سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1983ع

باب: --

صفحو :2

ماڻس کي خبر تڏهن پئي، جڏهن هي پڪو جوئاري ٿي چڪو هو ۽ هاڻي ته ماڻس جون آهون دانهون، سختيون، سمجهاڻيون مٿس ڪوبه اثر ڪونه ڪنديون هيون! هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندو هئو.

جئا جي عادت ايڏي پختي ٿي چڪي هيس جو چوريون ڪري، ڪٿان به پئسا آڻي اها عادت پوري ڪندو هيو! هاڻي ته هن هڪ نئون ۽ پختو طريقو چوريءَ جو ڳولي ورتو هيو! ائين ئي هلندي گهمندي گهٽين ۾ بازارن ۾، جتي به ڪنهن ننڍڙي ٻار کي هٿ ۾ پئسا ڏسندو هيو ته بس اوچتوئي اوچتو چهپٽو هڻي، پئسا کڻي ڊوڙ پائي ڀڄي ويندو هو.

اهڙو ئي هڪ ڏينهن هيو! اڄ به هو انهيءَ ارادي سان ساجهر سوير گهران نڪري ان ساڳي ئي پاڙي طرف هلڻ لڳو ته جيئن اسڪول ويندڙ ٻارن کي هٽڪي ڪجي!

صبح جي مهل هئي! گهٽين ۾ ڪمن ڪارين وارن ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. ڪو آيو پي ته ڪو ويو پي.

خادم به هيڏانهن هوڏانهن نظرون ڊوڙائيندو اچي ان پاڙي ۾ بيٺو!

کيس اتي بيٺي اڃا کن پل جو مس گذريو ته اوچتو هڪ ننڍڙي نينگري ڊوڙندي ڏانهس وڌي! هيءَ اها ساڳي نينگري هئي، جنهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن ونگ سنگ پين ۽ پنجين جو نوٽ کسيو هيو! ڇوڪري سندس قميص جي اَڳي کي مٺ ۾ مضبوطيءَ سان جهلي پنهنجي پيءُ کي وڏي آواز ۾ تڪڙا تڪڙا سڏ ڪرڻ لڳي!

جيڪو ڪجهه فاصلي تي ڪنهن ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۾ مشغول هيو!

بابا! بابا... ”او ابا“! جلدي اچ بابا!

”اوهيو هي ڇوڪرو، جيڪو اسان کان پئسا ڦريندو آ!“

انهي ڏينهن به هيءُ ئي مان کان پين ۽ پئسا ڦري ويو هيو!

ڇوڪريءَ جو پيءُ تڪڙو تڪڙو ويو! خادم کي اچي ٻانهن کان جهليائين!

ان اوچتي آفت کانئس ڀڄڻ جون سڀ واٽون وساري ڇڏيون. وايون بتال ڪري ڇڏيون! خوف وچان اکيون ڦاٽي ويس! سندس سڄو بدن ڏڪڻ لڳو! تنهن هوندي به هو ڀڄڻ لاءِ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو ته جيئن ڀڄي جان ڇڏائجي! پر هو به ڪٿي ٿا ڇڏينس.

هنن کي ته ڪيترن ڏهاڙن جي ڳولا کان پوءِ اهو چور هٿ آيو هيو جيڪو سندن معصوم ٻارن سان ظلم ڪري، سندن خرچيون کسي هليو ويندو هيو!

ان ڇوڪريءَ جي پيءُ هڪ سنهي ڪهو جي لٺ کنئي ۽ اچي ورتائينس! موچڙن سان.

اڙي ٻڌاءِ! بدمعاش! ڪير آهين! ڪنهن جو پٽ آهين!

هان!؟

کسيندين اسان جن معصومن کان اڳتي پئسا.

تون پاڻ هڪ معصوم ٻار ٿي ڪري اهڙا ڪم ٿو ڪرين! ٻڌاءِ ڪندين اڳتي ائين... ايندين هن پاڙي ۾ اڳتي...؟

”هل ته مان توکي پوليس ۾ ٿو ڏيان.“

نه! نه! خدا جي واسطي نه! مان اڳتي ائين ڪونه ڪندس! مان... مان توبهه ٿو ڪيان! مون کي معافي ڏيو! مون کي معافي.

ان ايڏي ساري گوڙ تي سڄي پاڙي جا ٻار، ماڻهو اچي مڙيا ۽ جن جن ٻارن کان خادم پئسا ڦريا هيا! سي کيس ڪٽڻ لڳا. ڪو ڌڪ هڻڻ لڳو ته ڪو مڪ ته ڪو لت.

خادم ٻئي هٿ ٻڌي، اکين ۾ ويچارگي ڀري کين ليلائڻ لڳو.

خدا جي واسطي مون کي معافي ڏيو! مان آئينده ڪونه ڪندس مان توبهه ٿو ڪيان!“

سندس انهن منٿن، آزين نيزارين، واعدن قَسمن تي کيس ڇڏي ڏنائون!

هو هينئر ايڏي مار کائي اڌ مئو ٿي پيو هيو جو گذريل ويل وقت جو هڪ هڪ پل، پڇتاءُ جو گهاءُ بنجي سندس من گهائي رهيو هيو.

وقت بوقت ڪيل ماءُ جون نصيحتون سمجهاڻيون آهون، دانهون پڙاڏو بنجي سندس ڪنن ۾ گونججي رهيون هيون.

هي آهستي آهستي گهر طرف هلڻ لڳو! سندس بدن مان رکي رکي ٿي سور جون سرمٽون اڀريون! نيڻن مان ندامت جا لڙڪ لڙي سندس چهرو ڀڄائي رهيا هئا.

گهر جي چائنٺ اڪري اندر آيو! سندس ماءُ، جا سامهون چپ چاپ ويٺي، پنهنجي خادم جي ڳڻتين ۾ ڳري، ۽ خدا کان دعائون پي گهريائين سا پٽ جي هيءَ حالت ڏسي پريشان ٿي وئي!

خادم ڊوڙي وڃي ماءُ جي پيرن تي ڪريو ۽ سندس پيرن کي چمڻ لڳو.

مٺڙي امڙ! مون کي معاف ڪر! مان تنهن جو چيو نه مڃي، نه رڳو توسان پر پنهنجو پاڻ سان به ظلم ڪيو هيو! ۽ ان جي سزا مون کي ملي چڪي آ.

”امان اڳتي تنهنجو هر چوڻ مڃيندس امان! مان اسڪول به ويندس مان وڏو ماڻهو ٿيندس امان! تنهنجي لاءِ! پنهنجي لاءِ!“

ماڻس خوشيءَ مان هڪدم کيس کڻي ڇاتيءَ سان لاٿو ۽ سندس ڳوڙهن هاڻان ڳل چمڻ لڳي.

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

اسان جو نبي سڳورو

اسان جي نبي سڳوري جن جو نالو حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ آهي. پاڻ حضرت عبدالله جا فرزند آهن. سندن ولادت تاريخ 12- ربع الاول 20- اپريل 570ع تي، عربستان جي شهر مڪي پاڪ ۾ ٿي. قريش خاندان جي ’هاشمي قبيلي‘ سان سندن تعلق آهي. سندن والده سڳوريءَ جو نالو ’بيبي آمنه‘ آهي. ننڍپڻ ۾ ئي سندن والد وفات ڪئي.

عرب جي رواج موجب، انهن ڏينهن ۾ ننڍڙن ٻارن کي شهر کان ٻاهر صحرا جي بدري قبيلن ڏانهن پالنا لاءِ موڪليو ويندو هو اسان جي نبي سڳوري جن کي به بني سعد قبيلي جي هڪ نيڪ بخت عورت، بيبي حليمه سعديه جي حوالي ڪيو ويو. اتي پاڻ چئن سالن تائين پرورش ورتائون. ڇهن ورهين جي عمر ۾ سندن والده به وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندن ڏاڏي عبدالمطلب، سندن پالنا ڪئي. اٺن ورهين جي عمر ۾ هن به کانئن جدائي ڪئي. هينئر. پاڻ، پنهنجي چاچي ابوطالب سان گڏجي رهڻ لڳا. ساڻن گڏجي رڍون ۽ ٻڪريون به چاريندا رهيا ۽ واپار سانگي ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ لڳا.

اسان جي نبي سڳوري جن جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي ماٺيڻي هئي ۽ هميشہ سچ ڳالهائيندا هئا. ڪڏهن به ڪنهن کي ڏک نه ڏنائون. غريبن، مسڪينن ۽ بي واهن جي سدائين سار سنڀال لهندا هئا. مظلومن جي ڊوڙي وڃي مدد ڪندا هئا.

پاڻ ”امين“ به هئا. هڪ دفعي ڪعبت الله شريف جي نئين سر اڏاوت ٿيڻ سان ’حجر اَسود‘ جي رکڻ لاءِ، قريش قبيلي جي ماڻهن ۾ جهڳڙو ٿي پيو. پاڻ وچ ۾ اچي، بنا خون خرابي جي، تڪرار ختم ڪرائي ڇڏيائون. سڄي عرب جا ماڻهو کين ايماندار ۽ سچار ڪري سڏيندا هئا.

مڪي وارن جون خراب رسمون کين پسند نه هيون. خاص ڪري الله تعاليٰ کي ڇڏي. پٿر جي بتن جي پوڄا ڪرڻ کان کين سخت ڪاوڙ هئي. ڪوڙ ڳالهائڻ، چوري ڪرڻ، جوا کيڏڻ، زنا ڪرڻ ۽ شراب پيئڻ جهڙيون عادتون کين هرگز پسند نه هيون. چاليهن ورهين جي عمر ۾ الله تعاليٰ طرفان ”نبوت“ جو درجو ملڻ سان، هدايتون ڏيڻ لڳا ۽ عام ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لڳا. سندن نصيحت، مردن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه کي، ٻارن ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضه کي، عورتن ۾ بيبي خديجة الڪبريٰ رضه کي ۽ غلامن (ٻانهن) ۾ زيد بن حارث رضه کي مسلمان بڻايو،

نبوت ملڻ سان، مڪي وارن مٿن ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ شروع ڪيون. ايتري قدر جو کين هرقسم جون تڪليفون به ڏنائون.

جيئن ته پاڻ سڄي دنيا لاءِ ”رحمت اللعالمين“ بڻجي آيا هئا؛ انهي ڪري ڪنهن کي به پنهنجي رحمت کان پري نه ڪيائون. مڪي وارن مٿن طرح طرح جا ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. الله تعاليٰ سندن نگهبان هو، انهيءَ ڪري دشمن، سندن وار به ونگو ڪري نه سگهيا. سال 620ع ۾، نبوت جي ڏهين سال، تاريخ 27 رجب تي ”معراج“ تي ويا. اتي الله تعاليٰ سان روبرو گفتگو ڪيائون ۽ اسان مسلمانن لاءِ ”پنج وقت نماز“ جو پيغام آندائون.

ڪافرن جي روز بروز وڌندڙ دشمنيءَ سببان، آخرڪار نبوت جي ٻارهين سال تاريخ 5- آگسٽ 622ع تي مديني شريف ڏانهن ”هجرت“ ڪيائون. اسان مسلمانن جو ”هجري سن“ انهيءَ ڏينهن کان شروع ٿئي ٿو.

نبي سڳورا مديني شريف ۾ رهڻ لڳا مڪي وارن اتي به سندن پيڇو نه ڇڏيو. پاڻ ڪافرن سان 18 جنگيون ڪيائون، جن ۾ سندن ئي سوڀ ٿي. پاڻ 63 ورهين جي حياتيءَ ۾، سومر جي ڏينهن، تاريخ 12 ربيع الاول 14 هه مطابق 27 مئي 632ع تي، پنهنجي عظيم مقصد کي ڪاميابيءَ سان نڀاهيندي، پروردگار جي حضور ۾ حاضر ٿيا. هن وقت بيبي عائشه صديقه رضه جي حُجري ۾ موجود آهن، جنهن کي ”گُنبذ حضرت“ سڏجي ٿو. رسول پاڪ جن تي ”قرآن پاڪ“ به نازل ٿيو، جنهن ۾ اسان مسلمانن لاءِ هدايت جون واٽون ٻڌايل آهن.

اسان جي نبي سڳوري جن جملي 12 شاديون ڪيون. پهرين شادي بيبي خديجة الڪبريٰ رضه سان ۽ آخري شادي بيبي عائشه صديقه رضه سان ٿين. حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ حضرت عمر فاروق رضه سندن سهرا هئا ۽ حضرت عثمان غني رضه ۽ حضرت علي المرتضيٰ رضه سندن ناٺي هئا.

اقوال زرين

1- جيڪو شخص الله ڏانهن سڏيندڙ جو چيو نه مڃيندو ته اهڙو شخص زمين جي ڪنهن به حصي ۾ الله کان نه ڀڄي سگهندو. (قرآن شريف)

2- توهان حسد کان پري ڀڄو ڇاڪاڻ ته حسد عملن کي ائين بسم ڪري ٿو جيئن باهه ڪاٺين کي. (حضرت محمد صلعم)

3- خواه ڪجهه به ٿئي گناهه انسان کي پشيمانيءَ ۾ ضرور مبتلا ڪندو آهي. (حضرت عثمان غني رضه)

- موڪليندڙ: عبدالخالق علي بلوچ

بسوراج ڪٽيمني                      (ڪَنَڙ ڪهاڻي)

ولي رام ولڀ

 

بوٽُ پالش

بَسوَ راج ڪٽيمني جي ڄمار پنجاهه ورهيه کن ٿيندي. هو شاگردي واري زماني ۾ ئي مُلڪي سياست ٽپي پيو هو. هيل تائين ڇهه ڪهاڻين جا مجموعا، چوويهه ناول، هڪ ناٽڪ ۽ سڀا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل اٿس. هڪ ٽرلاجيءَ تي بمبئي سرڪار جو انعام مليس ۽ هڪ ناول تي سوويت لينڊ نهرو انعام به مليس. هي ڪجهه ورهين لاءِ ميسُور جي حڪومت ۾ به رهيو هو.                       - ولي رام ولڀ

’پالش... بُوٽ پالش...‘

ريلوي اسٽيشن، بس اسٽينڊ، سينيما، ٿيئٽر، ناٽڪ- گهر، هوٽل، ٻاڪڙا چانهه خاني وغيره جي آس پاس اوهان منهنجو اهو آواز ٻڌو آهي. توهان بيزار ڪندڙ منهنجو اهو آواز، سڃاڻيندا هوندؤ. اوهان ڀلي پنهنجي نئين ڪنوار سان باغيچي ۾ کلندي کلندي ڳالهه ٻولهه ڪندي ويٺا هجو، اخبار پڙهندي ريل گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٺا هجو، ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ڪِيوُ ۾ بيٺا هجو، جلدي جلدي گاڏيءَ مان لهي ايندا هجو، بُک کان اوهان جو ساهه ويندو هجي، آئون اهو سڀ ڪجهه نه ڏسندو آهيان منهنجو مقصد هڪ ئي هوندو آهي: بوٽ پالش! منهنجو مطلب هڪ ئي هوندو آهي: هڪ آني جي ڪمائي!

منهنجو آواز ڪنن ۾ پوندي ئي اوهان پنهنجو منهن ٻئي طرف ڦيري ڇڏيندا آهيو، ڀِروُن چاڙهيندا آهيو، گهُوري نهاريندا آهيو. انهن نظرن جي تيرن کان آئون ڊڄڻ وارو نه آهيان. انهن جو آئون عادي ٿي ويو آهيان. اوهان جي ڪؤڙي لهجي ۾ منع ڪرڻ تي به آئون بنا هٻڪ جي هيٺ جُهڪي بوٽن ڏانهن هٿ وڌائيندو آهيان، پوءِ ڏاڍي ادب سان چوندو آهيان: وڌيڪ نه سائين، رڳو هڪ آنو. سٺي پالش ڪندس اصل جهڙي آرسي!‘ پوءِ پنهنجي ڪلهي ۾ ٽنگيل ڳوٿري هيٺ رکي، منجهانئس برش ۽ پالش جي دٻي ڪڍي تيار ٿي ويندو آهيان. اهڙي موقعي تي پالش ڪرائڻ کان سواءِ ڪير رهندو؟ ’آنو ڪهڙي وڏي رقم آهي؟‘ سوچي ’چڱو‘ چئي پنهنجا بوٽ کولي اڳيان رکندو آهي. اُتي ئي ويهي مان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏيندو آهيان- پهرين مٿانئن مٽي صاف ڪندو آهيان، پوءِ پالش. برش کي ساڄي هٿ ۾ بوٽ کي کاٻي هٿ ۾ جهلي رڳڙيندو آهيان، تڏهن اوهان هٿ جي هڻ- هڻان جي رفتار ڏسندو رهڻ ۾ هڪ خاص مزو ايندو آهي. بوٽ تي برش رڳڙيندي منهنجو هٿ ڪيئن نه ڊوڙندو آهي! ڪنهن فنڪار کي اهو ڏسي ڪنڌ جهڪائڻو پوندو. اهو فن ڪيئن ٿو حاصل ٿئي؟ انهيءَ لاءِ به تجربو گهرجي. سائين، تجربو. انهيءَ علم جا سڀ راز ڄاڻڻ گهرجن.

منهنجو ڪوماڻل، منهن، ميرا ڪپڙا ڏسي، منهنجي ڄمار جو اندازو ڪري نه چئجو، ’هن کي وري ڪهڙو تجربو آهي!‘ پنهنجي ڄمار جي پنجين ورهيه کان وٺي هيستائين ڏهه ورهيه بوٽ پالش ڪرڻ کان سواءِ مون ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونه ڪيو آهي. بوٽ پالش معنيٰ مان، مان معنيٰ بوٽ پالش! ايتري قدر جو مان پنهنجي ڌنڌي ۾ رلي ملي ويو آهيان. منهنجي لاءِ هن دنيا کان سواءِ ٻي ڪا دنيا آهي ئي ڪانه. بوٽ پالش جي دنيا منهنجي دنيا آهي. انهيءَ دنيا کان سواءِ منهنجي لاءِ ٻيو ڪو چارو ئي ناهي.

اوهان کي عجب لڳندو هوندو؟ حيرت کائڻ جي ضرورت ناهي، سائين ان جو ڪارڻ ڪو ناهي. هن سنسار ۾ پنهنجو، مان پاڻ ئي آهيان. امان- ابي جو منهن ڏٺم ئي ڪونه. سڌئي نه اٿم ته منهنجي ماءُ ڪير آهي، منهنجو پيءُ ڪير آهي؟ جڏهن سانڀر ۾ آيس ته منهنجي سنڀال هڪڙي بکاري ڪئي. مون جهڙا ڏهه- ٻارهن ٻيا ٻار به ساڻس گڏ هئا. شهر کان ٻاهر مسافرخاني ۾ اسان سڀ گڏ رهندا هئاسين. سڀني ڇوڪرن جو ڪم هڪ ئي هو: بوٽ پالش. صبح کان شام تائين جيڪي ڪمائيندا هئاسين، اُهو کيس ڏيندا هئاسين، هو اسان سڀني کي ماني کارائيندو هو. هن جي نالي جي سڌ به نه اٿم. ويچارو، پوڙهو، کنگهه وگهي بستري تي پيو هوندو هو. انهيءَ حالت ۾ هو اٿندو هو، مسافرخاني جي ڪنڊ ۾ رکيل پٿرن جي چلهه تي چانور رڌيندو هو، ٻن پهرن جو اسان جي اچڻ تائين کاڌو تيار ڪري رکندو هو. اسان سڀن کي پٽن جيان ڀائيندو هو. اسان سڀ کيس ’ڏاڏا‘ چوندا هئاسين. هڪ ڏينهن هو هن دنيا مان موڪلائي ويو. اسان وري بي سهاري رهجي وياسين. اسان سڀ وکري وياسين. اسان سڀني پنهنجي پيرن تي پاڻيهي بيهي جيئڻ سکيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com