ان بعد هو باغ ۾ دير تائين ويٺو سوچيندو رهيو. آخر سندس ذهن ۾ هڪ اٽڪل آئي. هن نئين ٺهندڙ روڊ ڏانهن ڊوڙ پاتي. اتان ٻه ننڍڙا پٿر جن جو وزن سير کن هو؛ ۽ بلڪل لسا هئا، ڳولي کنيا. ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي پٿرن کي پنهنجي رومال جي پٽين سان پنين وٽ مضبوط ٻڌائين. ان ڪارروائي بعد هن اسپتال جو رخ ڪيو.

............ ۽ هاڻي جڏهن سندس ”ويٽ“ ڪيو ويو ته ڪجهه زياده نڪتو. ڊاڪٽر ڏانهنس حيرت مان نهاريو، پاڻ اهو چئي جند ڇڏايائين ”شايد اڳ ۾ غلطي ٿي هجي. سندس رت ٽيسٽ ٿيو ته “O” نيگيٽو نڪتو.

ڪجهه دير بعد سندس ملول چهري تي اطمينان بخش مسڪراهٽ ڇانيل هئي. هو ڪمزوري جي باوجود پاڻ کي نوبنو محسوس ڪري رهيو هو. شاهد جي جان بچائجي چڪي هئي. هن شاهد جي روم جو دروازو کوليو ۽ اندر داخل ٿي ويو، هماليه کان به اُوچي ۽ ڪاغذ جهڙي ڪوڙي دولت جي ديوار کي پرزا پرزا ڪندي....!!

سڪندر علي نائچ، دادو

باندر جي چالاڪي

ايران ۾ هڪ يورپي آفيسر وٽ هڪ بورچي ليم ون هوندو هو ۽ هڪ باندر به هوندو هو جيڪو ليم ون کي بورچيخاني جي ڪيترن ئي رڌ پچاءَ جي ڪمن ۾ مدد ڪندو هو.

هڪ ڏينهن صبح جو سوير بورچي ٻه ڪڪڙ باندر جي حوالي ڪيا ۽ چيائين ته ”صفا ڪري کڻي اچ“ جيسين آئون ٻيو ڪم ڪريان بورچي ڪم ڪندو رهيو، تيسين تائين باندر ان جي اڳيان ويهي ڪڪڙ صاف ڪرڻ لڳو. پر جڏهن بورچي بازار ڏانهن سودو وٺڻ ويو. تڏهن باندر ٻئي ڪڪڙ کڻي کڏ تي چڙهي ويو ۽ اُس ۾ ڪڪڙ صاف ڪرڻ لڳو.

ڪڪڙ صاف ڪري پنهنجي ڀرسان رکيائين ۽ ٻئي کي صفا ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ سرڻ لامارو ڏئي صفا ٿيل گوشت کڻي ويئي ۽ سامهون وڻ تي ويهي گوشت کائڻ لڳي.

باندر بورچيخاني ۾ وڃي صفا ٿيل ڪڪڙ رکي انهيءَ مان ٿورو ڪچو گوشت کڻي وري ڇت تي چڙهي ويو ۽ گوشت وارو هٿ مٿي آسمان ۾ کڻي ليٽي پيو ڄڻ ته مئل هو ٿوروئي وقت گذريو ته سرڻ به لامارو ڏنو. باندر ته اڳيئي سڙيو ويٺو هو. جهٽ پٽ کڻي سرڻ کي قابو ڪيائين. سندس ڪنڌ مروٽي اڇلي صفا ڪري ان کي به ڪڪڙ جي گوشت سان گڏي رکي آرام سان پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو ۽ بورچي جو انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ليم ون اچي ويو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جي ڪمن کان واندو ٿي جو گوشت کي ڏٺائين ته هڪ هلڪو ۽ ٻيو ڳرو لڳو سو باندر کان پڇيائين ته ڪهڙي بلا آهي؟ ٻين نوڪرن هن کي سڏي ڳالهه ٻڌائي ۽ سفارش ڪيائونس ته باندر کي مارج نه سندس ڪوبه قصور نه آهي، بورچي ۽ ٻيا نوڪر کلي کلي کيرا ٿي پيا ۽ باندر جو قصور معاف ڪيو ويو.

ساڌ مل ولاسائي

سَلام ۽ سَنيهَا

رضيه سلطانه ٽنڊو محمد خان: ڀاءُ، اوهان منهنجين هيٺين تجويزن تي عمل ڪندا ته سٺو ٿيندو. رسالو هر مهيني جي پهرين تاريخ تي آڻيو، ننڍڙا اديب ڪالم ۾ صفحا وڌايو. سنڌ جي سير کان پوءِ پنجاب جو سير ڪرايو وڏن اديبن مان رباني صاحب ڇو نه ٿو لکي.

(ڀيڻ اوهان جي تجويزن تي عمل ڪبو، رباني صاحب ڪجهه نه ڪجهه ٻارن لاءِ ضرور لکندو.)

احمد علي چنو لعلو رائنڪ: ادل، رسالو آڪٽوبر جو ڏاڍو وڻيو. پر ڏاڍو دير سان ٿا رسالو بازار ۾ آڻيو مهرباني ڪري پهرين تاريخ تي رسالو ڪڍندا. ٻيو عرض ته اوهان اچو ته ڪهاڻي لکون ۾ 18 سالن جو شرط لکيو آهي جڏهن ته منهنجي عمر 16 سال آهي.

(ڀاءُ ڪي ٽيڪنيڪل مجبوريون آهن ان ڪري رسالو دير سان ٿو نڪري باقي 18 سالن جو شرط آهي، اوهان جي عمر 16 سال آهي، اوهان ته لکي سگهو ٿا.)

زيرو ٺڪر ڳوٺ دودو لغاري: ڀاءُ هن مهيني گل ڦل ۾ لڙڪ ۽ مرڪ چوري کان توبهه ڪهاڻيون وڻيون، ننڍڙا اديب ۾ به سٺيون ڪهاڻيون هيون.

(مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني).

طارق بلوچ ڌنڱاڻو بوزدار: ڀاءُ، سليم اختر جو فوٽو موڪليان پيو شايع ڪندا ته مهرباني ٿيندي (سڄڻ ڪجهه مهينا دير ٿيندي.)

خدا بخش شورو ڪوٽڙي: ڀاءُ، مون رسالو پهريون ڀيرو ورتو آهي. مواد ڏاڍو سٺو اٿس. قلمي دوست جو ڪالم شروع ڪريو.

(مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.)

عبدالڪريم ٽانوري ڪنڊيارو: ڀاءُ، هن مهيني ۾ رخسانا ناز جو مضمون سٺو لکيل هو ۽ ٻيو مواد به سٺو هو. مان ڪهاڻي موڪليان ته شايع ڪندا يا نه.

(ڀاءُ، ڪهاڻي موڪليو شايع ٿيڻ جهڙي هوندي ته شايع ڪبي.)

آخوند محمد اسلم خاصخيلي: ادل، رسالو جڏهن به ايندو آهي ته دل و جان سان پڙهندو آهيان، مواد اڳ کان اڳرو اچي ٿو.

(مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.)

ذوالفقار جسڪاڻي جوهي: ڀاءُ رسالو مان هر مهيني پڙهندو آهيان ڪجهه مواد موڪليان پيو.

(ڀاءُ مواد ٻيو موڪليو.)

طارق ناز سنڌي: گل ڦل هر مهيني پڙهندو آهيان، هي رسالو ٻارن جو واحد رسالو آهي جيڪو سنڌ مان نڪري ٿو. مان ڪجهه مواد موڪليان ٿو شايع ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

(ادل مواد واري سان شايع ڪبو.)

ڪشور ڪمار رتوديرو: ادل فوٽو موڪليان ٿو جلد شايع ڪندا.

(ڀاءُ، فوٽو واري سان شايع ڪبو.)

شاهد علي لاڙڪ لاڙڪاڻو: ڀاءُ، مان رسالو هر مهيني پڙهندو آهيان مهرباني ڪري فوٽو شايع ڪندا.

(ادل، فوٽو واري اچڻ تي شايع ڪبو.)

سڪندر: علي جمالي لاڙڪاڻو:

ڀاءُ اوهان ڏانهن ڪافي مواد موڪليا اٿئون پر شايع نه ٿا ڪريو. ڇا جن جو مواد شايع ڪيو ٿا، اهي اوهان جا واقفڪار آهن.

(نه ڀاءُ، اسان هر ڇپجڻ جهڙي شيءِ ڇپيندا آهيون.)

سعيد اڪبر مهر شڪارپور: ادل ٽائيٽل جي تصوير ڪيئن ٺاهي موڪليون.

(ڀاءُ سڌو ڪلر ۾ به ٺاهي سگهو ٿا ۽ لائين ورڪ ۾ به.)

واحد لطيف کٽياڻ ميرپورخاص: ڀاءُ هن مهيني جو مواد پسند آيو، هڪ ڀاءُ انور ملڪ پرايون ڪهاڻيون پنهنجي نالي شايع ڪرائي ٿو. توهان جو واعدو رسالو پهرين تاريخ تي ايندو ڪوڙو ثابت ٿيو آ. مهرباني ڪري قلمي دوستي جو ڪالم هلائيندا.

(ادل فني مجبورين سبب رسالو واقعي دير سان ٿو نڪري ان لاءِ مان مجبور آهيان.)

فيض محمد سومرو ميرپور ٻرڙو: ادل مواد مهرباني ڪري شايع ڪندا.

(ڀاءُ مواد ٻيو موڪليو.)

حفيظ کوهارو لاڙڪاڻو: ڀاءُ ٽائيٽل جو ڇا ٿيو. ڇاپيندا يا نه؟ جواب ئي ڪونه ٿا ڏيو.

(ڀاءُ ٽائيٽل اخلاق انصاري سان هٿوهٿ موڪليا اٿم. جواب لاءِ ٽي خط موڪليا اٿم الائي ڇو اوهان کي نه مليا آهن، ٻيو ٽائيٽل ٺاهي موڪليو ته مهرباني ٿيندي.)

 

قاضي منظر حيات: ڀاءُ ڪهاڻي نمبر لاءِ انعامي ڪتاب مليو باقي بورڊ طرفان ڪتاب ڪڏهن ٿا موڪليو.

(ڀاءُ بورڊ طرفان ڪو ڪتاب رکيل ڪونهي، اسان کي جيڪي دوست ڪتاب ڪهاڻي سلسلي لاءِ موڪلين ٿا اُهي ڏيون ٿا.)

دولت

·       دولتمند ڪنجوسي جي طرف مائل رهندو آهي ۽ عالم فياضي جي طرف.

·       دولت وقت سان گڏ گهٽجي ٿي، جڏهن ته علم وقت سان گڏ وڌي ٿو.

·       دولت سان دل ۽ دماغ تي اوندهه ڇانيل رهي ٿي، پر علم سان دل ۽ دماغ روشن رهي ٿو.

-         موڪليندڙ: عذرا پروين عباسي نواب شاهه

اچو ته ڪهاڻي لکون

اچو ته ڪهاڻي لکون جو سلسلو ٻارن ۾ مقبول ٿي ويو آهي. ۽ ڪيترائي ٻار شوق سان حصو وٺن ٿا. ان جي مقبوليت کي ڏسي پهريون ۽ ٻيو نمبر ايندڙ ڪهاڻيڪارن کي ڪتاب انعام ۾ موڪليا ويندا آهن.

اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ هڪ رهنما مواد هر مهيني ڏنو ويندو آهي. ان لاءِ هيٺيان شرط مقرر ڪيا ويا آهن:

1- ارڙهن سالن جو ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي سگهي ٿو.

2- هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون نمبر 17 جو ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.

3- ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو، جو اسان وٽ 20 جنوري 1984ع تائين پهچڻ گهرجي.

4- ڪهاڻي گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي ۽ ڪهاڻي پني جي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل ڪهاڻي کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.

5- ڪهاڻيڪار پوري ائڊريس لکي موڪلين سندن نالا پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.

اچو ته ڪهاڻي لکون 17-

رهنما مواد

”پٽ ڏس سيءُ پيو پوي، صبح جو وقت آ. مٿي سان ڪجهه ويڙهه، نه ته ٿڌ لڳنديئي.“ ”ڇڏ امڙ. ٿڌ ڪانه ٿي لڳي.“

”ابا ڏس بخار ٿي پيو اٿئي، ٿڌ ۾ مفلر ويڙهين ته سٺو نه.“

امڙ جا اهي لفظ ٻڌي پشيمان ٿئي ٿو. اهو مواد ذهن ۾ رکي ڪهاڻي لکو.

ڪهاڻي موڪلڻ جو پتو

اچو ته ڪهاڻي لکون

ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد.

نتيجو اچو ته ڪهاڻي لکون

ماهه آگسٽ 1983ع جي پرچي ۾ ”اچو ته ڪهاڻي لکون“ جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو.

1- واحد لطيف کٽياڻ 2- شوڪت علي راهمون 3- سعيد اڪبر مهر 4- شمع کٽياڻ ميرپورخاص 5- شميم کٽياڻ ميرپورخاص 6- قاضي منظر حيات 7- محمد صفر ميمڻ لاڙڪاڻو 8- علي عباس بڙدي کوسا پل 9- غلام رسول عباسي سکر 10- ستار ميمڻ 11- محمد سليم سميجو 12- راجا راحيل اقبال ڏيپلو 13- فيض محمد سومرو ميرپور ٻرڙو 14- محمد اسلم ٽڳڙ لاڙڪاڻو 15- مير محمد مير بحر دادو 16- ارشاد جان محمد خاصخيلي صوڀو ديرو 17- نند لال ڪلوئي شهر 18- عزيز الله ميمڻ سيٺارجا 19- کيمراج مل عمرڪوٽ 20- نبي بخش خاصخيلي ڍالو خاصخيلي 21- ممتاز علي شاهه، جهان پور شريف 22- وجئه ڪڪريجا حيات پتافي 23- احمد علي چنو لعلو رائنڪ 24- علي انور دايو حيات پتافي 25- شاهه نواز تنيو نور پور 26- مير محمد ڀٽي ٺل 27- طارق ناز سنڌي تماچاڻي 28- پرويز علي تنيو 29- شاڪر حسين بلوچ خيرپور ميرس 30- گلاب چنه ڪلوئي 31- ڳڻپت راءِ ميرپورخاص 32- اسلم خاصخيلي ڍالو خاصخيلي 33- ممتاز علي منگي صوڀو ديرو 34- عبدالڪريم ٽانوري الهه بخش ٽانوري 35- ڀڳوانداس ٽنڊو آدم 36- ايم ابراهيم کوکر نئون ديرو 37- عذرا پروين عباسي نواب شاهه 38- نانود خاصخيلي ڍالو خاصخيلي 39- ايم هارون ناشاد پانڌياڻي 40- مسعود احمد چنو ٽنڊو آدم 41- غلام اصغر دايو ٺل 42- فرح ناز رحيم بخش سومرو شڪارپور 43- ايم نواز بوزدار دليار 44- عبدالرزاق چانڊيو سوجهرو ميراڻي 45- رحيم بخش ميرپور خاص 46- سردار عباس ٺل 47- عباس علي ميراڻي راڌڻ اسٽيشن 48- نويد الاهي شيخ شهدادڪوٽ 49- فاروق حيدر سومرو ٺارو شاهه 50- محمد انور ملڪ ٽلٽي 51- محمد حنيف سومرو نواب ولي محمد 52- برجلال ميرپورخاص 53- شبانا ناز سومرو شڪارپور 54- زبيده ناز نواب شاهه 55- اياز علي سومرو ٺارو شاهه 56- رياض علي جيڪب آباد 57- رحيم بخش دايو ٺل 58- عزيزالله ٺٽو 59- الهڏتو عظيم سومرو لاڙڪاڻو 60- الهه بچايو ميمڻ نواب شاهه 61- نثار احمد شيخ دادو 62- ذوالفقار علي ميمڻ حيدرآباد 63- ساجده پروين حيدرآباد 64- عزيزه شورو حيدرآباد 65- فهيم ميمڻ هالا نوان 66- شهزادو سليم ميمڻ ڪراچي.

ججن جي فيصلي موجب هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنيون ويون آهن. اهي پنهنجي صحيح ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

1- واحد لطيف کٽياڻ ميرپورخاص.

2- شوڪت علي راهمون.

بورڊ طرفان جديد سنڌي ادب تي انعام

سنڌي ادبي بورڊ هلندڙ سال 1983ع کان مهراڻ رسالي ۾ بهترين ادب تي ساليانا انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بورڊ طرفان جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي زبان ۾ تخليقي ادب جي حوصلي افزائيءَ لاءِ هڪ هڪ هزار رپين جا ٽي انعام بهترين مضمون، بهترين ڪهاڻي ۽ بهترين شعر تي ڏنا ويندا.

سنڌي زبان ۾ ادبي ترجمن کي همٿائڻ لاءِ ساڳيءَ ريت پنجن پنجن سون رپين جا ٽي انعام مترجمن کي به ڏنا ويندا. انعامن جو فيصلو سنڌي زبان جا ٽي ممتاز عالم، اديب ۽ شاعر ڪندا، جن ۾ بورڊ جو ڪوبه عهديدار شامل نه هوندو ۽ نه وري بورڊ جي ملازمن جون تحريرون انهيءَ انعامي مقابلي ۾ شامل هونديون.

انعام جو اعلان سال پوري ٿيڻ تي، نئين سال جي جنوري مهيني ۾ ڪيو ويندو.

هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ

هڪ ٻار جو جواب صحيح آيو

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 50 جو نتيجو ظاهر

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 50 جو نتيجو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ 26 نومبر تي ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن جي روبرو ظاهر ڪيو.

ساڄي کان کاٻي:

2- چنڊ 3- دوست 4- گجر 7- روم 8- وهه 9- هڻ کڻ 10- مٿي.

مٿان کان هيٺ:

1- سودو 3- درهم 5- جوکن 6- رهڻ.

هڪ ٻار جو جواب صحيح هجڻ ڪري مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو کيس هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام ۾ موڪليا ويندا.

نرملا ڪماري بجاج معرفت جاڙو مل گهر نمبر 858- بي گجواڻي محلو روهڙي سکر.

نوٽ: ٻارن جي خواهش تي آڏ اکري بند ڪري اچو ته خال ڀريون ڪالم شروع ڪيون پيا. جنهن ۾ صحيح جواب ايندڙ ٻارن جا نالا شايع ڪيا ويندا. اچو ته خال ڀريون جنوري 1984ع کان شروع ڪبو.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 52

هڪ سؤ روپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 15- جنوري 1984ع

نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 16- جنوري 1984ع

هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن. انهن کي اهڙي طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ بامقصد ٿي وڃن. جملن ۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن. ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن.

نمبرن جي روشني ۾ جملا پڙهي، خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان ڏانهن مقرر تاريخ اندر ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 52 لکڻ ضروري آهي.

جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا. انهن کي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح جواب ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻار هوندا ته انعام وارا ڪتاب هڪ جيترا ورهايا ويندا. جيڪڏهن صحيح ڪوبه جواب نه آيو ته اهو انعام هڪ غلطي وارن ٻارن ۾ ورهايو ويندو.

هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻار ٻڌل رهندا. ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.

پوسٽ باڪس نمبر 12- حيدرآباد تي آڏ اکري ڳجهارت جا خال ڀري موڪلڻ گهرجن.

 

ساڄي کان کاٻي:

1- اُن........ مان لطف ايندو آهي جڏهن صدارت جي ڪرسيءَ تي ڪا عظيم شخصيت رونق افروز هوندي آهي.

2- ڪيترائي مالدار ماڻهو اهڙا به آهن جن کي زماني ۾...... ٿيندو ڏٺو ويو آهي.

3- منزل مقصود ماڻڻ ۾........ جو وڏو هٿ آهي.

5- اسلام کان اڳ ۾ ڪافرن جي مشهور بتن مان هڪ مشهور بت....... جيڪو ’منات‘ سان وابسته رهندو آيو آهي.

7- دنيا جو مشهور تاريخ دان ابو جعفر محمد ابن جرير....... جنهن جا اکر اڳتي پوئتي لکجي ويا آهن.

9- نين نين سائنسي ايجادن سبب هاڻي عام ماڻهوءَ جي نظر به دنيا جي سمورين....... تي آهي.

مٿان کان هيٺ:

2- ننڍڙي ٻار کي آڏا اُبتا ليڪا پائيندو ڏسي اِنهيءَ....... تي ڪي والدين ٻار جي فطري چاهه ۽ لاڙي جو چڱيءَ پر اندازو لڳائي سگهندا آهن.

4- ........ عادت کان مجبور هوندو آهي پنهنجي دشمن کي هرگز نه بخشيندو آهي.

6- طاقت سان........ جو ڳوڙهو ناتو آهي.

8- بنيو هو نه....... ۾، اڃا ڪي آدم.            (شاهه)

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 52

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com