سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1989ع

باب: --

صفحو :5

ميراڻي: ڀاءُ ٻارن لاءِ ڇپجندڙ ادب کان بلڪل مطمئن ڪو نه آهيان، اسان جا اديب جن ماضيءَ ۾ ٻارن لاءِ چڱو لکيو، سي هاڻي چپ آهن، ڪجهه هيڪڙ ٻيڪڙ آهن، جيڪي ٻارن لاءِ لکن ٿا ۽ سٺو لکن ٿا، ان ڏس ۾ ذوالفقار سيال، ادل سومرو ۽ استاد بخاري کيرون لهڻيون، جيڪي ٻارن لاءِ مسلسل لکندا پيا اچن، اسان جي وڏن اديبن کي ٻارن جي لکڻ لاءِ توجهه ڏيڻ گهرجي، ٻين ٻويلن جا وڏا اديب ته ٻاراڻو ادب وڏي فخر سان پيا لکن، تنهن ڪري اسان جي اديبن کي سونهن ته ڪي پل ٻاراڻي ادب لاءِ به ڏين نه  ڇو ته ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ اسان جو فرض آهي.

ميراڻي: هن وقت سنڌي ٻارن کي ڪهڙي ادب جي ضرورت آهي؟

امام راشدي: ٻارن کي هونئن ته سائنسي سوچ ۽ ترقي پسند ادب سان روشناس ڪرائڻ گهرجي، پر ان سان گڏ پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي ڄاڻ به لازمي آهي. اسان جي سنڌي ٻارن کي پهريائين پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ کان واقف ڪجي.

ميراڻي: ٻارن کي ادب ڏانهن ڪيئن لاڙجي؟

امام راشدي: ان جو سڄو ذميوار ٻارڙنجا والدين آهن، جيڪي ٻارڙن کي ادبي ڪتابن ۽ رسالن پڙهڻ لاءِ نه ٿا اُتساهن- ٿيڻ ته ايئن کپي جو، شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اهڙيون لائبريريون قائم ڪجن، جتي ٻار سالا ۽ ڪتاب پڙهن يا وري سرنديءَ وارا پنهنجي ٻارڙن لاب گهر ۾ اهڙو اهتمام ڪن. ٻارڙن لاءِ رسالا ڪتاب به اهڙا شايع ڪجن، جنهن ۾ تصويرن واريون ڪهاڻيون ۽ مضمون هجن ڇو ته ٻار انهن سان چاهه رکن ٿا ۽ سمجهڻ ۾ به کين سولائي ٿيندي.

ميراڻي: سنڌي ٻارڙن لاءِ ٽي ۽ ريڊئي تي پروگرام نالي ماتر شايع ٿين ٿا، انهن بابت اوهان جو ڪو رايو؟

اماد راشدي: ادا، ٽي وي ۽ ريڊئي وارا ڏاڍا مڙس آهن- ٻئي شعبا هفتي ۾ 25 منٽن جو پروگرام ڏئي، وڏو ٿورو ٿا ڪن- حالانڪه ٽي وي ۽ ريڊيو اهڙا ميڊيا آهن. جنهن سان ٻارن کي بهترين ۽ اعليٰ تربيت ڏئي سگهجي ٿي. مان ته ٽي وي ۽ ريڊئي وارن کي اها نماڻي گذارش ڪندس ته ٻيلي ڏاها ٿيو. سنڌي ٻارڙن تي رحم ڪيو ۽ هفتي ۾ ٻه ٽي (2، 3) اڃا به وڌيڪ پروگرام پيش ڪريو.

ميراڻي: تعليم ۾ ڪاپي ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟

امام راشدي: اڄڪلهه ڪاپي ٻارن لاءِ لازمي بڻجي پئي آهي- ان جو قصور وار هڪ معاشرو، استاد ۽ ڇپيل گائيڊيون آهن. ٻارن تي معاشري جو وڏو اثر ٿئي ٿو. معاشرو گندو ته ٻار به گندو- جيڪو معاشري جو رخ، اهو ٻار جو رخ - ان ڪري ٻار پاڻ کي اهڙي معاشري کان پاسي رکن- انهيءَ کان سواءِ جڏهن امتحان ٿئي ٿو ته، ٻار استادن کي ڪاپي ڪرڻ لاءِ ايلاز منٿون ٿا ڪن ۽ سندن والدين به ان ڏس ۾ شامل آهن. اهڙي طرح استاد به کين پاڻ ئي ٿو پرچو حل ڪري ڏئي- پرچن حل ٿيڻ کان پوءِ استادن کي سوکڙين پاکڙين سان نوازيو ٿو وڃي، ڪاپي ڪرڻ جو وڏو مسئلو آهي حل ٿيل پرچن جو گائيڊيون، جيڪي امتحان جي ڏينهن ۾ عام جام اسٽورن تي وڪامجن ٿيون- ٻار ان ڪري ان پڙهن ٿا ۽ نه وري محنت ئي ڪن ٿا. بس اهو ٿا سوچن ته جڏهن هڪ شيءِ جو جواب عين ان موقعي تي موجود هجي، ته پوءِ سڄو سال ڇو لوڙجي، ان گهڙي لاءِ تنهن ڪري حڪومت کي اهڙا سخت قدم کڻڻ گهرجن، انهن ڇپيل گائينڊن تي، جيڪي هر سال لکين ڇپجن ٿيون، بندش وڌي وڃي.

ميراڻي: ٻارن جي رسالي گل ڦل بابت ڪو رايو؟

امام راشدي: گل ڦل رسالو ٻارن لاءِ واحد رسالو آهي، جيڪو باقاعدگيءَ سان نڪري ٿو ۽ هرهڪ کيس چاهه سان پڙهي ٿو. هن رسالي کي اهو به فخر حاصل آهي ته، هن رسالي چوٽيءَ جا ليکڪ پيدا ڪيا آهن، ٻاراڻي ادبي چمن جو هي نرالو گل آهي، جنهن جي سرهاڻ ٻاراڻي ادب کي مهڪايو بيٺي آهي.

ميراڻي: اوهان کي ڪهڙو شاعر ۽ رسالو پسند آهي؟

امام راشدي: جيڪو اديب ڌرتيءَ جي درد، ماڻهن، تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ لکي ۽ لڇي اهوئي اديب ۽ شاعر پسند اٿم، باقي رسالو شاهه ۽ سچل جو پسند آهي.

ميراڻي: اوهان پنهنجي زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو ٻڌائيندا؟

امام راشدي: ڀائڙا -ڪهڙو يادگار واقعو ٻڌايان، سڄي زندگي واقعن ۾ گذري، ان مسلسل زنجير مان اوهان کي ڇني ڪهڙي ڪڙي ٻڌايان.

ڏک سکن جي سونهن، گهوريا ڏک سکن ريءَ

علي اصغر عمراڻي            

 ڪهاڻي نمبر-1

هڪ ڏينهن جي ڳالهه

هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجو دوست وحيد، اسڪول کان گسائي، ٻير ميڙڻ وياسين، رستي سان ويندي، اسان هڪ ٻير ڏٺي ۽ ٻئي ڄڻا ان طرف وڌياسين. ڳاڙها ٻير ڏسي، هرڪي پياسين. وحيد ٻير تي چڙهي نه پئي سگهيو ۽ مون کي ٻير تي چڙهي ڌوڻي ڏيڻ لاءِ چيائين، ڇو ته قد ۽ عمر ۾ آئون وحيد کان وڏو هوس، آئون ڪوشش سان ٻير تي چڙهيس ۽ پوءِ مان ٻير ڌوڻيندو رهيس ۽ وحيد ميڙيندو رهيو. ٻير ميڙي ڍير ڪياسين، وحيد هيٺ لهڻ لاءِ چيو، مون چيو ته هڪڙو ڌوڻو ڏئي پوءِ لهان ٿو.

جنهن لام کي، آئون ڌوڻي رهيو هوس، اها سنهي ۽ تمام ضعيف هئي، آخري ڌوڻو زور سان ڏنم، جنهن ڪري لام ڀڄي پئي، آئون به هڪ ٻير وانگر زمين تي اچي ڪريس. کوڙ سارا ڌڪ لڳا، ۽ منهنجي ساڄي ٻانهن به ڀڄي پئي. ٻه مهيان ساندهه منهنجي ٻانهن تي سَر جي تيلين ۽ ميٽ سان ٺهيل پٽي ٻڌل هئي. منهنجي مائٽن مون کي گسائڻ کان سخت تنبيهه ڪئي، انهيءَ ڪري آئون روز اسڪول ويندو آهيان ۽ کاٻي هٿ سان لکڻ شروع ڪيو اٿم، هاڻ به آئون کاٻي هٿ سان لکندو آهيان، تنهنڪري ته منهنجا اکر سٺا نه آهن. ان ڏينهن کان پوءِ آئون گسائڻ کان توبه ڪئي ۽ سوچيندو آهيان ايئن نه ڪيان ها ته ايتري تڪليف ڏسڻي نه پوي ها.


 

سميع الله قريشي                              ڪهاڻي نمبر-2

 

هڪ ڏينهن جي ڳالهه

اڄ مان به توهان کي هڪ اهڙي ئي ڏينهن جي ڳالهه ٻڌايان ٿو، جيڪو روز جي عام ڏينهن کان مختلف آهي.

اهو ڏينهن مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهين منهنجو وڏو ڀاءُ ٽن سالن کان پوءِ عيد جي موقعي تي آمريڪا مان اچي رهيو هيو. مان اها ساري رات جاڳندي گذاري هئي. مون کي ڊپ هيو ته متان مون کي ننڊ وٺي وڃي ۽ منهنجو ڀاءُ اچي وڃي ۽ آندل تحفا ٻين کي ورهائي ڇڏي ۽ منهنجي لاءِ ڪجهه به نه بچي.

مان سڄي رات جاڳندو رهيس، پر فجر مهل مون کي ننڊ وٺي ويئي. ان وقت جڏهن منهنجو ڀاءُ آيو ته گهر ۾ گهڻو گوڙ ٿيو ۽ مون کي جاڳ ٿي ويئي. منهنجي ڀاءُ مون کي ڏاڍو پيار ڪيو ۽ مون کي کوڙ سٺا تحفا ڏنائين.

مان جلدي جلدي ۾ تيار ٿي پنهنجي ڀاءُ ۽ پيءُ سان گڏجي ناشتو ڪري پوءِ عيد گاهه ڏانهن عيد نماز پڙهڻ وياين. اڄ ڏاڍو مزو هيو، جمعدارن به خاص ڪري رستا سٺيءَ طرح صاف ڪيا هئا جيڪي چمڪي رهيا هئا، کوڙ نوان نوان دڪان کلي وي اهئا، جن تي ڪيترن ئي قسمن جا رانديڪا وغير رکيل هئا- ٻار توڙي وڏا، نوان ۽ سهڻا سهڻا ڪپڙا پائي هيڏي هوڏي گهمي رهيا هئا- ٻارن کي عيد جي خرچي ملي هئي، سو انهن جو مزو ٿي ويو هو. ڪي ڇولا پيا کائن ته ڪي ڪلفي ملائي،  ته ڪي وري ڦوڪڻا وٺي پيا اڏائين، اصل ڏاڍو مزو هيو.

ايتري ۾ مون ڏٺو، ته هڪ غريب ڇوڪرو روڊ جي ڪناري تي ويٺو هو ۽ اسان ڏانهن نهاري رهيو هيو. هو ڏاڍو غريب هو، وٽس نوان ڪپڙا به ڪو نه هئا ۽ کيس پئسا به ڪو نه هئا، جو ڪو رانديڪو وغيره وٺي سگهي. مون کي ان ڇوڪري تي ڏاڍ قياس آيو ۽ مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس ۽ پنهنجي ماءُ کي ٻڌايم- امان ان غريب ڇوڪري کي منهنجا صاف ڪپرا پارايا، ماني کارائي ۽ کيس خرچي به ڏنائين.

شام جو مان پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سان سکر شهر جون مشهور شيون جهڙوڪ سکر بئراج- معصوم شاهه جو منارو، لائنسڊائون ۽ ايوب پل، ليوڪس پارڪ ۽ ساڌ ٻيلو گهمڻ وياسين ۽ عيد جو مزو ورتوسين.

کل ته سهي

·     ڊاڪٽر (مريضن کي) هن دوا مان ٻه چمچا صبح، ٻه چمچا منجهند ۽ ٻه چمچا رات جو پئجان.

مريض (ڊاڪٽر کي) سائين ڪجهه رحم ڪريو، مون وٽ ايترا چمچا ڪٿا آيا.

)محمد سعيد سومرو قمبر(

·  هڪ هندو، پنهنجي پٽ سان گڏ واعظ ٻڌڻ ويو. اتي ٻانڀڻ چئي رهيو هو ته: گانءِ (ڳئون) اسان جي ماتا آهي، ان کي ڪجهه نه چيو وڃي.“ جڏهن موٽي آيا ته پٽ کي دڪان تي ويهاري، پاڻ گهر ويو ماني کائڻ. ڳئون آئي ۽ دڪاندار وٽ پيل ڪڻڪ جي ٻوري مان ڪڻڪ کائڻ لڳي. ڇوڪر سوچيو، ته ٻانڀڻ چيو ته گانءِ ماتا آهي، سو ان کي ڪيئن هڪليان. ڳئون مزي سان ڪڻڪ کائيندي رهي؛ دڪاندار گهر کان واپس آيو، ڏسي ته ڳئون ٻوري مان ڪڻڪ کائي رهي آهي، سو اچڻ سان ٻه ٽي لٺيون ڳئون کي وهائي ڪڍيائين ۽ پٽ کي ڳالهائڻ لڳو. اتي پٽ چيس ته: بابا ٻانڀڻ جو چيو هو ته گانءِ ماتا آهي.“ ان تي پٽ کي چيائين: پٽ پاڻ ٽوال وڇائي ويٺا هئاسين ۽ جيڪا ڳالهه ٻانڀڻ ڪئي، اها ان ۾ وجهندا وياسين ۽ اٿڻ وقت مون ٽوال کي ڇنڊي اهي ڳالهيون اتي ڇڏي آيو هوس، ۽ جي انهن ڳالهين تي عمل ڪريون ته بک مري وينداسين.

عابده جسڪاڻي/جوهي

*  هڪ فلاسافر ۽ هڪ حجم، ڪنهن سفر تي نڪتا واٽ تي رات پئجي وين، سو سوچيائون ته، هڪ سمهي، ٻيو پهرو ڏئي، فلاسافر ستو، حجم پهرو ڏيڻ لڳو ۽ ويٺي ويٺي حجم، ٿيلهي مان پاڪي کنئي ۽ فلاسافر جو مٿو ڪوڙي ڇڏيائين، جڏهن فلاسافر جو جاڳڻ جو وارو آيو، ته اٿيو ۽ ويهي چوڪي ڏيڻ لڳو، حجم سمهي پيو. ويٺي ويٺي فلاسافر مٿي کي کنهيو ته چيائين اڙي؟ اٿڻو ته مون کي هو ۽ مان وري حجم کي اٿاريو آهي.

فتاح ٿهيم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com