حال
احوال
پيارا
ٻارؤ!
گل
ڦل جو
نئون
پرچو، اوهان
جي
هٿن ۾ آهي.
ڪيئن
آهي.
ان
لاءِ
اوهان پڙهي
راءِ
ڏئي
سگهو ٿا.
اسان
اوهان کي سال
۾
مڪمل
12
ئي
پرچا ڏنا آهن،
پوءِ
انهن ۾ دير
مدار
ٿيندي
رهي آهي.
پر
اوهان جي
ساٿ
سان اسان
ڪڏهن
به
همت نه
هاري
آهي.
۽
اوهان جو
ساٿ
رهيو ته
اسان
اڃا به
رسالي کي وڌيڪ
خوبصورت ڪري
ڪڍندا رهنداسين.
ٻارؤ تازو
نومبر مهيني
20
۽ 21
تاريخ
تي اسلام
آباد
۾
ٻارن
جي مسئلن
جي
باري ۾ هڪ
عالمي
ڪانفرنس ٿي هئي.
جنهن
۾
ٻارن
جي مسئلن
تي
سوچيو ويچاريو
ويو
هوندو.
اسان
ان
حوالي سان
حڪومت کي اهو
عرض
ڪنداين
ته اهڙيون
ڪانفرنسون
ڀل
ٿين،
پر
ان جي
فيصلن تي
به
عمل ڪيو وڃي،
رڳو
ڪانفرنسون
ڪري
۽
اهي فيصلا
فائيلن ۾ رکي
نه
ڇڏجن،
ڇو
ته اڄ
به
اسان جو
معصوم ٻار جنهن
جي
هٿ ۾ سليٽ
۽
قلم
هجي، ان
جي
هٿ ۾ هوٽلن
جا
ڪوپ
يا گيرجن
۾
ڪم
ڪندڙ
ٻار
جن
جي هٿ
۾
پانا
۽
ڪپڙا
گريس ۾
ٿڦيل هوندا
آهن
۽
ٻهراڙي
جو ٻار وري
پنهنجي هٿ
۾
لڪڻ
کڻي
مال پيو
چاريندو آهي.
ان
لاءِ اسان
جي
گذارش اها
آهي
ته تعليم
کي
عام
۽
مفت ڪيو وڃي،
ٻهراڙي
۾
گهني
۾
گهڻا اسڪول
کوليا
وڃن
۽
سروي ڪري غريب
ٻارن
کي
رهائش ۽ تعليم
مفت
فراهم ڪئي وڃي.
ائين
ڪرڻ
سان ئي
اسان
ٻارن
جا حق
مڃي
سگهون ٿا.
اسان
کي
اميد
آهي ته
هي
جمهوري حڪومت
ان
طرف ضرور
توجه
ڏيندي
ڇو
ته معاشري
کي
سڌارڻو آهي،
ته
ان مان
جهالت کي
ڪڍجي ۽ ائين
ڪرڻ
سان
جهالت نڪرندي.
ٻارؤ ماهه
نومبر جي
پرچي
۾
ٽائيٽل
ٽرانسپرنسي
جاني دارا
جي
نڪتل هئي.
اڪبر
جسڪاڻي
ڪلياڻ آڏواڻي
لطيفي لات
سون برابر
سڳڙا، لُون
لُون
برابر لَک
رُپو، جنهن
رد
ڪيو.
ڪوڙ
تنهين کي ڪک
مُون مارؤ
جو
مَکَ.
تيل
نه
لائيان تُنهنجو
مٿيون
بيت
شاهه صاحب
جي
رسالي مان
کنيو
ويو
آهي، هي
سر
مارئي جي
داستان
ٽئين جو،
چوٿون، نمبر
بيت
آهي.
سمجهاڻي:
هن
بيت
۾
مارئي، عمر
سومري کي چئي
ٿي
”مون
لاءِ اهي
ڌاڳا،
سون
سمان آهن،
۽
لوئيءَ جي
تند
تند لک
جي
ملهه جي
آهي،
۽
جنهن چاندي
کي
ترڪ
ڪيو،
تنهن لاءِ
ڪروڙها
رپيه
به ڪک مثل
آهن
۽
مڱڻي وقت،
جيڪو
مارن مون
کي
تيل
هنيو هو.
ان
جو مک
اڃا
مون کي لڳل
آهي،
تنهن ڪري تنهنجو
تيل
هرگز وارن
۾
نه
وجهندس.“
هن
مان
ظاهر آهي
ته
مارئي پنهنجي
مارن
جي هر
شيءِ
کي
عمر بادشاهه
جي
شين کان اُتم
ڀانيو
ٿي.
معنيٰ:
سڳڙا-
مڱڻي
جا
ڌاڳا.
رُپو-
چاندي.
ڪوڙ-
ڪروڙ.
مَکُ
-
ساٺ
سوڻ جو
تيل.
لاکو
رحيم
بخش
”قمر“
پوپٽ
وَڻَ وَڻَ
تي
ٿا
ويهن، پوپٽ،
جيءَ جيارا جَرڪن، پوپٽ.
ڳاڙها، ڪارا، ناسي، نيلا،
دل ٿي چوي نت پَسجن، پوپٽ.
سُهڻا، سُهڻا، سونهري سڀ،
چانديءَ وانگر چِلڪنِ، پوپٽ.
گل، ڦُل غُنچا، مُکڙيون، چُوسي،
نَچن، ڪُڏن ۽ اُڏرنِ، پوپٽ.
گهوڙا وَلِ ۽ ٻُوهَه، اڪن تي،
جِهمِرِ هڻي ٿا جُهولِن، پوپٽ.
جهڙا گُل گلابَ جا آهن،
ٽارينِ تي، تِيئَن ٽَهڪنِ، پوپٽ.
سنڌ جا پوپٽ سڀ کان سُهڻا،
سنڌ جي پوک تي پَلجنِ، پوپٽ.
پاڻ ۾ پُختي تن جي پريت،
ڪڏهين ڪين ٿا اَٽڪن، پوپٽ.
”صَلّيٰ الله عَلَيَہ وَسَلّمَ،
وِرد ڪيو ٿا مُرڪنِ، پوپٽ.
پَرن سندن تي نَعت لکان مان،
پرت منجهان سي پڙهجنِ، پوپٽ.
جوڙڻ هاري جوڙيا آهن،
سائينءَ جا ٿا سَڏجن، پوپٽ.
سنڌ تان صدقي ”قمر“! هي لاکو،
جنهن جو ڀونءِ تي جهومنِ، پوپٽ،
جيءَ جيارا جرڪنِ، پوپٽ.
غني
شيخ
ڏاهپ
جا
نڪتا
1-
منٽن جو خيال ڪيو، ڪلاڪ پنهنجو خيال پاڻ ڪندا.
(ڊارمر اسٽينهوپ)
2-
ڪرڻو اٿو ته اڄ ڪيو. (هوريس)
3-
اڌ پڙهئي کان اڻ پڙهيو ڀلو. (جيفرسن)
4-
تمام وڏي ارادي کان ننڍڙو عمل بهتر آهي. (ليري آئز
نبرگ)
5-
بي صبرو ڪري ٻيڻو انتظار. (مڪگينس)
6-
تلوار جو زخم ته ڇٽيو وڃي، پر زبان جو هرگز نه.
(ڊارمر اسٽينهوپ)
7-
سستي ڪمزور ذهن جي پناهه گاهه آهي. (ڊارمر
اسٽينهوپ)
8-
هرڪو ماڻهو طويل عمر جو خواهان آهي، پر پوڙهي ٿيڻ
جو نه. (سوفٽ)
9-
پڪي دوستيءَ جو بنياد ساڳين ڪتابن سان پيار آهي.
(ارونگ اسٽون)
10-
سٺو ڪتاب پنهنجو ملهه پاڻ ادا ڪري ٿو (رسڪن)
11-
ڏهن مان نو ڀاڱا سياڻپ، ان جو وقت اندر استعمال
ڪرڻۡ آهي. (روزيٽي)
12-
ٻه گهڻ ڳالهائو، ڳچ وقت همسفر نه رهندا. (اسپيني
پهاڪو)
قادري بشير احمد عباسي
ابو محمد صالح شاهه
(سخي سيد جيلاني القادريؒ)
سيّد صالح شاهُه، جيلاني جونجهارُ،
لاکو چئي لوڪ ۾، جانب جلويدار،
دائم سو دلدار، راڻيءَ پور جو روح ٿيو.
(قمر لاکو)
سنڌي
ادب
۽
صوفين جي
تاريخ ۾، ارڙهين
صدي
عيسويءَ کي خاص
اهميت حاصل
آهي.
هن
دور
۾
اسان جي
سنڌ
سڳوري انمول
هيرن، جواهرن
۽
موتين جهڙن
ماڻهن، جن
۾
اولياءَ، عامل،
ڪامل،
فاضل، اديب
شاعر
۽
مفڪر شامل
آهن.
ان
زماني
۾
جيڪي
ڀلارا بزرگ
پيدا
ٿيا،
انهن ۾ پير
سيد
ابو محمد
صالح
شاهه جيلاني
راڻيپور شريف
به
هڪ آهي.
سندن
تعلق
جيلاني خاندان
سان
آهي.
سندن
بزرگ
مان ٻه درويش
سيد
احمد ۽ سيد
محمد
نالي سان
تبليغ خاطر
سنڌ
۾
آيا.
هي
بزرگ
کهڙا
جي مخدوم
احمدي وٽ
مهمان جي
حيثيت سان
هڪ
سال تائين
رهيا، جنهن
کان
پوءِ
سيد احمد
سنه
1195هه
مطابق
1781ع
ڌاري راڻيپور
۾
پنهنجي خانقاهه
قائم
ڪئي
۽
سيد محمد
گمبٽ
۾
ان سلسلي
جو
بنياد رکيو.
سخي
صالح
شاهه جي
ولادت با
سعادت
1869ع
۾ راڻي
پور
جي شهر
۾
ٿي،
سندن
والد سائين
جو
اسم گرامي
”پير
سيد غلام
محي
الدين شاهه
جيلاني القادري“
هو.
سخي
صالح
شاهه کي ننڍپڻ
۾
ان
وقت جي
رواج
موجب ديني
تعليم
ڏيارڻ خاطر
درگاهه غوثيه
جي
مدرسي ۾ ويهارڻ
ويو
۽
ان ئي
مدرسي مان
ئي
پير صاحب
جن
ابتدائي تعليم
مڪمل
ڪئي،
سندن شاعريءَ
جي
شروعات هڪ
عجيب
انداز سان
ٿي.
جڏهن
سندن فرزند
ڦوهه
جوانيءَ ۾ هن
دنيا
کي
ڇڏي
کين
جدائي جو
داغ
ڏيئي
ويو، کين فرزند
سان
بيحد محبت
هئي،
جنهن ڪري اڪثر
مايوس ۽ پريشان
رهڻ
لڳا.
ويٺي
ويٺي
پنهنجي اندر
مان
اڌمان شعر
رستي
نرواڻ ڪرڻ شروع
ڪيائون،
پاڻ
پنهنجي شعر
۾ ”صالح“
تخلص
ڪم
آندو اٿن.
سندن
ڪلام
۾
اڪثر صاحبزادي
جي
جدائيءَ جو
ذڪر
موجود آهي.
”عمر
ادا
مارن جي
ماري
ٿي
جدائي
سليان سور
ڪنهن
سان،
ڪونهي
حال ڀائي.“
پنهنجي
هم
عصر، شاعرن
مان
جن سان
ڪچهريون
ٿينديون
هيون، انهن
مان
علامه عبدالغفور
همايوني
”مفتون“
مير
عبدالحسين خان
”سانگي“
مخدوم
امين
محمد
”امين“
مير
علي نواز
خان
”ناز“
مرزا
قليچ بيگ
جن
جا نالا
قابل
ذڪر آهن.
انهن
مان مير
عبدالحسين
”سانگي“
جي
سخي سائينءَ
سان
خاص عقيدتمندي
هوندي هئي.
جنهن
جو اظهار
مير
صاحب هڪ
ڪافيءَ
۾
ڪيو
آهي.
جلوي جمال
جامع
رنگ آهي
لايو،
ڪثرت ۾ پير پائي وحدت کان پاڻ آيو.
سيد ابو محمد صالح خدا جو خاصو،
تنهن شاهه مون کي پنهنجو آهي گدا بنايو،
ناموت کي ڇڏي پوءِ
ملڪوت ۾ ٿي منزل،
جبروت ۾ هو
”سانگي“
لاهوت تو
رسايو.
سخي
صالح
ساهه جن
سنڌيءَ کان سواءِ
هندي، سرائڪي
۽
اردو
زبان ۾ به
شعر
چيو آهي
۽
شعر
جي جن
صنفن
تي طبع
آزمائي ڪئي آهي،
انهن
۾
مولود،
ڪافي، غزل،
دوهيڙو ۽
ٺمري شامل
آهن.
سائين
صالح
شاهه جن
شعر
و شاعري
سان
گڏ ساز
آواز
کي
به پسند
ڪندا
هئا
۽
ان کان علاوه
سندن
سخاوت به
تمام
مشهور هئي.
پاڻ
ڪڏهن
به
ڪنهن سواليءَ
کي
خالي
نه موٽائيندا
هئا.
انهيءَ ڪري ماڻهو
کين
”سخي
صالح شاهه“
ڪوٺيندا
هئا.
سائين
صالح
شاهه جن
66
ورهين جي
ڄمار
۾ 27
رمضان
المبارڪ ۾ آخري
جمع
تي سنه
1935ع
۾
هن دنيا
کي
ڇڏي
راهه
رباني ورتي،
سندن
در اڄ
به
مريدن ۽ عقيدتمندن
جي
زيارت جو
مرڪز
بنيل آهي.
هر
سال
27
رمضان المبارڪ
تي
انجمن اسلاميه
و
محبان غوث
الاعظم رضه
راڻيپور طرفان
عرس
مبارڪ ملهايو
ويندو آهي.
سندن
زندگي تي
گهڻو
وقت اڳ
پروفيسر الطاف
”اثيم“
جن ”ساعت
ساعت راهه
نهاريان“
جي
نالي
رسالو لکيو.
هن
وقت سندن
شاعري تي
نواب
شاهه جو
مشهور شاعر
مهراڻ يونيورسٽي
آف
انجنيئرنگ
ڪاليج جي
هاسٽل جو
پيش
امام الحاج
رحيم
بخش
”قمر“
جن
تحقيقات ڪري ۽ سهيڙي
۽
سندن
ڪلام
جي شرح
به
پيا لکن.
هن
ڪتاب
کي
انجمن اسلاميه
و
محبان غوث
الاعظم رضه
جي
طرفان
ڇپايو ويندو.
نثار
بزمي
سدا
جيئي پاڪستان
پنهنجي ڌرتي، پنهنجو شان
جيئي منهنجو پاڪستانب
سدا جيئي پاڪستان
پاڪ وطن آ جنّت جهڙو
ڏيهه نه هوندو ڪوئي اهڙو
منهنجو آهي هِي اعلان
سدا جيئي پاڪستان
کوٽ نه کائڻ پيئڻ جي آ
جهوري سڀ کي جيئڻ جي آ
مان لهي ٿو هت مهمان
سدا جيئي پاڪستان
سائي سهڻي ڌرتي منهنجي
پرور کي آ پرتي منهنجي
ڳايان ويٺو ٿو احسان
سدا جيئي پاڪستان
چاليهه سال حياتي ماڻي
پنهنجن پيرن تي آهاڻي
پورو ٿي ويو هر ارمان
سدا جيئي پاڪستان
هر دل ۾ هت پيار پلي ٿو
چاهت جو واپار هلي ٿو
ڪنهن کي ناهين ڪو نقصان
سدا جيئي پاڪستان
چئن گلن جو گل دستو آ
سهڻو سائو سر بستو آ
”بزمي“ جو آ من مستان
سدا جيئي پاڪستان
سنڌيڪار:
فوزيه حبيب
صديقي
علاؤالدين
)۽ جادوءَ
جو
ڏيو(
گهڻو
اڳ،
چين ملڪ
۾
هڪ
درزي رهندو
هو.
جنهن
جو
نالو مصطفي
هو.
هو
تمام
غريب هو.
هن
کي
هڪ پٽ
هو،
جنهن جو
نالو
علاؤالدين هو.
مصطفيٰ چاهيندو
هو،
ته هو
به
ڪپڙا
سبڻ سکي،
جيئن
ڪم
۾
هن جي
مدد
ڪري
سگهي.
پر
علاؤالدين
چاهيندو هو،
ته
هو هر
وقت
ٻين
ٻارن
سان راند
روند
ڪري،
هڪ
ڏينهن سندس
پيءُ
بيمار ٿي پيو
۽
مري
ويو.
هاڻ
علاألدين جي
ماءُ
سڀ ڪم پاڻ
ڪرڻ
لڳي.
”مان چاهيان
ٿي
ته
تون به
منهنجي
ڪڏهن
ڪڏهن مدد
ڪندو
ڪر!“
هن
جي
ماءُ هن
کي
چيو:
پر
هن
ڪڏهن
به ماءُ
جي
مدد نه
ڪئي.
هڪ
ڏينهن
جڏهن علاؤالدين
ٻاهر
کيڏي
رهيو
هو، ته
هڪ
ماڻهو هن
کي
سڏ
ڪيو.
”تون مصطفيٰ
درزي
کي
سڃاڻين؟“
ان
ماڻهوءَ
هن کان پڇيو.
هوءُ
منهنجو پيءُ
هو،
علاؤالدين چيو،
پر
هو وفات
ڪري
ويو
آهي.
ڇا تون
هن
کي
سڃاڻين ٿو؟
ڇوڪري چيو:
هو
منهنجو
ڀاءُ
هو، ان
ماڻهو چيو:
”ڇا
تون منهنجو
چاچو
آهين؟“
علاؤالدين
پڇيو:
”ها“،
ان ماڻهو
چيو:
”هاڻي
مون
توکي
ڳولي لڌو،
مان
تنهنجي ۽ تنهنجي
ماءُ
جي مدد
ڪرڻ
چاهيان ٿو.“
مون
وٽ
ڪجهه
پئسه آهن،
جيڪي
تنهنجي امڙ
کي
ڏيندس.
علاألدين جي
چاچي
چيو:
امڙ
کي
چئجان مان
جلدي
توهان جي
گهر
ايندس.
ٻئي
ڏينهن تي
علاؤالدين، ان
ماڻهوءَ کي
ٻيهر شهر
۾
ڏٺو،
اڄ
رات مان
توهان جي
گهر
ايندس ۽ توهان
سان
گڏ رات
جي
ماني
کائيندس.
علاؤالدين
جي
چاچي چيو.
مون
وٽ
پئسه آهن،
تون
هنن مان
رات
جي ماني
جو
بندوبست ڪر.
اهو
ٻڌي،
علاؤالدين گهر
ويو.
جڏهن
اهو
ماڻهو رات
جي
ماني
کائڻ علاؤالدين
جي
گهر ويو،
ته
علاؤالدين جي
ماءُ
چيو،
”مون
کي
خبر
ڪا
نه هئي
ته،
منهنجي مڙس
کي
به
هڪ
ڀاءُ آهي!“
هُن
مون کي اهو
ڪڏهن
به
ڪو
نه
ٻڌايو هو.“
اصل
۾
اهو
ماڻهو علاؤالدين
جو
چاچو نه
هو،
پر هو
هڪ
مڪار جادوگر
هو.
علاؤالدين
جي
ماءُ جي
سوال
جي جواب
۾
جادوگر چيو!
گهڻو
وقت اڳ
مون
گهر ڇڏي ڏنو هو
۽
هاڻي
مان موٽي
آيو
آهيان، ۽ هاڻي
چاهيان ٿو ته،
توهان
ٻنهين جي
مدد
ڪريان.“
”تون
ڪهڙو
ڪم
ڪندو
آهين؟“
هُن
علاؤالدين کان پڇيو.
هي
سڄو
ڏينهن
ٻارن
سان
کيڏندو رهندو
آهي.
علاؤالدين
جي
ماءُ چيو:
هلندڙ
فقير
شهمير خان
چانڊيو
حڪمت
عملي
پڦي
جڏهن
مهمان ٿي ايندي
هئي،
تڏهن رات
جو
ڪچهري
دوران، ڳوٺ ۾ آئي،
ڏينهن
جو
چورين جو
ذڪر
ضرور
ڪندي هئي،
۽
پوءِ
ان
ڳالهه جو
اثر،
ڪافي
ڏينهن
تائين منهنجي
ڪچڙي
ذهن
تي رهندو
هو.
شايد
بابو
به انهن
سورن
جي ڪري اچي
شهر
۾
رهيو هو.
اڄ
پڦي،
ڳوٺ
وڃڻ جو
سانڀاهو پئي
ڪيو
۽
گڏوگڏ
ڏاڏيءَ کي به
ڳوٺ
اچڻ
لاءِ چئي
رهي
هئي، پڦي
ته
ڳوٺ
هلي ويندي
هئي،
پر پوءِ
مان
ڏاڏيءَ
جا ڪن
کائي ويندو
هوس،
”ڏاڏي
ڪيترو
وقت گذري
ويو
آهي، جو
ڳوٺ
نه
هليا آهيون،
مون
کي
ڳوٺ
جا ميدان
۽
وڻراهه ياد
اچي
رهيا آهن.
بابو
ته ڳوٺ هلڻ
جي
وائي نٿو
واري!“
منهنجي
انهيءَ چوڻ
تي
ڏاڏي
ڪنهن
اونهي سوچ
۾
هلي
ويندي هئي
۽
منهنجي مٿي
تي
شفقت جو
هٿ
ڦيرائيندي،
ڪنڌ
ڌوڻيندي،
هائو ڪار
ڪندي هئي.
آخر
اهو
صدورو
ڏينهن به
آيو،
جو مان
خوشي
۾
نه پيو
ماپان، امڙ
مون
کي
ڏاڍا
ڪپڙا
پارايا هئا
۽
عطر
عنبير هنيا
هئائين ۽ ڳوٺ اُسهڻ
وقت
ڪتابن
جو
ٿيلهو به
ساڻ
ڏنو
هئائين ۽ تاڪيد
ڪئي
هئائين ته
”هيڏانهن-
هوڏانهن
نه
رلجانءِ، جيئن
وئڪيشن جون
موڪلون پوريون
ٿين
ته
منهنجي مٺو
پٽ
اڳي کان اڳرو
هجي!“ |