سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ  1993ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل آگسٽ 1993ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو

”گل ڦل“ ماهه آگسٽ جو پرچو، اوهان جي هٿن ۾ آهي. اسان ڪوشش ڪري اوهان لاءِ ڪجهه نوان سلسلا به شروع ڪيا آهن. جن کي اوهان ساراهيو آهي.

ٻارو آگسٽ مهيني جي 14 تاريخ تي اسان جو ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو هو. هن ملڪ ٺاهڻ ۾ ڪيترن ئي مسلمانن جون قربانيون شامل آهن. خاص طرح سان سنڌ جو حصو ان ۾ وڌيڪ آهي. ڇو ته پاڪستان جو ٺهراءُ به پهرين سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو هو. اسان تي فرض آهي ته اسان پڙهي هن ملڪ جي خدمت ڪريون، ڇو ته مستقبل جا وارث اسين آهيون.

ٻارو سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو به 14 صفر تي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ به ڪيترائي ٻار ميلو ڏسڻ ويندا، جيئن ته شاهه سائين اسان جو قومي شاعر آهي ان لاءِ، اسان کي به ان عقيدت سان وڃڻ گهرجي. جنهن ۾ احترام شامل هجي، اميد ته توهين شاهه سائين جي ميلي ۾ ٿيندڙ علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي چاهه سان ٻڌندا ۽ ڏسندا

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

لطيفي لات

آگَمَ ڪَيا الله لَگَہ پَسُ، لطيف چئي

پَلَر جي پالُوٽ سين، پَٽَن جَهلَيا پاهه

واحِد وڏائي ڪَيا، مَٿي گسن گاهه

سانگين وريا ساهه، اُٺن آب اگُوندرو

 (سارنگ)

سمجهاڻي: ڌڻي جُهڙلاتا آهن، گهاٽا ڪڪر ڏس! مينهن جي پاڻي جي پلٽ سان، ميدانن ۾ ريج ۽ رنگ لڳي ويا آهن. مالڪ، پيچرن مٿان جهجهائي گاهه اڀرايا آهن، مالدارن ۾ موٽي نئون ساهه پيو آهي. گوندر (غم) لاهيندڙ پاڻي وسيواٿن.

معنيٰ: آگَمَ: جهڙ. پَلَر  مينهن جو پاڻي، پاهه ريج، رنگ گسَن گذر=گاهن، سانگين = ارن جهانگين اُٺن = وسين اگوندرو = ۾ لاهيندڙ يا اجهل پاڻي

عزيز ڪنگراڻي

شاهه عبداللطيف جو ننڍپڻ

سنڌي زبان جي عظيم شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو جنم سن 1102ع مطابق 1690ع ۾، هڪ ننڍڙي ڳوٺ هالا حويلي ۾، سيد حبيب شاهه جي گهر ۾ ٿيو. شاهه صاحب جهڙي سڀاڳي پٽ جو جنم ڇا ٿيو، ڄڻ سيد حبيب شاهه جي گهر ۾ وهائو تارو کڙيو ۽ سندس اڱڻ تي لازوال روشنيون کڻي آيو. واقع هو به ايئن، شروع ۾ سيد حبيب شاهه کي اولاد نه ٿي ٿيو، بعد ۾ سيد هاشم شاهه جي دعا سان کيس اولاد ٿيڻ لڳو، پر سو وري بچيو ڪين ٿي. نيٺ الله جي ٻاجهه سان کيس لطيف جهڙو فرزند عطا ٿيو. جنهن مان مستقبل ۾ سنڌي ٻولي جي عظمت ۽ سنڌي شاعري جو عروج لاڳاپيل هو، تڏهن سيد حبيب شاهه لاءِ لطيف جهڙو اولاد وهائو تاري کان به وڌيڪ هو. سُتت ئي سيد حبيب شاهه هالا حويلي ڳوٺ مان لڏي اچي ڳوٺ علي محمد ڏيري ۾ رهيو، جتي اسانجي هن عظيم شاعر، شايد امڙ جي وفات تائين پرورش پاتي ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻار وتڻ واري وهيءَ جا ڏينهن گذاريا. سندس ٻالڪپڻو عام رواجي ٻار جيان خالص ٻهراڙي واري ماحول ۾ گذريو، سندس ذهني اوسر به عام رواجي ٻهراڙي جي ٻار جيان ٿي ۽ سندس شعور ۽ لاشعور تي ڳُوڙها اثر ڇڏيا، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح شاعري مان نمايان نظر اچن ٿا. ڳوٺ ”علي محمد ڏيرو“ شاهه سائين جو ناناڻڪو ڳوٺ هو. سندس والده ماجده اصل ۾ ڏيره ذات جي، نهايت غريب، مسڪين ۽ شريف گهراڻي مان هئي. جنهن کي پنهنجي اباڻڪي ڳوٺ سان فطري طور دلي لڳاءُ ۽ جذباتي پيار هو، ان سبب جي ڪري شايد سيد حبيب شاهه هن ڳوٺ ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو هو، ته جيئن سندس اڪيلي اکين جي ٺار جي پرورش پيار ڀرئي گهرو ماحول ۾ ٿئي، ڇاڪاڻ ته گهرجي ماحول جو ٻار تي گَهَرو اثر پوندو آهي ۽ سيد حبيب شاهه به نه ٿي چاهيو ته ڪو سندس گهر واري اهڙي هنڌ رهي، جتي ارهي هجي ۽ سندس سڪيلڌي پٽ جي نپائڻ ۾ ڪا رنڊڪ ۽ ذهني مونجهه دخل انداز ٿئي.

شاهه سائين جي ٻاراڻي وهي ٺيٺ ٻهراڙي واري فضا ۾ گذري ۽ هڪ عام رواجي ٻار جيان گذري، جنهن سندس شخصيت ۽ فڪر تي پنهنجي ڇاپ هنئي، جيڪا سموري زندگي قائم رهي. شاهه ٻاروتڻ واري وهيءَ ۾ ڳوٺ جي گهٽين ۾، ٻين ٻارڙن سان گڏ دوستي رکي هوندي، نڀائي هوندي، شايد هن ٻين ٻارڙن سان گڏ مال چاريو هوندو، تتي ڏٺي هوندي، ته ٿڌي به محسوس ڪئي هوندي. مطلب ته ٻاراڻي وهيءَ جي لمحن ۾ محفوظ ٿيندڙ ننڍا وڏا واقعا، حادثا، گم ٿي ويا هوندا ۽ پوءِ سمجهه ۽ فهم واري وهيءَ ۾ اُسريا، نسريا ۽ نروار ٿيا، ظاهر آهي ته انتهائي ذهين ۽ حساس ٻار هو ۽ هر واقعي ۽ عمل کي ٻين ٻارڙن جي ڀيٽ ۾ جلدي محسوس ڪري وٺندو هوندو ۽ سندس ذهن تي گهرا چٽ ڇڏي، وقتي طور گم ٿي ويا هوندا، مگر مناسب وقت تي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهيا. جيڪي اڳتي هلي شاعري جي روپ ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني ظاهر ٿيا.

سندس شاعري ۾ عورت ۽ عورت جي مظلوميت مرڪزي حيثيت ۾ نظر ايندي. سندس شاعري ۽ عورت ۾ مارئي جو عمر جي قيد ۾ لُڇي ماروئڙن لاءِ ماندي رهڻ، سسئي جو سورن ۾ سڏڪڻ، سهڻي ۽ مومل جو محرومين ۽ محڪومين جي ڄار ۾ ڦٿڪڻ لڇڻ ۽ پنهنجي حيثيت مڃائڻ لاءِ جتن ڪرڻ، عورت جي ناتي جيجل ماءُ جي ذهني ڪيفيتن اُڪير ۽ سڪ جا عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا. جيڪي ننڍڙي لطيف جي لاشعور تي ٻالڪپڻي وهي ۾ پيا هوندا. شاهه صاحب انهيءَ ڪري ذات پات ۽ اونچ ۽ نيچ کان نفرت ڪري ٿو ۽ انهيءَ مرض کان بچڻ جي تاڪيد به ڪري ٿو. شاهه صاحب پنهنجي شاعري ذريعي  عورت جي اهميت عزت ۽ احترام تي زور ڏنو آهي ۽ ذات پات بجاءِ هر انسان کي برابر ۽ هڪجهڙو ڪوٺي ٿو. سندس نظر ۾ انسانيت جو رشتو محبت لائق ۽ عظمت ڀريو آهي. تڏهن شاهه صاحب ”ڪانه پڇي ٿو ذات“، ڌران ئي ڌاريا“ جيهي جا تيهي“ جهڙا اصطلاح پنهنجي شاعري ۾ ڪتب آندا آهن.

ٻي ڳالهه اها ته شاهه صاحب جو ننڍپڻ نج ٻهراڙي جي ماحول ۾ گذريو، جنهن ڪري، ڳوٺاڻي زندگي جا اثر سندس ذهن تي چٽبا رهيا. عام ماڻهن ۽ عام ٻارڙن سان واهپو هجڻ ڪري، هن جي ننڍڙي ذهن سندن غربت واريون حالتون ۽ مصيبتون ويجهڙائي کان محسوس ڪيون، هن جي حساس طبع ۽ تيز ذهن ۾ عام طبقي لاءِ همدردي ۽ پيار گهر ڪري ويو.

ٻي ڳالهه اها ته شاهه صاحب جو ننڍپڻ نج ٻهراڙي جي ماحول ۾ گذريو، جنهن ڪري، ڳوٺاڻي زندگي جا اثر سندس ذهن تي چٽبا رهيا. عام ماڻهن ۽ عام ٻارڙن سان واهپو هجڻ ڪري، هن جي ننڍڙي ذهن سندن غربت واريون حالتون ۽ مصيبتون ويجهڙائي کان محسوس ڪيون، هن جي حساس طبع ۽ تيز ذهن ۾ عام طبقي لاءِ همدردي ۽ پيار گهر ڪري ويو. ۽ معصوم شاهه صاحب جي اندر وارو فنڪار عوامي زندگي جي رنگ ۾ رنگجي ويو، سندس طبيعت ۾ نهٺائي، نماڻائي ۽ سادگي جي خوشبوءِ سمائبي رهي. ڳوٺن واهڻن، گهر، گهٽين، جهنگ جهر، بر ٿر، ڪچي، ڪاڇي، ٻني ٻاري مطلب ته سندس ذهن ۾ ڌرتيءَ جي، چپي چپي سان محبت وارن جذبن جنم وٺڻ شروع ڪيو ته مسڪين ماڙوئڙن ۽ جهانگيڙن لاءِ همدردي ۽ محبت جهڙن اڻ مٽ جذبن جي پرورش به ٿيندي رهي، جيڪي شاعري ۾ ماکي لار ٽپڪندي نظر ايندا ۽ مستقبل ۾ انهن عام ماڻهن جي خوشحال زندگي جو داعي رهيو ۽ سندس زرخيز ذهن جي ڌرتي تي غريب طبقي جي عزت ڀري زندگي لاءِ نيڪ احساس جا سُرها گل ٽڙيا. سندس فڪر ۽ فلسفو به وسيع ۽ هم گير بڻجي پيو.

ٽين ڳالهه ته شاهه صاحب جنهن جو خالص ٻهراڙي جي ماحول ۾ ٻاروتڻ گذريو، تنهن انهي ماحول جي روايتن، ريتن رسمن ۽ سنوڻ ساٺ کي به نظر انداز نه ڪيو، ٺيٺ ٻهراڙي ۾ رهندڙ غريب ۽ اٻوجهه رهندڙ غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو، ڪيترو به حال ۽ بي حال هجن، پر ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ڌوڪو مور نه ڄاڻن. هُو جيترا ٻاهر اُجرا، اوترا اندران شفاف ۽ سٻاجها محبتي ۽ خود دار، غريب هوندي اڏول ۽ نه جهڪڻ وارا. مصيبتن کي سهڻ ۽ ظلمتن کي منهن ڏيڻ وارا باضمير! سندس خمير ۾ بيباڪي ۽ بي ڊپائي شامل آهي. اسان جو ڀٽ ڌڻي به انهي ماحول جي پئداوار آهي. انهي ماحول ۾ پليو نپنو ۽ مالوند ماروئڙن سان پنهنجو ننڍپڻ گذاريائين جنهن سندس سوچ، سمجهه ۽ فهم کي متاثر ڪيو. سندس خيال انهي ماحول جي سيڪ هيٺ پچي راس ٿيا. جيڪي سندس سموري زندگي تي حاوي رهيا، چون ٿا ته ميان نور محمد ڪلهوري ڀٽائي صاحب کي هر طرح سان تنگ ڪري، پنهنجو بڻائڻ يا جهڪائڻ جون ڪوششون ڪيون ليڪن ڀٽائي جهڙي نج ٻهراڙي جي ماحول ۾ پليل هٺيل سندس آڻ نه مڃي، پر وري به ميان نور محمد ڪلهوڙي کي هٿيار ڦٽا ڪري پيش پوڻو پيو.

اهڙي ريت جيڪڏهن شاهه سائين جي ٻاروتڻ جي وهيءَ کي سندس علمي زندگي ۽ شاعري جي وسيلي پرکبو ته اسان کي سندس شاعري تي ننڍپڻ جي ڇاپ لڳل نظر ايندي، جيڪا سندس حياتي جي پڇاڙ ڪن پهرن تائين قائم رهي. ڀٽائي صاحب جيڪو انسانيت برابري، همدردي، غريب عوام جي عزت نفس ۽ حق حاصل ڪرڻ جو درس ڏنو آهي سو سندس ٻاراڻي وهيءَ ۾ گذرندڙ واقعن ۽ حالتن جو آئينو آهن، ان آئيني جا عڪس سندس سمجهه ڀري ۽ عملي زندگي ۾ پروان چڙهيا ۽ اڇا اُجرا ٿيا. پوري ڄمار انهن حالتن جي شاعري وسيلي پرچار ڪندا ۽ پيغام ڏيندا رهيا ۽ فڪري طور بلندين کان بلندين ڏانهن اُڏامندو رهيو. نيٺ امر ۽ سدا حيات انسان 14 صفر سن 1165 هه مطابق 1752ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس ئي ڀٽ تي کيس دفن ڪيو ويو، جتي هر سال صفر مهيني جي 14 تاريخ تي سندس عرس مبارڪ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي هزارين عقيدت مند ۽ مداح مڙندا آهن ۽ پنهنجين عقيدتن جي گلن جي ورکا ڪندا آهن.

اچو ته اسان به پنهنجي ماحول ۽ حالتن کان سبق حاصل ڪريون، پنهنجي قوم جي مستقبل جي نئين سر تعمير ڪريون. غريبن ۽ مسڪينن جي حقن ۽ وقار ڀري زندگي لاءِ پاڻ پتوڙيون هن عظيم ڏاهي، فيلسوف ۽ مفڪرجي ٻاروتڻ ۽ شاعري کي ذهن نشين ڪري، سندس فڪر کي سمجهون ۽ ان تي ارادي جي پختگي سان عمل پيرا ٿيون ۽ سندس هن بيت تي عمل ڪريون.

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.

متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو.

ڊاڪٽر نواز علي شوق

اسلامي تاريخ جو هڪ ورق

دنيا جي لالچ کي سڀني ڏاهن ننديو آهي. ڪن ان کي فتنو سڏيو، ته ڪن فساد. صوفي شاعرن دنيا جي لالچ کي تمام سخت لفظن ۾ ننديو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن فرمايو آهي:

دنيا مڙيو ئي ڌُوڙ، ڌوڙ دنيا جي منهن ۾ بيشڪ دنيا جي لالچ فتني، ۽ فساد جو سبب بڻجي ٿي. اها پيءُ پٽ ۾ به نفاق پيدا ڪري ٿي ته ڪڏهن وري سڳن ڀائرن ۾ جهيڙا جهٽا ڪرائي ٿي. انساني تاريخ اهڙن واقعن سان ڀريل نظر ايندي.

تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته سڪندر لوڌي جي زماني ۾ گواليار ۾ ٻه شخص رهندا هئا. جيڪي سڳا ڀائر هئا. ٻئي ڀائر غريبي ۽ مسڪيني جي زندگي گذاريندا هئا. نيٺ هنن غريبيءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ شاهي لشڪر ۾ نوڪري ڪئي، هري لڙائي ۾ ٻئي ڀائر ويندا رهيا. هڪ لڙائي ۾ سندن قسمت کلي کين تمام گهڻو غنيمت جو مال مليو. جنهن ۾ قيمتي ڪپڙن کان علاوه ٻه لعل به هئا. هڪ ڀاءُ چيو ته هينئر اها دولت ڪافي آهي. ان تي قناعت ڪري واپس وڃڻ ٿي گهريو، پر ٻئي جي مرضي هئي ته نه اڃا وڌيڪ قسمت آزمائي ڪجي.

ٻنهي ڀائرن مال غنيمت ورهايو. هر هڪ کي ٻئي سامان کان سواءِ، هڪ، هڪ قيمتي لعل ڀاڱي ۾ آيو. جڏهن ننڍو ڀاءُ واپس وطن وڃڻ لڳو ته وڏي ڀاءُ کيس چيو ته ”منهنجو هي حصو منهنجي گهر ڏجان.“

ننڍو ڀاءُ، جڏهن گهر آيو، ته سندس نيت بدلجي وئي. قيمتي لعل کيس ڀاءُ جي ڀاڱي ۾ بي ايمان بڻائي ڇڏيو. هن  پنهنجي ڀاڄائي کي ٻيو سمورو سامان ته ڏيئي ڇڏيو. پر کيس لعل ڪونه ڏنائين.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، جڏهن وڏو ڀاءُ واپس موٽي آيو، ته پنهنجي گهر واريءَ کان پڇيائين ته ”منهنجي ڀاءُ توکي ڪو سامان ڏنو ته هن هائو ڪئي. تنهن تي سندس مڙس کيس چيو ته اهو سمورو سامان کڻي اچ. سندس زال سمورو سامان کڻي اچي سندس آڏو رکيو. پر ان ۾  لعل ڪونه هو. گهر واريءَ کان پڇيائين ته ”هن سامان سان گڏ هڪ قيمتي لعل به هو. اهو ڪٿي آهي؟ سندس گهر واري چيو ته: کيس اهوئي سامان مليو هو. هن کي لعل مليو ئي ڪونه. وڏي ڀاءُ کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڀاءُ جي گهر ويو. سندس ننڍي ڀاءُ کيس چيو ته ”ادا! مون تنهنجو لعل ڀاڄائي کي ڏيئي ڇڏيو هو. ڀاءُ، ڀاءُ جي ڳالهه سچي سمجهي ۽ کيس پڪ ٿي ته اهو لعل سندس گهر واري لڪائي ڇڏيو آهي.

هن  پنهنجي گهر واريءَ تي سختي ڪئي ته لعل کڻي اچي جيئن ته هن ويچاري وٽ لعل هو ئي ڪونه. تنهن ڪري ڪٿان آڻي، لاچار ٿي ان عورت قاضيءَ وٽ فرياد ڪئي. قاضي فيصلي لاءِ شاهد گهريا. امانت ۾ خيانت ڪندڙ ڀاءُ ٻه ننڍي عمر وارا شاهد پيش ڪيا. قاضي انهن تي اعتبار ڪري فيصلو ڏنو ته ”لعل هن عورت لڪائي ڇڏيو آهي. ان کان ورتو وڃي“.

ويچاري عورت ڏاڍو پريشان ٿي ٻي ڪا واهه نه ڏسي، هوءَ آگري ۾ سڪندر لوڌي جي درٻار پهچي وئي ۽ بادشاهه سلامت کي انصاف لاءِ عرض ڪيائين: بادشاهه ٻنهي ڌرين کي ۽ شاهدن کي، پاڻ وٽ سڏايو. بادشاهه ڌرين جي  ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ کيس يقين ٿي ويو ته لعل ننڍي ڀاءُ لڳايو آهي ۽ هيءَ عورت بي ڏوهي آهي.

بادشاهه سلامت گهڻي ويچار کان پوءِ، ٻنهي ڀائرن ۽ شاهدن کي چيو ته موم تي لعل جي صحيح تصوير ٺاهيو. ٻين سڀني ته هائو ڪئي. پر عورت انڪار ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته: کيس لعل مليو ئي ڪونه آهي. تنهن ڪري هوءَ ان لعل جي تصوير ٺاهي نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته هن لعل ڏٺو ئي ڪونه آهي. جا شيءِ هن ڏٺي ئي نه آهي ته ان جي تصوير هوءَ ڪيئن ٺاهي سگهندي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com