ڪي ٻار وري ڌاڳن وارو ريل خالي ٿيل، هٿ ڪري، ان جي
سوراخ ۾ ڌاڳو ٻڌي پيا گهليندا آهن.
(2) ننڍي ڍڳي گاڏي: ٽين جو ٽُڪر جيڪو گاسليٽ جي
دٻن مٿان ڪپي اڇلين، تنهن مان ٺاهين يا سنهڙين ڪاٺ
جي تختين مان واڍا ٻارن کي جوڙي ڏين. ٽين جي ٽُڪر
جا ڊگهائي وارا ٻئي پاسا مٿي اُڀا موڙي، وچ تي
سوراخ ڪڍي، هڪڙي ڪاٺي دُري ڪري ۽ ٻي ڪاٺي پول ڪري،
انهن سوراخن مان ڪڍي پڪن ڌاڳن سان ڇڪي ٻڌن، دُري
واري ڪاٺي ٽين واري ٺانٺي کان سواءِ رکن. پوءِ
دُريءَ جي ڪاٺي ۾ وڌيل چهنبن ۾ مٽيءَ جا گول چاڪ
يا چڪرا ڦيٿا ٺاهي. تن کي وچ ۾ ڳاڙک ڪڍي، سُڪائي
انهن پُڇڙن ۾ وجهي، ٻاهران اکڙَ ٻڌي سوگهو ڪن. پول
جي ڪاٺيءَ جي چوٽ وٽ، وري ٻي ڪاٺي پانڃاري ڪري وچ
تي ٻڌن. ته گاڏي تيار ٿي. پوءِ ڪني، مَٽ يا دٻي جا
ڪَنا کڻي، انهن کي اڌ واڌ ڪري ٻه ٻه ڍڳا چئي.
پانڃاري جي ٻنهي پڇڙن سان وارا ڪي ٻڌي، انهن ڏورن
کي ڊگهو ڪري هٿ ۾ ڇڪي گهلين. ان گاڏيءَ تي مِٽي،
گَپ، ڀتر رکي ڊوهين. موهن جي دڙي مان به ههڙو
رانديڪو ٺڪر جو ٺهيل نڪتو آهي.
(3) نغاري واري گاڏي: هي گاڏي ٺهيل ٺڪيل
وٺي ٻار گهليندا آهن. هن ۾ ٻه ٽين جا ڦيٿا، هڪ
ڪاٺيءَ جي دُري هوندي آهي جيڪا بانس مان چيريل
هوندي آهي. ان ۾ وچ تي ٻه پور وڇوٽ ٽينِ جون
ٽڪريون لڳل هونديون آهن، اڳيان ٻه چير واريون
ڪاٺيون نغاري کي روڪيندڙ، تن ۾ ٻه ڪاٺيون ڏونڪا ٿي
آڙيڪن سان ڳنڍيل هوندا. نغارو هڪ ٺڪر جي پياليءَ
مٿان کل يا سخت ۽ لسي ڪاغذ کي لئي سان سوگهو
چنبڙائي ٺاهي، انهيءَ ۾ ڦاسائي بيهارين، پوءِ ڌاڳو
اڳين ڪاٺين جي چؤنڪ وٽ ٻڌي ڇڪڻ ڪاڻ ٻڌي ڇڏين، گاڏي
ڇڪبي، ته ٽين جون ٽُڪريون واري تي دُريءَ سان گڏ
ڦري آڪيڙي وارن ڏونڪن کي واري تي اڌورو هيٺ ڪري.
ڇڏينديون ته آڪيڙو انهن کي کل يا ڪاڳر مٿان موٽائي
ٽَڪرائيندو، تان جو اها کَل وڄندي ۽ گاڏيءَ مان
ٽِڙڪ ٽڙڪ جو آواز پيو نڪرندو.
(4) ٻاراڻو گاڏو:
هي گاڏو واڍا جوڙيندا آهن. سڄو ڪاٺ مان ٺهيل هوندو
آهي. چار ڦيٿا ٻه دُريون، پاسن کان اُڀا تختا
پَسروٽن پٽيون آڏو آيل اڳيان ڪِلو جئين ٻار، هڪ
ٽنگ هڪڙي پاسي ۽ ٻي ٽنگ ٻي پاسي ڌار ڪري ويهي
سگهي. رسي وجهي ڇڪڻ واسطي اڳيان واڌ ڏنل ٽُڪنڊي
جنهن کي منجڻ به چئبو آهي. هن ۾ ننڍڙن ٻارن کي
ويهاري وڏا نينگر گهليندا آهن: جنهن ۾ نينگرن جي
راند ۽ ٻارن لاءِ وندر ٿي پوندي آهي.
(2) چَهٻَر ڇڪڻ:
ڪي ٻار، ڪو ٽَپڙ يا ٽاٽ جو ٽُڪر، يا پڻڇ يا لوهه
جو چَهٻر، جنهن جي هڪڙي ڪنڊ ۾ رسو ٻڌن ۽ هڪ ٻار
مٿان چڙهي ويهي ۽ ٻيا ڇڪين. ان نموني راند
رَچائين. چَهٻر ۾ ڦيٿا ڪونه ٿين ڌرتيءَ تي پيو
گسرندو آهي.
(5) ڳن وارو ڦيٿو: ٻار، مٽيءَ مان ڦيٿو
ٺاهي، ان جي وچ ۾ سوراخ ڪڍندا آهن. ان کي سڪائي:
پوءِ ٽي يا چار فوٽ ڪانو کڻي، ان جي هڪ ڇيڙي کي
چير ڏيئي، ان جي وچ تي اهو ڦيٿو ڦاسائين، ڦيٿي جي
سوراخ ۾ سنهي ڪاٺي وجهبي آهي، جنهن جا ٻيئي ڇيڙا
ڪاٺي جي چيريل هنڌ تي ڌاڳو ٻڌي ڇڏبو آهي، ته جيئن
ڪانو وڌيڪ نه چيرجي وڃي. پوءِ ڪاٺي کي مٿين ڇيڙي
کان جهلي، ڦيٿو گهليندا آهن (1) ڪي ٻار ٽين يا
ڪاٺي مان ڪٽيل ڦيٿو يا ڪاٺ مان ٺهيل ڦيٿو ڪاني ۾
وجهي گهليندا آهن.
(6) اَنگڙي واري ڌڪڻي: اڍائي – ٽي فوٽ ڊگهي
واري شيخ کي گول ۾ موڙي ڇلائون ڦيٿو جوڙي: ۽ هڪ
اڍائي فوٽ ڊگهي شيخ جي پوڇڙي ڪُنڊيءَ وانگر ورائي،
پوءِ هي ڌڪڻي ڌڪين. لوهار ٺاهي ڏيندا آهن، ۽ ٻار
خريد ڪري. اُن ڇلائين گول (رنگ) کي انگڙيءَ جي آڙ
۽ ٽِيڪ تي اڳيان ڌڪيندا هلائيندا ويندا آهن.
(7) گُل نڙانڊي: (بند فاف) يا سُرهيا،
سُئيءَ جي پاکي ۾ هڪ ٽؤئر ٽانڪي ڦُندڻ وانگر
بيهارين، پوءِ آنچيءَ جي فوٽ کن نڙانڊي ان سان
شامل رکن، ٻار خريد ڪري، نڙانڊيءَ جي مٿئين سوراخ
۾ سئي ڦندڻ هيٺ ڀرو لڪائي بيهارين، پوءِ ڪنهن
نشاني تي وات نڙانڊي جي سوراخ تي رکجي. وٺي زور
سان ڦوڪ ڏين ته ڦنڌن نڙانڊيءَ مان نڪري وڃي نشاني
تي ٽنبجي بيهي.
ترجمو: محمد رحيم ميمڻ
چمڙو
Bat
پيارا ٻارؤ! جيڪڏهن رات جي وقت ڪو پکي، توهان جي
ڀر مان زوزاٽ ڪري لنگهي وڃي ۽ ٻيهر ساڳيو عمل
ورجائي ته، توهان جي ڪيفيت ڇا هوندي؟ يقيناً توهان
سمجهي ويا هوندا ته اهو چمڙي کانسواءِ ٻيو ڪوبه
ٿي نٿو سگهي. اسان وٽ هڪ چوڻي به ته آهي، نه ”تون
ته صفا چمڙو آهين“ اها چوڻي انهن لاءِ هوندي آهي.
جيڪي سڄي رات جاڳي گذاريندا آهن.
اڄ آئون توهان کي چمڙي جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ ڏيندس.
چمڙو اهو واحد پکي آهي، جيڪو ”ٻچا به ڄڻيندو آهي ۽
ٻچن کي کير به پياريندو آهي.
ٻين لفظن ۾ اسين هن کي اهڙو کير پياريندڙ جانور
سڏينداسين جنهن ۾ اڏامڻ جي سگهه به موجود آهي.
چمڙي کي ٻن وڏن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي.
(1)
Old World Bats
پراڻي دنيا جا چمڙا.
(2)
New World, Bats
نئين دنيا جا چمڙا.
چمڙن ۾ هڪڙا وارا هوندا آهن. ٻيا بنا پڇ وارا .
چمڙي کي شڪل جي لحاظ کان سامهون ويٺل ڏسبو ته ڪوئي
وانگر نظر ايندو، جنهن جا صرف، پر اضافي هوندا
آهن. اهي به بند هجن، ته پوءِ ڪافي حد تائين ڪوئي
جهڙوئي نظر ايندو. وري جي پويان ويٺل حالت ۾ ڏسبو
ته ڏيڏر جهڙو نظر ايندو.
اها ته تقريباً هر ٻار کي خبر هوندي ته چمڙو ڏينهن
جي روشنيءَ ۾ ڏسي نه سگهندو آهي. توهان کي خبر آهي
ته ان جو سبب ڇا آهي؟ ان جو سبب اهو آهي، ته ان جي
اک جون پتليون وڏيون آهن، جيڪي گهڻي روشنيءَ ۾
سوڙهيون ٿي وينديون آهن. انڪري کيس ڪجهه نظر نه
ايندو آهي. جيڪڏهن سج جي سامهون ڪيمرا جهلي فوٽو
ڪڍجي ته لازمي طرح اهو فوٽو سڙي ويندو. يا بلڪل
خراب نڪرندو. سج جي آڏو فوٽو ڪڍڻ لاءِ لينس
استعمال ڪجي يا سامهون نه اچجي.
چمڙي جي ٻي ڳالهه سندس ٻڌڻ وارو نظام آهي، جيڪو
بلڪل اڄ جي جديد نظام (راڊار) وانگر لڳي ٿو. چمڙي
جي ان صلاحيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته
چمڙي کي چؤڦير. 200 والن تائين صفا سنهي کان سنهون
آواز يا ان مفاصلي اندر چرپر ڪندڙ هر شيءِ جي خبر
پوي ٿي.
ان جديد نظام جي ڪري گهگهه اونداهي توڙي رڪاوٽ
وارن رستن تي به چمڙو بغير ڪنهن ٽڪراءَ جي اڏامي
سگهندو آهي. چمڙا بناوت جي لحاظ کان پرن جي ماپ
سميت ”6انجن کان ويندي /5 فوٽن تائين هوندا آهن ۽
سندن آواز ڪجهه 50 گرام کان سواءِ ڪلو تائين ٿيندو
آهي. چمڙي جي سڄي جسم تي نرم گوشت جي چادر اهڙيءَ
طرح چڙهيل هوندي آهي جو، هو جيڏي مهل چاهيندو آهي
ان کي صفا سوڙهو ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪل پٽيءَ
وانگر، ۽ وري جي کوليندو آهي ته بلڪل پرن وانگر
کلي ويندا آهن. هن جي هٿن ۾ چار آڱريون ۽ هڪ آڱوٺو
ٿيندو آهي.
چمڙي جي پيرن ۾ شڪاري پکين وانگر چنبا هوندا آهن.
جيڪي ڦري سگهندا آهن جن سان پنهنجو شڪار ڦاسائيندو
آهي.
چمڙو نر، ۽مادي صرف هڪ خاص موسم ۾ ملندا آهن. ان
کانپوءِ الڳ رهندا آهن. هر مادي، سال ۾ هڪ ٻچو
گرمين جي موسم ۾ ڄڻيندي آهي. سندس کير پيارڻ جو
عرصو ڪجهه هفتا ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ان کانپوءِ
ٻچو الڳ رهندو آهي. جتي هن کي سنڀال جي به ضرورت
ڪانه پوندي آهي. چمڙي جي سراسر عمر 20 سال هوندي
آهي.
رنگ جي لحاظ کان گهڻا چمڙا خاڪي هوندا آهن، پر
ڪجهه قسم جا ڳاڙها، ڪجهه قسم جا زردا، ڪجهه اڇا ته
ڪن تي اڇا چٽا ٿيندا آهن.
چمڙي جي خوراڪ، ميوا، گلن جا رس وغيره هوندي آهي.
جڏهن ته ڪافي قسم اهڙا به آهن جيڪي جيت کائيندا
آهن ۽ ڪي وري مڇي جو شڪار به ڪري کائيندا آهن.
آمريڪا جي اترين علائقن جي اونداهن غارن ۾ چمڙن جو
هڪ قسم آهي جنهن کي
Flyng Fox Boat
چوندا آهن، اهي جڏهن ماڻهو يا جانور کي ستل ڏسندا
آهن. انهن کي چڪ هڻندا آهن جنهنڪري ان ماڻهو يا
جانور جو سڄو جسم کيرو (سن) ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن
ماڻهو صفا بي هوش ٿي ويندو آهي ته ان جو رت پيئندا
آهن اهي چمڙا ڪڏهن به سجاڳ ماڻهو يا جانور تي حملو
نه ڪندا آهن.
چمڙو سڄي دنيا ۾ ملي ٿو. اهي ڇتين جي سوراخن، وڻن
جي ٽارين، غارن يا ڳڙکن وغيره ۾ رهندا آهن: چمڙي ۾
به ٻه قسم آهن. هڪڙا الڳ رهڻ وارا ٻيا گڏجي رهڻ
وارا، اهي لکن جي تعداد ۾ رهن ٿا. ڪجهه منٽن ۾ هڪ
هنڌ ويهي يا اتان نڪري سگهن ٿا. اهي گهڻو ڪري منهن
هيٺ، ۽ مٿو مٿي ڪري ويهندا آهن. انهن جا ڪجهه قسم
جيڪي يورپ ۾ رهن ٿا اهي سياري جي موسم ۾ لڏ پلاڻ
ڪندا آهن.
چمڙن جا ڪجهه قسم انسان ذات لاءِ فائديمند پڻ آهن.
ڇاڪاڻ ته اهي جيت شڪار ڪري کائيندا آهن. جيڪي
انسان ذات لاءِ نقصان ڪار هوندا آهن. چمڙي جي ڪجهه
قسمن جو ڀاڻ پڻ زراعت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
جڏهن ته ڪجهه قسم اهڙا آهن. جيڪي انسان ذات لاءِ
نقصانڪار پڻ آهن.
چمڙو پيرن ڀر هلي نه سگهندو آهي. ڀڙڪو ڏيئي
اڏامندو آهي يا پنهنجي منزل تي ئي ويٺو هوندو آهي.
پيارا ٻارؤ! چمڙي جي آواز کي چون چون چئبو آهي.
”ناز“ نور زمان جوکيو
ڏاهن جا قول
·
الله جي بهترين نعمت هڪ مخلص دوست آهي (حڪيم
اقليوس)
·
هر شخص سچي دوست جي تلاش ڪندو آهي، پر پاڻ سچي
دوست ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. (حڪيم لقمان)
·
پنهنجي هر غلطي مان سبق حاصل ڪريو. دنيا جا عقلمند
ائين ڪندا آهن. (ڊوگس لوئن)
·
دنيا ۾ انهن ماڻهن جي عزت ٿئي ٿي، جن پنهنجي
استادن جو احترام ڪيو. (برنارڊشا)
·
ڪاوڙ هميشہ حماقت کان شروع ۽ پشيماني تي ختم ٿيندي
آهي. (ارسطو)
·
سڀ کان وڏي خيانت قوم سان غداري آهي. (حضرت علي
ڪرم الله وجهه)
·
توهه ڪرڻ آسان پر گناهه ڇڏڻ ڏکيو آهي. (امام جعفر
صادق رضه)
·
علم دولت کان بهتر آهي، ڇوت علم توهان جي حفاظت
ڪري ٿو۽ دولت جي توهان کي ئي حفاظت ڪرڻي پوندي
آهي. (حضرت علي)
مصنف: ليوس ڪيرول
مترجم: سليم سهتو
باب چوٿون
خوابن جو سير
ٿوري دير کان پوءِ، اڇو سهو به اُڏانهن اچي نڪتو.
هو ڪنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هو. انهيءَ شيءِ کي
ڳوليندو، هيڏانهن هوڏانهن هلي رهيو هو. ايلس سمجهي
وئي، ته هو ڇا ڳولي رهيو آهي. ايلس به انهن شين جي
ڳولا شروع ڪئي. پر اُتي سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هو.
شيشي جي ميز به ڪانه هئي، ننڍو دروازو به غائب ٿي
ويو هو.
ايتري ۾ سهي هن کي ڏسي ورتو ۽ ڪاوڙجي کيس ڇنڀڻ لڳو
”هتي ڇا پئي ڪرين ميري؟ وڃ جلدي گهروڃ! وڃ منهنجي
لاءِ جورابن جي هڪ جوڙي ۽ هڪ هٿ جو پکو کڻي اچ.
وڃ، جلدي ڪر!“
ايلس ان جي ڳالهين کان ايترو ڊني، جو جلدي ان طرف
ڊوڙڻ لڳي. جنهن طرف هو اشارو ڪري رهيو هو. هوءَ
سمجهي وئي ته سهي، غلطيءَ سان کيس پنهنجي نوڪرياڻي
سمجهي ورتو آهي. پوءِ هوءَ ڊوڙندي اتان هلي وئي،
ڊوڙندي ڊوڙندي. هوءَ هڪ ننڍي گهرجي سامهون پهتي،
جنهن جي دروازي تي پتل جي هڪ تختي تي لکيل هو.
”مان، سهو“ ايلس دروازي کڙڪائڻ بنا اندر گهڙي وئي.
کيس اهو ڊپ به هو، ته ڪٿي اصلي ميري سان ملاقات نه
ٿي وڃي، هوءَ هڪ سينگاريل ڪمري ۾ داخل ٿي. اُتي
دريءَ وٽ هڪ ميز تي هٿ جو پکو ۽ ٻه ٽي جورابن جا
جوڙا رکيل هئا. ايلس انهن کي کڻي ٻاهر نڪرڻ واري
ئي هئي، جو سندس نظر هڪ ڪنڊ ۾ آئيني جي ڀرسان رکيل
هڪ بوتل تي پئي. هن مڙيئي شوق خاطر بوتل کڻي
پنهنجي چپن سان لڳائي. دل ۾ سوچي رهي هئي، ته شايد
ان بوتل جي دوا سان، هن جي قد ۾ واڌارو اچي، ڇو ته
بندري قد سبب کيس ڏاڍي گُهٽ پئي ٿي.
واقعي سندس جسم وڌڻ لڳو، ايتري قدر جو. اُهو ڪمرو
کيس ننڍو لڳو. سهي جو اهو ڪمرو هاڻي، ان لاءِ
ايترو ننڍو هو. جو ايلس کي پنهنجو هڪ هٿ دريءَ کان
ٻاهر ۽ ٽنگ دروازي کان ٻاهر ڪڍي ڪنهن طرح سُڪڙجي
ليٽڻو پيو. هن جي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته، هاڻي
هوءَ ڇا ڪري؟ جهڪڻ سبب سندس ڳچيءَ ۾ سُور ٿيڻ لڳو
هو. دوا جو اثر ختم ٿيو، ان سان گڏ قد جو وڌڻ به
بند ٿي ويو، تنهن هوندي به هن کي ان رانديڪي نما
گهر ۾ ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي رهي هئي.
ايتري ۾ سهو. اُتي پهتو. سندس لاءِ گهر ۾ گهڙڻ
ممڪن نه ٿي سگهيو، ڇو ته ايلس جو پير دروازي جي وچ
۾ ڦاٿل هو. هو گهٻرائجي ڀڳو ۽ دريءَ جي هيٺان بيهي
پنهنجي نوڪرياڻي جي نالي ۾ ايلس کي ڇنڀڻ لڳو. ايلس
کي ڪنهن به قسم جو ڊپ ڪونه هو. سهي جي مقابلي ۾
سندس ڊيگهه گهڻائي ڀيرا وڌيڪ هئي. هن دريءَ مان
سهي کي هڪ ڌڪ هنيو. سهو رڙيون ڪندو اُتان ڀڳو ۽
شيشي جو دروازي سان ٽڪرائجي ڪري پيو. شيشي جي ڀڄڻ
جي آواز مان ايلس، سمجهي ورتو ته، هو دروازي سان
ٽڪرايو آهي.
سهي پنهنجي نوڪرن ۽ پاڙيوارن کي گڏ ڪيو، سڀ
گهٻرايل هئا. ڏاڪڻ گهرائي مٿي چڙهڻ جي تياري ٿي.
انهن مان هڪ مٿي چڙهيو. ان کي ڏسي سڀ چڙهڻ لڳا.
ڏاڪڻ ڀڄي پئي ۽ سڀ اچي زمين تي ڪريا. پوءِ سڀني
مٿي پٿر اڇلائڻ شروع ڪيا. ننڍيون ننڍيون ڪنڪريون
دريءَ مان ايلس تي ڪڙڻ لڳيون. هن ڪاوڙ مان دڙڪو
ڏيندي چيو: ”جيڪڏهن توهان پنهنجي ڀلائي چاهيو ٿا
ته سڀ حرڪتون بند ڪريو“. تنهن بعد دريءَ جي هيٺيان
خاموشي ڇانئجي وئي.
ايلس عجب مان ڏٺو ته، جيڪي پٿر انهن. هن تي اڇلايا
هئا. اِهي ڪيڪ ۽ بسڪوٽ ٿي ويا. هن اُهي کڻي کائڻ
شروع ڪيا. ڏسندي ڏسندي هوءَ ٻيهر بندري ٿيندي وئي
۽ سندس قد ڪافي ننڍو ٿي ويو. جيئن ئي هوءَ گهر جي
دروازي مان نڪرڻ جي قابل ٿي ته هوءَ جلدي اتان
نڪري وٺي ڀڳي. ٻاهر اچي هن ڏٺو ته، اُتي طرح طرح
جي جانورن جي ڀيڙ لڳي پئي هئي. انهن کيس پڪڙڻ
چاهيو، پر هوءَ پاڻ بچائي ڀڄي نڪتي.
ڊوڙندي ڊوڙندي هوءَ هڪ جهنگ ۾ وڃي پهتي کُليل
ميدان ڏسي. هوءَ بيهي رهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ
ڦرڻ لڳي. هن سوچيو ته، هاڻي سڀ کان پهريائين کيس
اصل قد ۾ اچي وڃڻ گهرجي، ۽ پوءِ ان خوبصورت باغ ۾
پسار ڪرڻ لاءِ وڃڻ گهرجي. امالڪ کيس ڪُتي جي ڀؤنڪڻ
جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس. هن ٻوٽن ۾ جهاتي پائي ڏٺو.
اُتي ڪتي جي هڪ گلر آواز ڪري رهيو هو ۽ هن ڏانهن
پنهنجو چنبو وڌائي رهيو هو. ايلس کانئس پاڻ بچائي
ڀڄي نڪتي. پويان گُلر ڀؤڪندو رهيو ۽ هوءَ ڊڪندي
پئي وئي.
ڊڪندي ڊڪنڊي ايلس ڪافي اڳيان نڪري وئي. ٿوري دير ۾
هوءَ ٿڪجي پئي ۽ کيس بک به لڳي. هن پنهنجي آس پاس
ڏٺو. اُتي گاهه ۽ گلن جي پتين کانسواءِ ڪجهه به نه
هو. جتي هوءَ بيٺي هئي، اُتي هڪ وڏو ڄارو لڳل هو،
جنهن جي ڊيگهه ان جي برابر هئي. ايلس کي ان ڳالهه
جو ڏاڍو ڏک ٿيو، ته سندس ڊيگهه جاري جي برابر
جيتري ٿي وئي آهي هن جاري جي ڀرپاسي ۽ هيٺ جهڪي
ڏٺو، پر اُتي کيس ڪابه خاص شيءِ نظر ڪانه آئي. هن
سوچيو ته، ڏسان ته ان جي مٿان ڇا آهي. هن پٻن جي
زور تي ٽپو ڏئي مٿي ڏٺو ته اتي سندس اکيون هڪ وڏي
لال بيگ جي اکين سان وڃي مليون. هو آرام سان ٻوٽي
جي هڪ ٽاري تي ويٺل هو ۽ حقو ڇڪي رهيو هو. هو حقو
ڇڪڻ ۾ ايترو محو هو جو کيس ايلس يا ڪنهن ٻئي جي ڪا
به پرواهه ڪانه هئي. |