سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري 1990ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل فيبروري 1990ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

ٻارؤ! سال 1990ع کي اقوام متحده طرفان، تعليم جو سال ڪري ملهايو پيو وڃي. ظاهر آهي ته هن موضوع تي وڏا مذاڪرا ٿيندا، تقريرون ٿينديون ۽ عل جي روشني کي ڦهلائڻ جون ڳالهيون به ٿينديون.

اسان پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون، ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اڻ پڙهيل آهن ۽ ڪي ته پڙهيل به شعور کان خالي آهن. ان لاءِ ٻارو توهان تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو، ته اوهان پنهنجي گھر ۾، پاڙي ۾ يا ڳوٺ ۾، ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ اڻ پڙهيل ڏسو ته ان کي وقت ڪڍي پڙهايو ۽ ايترو ڪريو جو هو لکي پڙهي سگھن.

سچ ته جي اسان ان تي عمل ڪريون، ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو به اڻ پڙهيل نه رهندو. ان لاءِ ٻارو  ان جهاد ۾ شامل ٿيو تهاچو ته اڻ پڙهيلن کي پڙهايون.“

اميد ته اوهان هن نيڪ ڪم ۾ ڀرپور حصو وٺندو ۽ خاص طور تي پنهنجي گھر ۾ جي توهان جون ننڍڙيون اديون اسڪول نه ٿيون وڃن ته انهن کي به اسڪول ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃو ۽ علم جي زيور سان گڏ وٺي وڃو ۽ علم جي زيور سان انهن کي به سينگاريو.

درستي

ماهه نومبر 1989ع جي گل ڦل ۾ اسان جو نبي صلعم مضمون ۾ هيٺيان لفظ درست ڪري پڙهيا وڃن. غلطي لاءِ اسان معذرت خواهه آهيون. (1) غلام مسيده نه پر مسيره، (2) حشبه نه پر حبشه ۽ (3) بررقه نه پر ورقه.

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

لطيفي لات

سُڪا منهن سندنِ، پيرين پراڻا کيٿڙا،

ساجوءِ ڏوري آئيا، سونهان جت مُنجھنِ،

ڳُجھا ڳجھيون ڪن، تهان پرانهين پنڌ جون.

 

هي بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، جيڪو سر کاهوڙي جي داستان ٻئي جو 13 نمبر بيت آهي.

سمجھاڻي: کاهوڙين جا مهانڊا سڪل آهن ۽ پيرن ۾ پراڻا کلٿرا پيا اٿن. هو اها منزل لهي آيا جتي سونهان (رهبر) به منجھيو پون. هي ڳجھا فقير انهيءَ کان به ڏورانهين منزل جون ڳجھيون وارتائون پيا ڪن.

معنيٰ: کيٿڙا= پراڻا کلٿر (بوٽ). سا= اها منزل. سونهان= رهبر.

غني شيخ (سنڌيڪار)

ڏاهپ جا نڪتا

1- افلاطون مون کي پيارو آهي، پر سچ ان کان به وڌيڪ. (ارسطو)

2- پنهنجي جهالت جو احساس علم ڏانهن وڏو قدم آهي. (بنجامن ڊزرائيلي)

3- مشورو ڪنهن کي به نه وڻي، خاص طور انهن کي جن کي ان جي سخت ضرورت هوندي آهي. (ڊرامر اسٽينهوپ)

4- موسيقي شارٽ هينڊ ۾ شاعري آهي. (ٽالسٽاءِ)

5- پنهنجا عيب ظاهر ڪرڻا هجن ته مشورا ڏيڻ شروع ڪجن. (ڪيلي اسٽيفنس)

6- خوشحالي، بدي ڏانهن ۽ تنگ دستي نيڪيءَ ڏانهن راغب ڪري ٿي. (بيڪن)

7- ٻار، نه مجرم ٿي ڄمندو آهي ۽ نه وري فرشتو، هو فقط ڄمندو آهي. (سڊني سمٿ)

8- ڏاهپ جو هڪ آئونس، سون جي هڪ پائونڊ کان بهتر آهي. (سموليٽ)

9- ساهه ڏين سپاهي، نالو وڏو بادشاهه جو. (يهودي پهاڪو)

10- برائي وقتي طور ڪامياب ته ٿي سگھي ٿي، پر فاتح ڪڏهن به نه. (جوزف رو)

11- انسان آزاد ڄمي ٿو ۽ زنجيرن ۾ جيئي ٿو. (روسو)

12- ظالمن جي مخالفت، الله جي فرمانبرداري آهي. (جيفرسن)

13- اسين انصاف سان تمام گھڻو پيار ڪندا آهيون، پر انصاف پسند ماڻهن سان تمام گھٽ. (جوزف رو)

حبيب الله صديقي

علم روشني آهي

سال 1990ع کي بين الاقوامي خواندگيءَ جو سال قرار ڏنو ويو آهي. خواندگي معنيٰ: پڙهڻ، جنهن سان گڏ لکڻ ۽ عام رواجي حساب ڪتاب ڪرڻ پڻ شامل آهن. اهو علم جو پهريون ڏاڪو آهي.

الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرف کان عطا ٿيل نعمتن مان علم وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، جو علم ڏاهپ ڏئي ٿو ۽ ڏاهپ وڏي ۾ وڏو خير آهي. جيئن ارشاد رباني آهي: وَ مَنۡ يُؤتَ الۡحِکۡمَـةَ فَقَدۡ اُوۡتِيَ خَيۡراً کَثِيۡراً.

اسان جي دين اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي گھڻو زور ڏنو ويو آهي. قران حڪيم جي پهرئين آيت جيڪا حضرت محمّد مصطفيٰ تي نازل ٿي، سا هئي: اِقۡراۡ معني پڙهه.“ جنهن انداز سان اها پهرئين آيت ڪريمه نازل ٿي، سو هڪ معنيٰ خيز انداز هو: دستور مطابق حضور  جن غارِ حِرا اندر ايڪانت ۾ ويٺل هئا ته اچانڪ پوري غار منور ٿي وئي. اکين کي سرور ڏيندڙ ان نور جي روشني ۾ حضور جن ڏٺو ته وحي جبرائيل غار جي منهن وٽ بيٺو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته پڙهه حضور صلعم جن گھٻرائجي چوڻ لڳا تهاَنا اُمِي.“

معنيٰ مان پڙهيل نه آهيان يا مان ناخواده آهيان ته وحي جبرائيل وڌيڪ چوڻ لڳو: اقرا باسم ربک...“ يعني پنهنجي ربّ جي نالي سان پڙهه، الّذِيّ خَلَقَ، اهو ربّ جنهن (سارو جڳ) خلقيو، خَلَقَ الاِنُسَانَ مِنّ عَلَقِ، ماڻهوءَ کي رت جي دِڳَ مان بڻايائين، اِقُراُ وَ رَبّکَ الاّڪُرَمُ، پڙهه ۽ تنهنجو پالڻهار ڏاڍو سڳورو آهي الّذِيّ عَلّمَ بِالُقَلَمِ، جنهن (ماڻهوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو، عَلَمَ الاِنُسَانَ مَالَمُ يَعّلَمُ، ماڻهوءَ کي اهو سيکاريائين جو نه ڄاڻيندو هو. (سورت العَلَق مڪي، آيت 1-5، مترجم مولانا تاج محمود امروٽي).

اهڙي طرح سان حضرت محمد پيغمبر آخر زمان اسان جي هادي ۽ رهبر ناخواندگي کان خواندگي طرف قدم وڌايو. بعد ۾ تبليغ ذريعي جيڪا دراصل صحيح علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ هئي، امت کي قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ لڳا ۽ ارشاد رباني ٿيو ته الله اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن جي قوم مان هڪ پيغمبر پيدا ڪيو، جو وٽن سندس آيتون پڙهندو آهي ۽ کين پاڪ ڪندو آهي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آهي ۽ بيشڪ اِهي، هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.“ (سورت الجُمّعَةِ مدني آيت 2 مترجم مولانا تاج محمود امروٽي).

اهڙي طرح قرآن شريف ۾ جابجا علم جي فضيلت بيان ڪيل آهي ۽ بار بار قرآن حڪيم جي تعليم ڏيندي ۽ پنهنجي حديثن ذريعي، پاڻ سڳورن مسلمانن تي علم جو حاصل ڪرڻ فرض قرار ڏنو آهي. جيئن ڪه طَلَبُ الّعِلُمِ فَرِيّضَةُ عَليٰ کَلِ مُسّلِم وَ مُسّلِمَة“.

يعني: علم جي طلب ڪرڻ سڀني مسلمان مردن ۽ عورتن تي فرص آهي ۽ اها حديث شريف ته اُطَلِبوالّعِلُمَ مِنَ الُمَهّدِ اِلَي اللّحّدِ.

معنيٰ ته پينگهي کان قبر جي لحد ۾ لهڻ تائين علم جي طلب ڪندا رهو، ديني لحاظ کان ڪافي واضح نموني ۾ مسلمانن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته، الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي علم سان شوق رکڻ گھرجي.

عام طور تي اهو سمجھيو ويندو آهي ته مغربي قومون علم ۾ اڳتي آهن ۽ مسلمانن کان عيسائي، يهودي ۽ دهريه وڌيڪ پڙهيل آهن. پر ائين نه آهي. صحيح علم جو آغاز اسلام کان ٿيو ۽ تعليم جي وصف جيڪا قرآن شريف ۾ بيان ڪيل آهي، سا واضح ۽ حتمي آهي. جڏهن ته مغرب جي عالمانه زبان لئٽن ۾ تعليم کي ايجوڪيشن چيو ويو آهي ۽ ان جو مادو هن طرح آهي ته اِي معنيٰ آئوٽ يعني ٻاهر.ڊَڪٽو معنيٰ ڪڍڻ، يعني هڪ انسان جي اندر ۾ جيڪا صلاحيت آهي تنهن کي ڪڍي ظاهر ڪرڻ ته قرآن شريف ۾ وري ائين فرمايل آهي ته اَللهُ وَلّي الّذِيُنَ اَمَنُوا يُخّرِجُهُمّ مِنَ الظّلُمٰتِ اِلَي النُوّرِ“ معنيٰ الله ايمان وارن جو دوست آهي جيڪو کين اونداهي مان ڪڍي روشنيءَ ۾ وٺي ايندو آهي.

(سورة البقر مدني آية 257)

ٻاهر ڪڍي اچڻ جو مفهوم ٻنهي حالتن ۾ موجود آهي، پر اسلام علم کي روشني جي حيثيت ڏئي ٿو ۽ انهي روشني عطا ڪرڻ جي عمل کي دوستي ڄاڻائي ٿو. اها ئي علم جي صحيح وصف آهي ۽ اهو ئي استاد جو صحيح مقام آهي ۽ لاشڪ ته الله جلّ شانـﮧ پهريون استاد آهي ۽ سندس تعليم سندس پيغمبر حضرت محمّد مصطفيٰ ﷺ جي معرفت اسان مسلمانن کي نصيب ٿي آهي.

پوءِ ڪهڙي نه بدنصيبي جي ڳالهه آهي جو اسان پاڪستاني پاڻ کي مسلمان سڏائيندي به ٽي پتيون اڻ پڙهيل آهيون. هر چئن پاڪستانين مان فقط هڪڙو پڙهيل آهي! هن خواندگي جي بين الاقوامي سال ۾ دنيا جون ٻيون قومون پنهنجي اڻ پڙهيلن کي پڙهائينديون. انهن ۾ اڻ پڙهيل به ٿورا آهن ۽ هنن انهي سلسلي ۾ پنهنجا اصول به اڳئي ٺاهي ورتا آهن جيئن ڪه ايچ ون- ٽيچ ون معنيٰ هرڪو ڄڻو ٻئي ڄڻي کي پڙهائي. ڇا اسان تي اهو فرض عائد نه ٿو ٿئي ته اسان به پنهنجي اصولن تي عمل ڪريون جيڪي اڳئي قرآن شريف ۽ احاديث نبوي ۾ موجود آهن.

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان)

استاد شير سومرو

منظوم ڪهاڻي

ڏٺو هڪ ڪانگ اڏرندو عقاب

 اوچو آسمان ڏانهن ٿيندو شتاب

آيو ان ڪانوَ کي هي دل ۾ خيال

اُڏن ڇو نه ٻچڙا عقابي مثال

آ ڪهڙي هي مصلحت يا آهي ڪو راز

اڏامون پکي سڀ مگر اوچو باز

آهي رمز ڪهڙي ڪهڙو آ جواز

مٽي ڇو نه ٿو هي اڃا امتياز

سَلي سور ڪنهن سان مگر پنهنجي خيال

پيو ڳولي ۽ ڦولي اندر جو سوال

مليس پنهنجي منهن هي آخر جواب

ڏسڻ بي سود آهن فقط وهمي خواب

ويهن ٿا آنن تي مادي ۽ نر

ڪٽين ٽيهه شب روز ٿي باصبر

ٿيو خوش ڏسي سمجهيائين سولو سفر

ويهڻ عيب ڪونهي مهنو پنهنجي گهر

اچي روز هڪ ڪانوَ ٻولي ٻولي

خبر ڏي خوشيءَ جي اي ڪانويلي

آهي آسرو ڪو اميدن ڀري

مٺي لات لُنئه ڪا ٿئي دلبري

آڻيان ڪاٺيون ۽ تيلا ميڙيان

عقابي آکيرو مٿي جوڙيان

پڇو اي ٻڌي ناري حيرت منجهان

آهي خبر ڪهڙي ڪجهه مان ڀي ٻُڌان

ڪيو تو نه اهڙو هو اڳ ڪو سوال

اسان جو اميدون آهن سال بسال

چيائين خبر ٻڌ منهنجي جل پري

خبر آ خوشيءَ جي ٿي پئين نه چري

اسان نه بڻياسين نه بڻنداسين باز

مگر ٻچا پنهنجا ٿيندا شهباز

ٺاهي راس ڪيو وڻ مٿي آکيرو

ڏسي آنا ان ۾ ٿيو ڪانو کرو

ويٺو ٽيهه شب روز آنن مٿان

مگر ڪانوَ عقابي ٻچا ٿين ڪٿان

نه چنبا چيريندڙ نه چهنبون تکيون

نه رنگت نه صورت نه قهري اکيون

ڪندو ڪانگ ڪوشش رهيو سالها سال

مٽائي نه سگهيو قدرتي ڪمال

حسد ساڙ ڪيني جي گندي عادت

نه مٽجي ٿي اصليت نه قدرت نه فطرت

رکي جو نه ڪينو ٿو ”استاد شير“

ٿين پار ٻيڙا ڪري موليٰ خير.

اختر لڪياري

جيجل جا لال

جوڌا جيجل جا اي لال،

جڙيو جڳ ۾ رهندين شال.

جيجل چهرو چمندئي تڏهين،

جيءُ جيءُ جهولي چوندئي جڏهين،

ڇاتيءَ ملندين ڏيئي ڇال.

سنڌي ٽوپي سهڻو اجرڪ،

پڇائي هلين ٿو جنهن دم بيشڪ،

موهي تنهنجي چينچل چال.

ويٺي ڪونڌر کوڙ ڪسي ويا،

غربت جي تلوار تکي آ،

علم هنر جي کڻ تون ڍال.

اختر سياڻن سبق ڏنو آ،

ڪلفت ڪاروبار ڪنو آ،

محبت سان ٿي مالا مال.

مير محرم لغاري

نظم

ڪري محنت پڙهڻ گهرجي

نڪي ڪاپي ڪرڻ گهرجي

پنهنجي محنت سٺي آهي

ڪرڻ ڪاپي چڱي ناهي

جيڪو ٻين تان ڏسي لکندو

انهي جو حال ڇا ٿيندو

پڙهڻ لئه سال آ سارو

ڪري محنت پڙهو ٻارو

ڪري محرم ٿو هي هدايت

ڇڏيو ڪاپي سندي عادت.

ظهير شمس سومرو

کاهي روڊ تي ٻارن جو چٽاڀيٽيءَ جو مقابلو

 

(شاهه لطيف ايجوڪيشنل سينٽر کاهي روڊ جون 1988ع ۾ وجود ۾ آيو. هن سينٽر جي پهرين ڇهن مهينن واري سيڪشن مان 35 شاگرد پاس ٿيا ۽ هن سينٽر پاران 1989ع ۾ پهريون ٻارن جو لطيف ڪوئز پروگرام پڻ پيش ٿي چڪو آهي.)

تاريخ 18 جنوري 1990ع تي کاهي روڊ واڍن جي پڙ ۾ شام جو پنجين بجي کان ئي، ٻارڙن جا هشام، شاهه لطيف ايجوڪيشنل سينٽر پاران ڪرايل ٻارن جي چٽا ڀيٽي واري پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. پنڊال کي رنگ برنگي روشنين سان سينگاريو ويو هو. هر طرف بلب ۽ ٻار پئي نظر آيا. هن پروگرام ۾ ڇٽا ڀيٽي کان علاوه لطيفا، ٻارن جا گيت، حمد و ثنا ۽ نعت پڻ شامل ڪيل هئا.

چٽا ڀيٽي جي مقابلي ۾ رياض احمد سومرو، آصف احمد بالادي، مصدق حسين ميمڻ، فيصل ڪريم پاٽولي، عاطف احمد پاٽولي، عرفان احمد بالادي، ولي محمد سومرو، اسلم پرويز پانڌياڻي ۽ غلام شبير قريشي حصو ورتو.

انائونسمينٽ جا فرائض عبدالسبحان دائودپوٽي ۽ عبدالستار قريشي سرانجام ڏنا. سڀ کان پهرين عبدالسبحان سوره فاتحه جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڙهي ٻڌايو. ان بعد آصف سومرو تلاوت ڪلام پاڪ، شرجيل ڀٽي حمد: هو الله آهي الله، ننڍڙين ادڙين صائمه حمد: جوڙيا سائين سڀ جنسار، شهلا نعت: سونهن ڀريو سردار محمد ۽ ساحره گيت: گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون پنهنجي سريلي آواز ۾ پڙهيو. ان بعد پاڙي جي معزز شخصيت سائين فقير محمد ميمڻ کي صدارتي ڪرسيءَ تي ۽ سائين نذير احمد پٺاڻ کي سندس ڀر ۾ مهمان خصوصي جي ٿي ويهڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي. اشفاق پٺاڻ ۽ پرويز پاٽولي کين بيج هنيا.

 چٽا ڀيٽي ۾ حصو وٺندڙ ٻار اسٽيج تي اچي ويٺا ته عبدالسبحان ٻڌايو ته هن سينٽر جي ڪارڪنن معصوم ٻارن کي اونهاري ۾ اس ۾ ۽ رات جو هڪ بلب تي پڙهايو ۽ ٻارن تي محنت ڪري، انهن کي ڪتاب مهيا ڪري، انهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو.

راشد عباسي سپاسنامي ۾ آيل مهمانن سائين عنايت الله عباسي ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪارڪنن امتحانن دوران ٻارن کي هوٽلن تي به ويهي پڙهايو آهي. ان ۾ پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول تائين جا ٻار شامل آهن. شروع شروع ۾ هن سينٽر ۾ 35 ٻار داخل ٿيا. هن وقت 70 ٻار پڙهي رهيا آهن. ۽ پاڙي جي هڪ معزز شخص جي تعريف ڪئي. جنهن بغير معاوضي جي هن سينٽر کي هڪ دڪان ڏنو آهي. راشد عباسي اپيل ڪئي ته جيڪي تعليم يافته نوجوان شام جو واندا آهن، اهي اعزازي طور سينٽر ۾ اچي ٻارن کي پڙهائين.

هاڻي ذهني چٽا ڀيٽيءَ جو پروگرام شروع ٿي ويو. محمد علي معاون طور ڪم ڪيو. سوالن دوران ٻن شاگردن سوالن جا ڏاڍا دلچسپ جواب ڏنا. جن سان پنڊال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. سوال

(1) سمنڊ مان سڀ کان گھڻي شيءِ ڪهڙي ملندي آهي؟ جواب: سون“. (2) ”خلائي تحقيقاتي اداري جو نالو ڇا آهي؟ جواب: پي. آءِ. اي.

چٽا ڀيٽيءَ جي مقابلي دوران عامر سومرو ۽ امتياز علي پاٽوليءَ اسٽيج تي اچي مزاحيه خاڪا پيش ڪري، ويٺل ٻارن توڙي وڏن کي کلايو. چٽا ڀيٽيءَ جي مقابلي ختم ٿيڻ تي انعام کٽندڙ ٻارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. پهريون نمبر فيصل ڪريم پاٽولي، ٻيو نمبر عاطف احمد پاٽولي ۽ ٽيون نمبر اسلم پرويز پانڌياڻي آيا.

پروگرام ختم ٿيڻ کان اڳ پاڙي جي معززين انهيءَ سينٽرجي واکاڻ ڪئي. فاروق قريشي ٻڌايو ته هن وقت ٽيوشن جون ڳاٽي ڀڳيون فيون ڀري نٿيون سگهجن. ان ڪري هن سينٽر ۾ مناسب في هجڻ ڪري منهنجو ڀاءُ هتي ٽيوشن وٺي رهيو آهي. ڊاڪٽر انور عالماڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام دائود پوٽو پڻ هن سينٽر جي خدمتن ۽ محنت کي ساراهيو.

مهمان خصوصي نذير احمد پٺاڻ پاران سينٽر کي هڪ هزار رپيا امداد ۽ پهريون نمبر ايندڙ شاگرد کي هڪ سئو رپيا ۽ ٽيون نمبر ايندڙ شاگرد کي پنجويهه رپيا انعام ڏنو ۽ هڪ شاگرد ظهير احمد سومرو سينٽر کي ٻه سئو رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

آخر ۾ مجلس جي مور سائين فقير محمد ميمڻ کي پنهنجا تاثرات بيان ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيو ويو. ان صاحب چيو ته جتي تمام گهڻي اوندهه ٿي ويندي آهي، اتي روشني ضرور ٿيندي آهي. هن غريب کاهي روڊ تي جتي صرف غريب مسڪين ۽ پورهيت ماڻهو رهن ٿا، اتي انهن جي ٻارن ۾ علمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙو چٽا ڀيٽي جو مقابلو ڪرائڻ، يقيناً اسان جي ڀاڳ جو سجاڳ ٿيڻ آهي. هُن صاحب شاهه لطيف ايجوڪيشنل سينٽر جي ڪارڪنن کي هزارين دعائون ڏنيون ۽ اُميد ظاهر ڪئي ته هيءُ سينٽر هاڻي هر پاڙي ۾ اهڙا پروگرام ڪرائيندو.

ايئن اهو چٽا ڀيٽي جو مقابلو ۽ خاڪا وغيره جو پروگرام رات جو يارهين بجي تاڙين تاڙين جي گونج ۾ پڄاڻيءَ تي پهتو.

سوز جوڻيجو

وائي

جهڙا سنڌ جا سهڻا نظارڙا

تهڙا ننڍڙا گلن جهڙا ٻارڙا

ٻارڙا، ڙي الاهي ڏاڍا سٻاجهڙا.

پٽي قلم ۽ سليٽ سان سائين

سهڻا ساڻ اٿن ننڍڙا سان ڪتابڙا

ٻارڙا، ڙي الاهي ڏاڍا سٻاجهڙا.

وهنجي سهنجي جلديءَ ۾ ڏسو

ڪيئن ٿين ٿا اسڪول ڏانهن تيارڙا

ٻارڙا، ڙي الاهي ڏاڍا سٻاجهڙا

سهڻا ننڍڙا ته سڀن کي وڻن الا

مون کي ته وڻن ٿا مشڪي موچارڙا

ٻارڙا، ڙي الاهي ڏاڍا سٻاجهڙا

سوز درد جن کي ڌرتيءَ جو سدا

ڪيئن وساريندا پنهنجي سنڌوءَ جا ڪنارڙا

ٻارڙا، ڙي الاهي ڏاڍا سٻاجهڙا

محمد عرس اظهر سولنگي

(سچي ڪهاڻي)

بهادر ڇوڪرو

پيارا ٻارؤ! اسان جي سونهاري سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ٻار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي سر جو سانگو لاهي، جيءُ جوکي ۾ وجهي به انسانن جون زندگيون بچايون آهن ۽ پنهنجو نالو هميشه لاءِ تاريخ جي جي ورقن ۾ داخل ڪري، امر بنجي ويا آهن. اهڙن بهادر، نيڪدل ۽ سرويچ ٻارڙن مان حڪيم پنهور نالي ڇوڪرو پڻ آهي، جنهن جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي.

پيارا ٻارؤ! دادو کان اٽڪل چار ڪلو ميٽر پري اتر طرف هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هيتم جتوئي آهي، جيڪو دادو- لاڙڪاڻي ريل رستي سان بلڪل ويجهو آهي. هن ڳوٺ جي ڀرسان پنهورن جا گهر واقع آهن. ان ڳوٺ ۾ ننڍڙو حڪيم رهندو هو. هي ننڍڙو هر روز صبح جو سويل اٿندو هو، هٿ منهن ڌوئي اسڪول ويندوهو. اسڪول ۾ به هو سٻاجهڙو هوندو هو. شرارتن کان بلڪلپري رهندو هو. ان ڪري سندس استاد عزت ڪندا هئا ۽ پيار ڪندا هئا. ان سان گڏ پاڙي جا ننڍا توڙي وڏا، هن کي چاهه سان ڏسندا ۽ پيار ڪندا هئا.

پيارا ٻارؤ! ننڍڙو حڪيم روزانه اسڪول کان موٽي گهر ايندو هو ۽ ماني کائي ڪجهه وقت آرام ڪند هو. پوءِ ٻاهر نڪري، راند روند ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ريل تي وڃي دل وندرائيندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com