غلام مصطفيٰ
مشتاق
بَدر-
اَول
اوهان
مان
جيڪي ٻار اخبار
پڙهندا هوندا،
تن
اها خبر
ضرور
پڙهي هوندي
ته
پاڪستان ۾ پهريون
مصنوعي سياره
(هٿراڌو
اپگره)
تيار
ڪيو
ويو
آهي.
اها
اسان
جي ملڪ
۽
قوم
لاءِ فخر
جهڙي
ڳالهه
آهي، ته
اسان
جو ملڪ
سائنس جي
ميدان ۾ ايڏي
ترقي
ڪري
چڪو آهي.
اهو
هٿرادو اپگره،
جنهنجو نالو
”بدر-
اول“
رکيو
ويو آهي.
پاڪستاني سائنسدانن
۽
انجنيئرن، بنا
ڪنهن
ٻئي
ملڪ
جي مدد
جي
پاڻ
ٺاهيو آهي.
ان
اپگره کي
ٺاهڻ وقت
ان
جو خاص
خيال
رکيو ويو
آهي
ته اهو
جديد
مڪمل طور
ڪم
۾
ايندڙ ۽ ملڪ
مان
ملندڙ ڪچي مال
مان
ٺاهيو
وڃي.
بدر-
اول،
اسان جي
ملڪ
جي خلائي
تحقيق واري
اداري
”اسپارڪو“
جي
هڪ جديد
ورڪشاپ ۾، مختلف
حصن
کي
ڳنڍي
تيار ڪيو ويو
آهي.
هن
اپگره
۾
ٻين
ڪارآمد
پرزن سان
گڏ
هڪ
”اليڪٽرانڪ
دماغ
پڻ رکيو
ويو
آهي، جيڪو
زميني مرڪزن
کان
مليل
پيغام وصل
ڪري،
پاڻ
وٽ محفوظ
ڪندو
۽
پوءِ
اڳين منزل
تائين پهچائيندو.
هن اپگره
جي
خاص
ڳالهه اها
آهي
ته هن
۾
استعمال ٿيل سمورا
پرزا
۽
ڪلون
اسان جي
انجنيئرن ۽ سائنسدانن
جون
تيار ٿيل آهن،
جنهن
ڪري
هن اپگره
جي
هر حصي
جا
وڌيڪ پرزا
به
ٺاهي
سگھبا.
پاڪستان
جو
هي پهريون
اپگره هڪ
گول
جي شڪل
۾
آهي.
هن
جو
قطر اٽڪل
483
سينٽي ميٽر
آهي.
هن
جي
ٿولهه
ساڍا ٽي چورس
فوٽ
آهي ۽ هن
جا
ڇويهه
پاسا آهن.
هن
جو وزن
70
ڪلو
گرام
آهي.
هن
جي
تياريءَ تي
اٽڪل
هڪ
ڪروڙ پنجاهه
لک
روپيه خرچ
آيو
آهي.
پروگرام
مطابق بدر-
اول
کي
سن
1990ع
۾ خلا
۾
روانو ڪيو ويندو.
ڪوشش
اها ڪئي وئي
هئي،
ته هي
”ناسا
جي شٽل
پروگرام ۾ شامل
ڪري
خلا
۾
موڪليو وڃي،
پر
شٽل جي
پروگرام ۾ دير
هئڻ
ڪري،
هاڻي ائين
نٿو
ڪري
سگھجي.
اميد
آهي
ته هاڻي
هن
کي
فرانس جي
خلائي شٽل
”آريانس“،
سان جيا
فرنچ
جي شهر
ڪورو
مان
پرواز
ڪندي، خلا
۾
موڪليو ويندو.
پر ان
وچ
۾
اسان جي
سائنسدانن به
اهڙو
گھڻ منزلو
راڪيٽ
ٺاهڻ لاءِ
ڪامياب
تجربا ڪيا آهن،
جنهن
وسيلي هي
اپگره، خلا
۾
موڪلي سگھجي
ٿو.
ٿي
سگھي
ٿو
ته پاڪستان
۾
پهريون دفعو
ٺهڻ
وارو
هي اپگره،
خود
پاڪستان ۾ ئي
تيار
ڪيل
ڪنهن
راڪيٽ وسيلي
خلا
۾
موڪليو وڃي.
هن
هٿراڌو
اپگره جو
اصلي
مقصد، هڪ
اڏامندڙ
ٽپال گھر
جو
ڪم
ڏيڻ
آهي.
هن
جي
اندر معلومات
حاصل
ڪرڻ
۽
وري رواني
ڪرڻ
جي
صلاحيت رکي
وئي
آهي.
هن
بدر-
اول
کي
زميني مرڪزن
کان
معلومات کي پاڻ
وٽ
گڏ
ڪندو ۽ آئينده
ضرورت پوڻ
تي
ڪنهن
به اهڙي
منزل
کي
اماڻي
ڇڏيندو، جيڪا
سندس
مدار ۾ ايندي
هوندي.
اها
معلومات يا
پيغام
ڊجيٽل هوندي،
جنهن
ڪري
تمام ججھي
انداز ۾ گڏ
ڪري
سگھبا.
هن
هٿراڌو
اپگره کان سگنل
وصول
ڪرڻ
لاءِ گھٽ
خرچ
وارا زميني
مرڪز
ملڪ جي
مختلف شهرن
۾
قائم
ڪيا
ويا آهن.
انهن
مان هڪ
ڪراچي
۽
هڪ
لاهور ۾ مڪمل
ٿي
چڪا
آهن ۽ اهي
هن
وقت دنيا
جي
مختلف هٿراڌو
اپگرهن کان معلومات
حاصل
ڪري
رهيا آهن،
جڏهن
ته هڪ
مرڪز
ڪوئيٽا
۽
ٻيو
پشاور ۾ به
قائم
ڪيو
ويندو.
انهن
ئي
زميني مرڪزن
وسيلي بدر-
اول
کي
ڪنٽرول
ڪيو
ويندو.
هونئن
به
بدر-
اول
۾
اهڙو
نظام رکيو
ويو
آهي، جو
منجھس پيدا
ٿيندڙ
وقتي
خرابين يا
گڙ
ٻڙ
جي نشاندهي
ڪري
سگھبي.
هن
اپگره
جو نظام
شمسي
توانائي تي
هلندو.
هن
۾ سولر
بئٽريون (سج
تي تيار
ٿيندڙ)
رکيون ويون
آهن.
جن
۾ سگھ
محفوظ ڪرڻ جي
صلاحيت موجود
آهي.
اهڙي
طرح
جڏهن هي
سج
کان
پري هوندو،
تڏهن
به پاڻ
وٽ
گڏ ٿيل سگھ
کي
ڪتب
آڻي
۽
ڪم
ڪري
سگھندو.
اسان
جو
هي هي
اپگره بدر-
اول
گھٽ اوچائيءَ
جي
مدار ۾ هلڻ
وارو
اپگره آهي.
هي
خلا ۾ ٽن سون
کان
پنجن
سون ڪلو ميٽرن
جي
بلنديءَ تي
چر
هڻندو رهندو.
پاڪستاني افق
تي
چوويهن
ڪلاڪن ۾ ٽي يا
چار
دفعا ظاهر
ٿيندو
۽
هر
ڀيري
اٽڪل پندرهن
ويهه
سيڪنڊ سگنل
ڏئي
سگھندو.
اهڙي
طرح
هڪ سئو
سيڪنڊن جي
پيغامن جي
روزانه ڏي وٽ
ٿي
سگهندي.
سيد انيتا
لڪياري
سنڌڙيءَ جا
سينگار
فضيلت سان
تون
ڪر
اُچار
وڏن ننڍن سان سنڌي ٻار
ڪندو هر ڪو تو سان پيار
منهنجي سنڌڙيءَ جا سينگار
ڪوڙ نه هڻ ڪنهن سان تون
چوريءَ کان پري ڀڄ تون
چڱن جي صحبت ڪر اختيار
منهنجي سنڌڙيءَ جي اسينگار
شوق وچان تون کڻ قلم
ايندو ڪم توکي ئي علم
ڪندئي نه ٻيو ڪو سار سنڀار
منهنجي سنڌڙيءَ جا سينگار
پڙهي لکي تون وڏڙو ٿي
خدمت ڪر تون ڌرتي جي
مستقل جا اي معمار
انيتا جو آ تو سان پيار
منهنجي سنڌڙيءَ جا سينگار
فقير شهمير
چانڊيو
امجد
جو
ڪارنامو
گھڻو
عرصو
اڳ جي
ڳالهه
آهي
ته:
شهر
۾
ٻارن
جي
گم ٿيڻ جي
وارداتن ۾ روز
بروز
اضافو
ٿيندو پئي
ويو
۽
اهو علائقو
خالي
نه هو،
جتان
ٻار
گم نه
ٿيو
هجي.
ان
صورتحال
ٻارن
جي والدين
کي
ڇرڪائي
ڇڏيو
هو
۽
هو پنهنجن
ٻارن
کي
اسڪول ۾ ڇڏي به
ايندا هئا
۽
گھر
واپس وٺي
به
ايندا هئا.
خاص
ڪري
اخبارن ان
سلسلي ۾ اهم
ڪردار
ادا
ڪيو
هو.
ان
ڪري بالا
اختياري وارن
پوليس جي
نڪ
۾
دم ڪري
ڇڏيو هو.
پر
باوجود گهڻي
جستجو جي
پوليس به
بيوس
ٿي
وئي هئي.
امجد،
هن
کي
شهر جي
مختلف چوواٽن،
گھٽين ۽ خاص
ڪري
اسڪول جي
گيٽ
جي سامهون
ڪيئي
دفعا
ڏٺو
هو ۽ پوءِ
هو
الائي ڇو ڏڪي ويندو
هو.
هو
اڪثر
مختلف روپ
بدلائيندو رهندو
هو.
ڪڏهن
گھورڙيئي
جي روپ
۾
ته
ڪڏهن
فقير جي
روپ
۾،
ته
ڪڏهن برني
گلاس
واري جي
روپ
۾!
هن جي
شڪل
به عجيب
قسم
جي هوندي
هئي،
جنهن سبب
هر
ڪو
ٻار
ساڻس گھڻو
مانوس ٿي ويندو
هو.
امجد
اهڙو
ذڪر کي ان
سوال
جي جواب
۾
”هان-
هون“
ڪري
ٽاري
ڇڏيندي
هئي
۽
پوءِ
ڪنهن اڻ
ڄاتل
خوف
سبب امجد
کي
پنهنجي سيني
سان
لڳائيندي هئي.
امجد
کي
امڙ
جي سيني
مان
هڪ عجيب
سڳنڌ
محسوس
ٿيندي هئي
۽
هو
گھڻي دير
تائن
ماءُ جي
سيني
سان لڳو
رهندو هو.
شايد
کيس
به ڪو اڻ
ڄاتل
خوف
محسوس
ٿيندو هو.
هڪ
دفعي
امجد رسيس
جي
ٽائيم
تي جيئن
ٻاهر
نڪتو، ته
سندس
نظر
ٻارن جي
وچ
۾
گھيريل ان
شخص
تي وڃي
پئي
۽
هو ڏڪي ويو.
هن
پوءِ
ٻاهر وڃڻ
ترڪ
ڪري
ڇڏيو
۽
رسيس جو
وقفو
اسڪول جي
احاطي ۾ گذاري
ڇڏيائين.
اڄ
ڪلاس
۾
استاد صاحب
لطيفن جي
چٽا
ڀيٽيءَ
جو پروگرام
رٿيو
هو، جنهن
تحت
سڀني کي واري
واري
سان ڪو نه
ڪو
لطيفو پيس
ڪرڻو
هو.
استاد
پهرين وارو
رياض
کي
ڏنو
هو ۽ رياض
لطيفو
ٻڌائڻ شروع
ڪيو:
گراهڪ:
ادا،
ٿورو
رسو ته
ڏجو،
ڪم
لاهي، توهان
کي
واپس
ڪريان
ٿو.
دڪاندار:
ادا،
رسي سان
اٿو
پيا ٻڌن!
ان
جواب
تي گراهڪ
وائڙو ٿي، دڪاندار
جو
منهن تڪڻ
لڳو،
جنهن تي
دڪاندار چيس
ته
ادا، اهي
نه
ڏيڻ
جا پار
اٿئي، ڀلا رسي
سان
به
ڪڏهن اٽو
ٻڌو
ويو.
سڀئي
ٻار،
رياض
جو لطيفو
ٻڌي،
وڏا
وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا،
مگر
امجد خاموش
هو.
هو
بار
بار
ٻاهر نهاري
رهيو
هو.
سندس
پاسي
واري
ڊيسڪ خالي
هئي
.سندس
ان حرڪت
کي
استاد تاڙي
ورتو
۽
پڇيائينس ته
امجد
ڇا
ڳالهه
آهي، اڄ
وائڙو پيو
لڳين؟ رياض
جواب
ڏنو
ته سائين!
طارق اڃا
آيو
ئي
ڪونهي، ان
ڪري
پيو
ٻاهر
نهاريان، خدا
خير
ڪري.
استاد
کي
امجد
جي ان
جواب
تي تشويش
ٿي
پئي
۽
پوءِ چند
ٻارن
کي
ٻاهر
طارق
کي
ڏسڻ
لاءِ موڪليائين.
ڪافي
دير کان پوءِ
ٻار
ٺلها
موٽي
آيا ۽ موٽ
۾
طارق
لاءِ لاعلمي
ظاهر
ڪيائون.
استاد
اهڙو
اطلاع فوري
طور
هيڊ ماستر
صاحب
کي
ڏنو.
سڄي
اسڪول ۾ افراتفري
مچي
وئي ۽ جلدي
۾
موڪل
جو اعلان
ڪيو
ويو
۽
ان اعلان
سان
گڏو گڏ
ٻارن
کي
اها
به هدايت
ڪئي
وئي
ته هرڪو
ٻار
تيسين انتظار
ڪري،
جيسين سندس
مائٽ
کيس
نه وٺڻ
اچن.
طارق
کي
گم
ٿئي،
اڄ ٻيو
ڏينهن هو.
طارق
جا مائٽ
ڏاڍا
پريشان هئا،
خاص
طور تي
سندس
امڙ بي
حال
ٿي
وئي هئي.
امجد، طارق
جي
گهر پهچي،
ان
ماڻهوءَ جي
باري
۾
کين
ٻڌايو
هو ۽ اهو
به
ٻڌايو
هئائين، ته
طارق
سان گڏ
اهو
ماڻهو جيڪو
مون
کي
روز ڏسڻ ۾ ايندو
هو،
سو به
گم
آهي.
اها
ڳالهه
ٻڌي
طارق
جو پيءُ
امجد
کي
ساڻ وٺي،
ان
شڪي ماڻهوءَ
جو
چهرو نوٽ
ڪرايو
هو.
پوليس
صرف
طارق جي
پيءُ
کي
”ڪوشش
ڪريون
پيا
چئي“
دلدار
ڏني
هئي.
امجد
جي
ذهن تي
ان
واقعي اهڙو
ته
خطرناڪ اثر
پيدا
ڪيو
هو، جو
هو
خوف ۾ بيمار
ٿي
پيو.
کيس
مٿي ماڙيءَ
تي
هنڌ وڃائي،
آرام
ڪرڻ
لاءِ
چيو
ويو ۽ هڪ
ڊاڪٽر
به
تپاس لاءِ
گھرايو ويو.
ڊاڪٽر
کيس
چڱيءَ طرح
تپاسي،
ڪنهن به
ڳڻتيءَ
جو
اظهار نه
ڪيو
۽
ٻه
ٽي
دوائن جا
نسخا
لکي، امجد
جي
والد کي ڏئي هليو
ويو.
سندس
پيءُ
دوائن لاءِ
روانو ٿيو ته
پويان امڙ
تيمارداري لاءِ
موجود هئي.
اوچتو امجد
کي
ائين
محسوس ٿيو ڄڻ کيس الٽي
اچي
رهي آهي
۽
هو
ڊوڙ
پائي، بالڪنيءَ
جو
در
کولي، مٿي
تي
هٿ ڏئي هيٺ
ويهي
رهيو.
ٻه
ٽي
اوڪارا
ڏنائين، الٽيون
اچڻ
شروع ٿي ويون
۽
آخر
ٺاپر
اچي وئي.
پويان امڙ
سندس
پٺن کي هٿ
هڻي
کيس
اٿڻ لاءِ
چئي
رهي هئي.
امجد
مٿي تان
هٿ
لاهي، گوڏن
تي
زور ڏئي جيئن
اڀو
ٿيو
ته سندس
نظر
هيٺ لنگھندڙ
ان
ساڳئي شخص
تي
وڃي پئي.
ان
وچ
۾
سندس والد
پڻ
دوائون وٺي
واپس
موٽي آيو
هو.
امجد
پيءُ
کي
ڏسندي
رڙ ڪئي:
”بابا!
اهو
ساڳيو ماڻهو!“
امجد جي
رڙ
تي سندس
والد
ڊوڙي
اچي هيٺ
نهاريو ۽ سندس
عقابي نظرن
ان
شڪي شخص
جي
نشاندهي ڪري ڇڏي ۽ فوري
طور
فون تي
پوليس کي اطلاع
ڪيائين.
ان
وچ ۾ امجد
ڪنهن
به
قسم جي
پرواه نه
ڪندي،
ان
ماڻهوءَ جو
پيڇو
ڪيو
۽
آخر هڪ
هوٽل
جي ڪنڊ ۾ کيس ويهندو
ڏسي،
ويجھو هڪ
اسٽور تان
ٻيهر
پاڻ
به گهر
فون
ڪيائين.
اهو
شڪر
آهي، جو
پوليس اڃا
سندس
گهر سندس
والد
کان
آڏا، ابتا
سوال
ڪري
رهي هئي.
امجد
جي فون
مسئلي کي حل
ڪري
ڇڏيو
۽
آخر
امجد جي
معرفت پوليس
ان
شڪي ماڻهوءَ
کان
حراست ۾ وٺي
چڱي
ڦيهه
ڪڍي.
جڏهن
پڇا
ڳاڇا
ڪئي
ته سڀ
سچيون
ڪيائين ۽ هڪ
زير
زمين تهه
خاني
۾
ڪافي
ٻارن
کي
برآمد ڪري ورتائون،
جن
۾
طارق به
شامل
هو!
وفا ايم
ايوب
جوڻيجو
نظم
ٻالڪ آهن
ديس
جا والي
مٺڙي مٺڙي ملڪ جا مالي
ٻوليون تن جون ڏاڍيون پياريون
آهن بيشڪ جيءَ جياريون
علم ادب سان شوق رکن ٿا
ماءُ ۽ پيءَ جو چيو مڃن ٿا
ٽوپي ٽڪن سان هو پائن
سهڻا سهڻا گيت به ڳائن
مستقل کي ٺاهڻ خاطر
محنت ڪن ڏس ويٺا هر هر
اڄ ڀي پٽي ويٺي پڙهيائون
منهنجو تن سان شامل دعائون
وفا ڪري ڇا ويهي ساراهه
ٻالڪ آهن ڏاڍا پيارا
خليل
لاکو
چائلڊ ايڊ
ايسوسيئيشن
(Child Aid Association)
هيءُ
ٻارن
جي
ڀلائي
۽
بهبود جو
هڪ
ننڍڙو ادارو
آهي.
هن
جو
تعلق
ٻارن جي
صحت
جي قومي
اداري
(National institute of childrens health)
سان
آهي؛
جيڪو
اصل ۾ جناح
اسپتال
(Jinnah post graguate medical centre)
جي
نگراني ۾ هوندو
آهي.
هيءُ
ننڍڙو ادارو
”چائلڊ ايڊ
ايسوسيئيشن“
اصل
۾
ڏه
سال
پهريائين
1979ع
۾ شروع
ٿيو.
هيءُ
ٻارڙن
جي
ڀلائيءَ جو
ننڍڙو ادارو
ان
وقت ميڊم
تنوير آمنه
(جيڪا
ان وقت
سوشل
ويلفيئر آفيسر
هئي)
پنهنجي
اڻ
ٿڪ
محنت ۽
ڪوشش سان
ترتيب ڏنو ۽ ان
کي
سنڌ
جي وزارت
وٽ
رجسٽر
ڪرايو.
ٻارن
جي قومي
اداري ۾ شعبه
جراحي
(Peadssurgery)
جي
سربراهه پروفيسر
ڊاڪٽر
نظام
الحسن جي
نگرانيءَ ۾ هر
هنڌ
متعارف
ڪرايو.
چوندا
آهن
ته ضرورت
ايجا
جي ماءُ
آهي.
ٻارن
جي سنڌ
۾
هن
واحد اسپتال
۾
جڏهن
ننڍڙن مريضن
کي
ڪا
تڪليف يا
ضرورت ايندي
هئي،
ته سندن
والدين
ڏاڍو پريشان
ٿيندا
هئا.
خصوصن
رت
۽
دوائن وغيره
جي
ضرورت ۾، تڏهن
هتان
جي هڏڏوکي
ڊاڪٽرن
۽
وسنديءَ وارن
جي
گڏيل تعارف
سان
هيءُ
ڀلائيءَ جو
مرڪز
کوليو
ويو، جنهن
۾
رت
۽
دوائن کان علاوه
ٻارن
جي
موسم مطابق
ڪپڙا،
ڪمبل
وغيره کان خوراڪ
جون
شيون ۽ ٻيو گهڻو
ڪجهه
انهن
کي
مفت ۾ ملندو
آهي.
گذريل
پنجن
سالن کان کين صوائي
حڪومت طرفان
زڪوات
کاتي مان
تي
لک رپيا
ملندا آهن.
ان
کان
علاوه هن
اداري جا
ڪيترائي
ننڍا
وڏا ادارا
۽
فيڪٽريون ۽ سرنديءَ
وارا
مستقل مددگار
آهن؛
جيڪي کين وقت
بوقت
ضرورت جون
شيون
۽
ڪيش
پئسا ڏئي ويندا
آهن.
هن
اداري
وقت بوقت
پنهنجي
ٿورڙي آمدني
۽
فنڊ
مان
ٻارن جي
اسپتال کي
ڪيترائي قيمتي
پرزا
۽
مشينون خريد
ڪري
ڏنيون
آهن،
جيڪي آپريشن
ٿيٽر (O.T)
انٽينسو
ڪيوئر
يونٽ
(I.T.U)
ڊائريا يونٽ
(D.T.U)
نرسري يونٽ
۽
ٻين
اسپتالن جي
مختلف حصن
۾
رکيل
آهن.
هن
ننڍڙي
اداري طرفان
سال
۾
ٽي
چار
ٻارن لاءِ
فنڪشن
ڪرايا ويندا.
جنهن ۾ پوري
اسپتال جا
داخل
مريض ٻار شرڪت
ڪندا
آهن.
انهن
جي
دلچسپيءَ جا
ناٽڪ، گيت،
ٻيا
پروگرام
ڪرايا ويندا
آهن
ان عمل
سان
ٻارن
جي ذهني
پهچ
ڪافي
سڌرندي آهي.
ٻار
اصل
۾
ڪافي
اصلاح گهرندو
آهي.
جنهن
لاءِ
کيس
ڪهڙو
به ماحول
ڏبو،
اهو
ان ماحول
کي
پنهنجو بنائيندو.
تنهنڪري هن
اداري جي
اها
به
ڪوشش هوندي
آهي
ته
ٻارن جا
ننڍا
ننڍا پروگرام
ڪرائي
سندن
اخلاقي سطح
کي
بلند
ڪجي
۽
ٻارن
۾
جيڪي لڪل
صلاحيتون، انهن
کي
ظاهر
ڪجي
۽
همٿائجي.
ايسوسيئيشن
جي
عهديدارن جو
چوڻ
آهي ته
اسان
هت داخل
ٻارن
کي
علاج
معالج ته
هن
اداري وسيلي
ڏيون
ئي
ٿا
پر ان
سان
گڏوگڏ
ڪوشش ڪري کين بهتر
انداز ۾ وندرايون
۽
بهتر
سوچون ڏيڻ جي
ڪوشش
ڪريون
ٿا
ته
جيئن سندن
تخليقي قوت
وڌي
۽
ويجهي.
هن
ايسوسيئيشن
جا عهديدار
۽
سرگرم
ڪارڪن
ڪجهه هن
طرح
آهن:
پروفيسر
ڊاڪٽر
نظام
الحسن،
ڊاڪٽر پرڪاش
مانڌاڻ،
ڊاڪٽر انور
علي
سومرو،
ڊاڪٽر
زرين
صديقي،
ڊاڪٽر روبي
نصرت
۽
ٻيا
آهن.
هن
اداري
کي
هڪ ايگزيڪيٽو
باڊي
پڻ آهي،
جنهن
جا اٺ
ميمبر آهن،
انهن
۾
ڪجهه
هن اسپتال
جا
ڊاڪٽر
۽
ڪجهه
ٻاهريان
وسنديءَ ۽ پڄندي
وارا
هڏڏوکي
انسان پڻ
آهن،
جن جي
گڏيل
صلاح مشوري
۽
ڪوشش
سان
هي ادارو
اڳتي
وڌي ۽ ويجهي
پيو
۽
اداري کي وڌيڪ
مضبوط ڪرڻ لاءِ
ڪوشون
وٺي
پيو.
آئون
جڏهن
ڪجهه
معلومات وٺڻ
لاءِ
ايسوسيئيشن جي
آفيس
۾
ويس تهان
دوران ايگزيڪيٽو
باڊيءَ جو
ميمبر محترم
شيخ
عنايت الله
ٻارن
جي
لاءِ
ڪجهه
ڪمبل کڻي آيو
هو
۽
اداري جي
ڪارڪنن
جي
حوالي
ڪيائين.
هن
ننڍڙي
اداري کي
”ٻارن
جي صحت
جي
قومي اداري“
(N.I.C.H)
جي سرجريءَ
جي
او پي
ڊي (O.P.D)
واري
حصي ۾ ٻه
ڪمرا مليل
آهن.
هڪ
ڪمري ۾ اڪائونٽنٽ
ويهندو آهي
۽
ٻئي
۾
سوشل
ويلفيئر آفيسر
۽
ڪارڪن
وهندا آهن.
آفيسن ۾ دوائن
جو
اسٽور،
ٽيليفون ۽
ٻيون ضروري
شيون
رکيل آهن.
(چائلڊ ايڊ 3)
اڄڪلهه
هن
اداري ۾ چار
مکيه
ڪارڪن
ڪم
ڪن
ٿا.
جنهن
۾
محترمه ثميرا
مظاهر (سوشل
ويلفيئر آفيسر)،
معين بخاري)
آفيس
اسسٽنٽ))
الله
بخش
(اڪائونٽنٽ ۽ فضل
رحيم
(ڊرائيور)
آهي.
ياد
رهي ته
هن
اداري کي هڪ
عدد
سوزوڪي گاڏي
به
آهي، جنهن
وسيلي اداري
جا
ڪارڪن
وقت بوقت
شهر
جي مختلف
علائقن مان
دوائون ۽ چندو
ڪري
ايندا آهن.
هي
ڀلائي جو
مرڪز، هن
وقت
”ٻارن
جي صحت
جي
قومي اداري“
جي
چوديواريءَ ۾ اتي
داخل
ٻارن
جي
ڀلائي لاءِ
جيڪو
به
ڪجهه ڪري ٿو، اهو
عزت
لائق ۽ انساني
همدردي متعلق
شابس
ڏيڻ
جهڙو آهي.
هي
ادارو صرف
ڪراچيءَ
جي
شهر تائين
محدود آهي.
اسان
هن مختصر
تعارف ذريعي
اندرون سنڌ
جي
مڙني سول
اسپتالن، ضلعي
اسپتالن ۽ تعلقي
اسپتالن جي
انتظاميا ۽
ڊاڪٽرن کي هن
اداري جي
ٿيندڙ
ڪم
کان
واقفيت
ڏيندي، اها
اميد
ٿا
ڪريون
ته
ٻارن جي
صحت
متعلق اهڙي
قسم
جا ننڍا
ننڍا
ڀلائيءَ
جا ادارا
کولين.
نذير شاڪر
بروهي
(اسان
جا اديب)
پروفيسر
ڊاڪٽر شمس
الدين عرساڻي
سائين
شمس
الدين عرساڻي
سڃاتو وڃي
ٿو.
پاڻ
سنڌ جي
۽
تعليمي ماهر
مرحوم محمد
آهن،
جنهن جي
تربيت مان
اچو
ته سندس
انٽرويو پڙهون
علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڄاتو مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامنگار
اسماعيل عرساڻي جا ڀاڻج به گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو
اٿن. ته هو پاڻ ڇا ٿا چون.
شاڪ:
انگري سرڪار
جو
زمانو هو.
منهنجو والد
۽
سندس
سئوٽ)
جيڪي
منهنجا ماما
به
ٿيندا
هئا)
سي
سڀ
سرڪاري ملازمت
سانگي هالا
نوان
مان لڏي
حيدرآباد جي
شهر
۾
اچي مقيم
ٿيا.
آئون
اڃا ٻن سالن
جو
مس هوس،
جو
منهنجو والد
وفات
ڪري
ويو.
کاهي
روڊ محلي
ڪورين
جي
پڙ جو
ڀر
جي
هڪ گهر
۾
اسين
رهندا هئاسون.
ننڍپڻ پنهنجي
ماروٽن ۽ پاڙي
جي
ٻين
ٻارن
سان راند
رونڊ
۾
گذريو.
ننڍي
هوندي بدن
۾،
منهن
۾
لاغر هوس
۽
اڪثر
مٿم بيمارين
جو
حملو
ٿيندو هو.
ازنسواءِ يتيمي
جو
احساس به
شدت
سان ستائيندو
هو.
جڏهن
پاڪستان قائم
ٿيو،
تڏهن
منهنجي عمر
ڏهه
سال
ڪجهه
مهينا هئي.
هو
پفل اسڪول
گاڏي
کاتي
۾
پرائمري جو
چوٿون سنڌي
پڙهي
رهيو هوس
جو
ورهاڱو ٿيو.
ماسترياڻيون
جن
کي
اسين داديون
سڏيندا هئاسون
سي
۽
ٻيا
ماستر لڏي
ويا.
اسڪول
بند
ٿي
ويو ۽ هڪڙو
سال
تعليم ضايع
ٿي
ويئي.
پنهنجي
سانڀر ۾ آئون
مامن
سان گڏ
ٻين
شهرن
۾
به رهيو
هوس.
رتو
ديرو، ڀٺورو
۽
ٽنڊو
محمد خان
۾
گذاريل ڪي
ڏينهن ۽ راتيون
ياد
اٿم.
ڪراچيءَ
۾
گاڏي
کاتي جي
هڪڙي
فليٽ ۾ به
ڪجهه
عرصو
اسان جي
رهائش هوندي
هئي.
سنڌس
زبان
جي ورهاڱي
وقت
پيدا ٿيل حالتن
۾
لڏ
پلاڻ
جا نقش
اڃا
تائين ذهن
تي
چٽا اٿم.
1956ع
۾
مئٽرڪ نور
محمد
هاءِ اسڪول
مان
پاس ڪيم.
1959ع
۾ انٽرميڊئيٽ
پاس
ڪري
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ۾ اسسٽنٽ
ماستر مقرر
ٿي.
بي
اي ڪرڻ بعد1962
ع
۾
ٽيچرس
ٽريننگ
اسڪول سڪرنڊ
۾
استاد مقرر
ٿيس
۽ 1962
۾
ٽريننگ
ڪاليج فارمين
حيدرآباد ۾ بدلي
ٿي
آيس.
ٽريننگ
جي ادارن
۾
رهڻ
سبب بي
ايڊ
جو شوق
جاڳيو، پر
موقعو هٿ
اچي
نه سگهيو،
پر
ساڳئي سال
يونيورسٽي ۾ ايم
اي
لاءِ داخلا
ورتم.
1965ع
۾ لاهور
۾
پبلڪ
سروس
ڪميشن جي
امتحان ۾ اول
پوزيشن
حاصل ڪيم.
جنهن
بعد
1966ع
۾ منهنجو
گورنمينٽ
ڪاليج لطيف
آباد
۾
ليڪچرار جي
حيثيت ۾ مقرر
ٿيس.
ان
کان
اڳ سچل
ڪامرس
ڪاليج
۾
به
ڪجهه
عرصي تائين
سنڌيءَ جا
ڪلاس
وٺندو هوس،
جيڪو
ان وقت
خانگي ادارو
هو.
1981ع
۾ سنڌي
ادب
۾
پي ايڇ
ڊي
جي
سند حاصل
ڪيم
۽
هن
وقت گورنمينٽ
ڊگري
ڪاليج
حيدرآباد سنڌ
۾
پروفيسر جي
عهدي
تي فائز
آهيان.
شاڪر:
توهان ادبي
دنيا
۾
ڪيئن
پير پاتو؟
ڪنهن
کان
متاثر ٿي
ڪري؟
عرساڻي:
منهنجو ننڍپڻ
حيدرآباد شهر
۾
گذريو، جيڪو
سنڌي
ثقافت، سنڌي
ادب
۽
تعليم جو
مرڪز
هو.
اسان
جي
شهر شهر
۾
گهٽيءَ گهٽيءَ
۾
سنڌي
اسڪول هئا
۽
ان
۾
ڪنهن
ڌارين
تهذيب جي
بوءِ
به ڪا نه
هئي.
شهر
۾
علمي
ادبي ماحول
هو.
اسان
جي
پاڙي
کاهي روڊ
۾
ڪوڙو
مل
ساهتيه منڊل
هوندو هو.
جتان
ڪتاب
۽
رسالا شايع
ٿيندا
هئا
۽
ماڻهن جو
اشتياق ڏسڻ وٽان
هوندو هو.
خاص
ڪري
ٻارين
لاءِ
ڏاڍا خوبصورت
ڪتاب
ڇپبا
هئا.
ٻارن
جي مطالعي
لاءِ
هڪ خاص
لئبريري قائم
ٿيل
هئي.
جنهن
بلڊنگ کي
”ٻال
سڌار سڀا“
ڪري
سڏيندا هئا،
جتي
هينئر
”مسلم
هاءِ
اسڪول“
آهي.
آکاڻين جا
ننڍڙا
ڪتاب، رسالا
۽
ٽارزن
جون
باتصوير
ڪهاڻيون وغيره
پڙهڻ
لاءِ اتي
موجود هوندا
هئا.
اسان
جو
گهراڻو پڙهيل
ڳڙهيل
هو.
منهنجيون
ماسيون به
وقت
سارو سنڌي
تعليم پڙهيل
هيون.
ان
وقت
جا ماهوار
رسالا اسان
جي
گهر ۾ به
مطالعي هيٺ
ايندا هئا.
انهن
ڳالهين
سببان حدن
۾
ننڍي
هوندي کان ئي
پڙهڻ
جو شوق
جاڳيو.
پاڪستان
قائم
ٿيڻ
بعد اسين
ساڳي
پاڙي کان سڏ
پنڌ
تي هڪڙي
ڪشادي
عمارت اتمچنداڻي
بلڊنگ ۾ وڃي
رهياسون.
اتان
ان
جي ڀر مان
مقبول احمد
ڀٽي
ٻارن
جو
رسالو”گلستان“
ڪڍندو
هو
جو سڄيءَ
سنڌ
اندر مشهور
ٿيو.
ان
بعد هن
سنڌين جي
حقن
جي سوال
لاءِ
هڪ هفتيوار
”مارئي“
اخبار به
جاري
ڪئي
هئي، جنهن
نوجوان نسل
۾
پهريون
ڀيرو ذهني
۽
عملي
تحرڪ پيدا
ڪيو.
منهنجو مامو
محمد
اسماعيل عرساڻي
جيڪو
مشهور اديب
۽
تعليمي ماهر
هو.
هن
جي
ادبي حلقن
۾
زبردست مڃتا
هئي.
سندس
ڪتاب
”سنڌي
سٻاجهڙا“
ته
ساري
ديس ۾
ٿرٿلو مچائي
ڏنو.
آئون
ان وقت
هاءِ
اسڪول جو
طالب
علم هوس.
مون
پنهنجن هڪ
جيڏن
دوستن ۽ عزيز
سان
پاڙي ۾
”منظور
ادب
لئبريري“
دارلمطالعه
قائم
ڪيو
۽
ٻارن
جي ادبي
رهاڻ،
ڪچهريون ۽
ڊراما اسٽي
ڪيا.
انهن
۾
محلي جي
ٻارن
کان
سواءِ ٻين جا
نوجوان ٻار به
شرڪت
ڪندا
هئا.
خود
آئون
پنهنجي هٿ
سان
”الشمس“
اخبار جو
پرچو
لکي ميمبرن
۾
تقسيم
ڪندو هوس.
مئٽرڪ پاس
ڪرڻ
تائين
ڏيپلائي صاحب
جي
انسانيت سلسلي،
قومپرست ۽ ترقي
پسند
ادب منهنجي
ذهن
تي خوب
رنگ
ڄمايو.
مون
کي
ياد
آهي
ته
ون يونٽ
خلاف
اخبارن ۽ رسالن
۾
ڇپيل
مواد
غور سان
پڙهندو ۽ سانڍيندو
هوس
۽
منهنجي حالت
ان
وقت
ڏاڍي بيقرار
رهندي هئي
۽
سچ
پچ جڏهن
ون
يونٽ جو
اعلان ٿيو ان
وقت
منهنجي اکين
نير
وهايا هئا!
آئون
ته توهان
کي
اها
ڳالهه
ٻڌائيندس
ته منهنجي
پنهنجي مٺڙي
ٻوليءَ
جي
ڪهڙن
ڪتابن
مون تي
جادوءَ جهڙو
اثر
ڪيو
هو.
انٽر
۽
بي
اي دوران
سير
ڪوهستان،
مقدمه لطيفي،
روح
رهاڻ جهڙا
نثر
جا
ڪتاب اسان
جي
نصاب ۾ شامل
هئا
۽
شاعري ۾ لطيف
جا
سر مارئي،
سر
حسيني ۽ سر
مومل
راڻو پڙهيا
هئم.
مون
کي
انهن
ڪتابن
۾
ٻولي
جام عروج
تي
نظر آئي
۽
جن
کي
پڙهندي، ادبي
سُرورُ ۽ لطافت
جي
انتهائي چوٽيءَ
تي
پاڻ کي بيٺل
پاتم.
انهن
ڪتابن
منهنجي روح
سان
ڪيئي
راز و
نياز
جون
ڳالهيون
ڪيون.
پنهنجي
ٻوليءَ
جو
اڳيون پويون
سڀ
ادب پڙهي
وڌم.
ٻين
ٻولين
ڏانهن
جانچيم.
ڪن
ٻولين
جو علم
و
ادب آسمان
سان
چوٽي گسائي
رهيو
هو.
پنهنجي
زبان
جي اوچائين
۽
لاهين
ڏانهن به
نظر
پيم.
دل
۾ وڍ
پيو
ته اسان
جي
ٻولي
ان دڳ
تي
ڇو
نه پهچي
سگهي
آهي؟ ادبي
رفعتن کي لهڻ
۽
ترقيءَ جي
رمزن
کان
آگاهه
ٿيڻ
لاءِ جابجا
غير
ٻولين
جي
ڪتابن کي به
پڙهڻ
لڳس.
بهرحال
اهڙي
طرح ادبي
ميدان ۾ پير
رکيم.
ايم
اي
جي شاگرديءَ
دوران ادبي
ڪلاسن،
سيمينارن ۽
ٽيسٽ پيپرن
۾
پنهنجي سڀني
رفيقن ۾ نمايان
رهيس.
منهنجي
ادبي، تحقيقي
۽
تنقيدي مقالا
ان
دور جي
وڏن
رسالن ۾ اچڻ
لڳا
۽
منفرد انداز
سببان انهن
جو
سنڌي ادب
۾
اڄ
تائين جوڳو
مقام
حاصل آهي.
ان
وقت کان وٺي
حالات سارو
پنهنجي طبع
۽
مزاج
مطابق لکندو
رهيو
آهيان.
تنقيدي،
تحقيقي، لساني
مقالا،خاڪا، انشائيه
ڪهاڻيون
۽
ڊراما
ٻارن
جون
ڪهاڻيون
۽
نظم وغيره
پنهنجي بهترين
صلاحيتن کي استعمال
ڪندي
لکيا
اٿم.
شاڪر:
وڏا
اديب گهڻو
ڪري
ٻارن
لاءِ
نه ٿا لکن؟
ان
جو ڪو سبب؟
عرساڻي:
اها
حقيقت آهي
ته
سنڌي ۾ اينڊرسن
جهڙو
ٻارن
جو ڪو به
محبوب اديب
اڃا
پيدا نه
ٿي
سگهيو آهي.
خود
اسان وڏن
جي
ادب ۾ به
پوئتي پيل
آهيون.
ٻارن
جو ادب
ته
انتهائي ساده
۽
معصوم ٿئي ٿو.
تنهن
لاءِ
تخليق ڪار جو
هنرمند ۽ با
ڪمال
هجڻ
لازمي شرط
آهي.
سنڌي
ادب
جي اوسر
۾
جيڪي
سماجي ۽ حقيقي
رڪاوٽون آڏو
آهن.
سي
ئي
حالتون
ٻارن جي
ادب
کي
به پاڙون
جهلڻ
۽
اسرڻ کان روڪيو
بيٺيون آهن.
ان
لاءِ آزاد
ذهني
فضا جبر
کان
پاڪ
معاشرو
ٻوليءَ ثقافت
جي
واڌ ويجهه
لاءِ
هموار ميدان
۾
لکندڙ لاءِ
سازگار حالتون
هجڻ
ضروري آهن.
اهي
جڏهن بنيادي
ڳالهيون
پيدا
ٿينديون
ته اسان
وٽ
يقياً هر
قسم
جو ادب
ول
وانگر ويندو
ڦهلبو.
جيتري قدر
منهنجو تعلق
آهي
ته مون
شروع
کان
ئي
ٻارن جي
ادب
ڏانهن
توجه ڏنو آهي.
گهڻا
سال اڳ
مون
”اخلاق
۽
ڪردار“
ٻارن
جي
اخلاقي آکاڻين
تي
مشتمل
ڪتاب لکيو
هوم،
جيڪو دوست
جي
نالي
ڇپايم.
منهنجي
ذهن
م اها
ترڪيب آئي
ته
جيئن نيم
تاريخي هيروز
تي
آکاڻين جا
ڪتاب
لکي
انگريز پنهنجي
ٻارن
۾
انهن
سورمن جي
نالن
کي
سنڌي
ٻارن ۾ زبان
زد
ڪرڻ
لاءِ ڪي دلچسپ
ناول
لکان.
چنانچنه
مون
پهريائين
”لاکو
ڦلاڻي“
ناول
لکي
ڇپايو.
ان
بعد
ڪيتري
عرصي
کان
”نئون
ڇٽيهه
لکڻو“
ناول
لکي
رکيو اٿم.
جو
خيال اٿم
ته
ٻارن
جي
ڪنهن ماهوار
رسالي ۾
ڇپايان.
ٻارن
جون سائنسي
ڪهاڻيون
به
چڱيءَ تعداد
۾
لکيون اٿم.
ٻارن
جا
ڪجهه
نظم به
لکي
ڇپايا
اٿم.
ٻارن
لاءِ وڌيڪ
لکڻ
جو به
ارادو اٿم.
پر
ان لاءِ
ذهني
سڪون، فراغت
۽
سازگار حالتن
جو
هئڻ لازمي
آهي.
شاڪر:
سنڌ
جي نوجوان
نسل
کي
ڪو
پيغام ڏيڻ چاهيو
ته
ڏيو؟
عرساڻي:
سنڌي
تهذيب ۽ زبان
اسان
جو عظيم
ورثو
آهي.
اسان
جي
نوجوان نسل
کي
سنڌي
ٻوليءَ
جو رسو
مضبوطيءَ سان
جهلڻ
گهرجي.
اهوئي
منهنجو پيغام
آهي.
اڪثر
ڪري
ڏٺو
ويو
آهي ته
اسان
جا تعليم
يافته نوجوان
ڪاميابي
سان
همڪنار ٿي جڏهن
عملي
زندگيءَ ۾ داخل
ٿين
ٿا.
تڏهن
سنڌي
ٻوليءَ تان
اعتماد
کنيو وڃي
۽
پنهنجي اولاد
کي
سنڌيءَ ۾ تعليم
ڏيارڻ
کان
به
جهلين ٿا.
عبدالله
سومرو
(مضمون- 1)
هڪ
ڏينهن
جي
ڳالهه
هڪ
ڏينهن آئون
ڪنهن
ڪم
سانگي لاڙڪاڻي
وڃي
رهيو هوس.
سو
آئون پنهنجي
بس
اسٽاپ تي
اچي
بس جو
انتظار ڪرڻ لڳس
ته
اچانڪ بس
جو
آواز ٿيو ۽ آئون
خوش
ٿيڻ
لڳس.
ڇاڪاڻ
جو سواري
وقت
تي ملي
رهي
هئي.
ڇاڪاڻ
جو اسان
واري
لائين سان
سواري تمام
گهڻي
مشڪل سان
ملندي آهي.
ان
ڪري
مان خوش
ٿيڻ
لڳس. |