ڪنهن اسڪول ۾، راندين جو هفتو ملهايو ويو، جنهن ۾
هڪڙي راند جو نالو ٿريڊ اينڊ نيڊل رکيل هو. جنهن
کي هڪ سُئيءَ ۾ ڌاڳو وجهي هڪ خاص جاءِ تي پهچڻو
هو. پر هن راند ۾ استادن سفارشي ۽ پنهنجي پسنديده
شاگردن کي وڏي پاکڙي واريون سيون ڏنيون هُيون ته
جيئن هو جلد از جلد سُئي ۾ ڌاڳو وجهي پهريون نمبر
اچن.
تقرير مقابلي ۾ ڏٺو ويو ته استادن پنهنجي پسنديده
شاگدرن لاءِ وڌيڪ تاڙين وڄرائڻ جو انتظام ڪرايو
هيو. ته جيئن فيصلو پنهنجي پسنديده شاگرد جي حق ۾
ڪرائجي. ان ڪري استادن کي التجا ڪجي ٿي ته: خدارا
اهڙي روش اختيار نه ڪئي وڃي، جنهن سان ٻين محنتي
ٻارن جي دل شڪني ٿئي ۽ هو مايوس ٿين. انهن کي
پنهنجي خداداد صلاحيتن موجب اڳتي وڌڻ ڏنو وڃي ۽
شاگردن کي هڪ نظر سان ڏٺو وڃي، استادن مائٽن ۽
انتظاميه کي گهرجي ته ڪاپيءَ ٺڳيءَ جانبداريءَ کان
ڪم نه وٺن ۽ انصاف ڪن، نه ته اسانجو معاشرو اڃا به
گهڻا نقصان سهندو، ڪنهن جو به فائدو نه ٿيندو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
(جاپاني لوڪ ڪهاڻي)
قسط- 1
ماٽيجي ماءُ
آگاٽي وقت جي ڳالهه آهي، ته جپان جي صوبي آچيڪو ۾
راهب شگي نالي هڪ شخص رهندو هو. کيس ننڍو ڪٽنب هو،
جنهن ۾ زال ۽ هڪ ڌيءَ هئي. سندن حياتيءَ جو سفر
سهڻي نموني ۾ کِلندي کِلندي گذرندو هو. راهب ڏاڍو
سمجهدار رهو ۽ ٻُڍاپڻ لاءِ گهڻو ڪجهه جمع ڪري ڇڏيو
هئائين، انهيءَ ڪري هو گهڻُ مطمعن هو. ننڍڙي ايمي
سندن خوشين ۾ واڌاري جو سبب بڻجندي رهي.
کيس اُهي ڏينهن هرگز نه ٿي وسريا. جڏهن ننڍڙي ايمي
سندس جهوليءَ ۾ ويهي راند روند ڪندي هئي. جپان جي
رواج مطابق جڏهن نينگري ٽيهن ڏينهن جي ٿي، ته ماڻس
کيس هڪ نئون وڳو پهرائي، سڌو عبادت گاه ۾ آندو ۽
ديوتا جي آڏوآڻي پناهه ۾ ڏنائون، ايمي جڏهن پنڌ
ڪرڻ جهڙي ٿي ته رانديڪن جا ڍير آڻي ڏنائون، جن ۾
گُڏين جو تعداد ججهو هو. اَهڙيءَ طرح راهب جي
خوشين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو راهب جي
حياتيءَ ۾ آخر خوشيءَ جو اُهو وڏو ڏينهن به آيو:
جنهن تي ايميءَ کي تي سال پورا ٿيا.
ايميءَ جي ٽين سالگره تي، ماڻس خوب خوشيون
ملهايون. مٽن مائٽن کان سواءِ ڪيترن ئي مهمانن کي
سڏائي، پنهنجين خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻايو. پوءِ
پنهنجي رسمن مطابق ننڍڙي ايميءَ کي چيلهه ۾ پهريون
ڪيمخاب جو پَٽو ٻَڌو، عام طرح جپاني انهيءَ رسم کي
”اوبي“ سڏيندا آهن: جنهن جو مطلب وٽن اهو آهي، ته
خير سان هينئر نينگريءَ ٻالجتيءَ جي چائنٺ چڙهي
پار ڪئي آهي.
وقت گذرندي ويرم ئي نه لڳي. آخر اُهو وقت به اچي
ويو، جڏهن ايمي ستن سالن جي عمر کي اچي پهتي. کيس
هينئر ڳالهائڻ ۽ اُٿڻ ويهڻ جا طور طريقا پڻ
سمجهايا ويا. ڇوڪريءَ کي ڳالهائيندي ٻولهائيندي
ڏسي: سندس ماءُ ۽ پيءُ گهڻو خوش ٿيا: ۽ ائين پئي
لڳا ڄڻڪ پوري جپان ۾ کائن وڌيڪ خوش ٻيو ڪونه ڏسڻ ۾
آيو.
هڪ ڏينهن راهب ڪنهن ضروري ڪم سان گاديءَ واري شهر
”ڪيوٽو“ ڏانهن ويو. واپسيءَ تي پنهنجي نياڻيءَ
لاءِ هڪ سهڻي ۽ وڻندڙ گُڏي تحفي طور خريد ڪئي.
اهڙيءَ طرح گهر واريءَ لاءِ هڪ .آئينو“ (آرسي)
تحفي ۾ آندو. آئينو ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ پيل هو ۽
مٿانهُس ريشمي ڏوري ٻَڌل هئي. پوءِ جڏهن ايميءَ کي
گُڏي ڏنائين، ته زال طرف وڌي ”آئينو“ هٿ ۾ ڏنو.
سندس زال آئينو اڳ ڏٺوئي نه هيو. پوءِ جيئن ئي
پيتيءَ جو مُنهن کوليائين. ته آئيني ۾ پهنجي صورت
ڏسي، عجب ۾ پئجي وئي: ۽ بي اختيار رڙ نڪري ويس.
هي پهريون ڀيرو هو، جو ايميءَ جي ماءُ آئينو ڏٺو.
پوءِ ته گهڻي سوچ ۾ پئجي وئي. کِلندي چيائين.
”توهان، مون کي هي ڇا ڏنو آهي؟!“ اهو ٻڌي راهب هڪ
زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو، ته ڏاڍي ڪا چَري آهين! اِن
۾ ته تون پاڻ آهين!!“ اُن کان پوءِ ڪجهه وقت تائين
کيس آرسيءَ بابت سمجهائڻ لڳو، ته ”هي آئينو آهي:
جنهن ۾ تون پاڻ کي ڏسي سگهين ٿي. حالانڪ هي اَسان
مان هِت ڪنهن وٽ به موجود نه آهي، مگر گاديءَ واري
شهر ”ڪيوٽو“ ۾ عام آهي ۽ گهر گهر موجود آهي: اُتي
پراڻي زماني کان وٺي استعمال ٿئي ٿو. هونئن ته
آئينو هرهڪ عورت وٽ هجڻ ضروري آهي، اڳين وقت جي
چوڻيءَ مطابق ”جهڙيءَ طرح بهادر جي جان ترار ۾
هوندي آهي: تهڙيءَ طرح عورت جو سينگار آئينو آهي“
تون آئيني کي بُرو نه ڀانءِ!“
راهب جون اهي نصيحتون سندس زال ڌيان سان ٻُڌيون: ۽
سندس ڌيءَ ايمي به پيءُ جون سموريون ڳالهيون غور
سان پئي ٻُڌيون. وري راهب چوڻ لڳو، ته ”اها هڪ
مڃيل حقيقت آهي، ته آئينو عورت جي دل جي پَرک آهي.
پوءِ جيڪا عورت آئيني کي صاف ۽ چمڪدار رکندي، ته
اُن جي دل به آئيني جيان اُجري رهندي. ائين کڻي
سمجهو: ته هڪ قسم جو هي قيمتي خزانو آهي. خزانو سچ
پچ بادشاهن جو ڀَرُم هوندو آهي: جنهن کي هُو وڏي
وٿُ سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري توهان کي به گهرجي،
ته هن شيءِ جي پوري پوري حفاظت ڪريو ۽ سندس واهپو
به سهڻي سليقي سان ڪريو!“
”توهان يقين ڪريو، مان هن کي ساه ۾ سانڍيندس“ سندس
زال مُشڪندي وراڻيو، پوءِ کيس مانائتي بڻائڻ لاءِ
مٿي تي رکيو، ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳي، ته ”مان هن جو
پورو پورو قدر ڪندس ۽ سنڀال ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندس.“
اُن کان پوءِ آئيني کي ساڳئي پيتيءَ ۾ بند ڪري،
ڪمري ۾ هڪ مٿاهين جاءِ تي رکيائين.
وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. ايتري قدر جو
ايمي به اَچي جوانيءَ کي رَسي. هڪ ڏينهن سندس ماءُ
سخت بيمار ٿي پئي. دوا درمل خاطر ڪافي ويڄ طبيب ۽
هاذق حڪيم ڪوٺايائون، مگر ڪٿان به فرق محسوس نه
ٿين: جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن راهب جي زال هيڻي
ٿيندي وئي. هُن موت کي هينئر بلڪل ويجهو ۽ اڻ ٽَر
سمجهيو. پوءِ پنهنجي ڌيءَ کي سڏي ڀرسان ويهاريو ۽
چيائينس، ته ”منهنجي پياري ڌيءَ اڄ مون سان هڪ
واعدو ڪر، ته جڏهن مان مري وڃان ته تون پنهنجي
پيءُ جو پوريءَ طرح خيال ڪندينءَ!! توکي هڪ
فرمانبردار ڌيءَ وانگر گهر جي سار سنڀال ڪرڻي
پوندي!!“
رپورٽ: مسز روزينه
لاڙڪاڻي جي زبيده اسڪول ۾ انعامن ورهائڻ جي تقريب
زبيده ڊيسينٽ اسڪول جي خوبصورت لان تي امتحان ۾
ڪامياب ٻارڙن جر همت افزائي لاءِ اسڪول انتظاميه
پاران، انعامي سرٽيفيڪٽ ۽ گولڊ ميڊل ورهائڻ جي هڪ
تقريب ٿي گذري، جنهن جي مهمان خاص لاڙڪاڻي جي مڃيل
تعليمي اداري ”گورمينٽ گرلس ”اسڪول“ جي هيڊ مسٽريس
آپا ممتاز بلوچ هئي، اعزازي مهمان لاڙڪاڻي جي
معروف سماجي ثقافتي نوجوان منظور لاڙڪ هيو ۽
صدارت ”لاڙڪاڻي سي- ايس-ايس سينٽر“ جي ڊائريڪٽر
نياز احمد شيخ ڪئي. ان موقعي تي سڀ کان اول اسڪول
جي ايڊمنسٽريٽر مس احمد شيخ ڪئي. ان موقعي تي سڀ
کان اول اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر مس مهجبين منگي آيل
مرد توڙي خواتين مهمانن جو ٿورو مڃيو ۽ امتحان ۾
ڪامياب ٻارڙن کي دلي مبارڪون ڏنيون. اعزازي مهمان
مظفر لاڙڪ اسڪول انتظاميه بارڙن کي دلي مبارڪون
ڏنيون. اعزازي مهمان مظفر لاڙڪ اسڪول انتظاميه ۽
اسٽاف کي اهڙي پروقار پروگرام ڪرڻ تي واڌايون
ڏيندي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪاميابي تي پڻ مبارڪ
باد ڏني. مهمان خاص آپا ممتاز بلوچ، پنهنجي مختصر
تقرير ۾ مس مهجبين منگي جي ڪاوشن کي بيحد ساراهيو
۽ چيو ته: هن اسڪول جي ٻارڙن کي ڪنهن به ٻئي سٺي
اسڪول جي مقابلي ۾ بيهاري سگهجي ٿو، حالانڪ هن
اسڪول کولڻ ۾ دير ٿي، پر پوءِ به هڪ معياري اسڪول
ثابت ٿيو آهي. مهمان خاص جي اظهار خيال کان پوءِ
صدر مجلس نياز احمد شيخ پنهنجي خيالن جو اظهار
ڪندي چيو ته ”زبيده اسڪول هر لحاظ کان هڪ بهترين
درس گاه آهي، ٻارڙا ڏاڍا پيارا ۽ منظم آهن، ان مان
اسڪول جي اسٽاف ۽ هيڊمسٽريس جي ذهانت پڻ ظاهر ٿئي
ٿي، ان دوران هن تقريب جي انائونسر مس طاهره شيخ
ننڍڙين نينگرين کي لوڪ گيت ۽ ٽيبلو ڪرڻ لاءِ تيار
ڪري، پوءِ اسٽيج تي آندو، جن جي بهترين پر فارمنس
پوري محفل کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙيءَ طرح بعد
مسرٽيفيڪٽ ۽ گولڊ ميڊل ورهائيا ويا، آخر ۾ پر تڪلف
چانهه پارٽي پڻ ڏني ويئي هئي.
ايم اسماعيل خاصخيلي
موتين مالها
1. الله جي رحمت کان گهمراهن کان سواءِ ٻيو ڪير به
مايوس نٿو ٿئي (حضرت ابراهيم)
2. دنيا ۾ اهو سڀ کان وڏو ڪمزور آهي، جيڪو پنهنجي
خواهشن تي قابو نٿو رکي ۽ اهو سڀ کان طاقت ور آهي
جيڪو سڀ ڪجهه سهڻ جي قوت رکي ٿو (حضرت ابوبڪر رضه)
3. زندگي هڪ ڏيئو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت هو اجي هڪ
جهوٽي سان اجهامي سگهي ٿو.
4.زندگي شرارتي ٻار جي هٿ ۾ شيشي جو گلاس آهي.
5. جيڪڏهن توهان ڪنهن کي پنهنجو دوست بنايو ته ان
جي باري ۾ ٻئي ڪنهن کان نه پڇو، ٿي سگهي، ٻڌائڻ
وارو توهان جي دوست جي باري ۾ توهان کي ڪا غلط
ڳالهه ٻڌائي ۽ توهان پنهنجي دوست کان نفرت ڪرڻ
لڳو.
6. سڀ کان وڏي فتح پنهنجو پاڻ کي فتح ڪرڻ آهي.
7. ڪاميابي بازارن ۾ ناهي وڪبي، بلڪه انسان ان کي
پنهنجي محنت عزم ۽ حوصلي سان حاصل ڪندو آهي.
سنڌيڪار: الهورايو بوزدار
نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدان
اوناس
Onnes, Heike, Kamerlingh
1870ع ۾ اوناس، يونيورسٽي آف گروتجن ۾ داخل ٿيو ۽
ان ئي سال هن بخارن جي جي ڪثافت تي مضمون لکيو ۽
هي مضمون انريچ يونيورسٽي جي تعاون سان ٿيندڙ هڪ
مقابلي ۾ موڪليو ويو ۽ ان مضمون کي مقابلي ۾
بهترين مضمون قرار ڏنو ويو ۽ اوناس سونو ٻلو حاصل
ڪيو. 1817ع کان 1837ع تائين هن هيڊل برگ ۾ بينسن
جي ماتحت پنهنجو مطالعوجاري رکيو. اوناس انهن ٻنهي
شاگردن مان هڪ هو. جن کي ڪرشوف جي ذاتي تجربه گاهه
۾ تجربن ڪرڻ جي اجازت مليل هئي. ان کانپوءِ هو
ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ گروئجن واپس موٽيو. هتان ڊاڪٽريٽ
ڪرڻ بعد 1879ع ۾ هن کي پنهنجي مقالي ”زميني گردش
جو نئون ثبوت“ جي دفاع ڪرڻ لاءِ امتحاني انچارجن
جي اڳيان پيش ٿيڻو پيو. جتي هن تمام سٺا جواب ڏنا
۽ ”ميگما ڪم لوڊ“ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1882ع ۾
اوناس کي ليڊن ليبارٽري جو ڊائريڪٽر ۽ طبعيات جو
استاد مقرر ڪيو ويو. هو ان عهدي تي 42 سالن تائين
رهيو. ۽ ان دوران ليڊن کي ”گهٽ درجه حرارت جي
طبعيات“ جو عالمي تحقيقي مرڪز ڪري ڇڏيو. وانڊر
والز جي نظرين کي مظبوط ڪرڻ، هن انتهائي گهٽ درجي
تي گئيسن جي حالتن تي ڪيئي تجربا ڪيا. ۽ انتهائي
گهٽ درجي حرارت جي حصول کي عملي طور ممڪن ڪري
ڏيکاريائين. گهٽ درجه حرارت جي طبعيات تي هن تحقيق
تي، هن کي 1913ع جو نوبل انعام براءِ طبعيات ڏنو
ويو. هن 1926ع ۾ هن دنيا کي خدا حافظ چيو. جڏهن ته
هن پيدائش جي تاريخ 1853ع آهي. هن پنهنجي زندگي
جو هر پل تحقيق جي نانءُ ڪيو.
الطاف شيخ
کيکڙو شهزادو
هڪ پوڙهي هاري ۽ سندس زال کي نديءَ جي ڀر تي پوک
لاءِ هڪ ننڍڙي ٻني هئي.
هڪ ڏينهن پوڙهي هاريءَ ڏٺو ته سندس ٻنيءَ ۾ ڪو اچي
ڪانا ڀڃي پڪل سنگ کايو وڃي. سو هن کي ڦاسائڻ لاءِ
هن ڪوڙ ڪو رکيو جنهن ۾ هڪ ٿلهو متارو کيکڙو ڦاسي
پيو.
هو کيکڙي کي کڻي گهر آيو ۽ پنهنجي زال کي رات جي
مانيءَ تي رڌي کائڻ لاءِ ڏنو.
کيکڙو جان جي سلامتيءَ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو.
”پوڙها هاري“ کيکڙي ”عرض ڪيو،“ هن دفعي منهنجي جان
بخش مونکي هتي ئي رهڻ ڏي. آئيندي چوريءَ تنهنجو ان
کائڻ بدران تنهنجي پاڻ مدد ڪندس.“
”هڪ کيکڙو ٿي ڪري منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهين ٿو“،
هاريءَ چيو، ”تون ته منهنجو قيمتي اناج رڳو کائي
سگهين ٿو“.
”مهرباني ڪري هن کي هن دفعي معاف ڪر“، هاريءَ جي
زال کيکڙي جو پاسو کڻندي چيو، ”هن کي ڀلي هتي رهڻ
ڏي مون اڪيليءَ لاءِ پڻ هن جو ساٿ ٿي پوندو.“
پوڙهي هاريءَ نيٺ کيکڙي کي ان چورائي کائڻ جي سزا
ڏيڻ بدران معاف ڪري پنهنجي غريباڻي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ
ڏنو.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن بعد، ڀر واري علائقي ۾ سارين جو
فصل پچي راس ٿيو. جنهن جي لاءِ ان علائقي جي
بادشاهه هر گهر مان هڪ هڪ ماڻهوءَ جي گُهرَ ڪئي.
”پنهنجي گهر ۾ ته فقط پاڻ ئي ٻه پوڙها رهون ٿا،“
هاريءَ پنهنجي زال کي چيو، ”پاڻ ڪنهن کي موڪليون.“
”مهرباني ڪري مون کي وڃڻ ڏيو.“ کيکڙي چيو، ”لاباري
جي ڪم ۾ بادشاهه جي آئون وڏي مدد ڪري سگهان ٿو.“
”تون ڪيئن اَن لڻي سگهندين؟“ پوڙهي هاريءَ کيکڙي
کان پڇيو، ”تون ان کي کائي چٽ ڪري سگهين ٿو.“
”جيئن ته پاڻ وٽ گهر ۾ ٻيو ته ڪو ڀاتي ناهي“
هاريءَ جي زال چيو، ”پاڻ هن کي ئي کڻي موڪليون“.
پوڙهي هاريءَ کي جيتوڻيڪ ڳالهه وڻي ته ڪانه، پر
نيٺ ان تي ئي راضي ٿيو. ٻئي ڏينهن کيکڙو بادشاهه
سلامت جي ٻنيءَ تي پهتو ۽ جنهن وقت هن ڏٺو ته اوسي
پاسي ۾ ڪو هن ڏي ڏسي نه رهيو آهي ته کوپي مان ٻاهر
نڪري آيو ۽ کيکڙي مان هڪ خوبصورت شهزادو ٿي ويو.
هن سڀني کان گهڻو فصل لڻيو ۽ جڏهن ڪم ختم ٿيو ته
پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري کيکڙي جي شڪل ۾ آڻي
کوپي اندر هليو ويو.
روزانو منجهند جو بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ٻنيءَ ۾
ڪم ڪندڙ پورهيتن لاءِ ماني کڻي ايندي هئي. ٻين کي
ڏيڻ بعد ڪجهه کيکڙي لاءِ به بچائي پنهنجي هٿن سان
هن کي کارائيندي هئي. ائين ڪرڻ سان آهستي آهستي هن
جو کيکڙي سان پيار ٻجهي ويو.
آخرڪار هڪ ڏينهن فصل جو لابارو پورو ٿيو ۽ آخري
ڏينهن تي هڪ وڏي جشن ۾ دستور موجب بادشاهه سلامت
پنهنجي ڌيءَ کي مڙس چونڊڻ لاءِ چيو. ڪيترا سوين
سهڻا نوجوان ۽ شهزادا، مشهور گهوڙيسوار ۽ ڳائڻا
بادشاهه جي باغ ۾ انتظار ۽ آسري ۾ اچي ويٺا ته من
شهزادي هنن مان ڪنهن کي مڙس چونڊي، پر شهزاديءَ
انهن مان ڪنهن هڪ کي به چونڊڻ بدران کيکڙي جو مان
مٿاهون ڪيو.
بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ان ڏينهن هڪ آسماني ۽ سنهري
رنگ جو ساڙهيءَ ڍڪي سڀني نوجوانن اڳيان ڦيرو ڪيو،
پر ڪنهن به همراه ڏي نظر کڻي نه ڏٺو. پوءِ سامهون
ويٺل کيکڙي وٽ پهچي هن کي ٽي دفعا گلن جو هار پائي
پنهنجي پيءُ وٽ وٺي آيس.
بادشاهه سلامت پنهنجي ڌيءَ کي هڪ کيکڙي سان گڏ
ايندو ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو. پر ڪجهه به ڪڇي نٿي سگهيو،
جو ان ملڪ جي ريت رسم موجب اهو قانون هو ته
بادشاهه جي ڌيءَ ان سان ئي شادي ڪندي جنهن کي هوءَ
ٽي دفعا گلن جو هار پائيندي. ان ڪري بادشاهه کي
مجبور ٿي پنهنجي ڌيءَ کي کيکڙي سان شادي ڪرڻ جي
اجازت ڏني.
کيکڙي ۽ شهزاديءَ جي شاديءَ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي،
ان بعد ٻئي ڄڻا بادشاهه سلامت جي ئي محلات ۾ رهڻ
لڳا.
هاڻ ڇاٿيو جو بادشاهه جي طنبيلي ۾ ويهه گهوڙا
هوندا هئا بادشاهه جا نوڪر چاڪر روزانو هنن گهوڙن
کي چڱيءَ طرح کارائي پياري پوءِ وهنجاري صاف سٿرو
ڪري ڇڏي ويندا هئا. پر شاديءَ بعد روز صبح جو اهي
گهوڙا ٿڪل ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوٽ نظر ايندا هئا.
بادشاهه کي ڏاڍو تعجب لڳو. هن کي شڪ هو ته ان ۾
کيکڙي جو ضرور ڪو هٿ آهي.
هڪ ڏينهن هن پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ سڏائي سمجهايو
ته ڪنهن رات جو هوءَ مکر ڪري سمهي. ۽ پوءِ پنهنجي
کيکڙي مڙس جي اک ٽيٽ وٺي ته اهو رات جي وقت گهوڙن
جي طنبيلي ڏي ته نٿو وڃي.
انهي ئي رات بادشاهه سلامت جي ڌيءَ سوير ئي ننڊ جو
بهانو ڪري سمهي پيئي. ٿوري دير بعد هن ڏٺو ته سندس
کيکڙو مڙس پنهنجي کوپي مان آهستي آهستي ٿي ٻاهر
نڪتو، پوءِ پنهنجو روپ بدلائي هڪ خوبصورت نوجوان
ڇوڪرو ٿي پيو. ان بعد هو ڪمري کان نڪري گهوڙن جي
طنبيلي ڏي روانو ٿيو. سندس زال سندس پٺ وٺي کيس
ڏسندي رهي. پوءِ ٽپ ڏيئي هڪ گهوڙي تي چڙهيو ۽
روانو ٿي ويو.
هن يڪدم پنهنجي پيءُ کي اٿاري حقيقت کان آگاهه ڪيو
۽ پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس.
بادشاهه کيکڙي جو ڇڏيل کوپو کڻي پرزا پرزا ڪري
ڇڏيو. ان دوران کيکڙو مڙس هڪ هڪ ڪري سڀني گهوڙن تي
سواوري ڪندو رهيو تان جو اڇو صبح وڃي ٿيو.
صبح ٿيڻ سان جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ موٽيو ته هن کي
سندس زال ۽ بادشاهه سلامت ڀڳل کوپي وٽ نظر آيا.
هن کي اهو ڏسي بيحد گهڻي خوشي ٿي. ۽ ٻنهي سان ڀاڪر
پائي مليو. پوءِ کين سربستو احوال ڪري ٻڌايو، ته
هو دراصل ڪنهن ڏورانهين ديس جو شهزادو آهي. سندن
سلطنت جي ڪنهن دشمن مٿس جادو ڪري کيس کيکڙو بنائي
ڇڏيو هو. پر هاڻ کوپو ٽڪرا ٿيڻ تي ان جادوءَ جو
اثر پڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو آهي. ۽ هاڻ هميشہ لاءِ
شهزادو ٿي رهندو.
اهڙي طرح، ان کان پوءِ بادشاهه سلامت جي ڌيءَ ۽
کيکڙي وارو شهزادو هميشہ هميشہ لاءِ خوش گذارڻ
لڳا.
دلچسپ کيل
ٻارو هيٺ ڏنل خاڪي ۾ 6 خانا ڏنل آهن، ۽ هر خاني ۾
30 خانا آهن ۽ هر خاني ۾ هڪ انگ ڏنل آهي، توهان
پنهنجي ذهن ۾ ڪو به هڪ انگ سوچيو ۽ اسان کي رڳو
اهو لکي موڪليو ته، اوهان جيڪو انگ ذهن ۾ سوچيو
آهي، اهو ڪهڙن خانن ۾ آهي. ان جي واٽ ايندڙ پرچي ۾
ڏسنداسين.
مختيار گهمرو
ڪرڪيٽ
ٻارو! اوهان کي خبر آهي ته راند اوهان جي ذهني ۽
بدني بناوت لاءِ ايترو ئي ضروري آهي جيتري کاڌ ۽
خوراڪ، ڇاڪاڻ ته راند روند ڪرڻ سان ٻار ڊُڪي ڊوڙي
ٿو، انهيءَ ورزش جي ڪري رت جو دورو تڪڙو ٿيڻ ڪري،
خون جي صفائي ٿئي ٿي ۽ چرٻي ۽ ٻيا بدن لاءِ
نقصانڪار مادا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ رت ۾ بيماريءَ جي
جيوڙي سان وڙهڻ وارا جزا گهڻا ۽ طاقتور ٿين ٿا،
جنهنڪري ٻار تي جلدي ڪابه بيماري اثر انداز ٿي نٿي
سگهي. ٻارو! هاڻي ته اوهان کي بلڪل سمجهه ۾ اچي
ويو هوندو ته ٻارڙن لاءِ راند روند ڇو ضروري آهي؟
پيارو! ٻارو! راند نه صرف ٻارن لاءِ پر وڏن لاءِ
به تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ورزش ۽ بدني چر پر جي
ڪري انسان چست ۽ چالاڪ ۽ بلڪل تازو ۽ توانو رهي
ٿو.
ٻارو! هر هڪ راند جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي اڄ
مان توهان کي بين الاقوامي راند ڪرڪيٽ جي باري ۾
معلومات ڏيندس، ته جيئن اوهان کي ڪرڪيٽ راند جي
باري ۾ خبر پوي ته ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان هيءَ
راند کيڏي سگهجي ٿي.
ٻارو! هن راند کيڏڻ لاءِ ٻه ڌريون (ٽيمون) ميدان ۾
هڪ ٻئي جي سامهون اينديون آهن ۽ هر هڪ ٽيم ۾ يارهن
رانديگر هوندا آهن، ڪرڪيٽ راند کيڏڻ لاءِ ڇهه
اسٽم، ٻه بيٽون، هڪ بال، بلس ۽ ليگ پيڊس، سامان جي
ضرورت هوندي آهي.
ٻارو! ٻارڙا ته اسڪول جي ميدان، رستن، روڊن ۽ باغن
۾ صرف هڪ پاسي ٿي، اسٽم کوڙي ۽ بيٽ بال کڻي ڪرڪيٽ
راند کيڏڻ شروع ٿي ويندا آهن. پر وڏين راندين ۾
جيڪي مختلف ملڪن جي رانديگر جي وچ۾ کيڏيون وينديون
آهن يا ملڪي وڏين ٽيمن جي وچ۾ قاعدن ۽ قانونن موجب
کيڏبيون آهن، انهن راندين جو ميدان گهٽ ۾ گهٽ 70
چورس وال هئڻ ضرورت آهي.
ٻارو! ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ وچ ميدان ۾ ٻاويهن فوٽن جي
فاصلي تي هڪ ٻئي جي سامهون ٽي ٽي اسٽم کوڙيا ويندا
آهن. ۽ انهن اسٽيمن جي مٿان هڪ ڪاٺ جي پٽي، جنهن
کي بلس چئبو آهي رکي ويندي آهي. ۽ ٻنهي پاسن وارن
اسٽيمن جي وچ واري مفاصلي جي ميدان کي پچ سڏيندا
آهن. راند کيڏڻ جو طريقو راند شروع ڪرڻ کان اڳ ۾
ٻنهي ٽيمن جا ڪيئپٽن (سرواڻ) سڪو پلائي (اکري
ڀوري) اهو فيصلو ڪندا آهن ته ڪهڙي ڌر يا ٽيم بئٽنگ
ڪري، بئٽنگ ڪندڙ ٽيم کي اڳ ۾ وارو وٺندڙ ٽيم ٿيندي
۽ ٻي ٽيم فيلڊنگ ڪندي آهي.
بئٽنگ ڪندڙ ٽيم جا ٻه رانديگر، جن کي ڪيپٽن حڪم
ڏيندو آهي. ته اهي بئٽنگ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ ايندا
آهن. هڪڙو رانديگر پچ جي هڪ ڇيڙي تي بئٽ سنڀالي
بيهندو آهي. ۽ ٻيو پڇ جي ٻئي پاسي اسٽمن وٽ ڊڪڻ
لاءِ تيار ٿي بيهندو آهي.
فيلڊنگ ڪندڙ ٽيم مان هڪ بئٽنگ ڪندڙ رانديگر کي بال
اڇلائي ڏيندو آهي جنهن کي بالنگ ڪرڻ چئبو آهي. ۽
بال اڇليندڙ رانديگر کي راند جي ٻوليءَ ۾ بالر
چئبو آهي.
فيلڊنگ بئٽنگ ڪرڻ واري جي پٺيان اسٽيمن جي بلڪل
سامهون چئن فوٽن جي مفاصلي تي بيهندو آهي. جنهن کي
وڪيٽ ڪيپر چئبو آهي. ۽ فيلڊنگ ٽيم جا ٻيا رانديگر
سڄي ميدان ۾ ٽڙي پکڙي مناسب جاين تي بال روڪڻ ۽
بال جهلڻ جي ڪوشش سان گڏ وڪيٽ کي چٽڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن.
بالر، بال اڇلائي وڪيٽ تي بيٺل بئٽنگ ڪندڙ رانديگر
کي ڏيندو آهي ۽ بئٽنگ ڪندڙ همراهه بال کي زور سان
هٿ (ڌڪ) هڻي بال کي پري موڪلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
بال پري وڃڻ جي صورت ۾ هو پچ جي ٻئي ڇيڙي تائين
ڊوڙي رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان جو ساٿي،
جيڪو پچ جي ٻئي ڇيڙي تي بيٺل هوندو آهي ان کي به
پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ ڊوڙي رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش
ڪرڻي پوندي آهي.
ميدان جي چوڌاري مقرر مفاصلي تي حد بنديءَ جو گول
پٽو نڪتل هوندي آهي. جيڪڏهن بيٽنگ ڪندڙ همراهه
زوردار ڌڪ سان بال کي ان ليڪي کان ٻاهر اڇلائيندو
آهي، ته ان کي ”ڇڪو“ (Sixer)
چئبو آهي، ٻارو! ان جو مطلب اهو آهي ته ان رانديگر
کي بنا ڊڪڻ جي ڇهه رنسون ڏنيون وينديون آهن. پر
جيڪڏهن بال ليڪي کان اندرين پاسي ڪرڻ کان پوءِ
رڙهندو زمين سان گسندو ليڪو پار ڪري ويندو ته ان
کي ”چؤنڪو“ (Fourer)
چئبو ۽ ان رانديگر کي چار رنسون (ڊوڙون) يا مارڪون
ملنديون .
ٻارو! جيڪڏهن بالنگ ڪندي بال سڌو وڃي اسٽمن کي لڳو
ته بئٽنگ ڪندڙ رانديگر، آئوٽ ٿي ويندو، پر جيڪڏهن
بئٽ جي ڌڪ سان بال مٿي ويو ۽ فيلڊنگ ڪندڙ همراهه
هوا ۾ جهٽي ورتو ته به بئٽنگ وارو همراهه آئوٽ
ٿيندو. پر جيڪڏهن بال کي ڌڪ هڻڻ کان پوءِ، ڊوڙ جي
دوران، جيڪو به رانديگر پچ جي ٻئي ڇيڙي تي نه پهچي
سگهيو ۽ ڪنهن فيلڊر جو بال اسٽمن کي لڳو ته اهو
رانديگر آئوٽ ليکيو ويندو.
ٻارو! اهڙي طرح فيلڊنگ ڪندڙ رانديگر بئٽنگ ڪندڙ
رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ بئٽنگ ڪندڙ
رانديگر پاڻ کي بچائڻ ۽ پنهنجي پنهنجي واري ۾ وڌ ۾
وڌ رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا. هڪ ٽيم جي سموري
رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ، وري فيلڊنگ ڪندڙ
همراهه بئٽنگ ڪري پنهنجو وارو وٺندا ۽ وڌ ۾ وڌ
رنسون ٺاهيندا. ۽ آخر ۾ ٻنهي ٽيمن مان جيڪا ٽيم
گهڻيون رنسون ٺاهيندي اها ڪامياب ٽيم ليکي ويندي.
راند بابت ڪجهه ضروري ڳالهيون
اوور هڪ بالر ٽن اوورس ڪرڻ کان پوءِ تبديل ٿيندو
آهي ۽ هر اوور ۾ ڇهه بال هوندا آهن.
رانديگر جو لباس- اسان جي ملڪ جي سرڪاري ڪرڪيٽ ٽيم
جو لباس اڇي قميص ۽ اڇي پينٽ آهي، سياري جي موسم ۾
اڇو سوئيٽر به استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن تي
ٻانهن ۽ ڳچيءَ وٽ بلو يا ساوا پٽا هوندا آهن. موسم
آهر ٽوپي به ڪم ايندي آهي.
امپائر- راند شروع ڪرڻ کان اڳ هڪ ايمپائر مقرر ڪيو
ويندو آهي. جنهنجي نگرانيءَ ۾ راند ٿيندي آهي ۽ ان
جو ڏنل فيصلو آخري هوندو آهي.
بال- وڏن رانديگرن لاءِ بال ڳاڙهي چمڙي جو هوندو
آهي جنهن کي مٿان سلائي ٿيل هوندي آهي. بال جي ماپ
”8 کان ”9 انچن تائين هوندي آهي ۽ بال جو وزن 2/
51 آئونس ٿيندو آهي. پر عام طرح ننڍڙا ٻار پيلي
رنگ جي رٻڙ واري بال سان، جنهن کي ست کليو بال به
چوندا آهن. ان سان رانديون رهندا ۽ ٻهڪندا وتندا
آهن.
ٻارو! مان سمجهان ٿو ته اوهان کي ڪرڪيٽ راند جي
باري ۾ هاڻي چڱي ڄاڻ ملي هوندي. وري ٻئي دفعي،
وري_ اوهان کي ٻي ڪنهن راند جي معلومات ڏني ويندي.
ابڙو نويد فيصل هالائي
ساڙ
ساڙ هڪ اهڙي بي بنياد شيءِ آهي، جنهن کان نجات
پائڻ ۽ پاڻ کي صاف رکڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش کان ڪم
وٺڻ ۾ دير نه ڪجي..... جيترو ٿي سگهي، انهيءَ ساڙ
واري باهه کي پاڻ کان پري ڪجي. ان ۾ انسان لاءِ
بهترن آهي ۽ ڪاميابيءَ جو راز سمايل آهي. وقت بوقت
اسان کي اهڙيون ڪيتريون مشڪلاتون در پيش اينديون
آهن، جيڪي خاص ڪري ساڙ ۽ ڪاوڙ جو بنياد هونديون
آهن، اسين اڪثر ڪري جوش ۾ غلط قدم کڻي ويهندا
آهيون....ليڪن جلدئي انهيءَ جي احساس ٿيندي خبر
پوندي آهي ته هي مون ڇا ڪيو! ۽ پوءِ سواءِ افسوس
جي ۽ هٿ مهٽڻ کان ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي....
جيڪڏهن اسان انهيءَ ڳالهه ڏانهن پنهنجو پاڻ کي
مائل ڪريون ۽ ٿڌي دماغ سان غور ڪريون، ته بجاءِ
انهيءَ تڪليف جي نهايت ئي آسانيءَ سان پنهنجي
حقيقي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪريون.... اسان
پهريائين انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيئي سندس اپٽار
ڪريون، جنهن مان ساڙ پيدا ٿئي ٿو.... فرض ڪريو ته
ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ ٻئي کي خوش ڏسي ساڙ پيدا ٿئي
ٿو.. ليڪن انهيءَ کان اڳ پهريان انهيءَ جو جائزو
وٺڻ گهرجي ته ”هو“ ڇو بلند ڪردار بنجي ويو ۽ آئون
ڇو نه بنجي سگهيس... حالانڪ انهيءَ کان اڳ پهرين
پاڻ ۾ اهل ۽ نااهل جو تفاوت ڪرڻ گهرجي.... ڇو ته
اها اسانجي ئي ڪمزوري آهي، جو پاڻ کي دانشمند
سمجهون ٿا، ليڪن انهيءَ تي عمل نٿا ڪريون...
حالانڪه ڌيان، غور وفڪر ۽ مڪمل ڪوشش سان ئي پنهنجي
مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا.
اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڇو نه محنت ۽ ڪوشش کان ڪم
وٺون، جنهن مان تعليم ۽ صحت تي به برو اثر نه پوي
۽ ساڙ جهڙي غليظ عادت به دل مان نڪري وڃي. ان سان
گڏ سچائي صداقت اختيار ڪري زندگي جي صحيح اصولن
سان واسطو قائم ڪري پنهنجي حقيقي خوشي حاصل ڪريون،
هڪ بهترين ڪاميابيءَ جا مالڪ بنجون...
اهو پڪو ارادو ڪري اسان پنهنجين ڪوششن ۾ لڳي وڃڻ
گهرجي ۽ انشاالله تعاليٰ ڪجهه وقت کان پوءِ دل مان
اهو خيال ئي نڪر ويندو، ته آخر آئون فلاڻي کان ڇو
گهٽ آهيان. ان طرح اسان جي دلين مان نفرت، ڪدورت ۽
ڪينو به نڪري ويندو ۽ ان جي جاءِ تي محبت، الفت، ۽
پيار ۽ پاٻوهه جا سهڻا سهڻا گل ڦٽڻ لڳندا... |