ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ،
جڏهن هي پرچو توهان کي ملندو، تڏهن ڊسمبر 1983ع جو
مهينو پنهنجن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هوندو. سال جو سڄو
عرصو اک ڇنڀ ۾ گذري ويو آ.
هن سال اسان اوهان کي ليٽ سيٽ ليڪن پورا ٻارهن
پرچا ڏنا. اڳ ۾ ٻه- ٽي پرچا گڏجي ويندا هئا، پر هن
سال ائين ڪونه ٿيو.
اسان جي ڪوشش آهي ته پرچي کي مواد جي لحاظ کان
سهڻو ڪري ڪڍئون. ان لاءِ اسان شڪر گذار آهيون جو
توهان اسان جي رهنمائي ڪندا رهيا آهيو.
ڪن ٻارن قلمي دوستي ۽ ٻين ڪالمن لاءِ لکيو هو. پر
ڪيترن ٻارن جا خط آيا آهن جيڪي اهو نٿا چاهين،
سندن راءِ اها آهي ته پوءِ رڳو نالا ايندا ۽ مواد
گهٽ ايندو. ان لاءِ اسان في الحال ڪالم ڪونه ٿا
وڌايون. ڪيترن ٻارن اهو به لکيو آهي ته قيمت وڌائي
وڃي ان لاءِ اسان کي توهان جي راءِ جو انتظار آهي
ته قيمت وڌائي وڃي يا نه؟
جنوري 1984ع جي پرچي ۾ گل ڦل جو هر سال وانگيان هن
ڀيري به هڪ بهترين ڪئلينڊر شامل هوندو. جنهن جي
ڪابه ڌار قيمت ڪانهي ڪا. ڪئلينڊر اوهان کي جنوري
جي پرچي سان گڏ ملندو.
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
انور هالائي
لطيفي لات
پَسَنديئي پُر ٿيا، جکروئي جاجِڪَ
تِئان ڏِني مَڱڻي، طَهوُرا جي تِڪ
سَمي ڀڳِينِ سِڪِ، واصِلُ ٿيا وصال ۾.
(شاهه)
هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ سُر بلاول
مان داستان چوٿين جو پنجون بيت آهي.
سمجهاڻي:
مڱڻهار، جکري کي ڏسڻ سان مالا مال ٿيا، اتان پينار
جنت جي سرڪي پيتي. سمي هنن جي پياس ٻجهائي ۽ هو
وڃي حق سان هڪ ٿيا. هن بيت جي مراد آهي، سچن
طالبن، حضور پاڪ جو پيغام ٻڌڻ شرط مٿس ايمان آندو.
خدا تعاليٰ جي موڪليل قرآن تي عمل ڪري هنن الله
تعاليٰ کي وڃي حاصل ڪيو. هر سچي مسلمان کي حضور
پاڪ جن جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي، جيئن کيس خدا
وٽ مانائتو ٿيڻو پوي.
معنيٰ:
پسنديئي
=
ڏسنديئي. پُر
=
ڀرجي ويا. جاجڪ
=
ڳائڻو. طهورا
=
جنت جو شراب. تڪ
=
ڳيت. واصل
=
گڏجڻ، ميلاپ.
نصير مرزا
پوپٽ لاءِ نظم
بسنت رت جا پيارا پوپٽ،
جهٽ پٽ جهٽ پٽ.
گُلڙن تي ڦيرا پائي،
رنگ رتا سُر وکرائي،
دُور ديس ڏانهن اُڏري وڃ!
اُڏري وڃ- ڙي اُڏري وڃ.
ڄاڻ ته آئي- هوالا،
پن ڇڻ رت جي تيز هوا،
گُلِڙن جا هي جهرمر رنگ،
من امنگ،
ڌرتي تي وکرائي ويندي،
سڀڪجهه ساڻ اُڏائي ويندي!
گيتن جي گلزاري ۾،
هن هيڏي ڦلواريءَ ۾،
رنگ نه ڪا پوءِ خوشبو رهندي،
بس ڪويل جي ڪُوڪُو رهندي.
بسنت رت جا پيارا پوپٽ،
بسنت رُت جي ماڻڻ چاهين،
گيت گلابي ڳائڻ چاهين،
جهٽ پٽ جهٽ پٽ،
گُلڙن تي ڦيرا پائي،
رنگ رتا سُر وکرائي،
دور ديس ڏانهن نڪري وڃ،
اُڏري وڃ- ڙي اُڏري وڃ!
علي نواز صابر نظاماڻي
سائيڪل
سائيڪل ڦيريون پائي ٿي!
ٽڻ ٽڻ ڪيو سا ٽاهي ٿي!
منهنجي مٺڙي سائيڪل آئي،
جنهن سان ڪانه پڄي شيءِ ڪائي!
وه وه تنهنجا تکڙا تجلا،
سُر سُر ٻڌندا ڪي ڪي سُريلا!
ور ونگ کايو وري وري ٿي،
هلي وڃي سا پري پري ٿي!
رستي تي ٿي ڏاڍو ڊوڙي،
ڪين هلڻ کان منهنڙي موڙِي!
لاريءَ کان ٿي پاڻ بچائي،
پاڻ بچايو سير ڪرائي!
سائيڪل ڏاڍي سُهڻي آهي،
منهنجي مٺڙي مُهڻي آهي!
آصف مٺياڻوي
نظم
گل ڦل اوهين گهرايو
گل ڦل اوهين گهرايو، بازار ۾ آ، آيو،
ننڍڙا اديب شاعر، ڦوٽا اوهين ڇپايو.
گل ڦل اوهان جو پنهنجو آهي رسالو ٻارو،
اوهين وٺو ۽ پنهنجن دوستن کي وٺايو.
گل ڦل کي اوهين پنهنجون لکيل موڪليو ڪهاڻيون،
گل ڦل رسالو پنهنجو، صبح شام اوهين ڳايو.
گل باغ ۾ کلن جيئن، اوهين به اڄ کلو ايئن،
نئين سال کي گل ڦل ڪري سال اوهين ملهائيو.
معمار قوم جا جي ٿيڻ اوهين ٿا چاهيو،
آڏ اکري ڳجهارت ڀڃو، اوهين ڀڃايو.
مبارڪون هجن لک گل ڦل جي ايڊيٽرن کي،
جفاڪشي ڪري جنهن رسالو آ ڇپايو.
هزار خان وڳڻ وڏا
ٻارڙا
سک اَدب اي ٻارڙا پنهنجي اچي اُستاد کان،
علم حاصل ڪر ڀلي پنهنجي اچي اُستاد کان،
علم کان اڳ تون اَدب جو ڪر سبق پنهنجو پڪو،
هي مجاهد جي نصيحت سک اچي اُستاد کان.
حڪم ٿئي اُستاد جو تون ڪر عمل اُن تي ٻچا،
۽ ڪري ثابت ڏيکارج پُر عمل اُن تي سچا،
نام روشن ڪر جهان ۾ خاص خدمت تون ڪري،
ٿي مجاهد رهه سدا نقش قدم اُن تي ٻچا
سويرو اچو ٻار اسڪول ۾ سڀ،
هلو پيار سان ئي ته اسڪول ۾ سڀ،
نه ڪُلفت ڪڌائي رکو ڪا مجاهد،
ڪيو علم حاصل ته اسڪول ۾ سڀ.
عادل سنڌي باڊهه
علم
علم آ حق جي واٽ، اي ٻارو،
جهالت لاءِ چاٽ، اي ٻارو.
علم بنا انسان انڌو آ،
علم سان تنهن جو شان وڌيو آ،
علم آ روشن لاٽ، اي ٻارو.
علم آ جنهن وٽ، همت تنهن ۾،
علم سان ٿئي ٿي، جرئت تنهن ۾،
علم سان اونچا ڳاٽ، اي ٻارو.
عادل علم ٿو چوٽ چڙهائي،
گدا کي ڀي بادشاهه بنائي،
علم کائي نيٺ! ڦاٽ، اي ٻارو،
علم آ حق جي واٽ، اي ٻارو.
عزيز ڪنگراڻي
سير
اچو ڙي! ٻارو ته سير ڪريون،
هلو ته هلي راڻي باغ گهمون!
جهنگل جون اجگر هي بلائون،
قيد ڪري ڏسو ڪيئن آندائون،
ڪيڏو وڏو نه ڪمال ڪيائون،
دل وندرائڻ ڪاڻ پَسون!
هاٿي باندر سَيسَر لومڙ،
سيڙهه سها ۽ هرڻ بگهڙ،
لنگور مرون ۽ چراخ گدڙ،
شينهن جهنگل جو شير ڏسون!
چيها چٻرا ڪاز ڪبوتر،
جهرڪيون ڳيرا ۽ باز ڪٻر،
بدڪون بگلا ۽ مور تِتَر،
ٻولين ڪڪڙيون ۽ ڪانگ چتون!
انور فگار هڪڙو
نصيحت
ديس جا ننڍڙا مٺڙا ٻار!
ديس سندو تون ئي معمار!
علم سان رک تون پنهنجو چاهه!
وقت وڃائين ڇو بيڪار.
ڪوڙ چوڻ سان مان نه ملندءِ!
سچ کي جت ڪٿ ساٿي سار.
ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃين تون!
هينئڙو هردم تن جو ٺار.
سر تي ڏکڙا سکڙا آهن!
ڪين مگر تون همت هار.
سوچ سان اڳتي وک وڌائج!
همت سان تون ڏونگر ڏار.
محمد خان لسڪاڻي
ڏکن جا ڏونگر
ٻاهر هلڪي هلڪي بارش پئجي رهي هئي. کنوڻ جي چمڪاٽ
ڪنهن ڪنهن مهل سندس معصوم چهري کي روشن ڪري ڇڏيو
ٿي.
سرن جي ٺهيل جهوپڙي مان برسات جا ڦڙا واري واري
سان سندس جسم تي ڪرندا رهيا ۽ هو بي جان، بي حس
پيو رهيو، پٿر جي گهڙيل مورت جيان- هرطرف اداسي جا
پَر ٽڙيل هئا. گهور اونداهي معصوم تي وڌيڪ حراس ٿي
پکيڙيو. کيس اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، جڏهن سندس
ماءُ برسات ۾ پيارا پيارا گيت ٻڌائيندي هئي.
ڪنهن ڪنهن مهل اکين مان لڙڪ سندس ڳلن کي گلابي ڪري
زمين ۾ جزب ٿِي ٿي ويا ۽ فضا ۾ هلڪن سڏڪن جو آواز
جنهن ۾ لکين درد لکين اميدون سمويل هيون.
ٺپ ٺپ جو آواز-
”اڙي ڇورا روئين پيو چپ ڪر نالائق جا ڦر.“
ٺا ٺا ٺا...................
ظالم معصوم جي ڳل تي اهڙيون ته زور سان ٿڦڙون
هنيون جو سندس گلابي گول گول سهڻا ڳل نيرا ٿي ويا
۽ اکين مان لڙڪ اڻ مدائتي مينهن جيان وسڻ لڳا...
پر اهو ته روز جو معمول هو مار ته سندس مقدر بنجي
چڪي هئي، وري قيامت خيز خاموشي جيڪا ستل سور
جاڳائي رهي هئي...
هوڏانهن سندس ماءُ- پيءُ جو اهو حال هو ته روئي
روئي سندن اکيون سُڄي ويون هيون، ويهه سال اڳ ۾
دودي خان جو ننڍو ڀاءُ ساجن به ائين گم ٿي ويو هو.
هاڻي سندس پٽ شمو (شمس الدين) کي به ظالمن اغوا
ڪيو هو ۽ وڏيري دودي خان لاءِ هي واقعو قيامت کان
گهٽ نه هو، شمون سندس واحد سهارو هو، اول ته کيس
اولاد بچندو ڪونه هو.
پيري ۾ الله تعاليٰ کيس هڪ پٽ ڏنو هو.........
هو شمو کان ايترو ته ڪم ڪرائيندا هئا جو سندس هٿن
۾ ڇالا پئجي ويا هئا، ٿوري ٿوري غلطي تان کيس
ايتري ته مار ملندي هئي جو سندس سَنڌ سَنڌ چرڻ کان
جواب ڏيئي ڇڏيندا هئا.
پر هاڻي ڇا ٿي پئي سگهيو، سندس زندگي زهر سان ڀريل
ڪٽوري جيان هئي. خوشي جا ڪرڻا کائنس ايترا ته پري
هئا جو لک ڪوششن جي باوجود پهچي نه سگهي. هو ڏکن
جي ڪوٽن ۾ قيد هو، جن جون چوٽيون نظرن کان به مٿي
هيون.
هڪ ڏينهن ڪم ڪندي ٿاٻڙجي پيو ۽ ڪري پيو ڪرڻ سبب
سامهون پيل سِر جي ٽڪڙ سندس نراڙ کي چيري ڇڏيو. رت
سيرون ڪري وهڻ لڳي ۽ سندس ڪپڙا ڳاڙها ٿي ويا. مٿو
ڦرڻ لڳس ۽ اچي جهڳيءَ ۾ ڪري پيو. مار جي ڊپ کان
صبح جو وري ڪم کي لڳي ويو. سڄو ڏينهن ڪم ڪري شام
جو اچي جهوپڙيءَ ۾ ويهي رهيو... پاروٿي ماني کائي
جڏهن ستو ته ائين لڳي رهيو هو ته ننڊ به کائنس رسي
وئي هجي هر طرف گگهه اونداهي پکڙيل هئي... اوچتو
ڇرڪ ڀري اٿيو سندس چهري تي اميد جا ڪرڻا چمڪي رهيا
هئا. نراسيل چهري تي ڦڪي ڦڪي مرڪ ۽ هو سوچي رهيو
هو ته ڪيستائين آءٌ ظلم سهندو رهندس. سکن جا ساهه
کڻڻ لاءِ ڏکن جا ڏونگر پار ڪرڻا پوندا.
آهستي آهستي اتي دروازي تي اچي ٿو- جتي ڪلف اڃا
بند ٿيل ڪونه هو. ۽ پريان ظالم خرڪار ڳالهائڻ ۾
مصروف هئا، هي هلڪا هلڪا قدم کڻندو انهن کان اک
بچائي ٻاهر اچي ٿو. اونداهي رات جي نراسيل مسافر
جيان، جنهن کي منزل جي خبر نه هجي. ۽ هي ڀڄندو
رهيو.
هوڏانهن خرڪارن جڏهن معمول مطابق سمهڻ کان اڳ شمو
کي ٻڌڻ آيا ته شمو کي نه ڏسي سندن حوصلا خطا ٿي
ويا ۽ کين جهلڻ لاءِ سندس پويان ڀڳا، نيٺ هنن شمو
کي ڪجهه پنڌ تي ڀڄندو ڏٺو؛ انهن مان هڪ جي گولي
ننڍڙي شمو جي جگر مان پار ٿي وئي ۽....... نيٺ
خرڪار ڪيمپ تي ڇاپو لڳي ٿو. سڀني ظالمن کي گرفتار
ڪيو ويو ڏاڍي مارڪٽ کان پوءِ معلوم ٿيو ته انهن
مان هڪ جنهن شمو کي اغوا ڪيو، ظلم ڪيو، ۽ سندس
گولي سان شمو آخري ننڊ ستو هو وڏيري دودي خان جو
ڀاءُ ساجن هو، جيڪو ويهه سال اڳ اغوا ڪيو ويو هو ۽
پوءِ ظلم نه سهي آخرڪار ظالمن سان انهي ڌنڌي ۾
شامل ٿيو هو. جڏهن اها خبر ساجن کي پئي جنهن تي
مون ظلم ڪيا اهو منهنجو ڀائٽيو هو ته دل ٽٽڻ سبب
وڃي شموءَ ڀيڙو ٿيو.
ظفر عباسي
وه واه جمالو
ڪجهه ڏيهاڙا ٿيندا، اوچتو اسڪولن جو بيٽ آفيسر اڻ
ٻڌايو اچي اسان واري ڳوٺاڻي اسڪول تي ڪڙڪيو. سائين
محمد مٺل کيس ڏسي حيران پريشان ٿي ويو. پيرين پئي
ملڻ کان پوءِ حالي احوالي ٿيا. جنهن ۾ هيڊ ماستر
جي ڦٽيون تورائڻ واري ڳالهه لڪائي. کيس ٻڌايائين
ته سندس چاچو سخت بيمار هو سو اسپتال شهر ڏي وٺي
ويس.
نائب ماستر لاءِ پڇڻ تي؛ ڇوڪرن سوڌو گاهه ڪٽرائڻ
واري ڳالهه بدران ٻڌايائينس ته کيس صبح سان سجاوتي
جو اهڙو اصل اچي سور پيو جو ڪلاس ۾ ويهي نه سگهيو،
مُلي بالاديءَ کان ڦيڻو پڙهايائين، ڳوٺ واري ڊاڪٽر
آندل کان ڳاڙهي دوا ۽ سبيدال جون ٽڪيون وٺي
ڦڪيائين پر ڪجهه نه وريو سو مجبوراً اهو به ويو
شهر واريءَ وڏي اسپتال.
تڪڙ پڪڙ ۾ کيس حال احوال ٻڌائيندي، کائنس بيٽ
آفيسر صاحب لاءِ ڪڪڙ ٻڪڙ ڪرائڻ وسري ويو. صاحب
گهڻا لئونڻا هنيا ته هي ڳالهه ڪڍي پر، سائين ته
رڳو ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرائڻ ۾ محو! سو بيٽ آفيسر کي
پڪ ٿي وئي ته ٻئي جو ويا آهن شهر واريءَ اسپتال سو
ڪا گڙٻڙ آهي- وزيٽنگ بوڪ تي بغير ڪجهه لکڻ جي کيس
چيائين.
”چڱو پرهين مان انسپيڪشن تي ايندس- وڌيڪ پوءِ-!
رڌل ڪڪڙ جي خوشبو سنگهڻ جي ڪافي ڪوشش ڪيائين، پر
بي سود ۽ پوءِ نيٺ وڃي ففٽي موٽر تي چڙهيو جيڪا
سترهين ڪِڪ کان پوءِ مس وڃي چالو ٿي ۽ هيڏانهن
سائين مٺل ڪلمه طيب پڙهي اچي اسان واري ڪلاس ۾
ويٺو.
ٽئي ڏهاڙي بيٽ آفيسر جو، هيڊ ماستر، نائب ماستر ۽
ماسترن استقبال ڪيو ۽ حالن احوالن کان اڳ ۾ ئي وڃي
کيس ڪڪڙ کارايائون. کائي رڄ ڪرڻ کان پوءِ هيڊ
ماستر نائب ماستر جو حال احوال ۽ گڙ ٻڙ ته سمجهي
ويو، پر کيس ڪاوڙ رڳي ماستر مٺل تي هئي، جنهن ٽيو
ڏهاڙي سندس مان ڀري آڌر ڀاءُ ڪانه ڪئي، سو ان ڪري
ئي چڙهي آيو اسان واري ڪلاس ۾.
چئن بئنچن تي چاليهه ٻار ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ٽيو
ڏينهن سائين مٺل سندس وڃڻ کان پوءِ ٻڌايو ته هن
سال واري بجيٽ مان سمورو فرنيچر وارو پئسو بيٽ
آفيسر ۽
(S.D.E.O)
ايسڊيو صاحب حصا ڪري ٻنهي سيڪنڊ- هئنڊ ففٽي موٽر
سائڪليون ورتيون هيون.
صاحب! اسڪول جي ڇت ڏانهن ڊپ ٿيڻ ڪري نهاريو ئي
ڪونه، بس اسان ڏانهن نهاري هڪڙي ڇوڪري کان
پڇيائين.
”تون ٻڌاءِ! ڳوٺ ڇا کي چئبو آهي.“
ڇوڪري اسڪول جي سامهين ڀت ۾ پيل ڏار ڏانهن ڏسندي
چيو ”سائين پنجاهه کان ٻن سون تائين گهرن جي
ميڙاڪي کي ڳوٺ چيو ويندو آهي، ڳوٺ ۾ هڪ کُهي، ڪجهه
نلڪا، هڪڙي ڊٺل اسپتال، هڪڙو پرائمري اسڪول، هڪ
ٽپال گهر، جيڪو به ان اسڪول ۾ ئي هلندو آهي. ڪجهه
دڪان ۽ هڪ ٻه هوٽلون هونديون آهن.“
صاحب جيڪو اڳ ۾ امتحان ويل، الحمد پڇندو هو ڇوڪرو
اڃان الحمدالله رب العالمين...“ تائين مس پهچندو
هو ته چوندو هو.
”بس ٺيڪ آ- اسم ٻڌاءِ!“
”اسم نالو آهي ڪنهن.....“
”چڱو بابا تون هاڻي ڦل پاس، ٻيو ڇوڪرو اچي.“
سو انسپيڪشن ۾ ماستر سان حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ جواب
ڌيان سان ٻڌندو رهيو.
”ڳوٺاڻن جي اقتصاديات ڇاتي ٿي مدار رکي.“ صاحب
پنهنجي قابليت ڏيکاريندي مون ڏانهن آڱر جو اشارو
ڪندي چيو.
انگوڇي جي ڪنڊ سان مون سليٽ تي ٺاهيل صاحب جو
ڪارٽون ڊاهي پڇيم. ”سائين اهو سوال سنڌيءَ ۾ پڇو!“
اسان جو گذر سفر ٻنيءَ تي، ان کان پوءِ وري ساٿين
وڏيرن جو گذر سفر اسان تي، ڊاڪٽر جو گذر سفر اسان
تي، هوٽلن ۽ دڪانن وارن جو به گذر سفر اسان تي ۽
اسڪول جي سڀني سائن جو گذر سفر به اسان تي ۽ باقي
(مون ڳيت ڏني ۽ وري ”بيٽ! سائين ٿو پڇئي ته ڳوٺاڻن
جو گذر سفر ڇاتي آهي.“ هيڊ ماستر وچ ۾ پئجي مون کي
سمجهايو، مان ڳالهه سمجهي ويس ۽ آڱرين جي حساب سان
سمجهائڻ لڳم.
”سائين! سڀ کان پهريائين، چوڻ لڳُيسُ، سائين ٽيو
ڏهاڙي سائين مٺل پئي چيو ته توهان جو گذر سفر وري
سائينءَ وارن تي آهي!“
صاحب لڄي ٿي، شوخيءَ منجهان ماستر ڏانهن ڏٺو ۽
پوءِ مون کي ويهڻ لاءِ چئي ٻئي ڇوڪري کان پڇيائين.
”پٽ! تون ٻڌاءِ وڏو ٿي ڇا ٿيندي؟“
ڇوڪرو حيران ٿي ويو، پريشان ٿي ويو، پگهر ريڳاڙا
ڪري ڳڙڻ لڳس، هٻڪندي هٻڪندي چوڻ لڳو.
”سائين مون کي وڏن مان ڊڄ ٿو ٿئي- هي سائين آ نه،
اهو مون کي مار ڏيندو آ، هو ڊاڪٽر آ نه اهو مون کي
سيون هڻندو آ، هو دڪاندار آ نه اهو مون کي شيءِ نه
ڏيندو آ- هو هوٽل وارو آ نه، اهو مون کي پري کان
به ٽي- وي ڏسڻ نه ڏيندو آ. وڏا ماڻهو ڏاڍا ڪنا آهن
سائين ان ڪري مان وڏو ئي ڪونه ٿيندس.
”ابا تون ٻڌاءِ تون وڏو ٿي ڇا ٿيندي؟“
”سائين مان هاري ٿيندس!
”ڇو پڙهندي نه؟“
نه سائين!“
”ڇو؟“
”سائين هو رجه.... شهر الائي ڇا ڇا پڙهي آيو ته به
نوڪري ڪانه ٿي مليس، باقي مان اجايو ڇو مٿو
کپايان. بس بابو ٿو چئي ته مڙئي اکر شناس ٿي پوءِ
هارپو ڪجان!“
”پٽ! تون ٻڌاءِ تون وڏو ٿي ڇا ڪندي!“ صاحب جڙئي
کان پڇيو. ”سائين! مان وڏو ٿي هي ڳوٺ ڇڏي ڏيندس.
شهر وڃي ڪاليج پڙهندس ۽ پوءِ سائين گهڻو گهڻو
پڙهي، پوءِ مان وڏو ماڻهو ٿي موٽندس.“
”ماستر ٿيندي پٽ؟“
”نه سائين!“
”ڊاڪٽر ٿيندين؟“
”نه سائين!“
”ته ڀلا ڇاٿيندي؟“
”ٻڌايان سائين-؟“ جڙئي مون ڏي نهاريندي چيو.
”ها ٻڌاءِ پٽ!“
مان سائين پوليس وارو ٿيندس. اڳئين سال منهنجي
پيءُ کي هن ڦوٽي جي پيءُ ٻڌرايو هو. پوءِ وڏيري
ڇڏرائي ڏنو، پر هاڻي بابا مون کي چوندو آ ته تون
پوليس وارو ٿيجان، سو سائين مان پوليس وارو ٿي ان
ڦوٽي جي پيءُ کي چڱيان ٺاهيندس.“
مان بابا کي گاريون ٻڌي نه سگهيس ۽ چتائي ٺڪاءُ
ڪرائيمانس سليٽ جڙئي جي ٽڪڻ تي.
”اڙي ڇا ڪندي ڙي بابي کي! هان، پوليس وارو ئي- پر
مان توکي پوليس وارو ٿيڻ ڇو ٿو ڏيان!“ وري ٺڪاءُ
ڪڍائي مانس مُڪ!
ماستر وچ ۾ اسان کي ڇڏايو-
مان پرتي ٿي کاڏيءَ تي هٿ ڦيري جڙئي کي چيو-
”پٽ تون پوليس وارو ٿيندي ته مان تنهنجو به صاحب
ٿيندس. تون پاڻ کي سمجهي الائي ڇا ٿو!“
”توهان ڇوڪرن کي اها تعليم ڏيو- ٺيڪ آ....“
ائين چئي صاحب وڃي موٽر سائيڪل تي چڙهيو ۽ سائين
موٽي اچي ٻنهي کي ڏاڍي گُڏَ ڪڍي.
هفتي کن کان پوءِ ٽنهي ڄڻن جي بدلي ٿي وئي. جڙئي ۽
مون ٺاهه ڪيو ۽ پوءِ جهومر هڻي ڳايو- هو جمالو-
وهه واهه جمالو.
رخسانه انجم ميمڻ
ڳوڙهن هاڻان ڳل
خادم جي روز جي معمول کان اڄ ڪجهه اڳڀرو اک کلي!
پر هو اٿيو ڪونه! ائين ئي ليٽيو رهيو، ماٺ ميٺ ۾
رلهي ٿوري سرڪائي، هڪ اک سان، پنهنجي ماءُ کي ڏسڻ
لڳو! جنهن سڀ کان اول اٿي وضوع ڪري نماز جو فرض
ادا ڪيو.
تنهن بعد قرآن شريف جو دؤر ڪيو. پوءِ آخر ۾ تسبي
کنيائين جنهن جا داڻا سوريندي سوريندي کيس چڱو سج
چڙهي آيو.
خادم اهو سمورو لقاءُ رلهيءَ اندران ڏسي، سوچي
رهيو هيو ته الائي ڪيڏي مهل ماني وٺي ايندي امان!
اڄ کيس بک به ڏاڍي لڳي هئي. اصل وٽ پي پيس! پيٽ ۾
بک جا. رات به ته ماني ڪانه کاڌي هئائين نه! سڄو
ڏينهن رُلي رُلي رات تي جڏهن دير سان گهر ويو هيو،
ته ماڻس مٿس ڏاڍو ڪاوڙي هئي ۽ دڙڪا به ڏنا هئائينس
ڏاڍا ڏاڍا! تنهن تان رسي ائين ئي ماني کائڻ کان
سواءِ سمهي پيو هيو.
پوءِ ته بک کان اصل ننڊ ئي نه ٿي آيس! پاسا
ورائيندي، ورائيندي مس ڪو اڌ رات وهامڻ کان پوءِ
ننڊ آئي هيس! وري اڃان سج به ڪونه اڀريو ته کيس
جاڳ ٿي! اک کلڻ شرط سندس ستل بک، باهه جيان ڀڙڪو
کائي اٿي هئي! ۽ هينئر ته بک کان صفا ساهه ٿي
نڪتس.
اوچتو ويچارن جي ويڳ مان پاڻ ڇڏائي، خالي پيٽ مان
هڪ اونهو ساهه کڻي، هڪ دفعو وري ماءُ ڏي ڏٺائين.
جيڪا هينئر اٿي، تسبيءَ کي ڪليءَ ۾ ٽنگڻ ڏانهن وڃي
رهي هئي! ماڻس کي اٿندو ڏسي، سندس وياڪل مُک تي
سرهائي اچي وئي!
ماڻس تسبيءَ کي ڪليءَ ۾ ٽنگيو ڇڪي مان ٻه دٻڪيون ۽
ڀت ۾ ٽنگيل کاري مان پسيءَ جو هڪ وڏو وٽو کنيو، ۽
هلي وئي ماني وٺڻ لاءِ!
جيئن ئي هوءَ ماني کڻي در اندر اڪري ته هيءُ به ٽپ
ڏيئي اٿيو، انڌي منڊي گرڙي ڪري مانيءَ تي اچي
ڪريو!
ماڻس ڪي پل ته سانت ۾ کيس تڪيندي رهي! نه ڄاڻ ڇا
سوچي سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. سندس لبن تي
وري اهي ساڳيا ئي اکر اڪري آيا! جيڪي ڪن ڏهاڙن کان
هر روز هوءَ خادم کي چوندي رهندي هئي!
”ابا! او خادم! پٽ ڏاهو ٿيءُ! اسڪول وڃ پڙهڻ! پڙهڻ
کان سواءِ ٻيو ڇاهي! علم کان سواءِ انسان اکين
هوندي به انڌو! ڪنن هوندي به ٻوڙو آ!“
”ابا! او بابل! منهنجو چيو مڃ! منهنجو توکان سواءِ
ٻيو ڪير آ! منهنجون هڙئي آسون اميدون تو ۾ آهن. ها
تو ۾! خادم خدا کي مڃ! مون ڏي نه ڏس! من پنهنجي
پيءُ جي قبر کي ڏسين! اهو اڄ جيئرو هجي ها ته هيئن
ڪونه ٿئي ها. کيس ڪيڏي نه آرزو هئي ته توکي آءٌ ئي
پڙهائي وڏو ماڻهو ڪيان! پو....... پوءِ نه پڙهندين
ته ڪيئن ٿيندين وڏو ماڻهو... هان!؟ خادم! او پٽ!“
پر خادم اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت! اهي سڀ نصيحتون ڄڻ سندس
ڪن تائين پڳيون ئي ڪين!
هاڻ ته اهو سندس روز جو معمول ٿي ويو هيو! ماڻس
جون اهي روز جون نصيحتون مٿس اثر ئي ڪونه ڪنديون
هيون بس هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندو هئو!
ماڻس آهون دانهون ڪندي، ڳوڙها ڳاڙيندي رهجي ويندي
هئي! اهو سڀ هن لاءِ ڪجهه به نه هئو روز جو معمول
هئو! اڄ به ماڻس ڳوڙها ڳاڙيندي رهي، هي اٿيو، بنا
ڪڇڻ پڇڻ جي ٻاهر هليو ويو!
ڪجهه دير ته ٻاهر هيڏي هوڏي رلندو رهيو! ۽ پوءِ
سڌو هليو ويو مڪان تي! جتي سندس دوست کيڏي رهيا
هئا جوئا راند! خادم کي ڏسندي اتي ويٺل دوستن واري
واري سان کيس چوڻ شروع ڪيو!
”ڏي خبر يار خادم! ڪيئن کيسو ٻيسو ڀريل آڪن...“
”يار بيٺو ڇو آهين؟“
”اچ ويهه نه ته مچايونس معمول کي!“
”نه يارو! اڄ کيسو مڙئي خالي آ!“ خادم هڪ وڏو ٿڌو
ساهه ڀريندي ويچارگيءَ مان وراڻيو!
”اڙي پوءِ اتي بيٺو ڇا ڪرين! ڀڄ هتان... ڀري آ نه
کيسو!“
خادم امالڪ وٺي ڊوڙ پاتي... هاڻي هو هلندو به پي
ويو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو به پي ويو! تان جو
اچي هڪ چڱي سٿري پاڙي ۾ بيٺو. گهڻو ڪري هن ئي پاڙي
مان سندس کيسو جوا ڪرڻ لاءِ ڀريو هئو. هتي وڏا وڏا
شاهوڪار ماڻهو رهندا هئا ۽ شاهوڪار ماڻهن جي ٻارن
وٽ پئسو به گهڻو هوندو آ نه. ان ڪري، گهڻو ڪري هي
هن ئي پاڙي ۾ اچي بيهندو هيو! ننڍڙن ۽ پتڪڙن ٻارن
کان پئسا ڦري يڪدم ڊوڙ پائي غائب ٿي ويندو هئو...!
ڪلهه به جمعو هيو! اسڪول کي موڪل هئي! انڪري سڄا
سارا ويهه رپيا هٿ آيا هئا! پر اڄ ته هيءَ گهٽي
صفا سنسان لڳي پئي آ! هينئر ته سڀ ٻار اسڪول ۾
هوندا!
خادم سوچن جي سواريءَ ۾ سفر ڪندي ڪندي اوچتو
هوشيار ٿي بيهي رهيو! سامهون کان هڪ ڏهن سالن جي
ڇوڪري پئي آئي.
خادم چتائي ڏٺس! سندس هٿ ۾ هڪ اُچي ونگ سنگ پين ۽
پنجين جو نوٽ هيو!
ڇوڪري جڏهن سندس ويجهو پهتي ته هن سٽ ڏيئي پين ۽
نوٽ کسي، وٺي ڊوڙ پاتي!
ويچاري ننڍڙي ڇوڪري دانهون ڪندي رهجي وئي! هو نوٽ
۽ پين کڻي سڌو مڪان تي پهتو، جتي سندس دوست اڃا
کيڏي رهيا هئا جئا راند!
خادم ماءُ پيءُ جو اڪيلو ۽ لاڏلو پٽ هئو! سندس
پيءُ رازڪو ڪم ڪندو هئو! سندس وقت نهايت ئي سٺو
سڪون ۽ آرام سان پي گذريو!
خادم جو پيءُ پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي هر خواهش پوري
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. غربت هوندي به کيس ڪڏهن به
ڪنهن شيءِ جي گهٽتائي محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هئو.
خادم جي گهرڻ کان اول ئي کيس هر شيءِ حاضر ڪري
ڏيندو هئو!
سندس تمام وڏي آرزو هئي ته منهنجو سڪيلڌو پڙهي لکي
وڏو ماڻهو ٿئي. جيئن ته خادم به نهايت هوشيار
هوندو هيو، دل لڳائي پڙهندو هو ۽ هر سال پهريون
نمبر اچي، پنهنجي غريب پيءَ جي ڪمائيءَ کي سجايو
ڪندو هو! سندس پيءُ به پٽ جي اهڙي هوشياري ۽
ڪاميابي ڏسندو هيو ته آئينده ۾ سندس اميدون اڃا
وڌيڪ پختيون ٿي وينديون هيون ته منهنجو سڪيلڌو
خادم پڙهي لکي هڪ ڏينهن ضرور وڏو ماڻهو ٿيندو!
اها منهنجي آس ضروري پوري ٿيندي.
وقت پنهنجي رفتار سان وڌندو رهيو! ڏينهن گذرندا
رهيا!
خادم به هاڻي چوٿين درجي ۾ پهچي چڪو هئو! پر اوچتو
ئي اوچتو تقدير جي ڪاپاري ڌڪ کائي سڀ ڪجهه ڦري
ورتو!
سندن خوشين کي الائي ڪنهن جي نظر کائي ويئي!
خادم جي پيءُ مٿان هڪ جڳهه ٺاهيندي ٺاهيندي، هڪ ڀت
ڪري پئي ۽ هو ان ۾ دٻجي مري ويو! کن پل ۾ سندن ڇپر
جي ڇانوَ سندن عظيم سهارو کسجي ويو.
موت جي بي رحم ظالم هٿ سندن واحد سهارو کسي، کين
بي آسرو دنيا جي لهرن ۽ لوڏن حوالي ڪري ڇڏيو! سندس
ماءُ ته جيئري ئي لاش بنجي وئي هئي! پر نيٺ پاڻ کي
سنڀالي ورتائين ته مون کي خادم لاءِ پنهنجي ٻچي
لاءِ جيئڻو پوندو! اڃا ته مون کي پنهنجي خادم کي
پڙهائي وڏو ماڻهو بنائڻو آ! سندس پيءُ جي ۽ پنهنجي
اها آس پوري ڪرڻي آ! ان آس سهاري هوءَ زندگي جا
ڏينهن گهارڻ لڳي!
کيس پاڙي مان ٻه ويلا ماني ملندي هئي! ۽ ٻيو ٿورو
گهڻو پورهيو ڪري خادم کي پڙهائيندي هئي!
ڏينهن گذرندا رهيا! خادم پنجين درجي جو امتحان پاس
ڪري هاڻي ڇهين ۾ اچي چڪو هيو!
پر نڄاڻ ڇو هاڻي هو صبح جو اسڪول وڃڻ مهل سستي
ڏيکاريندو هئو! آهستي آهستي هو پيرڊ ۾ گسائڻ لڳو!
روزانو هڪ ٻه پيرڊ گسائي، هرڀرو ٻاهر وڃي رلڻ
لڳندو هئو! ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو رلي رلي خراب
ڇوڪرن جي صحبت ۾ اچي ويو! آهستي آهستي، لڪي لڪي
اسڪول کان گسائڻ لڳو!
صبح جو گهران ڪتاب کڻي، اسڪول جو بهانو ڪري، اسڪول
وڃڻ بدران رولو ڇوڪرن سان وڃي رلندو هيو!
انهن رولو ڇوڪرن جو هڪ ٽولو هيو پاڻ ۾! جيڪي مختلف
قسمن سان چوريون ڪري، پري پري هڪ مڪان هوندو هيو
ويران، اتي وڃي جوئائون ڪندا رهيا! ڏسندي ئي ڏسندي
خادم به هر برائيءَ جو پاڻ کي عادي بنائي ڇڏيو!
هيءُ به انهن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويو! |