سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1989ع

باب: --

صفحو :3

ٿي سگھي ٿو، ته ان جو مقصد اهو ئي هجي، ته هيءَ رات به ان رات جيان طوفاني آهي امڙ کي اهو خيال دل ۾ آيو، هجي ته شايد اهو اجنبي پنهنجي لالٽين وٺين لاءِ اچي، ان ڪري اها ٻاري رکي اٿئين. رات آهستي آهستي گذري رهي هئي ۽ راشد جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اچي هن کي بي چين ڪري رهيا هئا. آخر ۾ هڪ اهڙو سوال آيو جو هي ڪرسي تان اٿي ڪمري ۾ هيڏي هوڏي گھمي رهيو هو. سوال اهو هو ته ڇا هي لالٽين ائين بيڪار ته نه ٻري رهي آهي؟ ٿي سگھي ٿو، جهڙي طرح ان رات منهنجي ماءُ منهنجي طرف کان فڪر مند هئي ۽ بکايل ويٺي هئي. منهنجي پاڙي ۾ به ٿي سگهي ٿو ته ڪو گهر اهڙو به هجي، جنهن ۾ ڪو ضرورتمند ماڻهو هجي ۽ ان جي ضرورت پوري ٿيڻ جو ڪو امڪان به هجي.

ڪيترائي منٽ، هيڏي هوڏي گھمڻ کان پوءِ، ان خيال ڪيو ۽ هو خاموشيءَ سان ماءُ جي طرف وڌيو، هن سمجھيو ته منهنجي ماءُ شايد گھري ننڊ ۾ ستل آهي، مگر ان وقت هن جي ماءُ جي اک کلي وئي هئي ۽ هوءَ هن ڏانهن ڏسڻ لڳي ڇو راشد پٽ! ڇا ڳالهه آهي، هن وقت تائين تون سمهيو ناهين ڇا؟ نه امان مون، کي ننڊ نٿي اچي، هن جي ماءُ به بستري تي اٿي ويهي رهي، نند ڇو نٿي اچي! پٽڙا هن فڪر مند ٿي پڇيو. راشد چيو ته امان اڄ رات مون کي اهو واقعو ياد اچي ويو، جنهن ۾ ان اجنبي ماڻهو اوهان جي مدد ڪئي هئي. تو کي کاڌو ۽ هي لالٽين ڏني هئي. ها پٽ! دنيا ۾ اهڙا نيڪ ماڻهو به ٿين ٿا. ڪو الله جو فرشتو هيو الائي ڇا؟ مان سمجهي نه سگهيس ته هو ڪير هو يا ڪير نه هو.

راشد ٻه ٽي گھڙيون خاموش رهڻ کان پوءِ چوڻ لڳو، امان ڇا؟ ائين نٿو ٿي سگهي، ته اسان جي آس پاس ۾ به ڪو اهڙو گهر هجي جنهن کي، هن وقت ڪنهن مددگار جي ضرورت هجي. هن جي ماءُ ٻئي ٻانهون ڊگهيڙي راشد کي ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ چيو ته ٿي سگھي ٿو پٽ!“ امان مون کي اجازت ڏيو ته مان لالٽين کڻي ٻاهر وڃان ۽ منهنجي جيڪڏهن ڪنهن کي ضرورت هجي ته مان ان جي مدد ڪريان. هن جي ماءُ سوچ ۾ پئجي وئي، امان سوچ نه، اوهان هاڻ چيو آهي ته دنيا ۾ اڃا نيڪ ماڻهو پيا آهن، پوءِ اوهان جو پٽ به انهن نيڪ ماڻهن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪري. راسد جي ان جواب تي هن جي ماءُ سندس مٿي تي هٿ ڦيريو، پوءِ چيو ته وڃ ٻچڙا لالٽين کڻي وڃ، الله حفاظت ڪندو.“ ٿوري دير کان پوءِ راشد لالٽين جي دنڌلي روشني ۾ ڪچي رستي تي آهستي آهستي هلندو رهيو. اتان سڀني گھرن ۾ روشني اچي رهي هئي ۽ گھرن جي اندر ڳالهائڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. پنهنجي پاڙي کان نڪري راشد ٻئي پاڙي ۾ ويو، هڪ اهڙي گهٽيءَ ۾ اندر ويو، جتي ڪا به روشني نه هئي- هن گهر ۾ ڪو به ماڻهو نٿو رهي؟ هن جي دل ۾ اهو سوال ٽي چار ڀيرا اڀريو. پوءِ هن پنهنجي لالٽين جي روشني ۾ هڪ دروازي تي آواز ڏنو. ڪير آ؟ هڪ اهڙو آواز آيو، جو ڪنهن ڪراڙي ماڻهوءَ جو معلوم ٿي رهيو هو. مان آهيان- مان ڪير؟ مان راشد پوءِ ڪيترائي منت خاموش ۾ گذري ويا- آخر دروازو کليو- راشد پنهنجي سامهون هڪ ڪمزور ۽ ضعيف پوڙهي کي ڏٺو. ڪير آن تون ۽ ڇا ٿو چاهين؟ پوڙهي چيو ابا رات طوفاني آهي اهڙي رات ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ ٿورو مشڪل آهي- اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ٻڌايو.“ ان وقت ڪراڙي جھڪي، راشد کي ڏٺو ۽ چيو ته اگر ائين آهي ته پوءِ تون مون کي بازار مان ڪجھ کائڻ لاءِ آڻي ڏي، الله تنهنجو ڀلو ڪندو- ضرور وٺي آڻي ڏيندس سائين! مون کي هڪ دوڪان جي خبر آهي، جيڪو سڄي رات کليل هوندو آهي- وڏي مهرباني هي وٺي پئسا، منهنجي لاءِ هڪ بند ڪافي ٿيندو، پوڙهي قميص جي کيسي ۾ هٿ وڌو- راشد چيو ته نه بابا نه مون وٽ ايترا پئسا آهن، جو مان اوهان لاءِ بند خريد ڪري سگهان.“ ائين چئي راشد هليو ويو. راشد کي خبر هئي ته اسپتال جي ڀرسان ٻه ٽي اهڙا دوڪان آهن، جيڪي سڄي رات کليل هوندا آهن. هڪ دوڪان ۾ بسڪوٽ وغيره وڪامندا آهن-

اهي دوڪان تمام پري هئا ۽ گپ ۾ هلڻ تمام ڏکيو هو ۽ اونداهي ۾ اهو ويتر مشڪل هيو- راشد هڪ دفعو ڪري به پيو مگر اٿي همت نه هاري ۽ پنهنجي منزل تي پهچي ويو. اتان هن هڪ دوڪان تان هڪ بند، مکڻ ۽ ڪجهه بسڪوٽ خريد ڪيا ۽ واپس هلڻ لڳو، ڪلاڪ ک ۾ واپس پوڙهي جي دروازي تي آيو ۽ ان کي چيو ته هي وٺ بابا- مهرباني منهنجا پٽ! الله تنهنجو ڀلو ڪندو.

پوڙهو راشد کي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ راشد کي کٽ تي ويهاريو ۽ پاڻ کائڻ لڳي ويو. جڏهن پيٽ ڀرجي ويس، ته هي راشد کي چوڻ لڳو ته پٽ! هي عجيب ڳالهه ٿي لڳي، راشد چيو ته ڪهڙي؟ پٽ! اڄ کان ڪجهه سال اڳ مان به هڪ اهڙي ئي طوفاني رات ۾ هڪ عورت جي لاءِ کائڻ پيڻ جو انتظام ڪيو هو.“ ته توهان...؟ راشد جملو مڪمل نه ڪري سگهيو- هن کي سخت حيرت لڳي هئي، هو اٿي بيٺو، بابا سائين! ڪا ٻي اهڙي خدمت؟ نه پٽ نه! تنهنجي وڏي مهرباني، وڏي مهرباني- اڙي پٽ! هي لالٽين توهان جهڙن نوجوانن لاءِ آهي  جي ڪي اهڙي قسم جي نيڪي جا ڪم با آساني ڪري سگهن ٿا. کڻي وڃ پٽ! مون کان وڌيڪ تو کي ان جي ضرورت آهي- راشد لالٽين کڻي گهر آيو ۽ پنهنجي ماءُ کي اهو سمورو قصو ٻڌايو راشد کي ماءُ کڻي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ الله در دعا گهرڻ لڳي ته رب منهنجا تنهنجا لک لک احسان جو تو منهنجي پٽ کي نيڪي ڪرڻ ۽ احسان لاهڻ جي توفيق ڏني.

ممتاز علي هاليپوٽو

اقوام متحده

[جا اهم ادارا ۽ انهن جو ڪم]

ٻارو! توهان جڳ مشهور اداري اقوام متحده جي باري ۾ ته ضرور ٻڌو هوندو. هن اداري قائم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي تنهن وقت جي صدر روزيلٽ، برطانيه جي وزير اعظم چرچل ۽ روسي اڳواڻ جوزف اسٽالن جو وڏو هٿ هو. ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کان، پوءِ دنيا ۾ اقتصادي ۽ سماجي حالت تمام بگڙيل هئي. جنگ جي انهن نتيجن کي ڏسي، هي ادارو ٺاهيو ويو، ته جيئن دنيا تي ممڪنه حد تائين، جنگ ۽ انهن جي تباهه ڪارين کان محفوظ رکي سگهجي. پر جيئن ته ڪائنات تمام وسيع آهي ۽ ان جا مسئلا به اڻ کٽ آهن، اُن ڪري، هن هڪڙي اداري لاءِ اهو ممڪن نه هو، ته هي سڄي دنيا جا مسئلا نبيري سگهي.

ان ڪري اقوام متحده جا ڪجهه ذيلي ادارا قائم ڪيا ويا آهن. انهن ادارن مان، اقوام متحده جا، يارنهن (11) نهايت اهم ادارا آهن.

هي سڀ ادارا خود مختيار آهن ۽ انهن، مختلف قومن جا گڏيل ادارا آهن، جيڪي، ڪن مخصوص مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون.

هنن ادارن ذريعي جيڪو به ڪم ٿئي ٿو، سو اقوام متحده جي معاشي ۽ سماجي ڪائونسل جي تعاون سان ٿئي ٿو.

اقوام متحده جي انهن، يارنهن ادارن جو زڪر هيٺ ڏجي ٿو.

1- بين الاقوامي پورهئي جو ادارو:        (ILO)

هن اداري، جو هيڊ ڪوارٽر سئزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ آهي. هن جا هيٺيان ڪم آهن.

(الف) پورهيتن لاءِ پورهئي جون بهتر سهولتون پيدا ڪرڻ.

(ب) رهائش جي معياري کي وڌائڻ.

(ث) سماجي ۽ معاشي استحڪام کي حڪومت، انتظاميه ۽ محنت جي وسيلن ذريعي هٿي ڏيڻ.

2- کاڌي ۽ زراعت جو اِدارو:                      (FAO)

هن اِداري جو هيڊ ڪوارٽر اٽلي جي شهر روم ۾ آهي هن جا ڪم هيٺينءِ ريت آهن:

(الف) دُنيا ۾ خوراڪ جا ذريعا وڌائڻ ۽ اهڙيون تدبيرون اختيار ڪرڻ جنهن سان زرعي شين ۽ کاڌ خوراڪ جي قلت کان بچي سگهجي.

(ب) خانورن ۾ بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ گڏيل اناج کي جيوڙن کان بچائڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ.

(ث) هر قسم جي فصلن لاءِ بهترين قسم جو ٻج فراهم ڪرڻ.

3- اقوام متحده جو تعليم، سائنس ۽ ثقافت جو ادارو:          (UNESCO)

هن اِداري جو هيڊ ڪوارٽر فرانس جو شهر پئرس آهي. هن جا مقصد هيٺينءَ ريت آهن:

(الف) سڄيءَ دُنيا ۾ تعليم، سائنس ۽ تهذيت و ثقافت جي مدد سان احساس تحفظ ۽ امن امان ۾ واڌارو آڻڻ.

(ب) دُنيا مان جهالت ختم ڪرڻ لاءِ تعليم کي وڌ ۾  وڌ عام ڪرڻ ۽ اُنهيءَ لاءِ دنيا جي هر ملڪ ۾ تعليمي سهولت جو جائزو وٺڻ.

4- عالمي صحت جو ادارو:               (who)

اقوام متحده جي هن اداري جو صدر مقام، سئزرلينڊ جو شهر جنيوا آهي. هن اِداري جو هيٺيون ذميواريون آهن:

دنيا مان گندگي کي ختم ڪرڻ جا اپاءَ وٺڻ ۽ اهڙي طريقي سان انسانن لاءِ صحت جي سٺي هئڻ لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ.

5- ٻيهر تعمير ۽ ترقيءَ جي بين الاقوامي يا عالمي بئنڪ:            (IBRD)

هن اِداري جو صدر مقام، آمريڪا جي سهر واشنگٽن ۾ آهي. هن تنظيم جو مقصد آهي ته: جنگ جي زماني جي متاثره علائقن ۾ ٻهر تعمير ڪرڻ ۽ ترقي پذير ملڪن کي ترقي يافته بنجڻ ۾ مدد ڏيڻ.

6- بين الاقوامي مالياتي اِدارو:   (IFC)

هن اِداري جو صدر مقام، آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ آهي. هن اداري جو مقصد آهي، ته خانگي ڪاروبار ذريعي هن اداري ۾ شامل ملڪن جي معاشي ترقي ۾ واڌارو آندو وڃي. خاص ڪري، انهن علائقن ۾ جيڪي، تمام گهڻو پوئتي پيل آهن.

7- بين الاقوامي مالياتي فنڊ: (IMF)

هن اِداري جو صدر مقام پڻ آمريڪا جو شهر واشنگٽن آهي. هي ميمبر ملڪن تي سندن ڪاروبار وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪري ٿو. هي ادارو بين الاقوامي ڪاروبار تي ڪنٽرول ڪري ٿو.

8- بين الاقوامي شهري هوابازيءَ جو اِدارو:       (ICAO)

هن اِداري جو صدر مقام، ڪينيڊا جي شهر مونٽريال ۾ آهي. هي ادارو حفاظت واري، باقائدي ۽ قابل هوائي ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ جا اپاءَ وٺي ٿو.

9- عالمي ٽپال جي يونين: (UPU)

هن اِداري صدر مقام، سئزرلينڊ جو شهر برن آهي. هي دنيا ۾ ٽپال کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي سڌارڻ لاءِ اپاءَ وٺي ٿو.

10- روزمره جي رابطي جي بين الاقوامي يونين:  (ITU) هن اِداري جو صدر مقام، سئزلينڊ جو سهر جنيوا آهي. هن جي ضمي ٽيليفون، ريڊيو ۽ ٽيليگرام جي استعمال ان سڄي دنيا کي ڳنڍڻ ۽ هن اداري جي ڪارڪنن لاءِ حفاظ جا اپاءَ وٺڻ آهي.

11- موسميات جو عالمي ادارو: (IMU)

هن جي ضمي موسمياتي مشاهدن ۽ موسمياتي رپورٽن جي معيارن کي بهتر بنائڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ شامل آهن.

عبدالسميع ڏاهري

اوهان يقين ڪريو يا نه

1- مشهور ماهر زبان جو هائس (1616-1574) ايڏو تعريف پسند هو، جو وفات بعد وصيت ڪيائين، ته جيڪو دوست سندس تعريف ڪندو، ان کي 65 ڊالر ملندا، 22 دوستن ائين ڪيو ۽ 1325 ڊالر حاصل ڪيا.

2- ايٽني لين (1822-1747) جيڪو پيئرس ۾ ڀاڄيون وڪڻندو هئو. ڀاڄي وڪڻندي هڪ مشهور ڳائڻو ۽ اسٽار بڻجي ويو.

3- اٽلي ۾ هڪ عجيب ۽ غريب جانور پيدا ٿيو جنهن جو اڌ حصو بگھڙ جھڙو ۽ اڌ ڪتي جهڙو هو. ان کي اٽلي ۾ 1928 ۾ قتل ڪيو ويو ان 12 ٻارن کي ماريو.

4- ڏکڻ مراڪش ۾ بربر قوم جا ٻار ڪري بورڊ تي سبق حاصل نه ڪندا آهن هڪ پٿر تي قلم سان مس استعمال ڪندا آهن.

ياسين گوپانگ

اک جا تارا

پوپٽ جهڙا پيارا پيارا

ڪرمل نازڪ نرمل نيارا

 

آئيندي جون آسون آهن

سنڌڙي وڻ جون لامون آهن

 

ديس جا ٿيندا دُولهه دودا

سنڌ وطن جا، جانٺا جوڌا

 

گلشن کي آباد ڪندا هي

سنڌڙي کي دلشاد ڪندا هي

 

سنڌ جي سينڌ سجائي رهندا

ملڪ مٿان هي گهورون ڏيندا

 

منهنجي اک جا تارا ٿيندا.

نيري اُڀ تي جرڪي پوندا

 

اڄ جي پوپٽ وانگر لڳن ٿا

سڀان سي پربت بنجي ويندا.

فوزيه شيخ

نظم

او پيار جا پانڌيئڙؤ

او ديس جا جهانگيئڙئو

 

جوت اکين جي سان جرڪايو

ديس کي روشن ڏينهن بڻايو

او پيار جا ............

او ديس جا ...........

 

ٻهڪو هردم گلڙن وانگي

چمڪو ٽم ٽم تارن وانگي

 

روشن روشن صبحن جهڙو

پختو عزم رکو سو اهڙو

 

ٻارو پنهنجو ملهايو

علم سان سنڌڙي کي جرڪايو.

او پيار جا .........

او ديس جا ........

رضيه نوشين

فرانس جي لوڪ ڪهاڻي

بهادر دربان

جبل جي چوٽيءَ تي هڪ تمام سهڻو محلات هو ۽ انهيءَ محلات ۾ هڪ راجا رهندو هو. راجا کي هڪ ئي ڌيءَ هوندي هئي راجا هن کي ڏاڍو ڀائيندو هو، ۽ مرضي هيس ته هن جي ڪنهن تمام سٺي ماڻهوءَ سان شادي ٿي وڃي، گھڻن ئي شهرن مان ڪيتريون ئي مائيٽيون آئيون، پر اهي نڪي راجا کي وڻيون ۽ نڪي سندس ڌيءَ کي، آخر نيٺ هڪ شهزادو اتي آيو، جنهن لاءِ مشهور هو، ته هو بهادر به آهي ۽ نيڪ دل به، جڏهن هو آيو ته راجا کي به ٿورو وڻيو. شهزادو نيزي بازي به تمام سٺي ڪندو هو، ته سواري به ۽ ڳالهيون به ڏاڍيون وڻندڙ ڪندو هو، تڏهن ته راجا کي اڃا اٿت نه هئي.

راجا، سندس ڌيءَ ۽ شهزادو باغ ۾ گھمي رهيا هيا ته ڳالهيون ڪندي، هو باغ جي پٺئين دروازي وٽ اچي پهتا، دربان بيٺو هو، تنهن زور سان هڪل ڪئي: اي ڀائو، ترسو!“

شهزادي ڪاوڙ ۾ چيو اڙي نالائق، اسان کي ٿو روڪين، تو کي خبر نه آهي ته اسين ڪير آهيون؟ هن تلوار ڪڍي دربان تي حملو ڪيو، پر ڪمال ٿي ويو، جو دربان هن جي وار کي روڪي ڇڏيو. شهزادي تلوار جا وڏا وڏا گر آزمايا، پر دربان سڀ روڪي ڇڏيا شهرزادي وڌي وڙهڻ ٿي گھريو، پر دربان هڪ ککر جو مانارو ان تي اڇلائي وڌو. ککرون شهزادي جي ڪپرن ۾ گھڙي ويون ۽ شهزادو اڙي الله، کائي ڇڏيائون!“ چوندو رڙيون ڪندو پٽ تي ڪري پيو.

هاڻ دربان چيو سائين! مون ته اوهان کي انهي ڪري روڪيو هو ته در کان ٻاهر هڪ وڏي بلا اچي ويٺي آهي. مون چاهيو ٿي ته شهزادي کي ٻڌايان ته هو ان کي ماري ڇڏي.“

هان! وڏي بلا!“ شهزادي جو ته ساهه ئي سڪي ويو ۽ جڏهن سڀني ٻاهر جھاتي پائي ڏٺو ته هڪ وڏي گلابي رنگ جي بلا ويٺل هئي! شهزادي بهاني سان پنهنجو گھڙو گھرايو ۽ ان تي سوار ٿي، پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو، راجا ۽ سندس ڌيءَ به ڊڄي محلات ۾ موٽي آيا، ٻئي ڏينهن صبح جو هنن جو اهو ڏسي ساهه اچي مٺ ۾ ٿيو ته گلابي وڏي بلا محلات ۾ اچي رهي آهي ۽ جڏهن غور سان ڏٺائون، ته اها بلا نه هئي، پر هڪ وڏو ڦوڪڻو هو، جنهن تي وڏي بلا جي شڪل ٺهيل هئي ۽ ڦوڪڻي جي رسي انهيءَ دربان جي هٿ ۾ هئيسائين، هي اصلي بلا نه آهي!“ دربان چوڻ لڳو! پر مون کيڏ کيڏي هئي، ته جيئن خبر پوي ته شهزادو برابر بهادر آهي يا نه راجا ۽ سندس ڌيءَ کي حيراني ٿي، ته هن دربان شهزادي کان هارايو به ڪو نه؛ ۽ سجھي ڳالهه به سچ ٻڌائي رهيو آهي ۽ شهزادي کي آزمائڻ لاءِ به ڪهڙي نه سهڻي اٽڪل ڪيائين! بس انهيءَ دربان سان راجا جي ڌيءُ جي شادي ٿي وئي.

سوز جلباڻي

آنا چار

آنا ڏي ڪُل چار بابا، آنا ڏي ڪُل چار

عيسو، موسو، علڻ ولڻ کائن پيا آچار

 

شهر رتي جا سُٺا پڪوڙا مائو مزريدار،

پڪا پوڙها شوق سان کائن توڙي ننڍڙا ٻار.

 

هر هڪ هٿ ۾ خرچي آهي، آئي ڄڻ بهار،

آنا ڏي ڪُل چار بابا، آنا ڏي ڪُل چار.

 

شهر رتي جا ٻالڪ جنهن پل مٺڙي ٻولي ٻولن،

ڪوئل وانگر لامن تي ٿا نچن ڪُڏن جهولن

 

منهنجو به هڪ سنگتي آهي، گهمرو مختار.

آنا ڏي ڪُل چار بابا، آنا ڏي ڪُل چار.

 

ڇولن جو هو ٿالهه کڻي، ڏس ڪاڪو عيدن آيو،

بصر ٽماٽا مرچ مصالا تنهن ۾ خوب وجهايو.

 

سڀئي سنگتي گڏجي کائو، ڪريو نه ڪنهن کان عار،

آنا ڪُل چار بابا، آنا ڏي ڪُل چار

 

صبحخ سويرو وقت پڙهڻ جو، جيڪو ٻار گُسائي.

سائين ان کي نصيحت واري ٿو، سمجهه ڏئي سمجهائي

آنبا ڏي ڪُل چار بابا، آنا ڏي ڪُل چار.

 

مترجم: الهجڙيو سٺيو

هڪ پينو ٻار

 

هو مون کي نيو مارڪيٽ جي گيٽ تي ملي ويو هو. مون کي ڏسنديئي، هو مون ڏانهن ڊوڙيو. مون تيزيءَ سان نڪرڻ چاهيو، هن شايد منهنجو مقصد سمجھي ورتو هو.

سندس ڏڪندڙ هٿ منهنجي ساڙهيءَ جي پلئه تائين وڌندي وڌندي بيهي ويا. مون ڏانهس ڪاوڙ مان نهاريو، ۽ هو ڊڄي پوئتي هٽي ويو، سندس چپ ڏڪي رهيا هئا ۽ اکين ۾ لڙڪ تري آيس. آئون چند قدم مس هلي هيس ته سندس سڏڪن منهنجي پيرن ۾ زنجير وجھي ڇڏي، مون محسوس ڪيو، ته هي معصوم نينگر عام پينو ٻارن کان بلڪل مختلف آهي.

مون کي ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. منهنجا قدم خود بخود انهيءَ پينو نينگر ڏانهن وڌڻ لڳا.

مون کي واپس ايندو ڏسي، جلدي جلدي پنهنجي ميري ۽ ڦاٽل قميص جي ٻانهن سان پنهنجا لڙڪ اگھي سندس انهن لڙڪن، هن جي چهري تان ميراڻ لاٿي. مون انهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو هڪ غريب ۽ پينو کي چتائي ڏٺو. سندس چهرو ڍنڍ جي سطح تي ٽڙيل ڪنول وانگر لڳي رهيو هو. وڏيون وڏيون اکيون ۽ چپ جھڙو گلاب جي گل جون پتيون سڪي ويون هجن.

ڪارا ۽ چمڪندڙ گھنڊيدار وار، جن ۾ مٽي جا تهه ڄميل هجن، پر هو انهيءَ حالت ۾ به بنگال جي سر زمين جو هڪ لافاني شاهڪار محسوس ٿي رهيو هو. ۽ آئون سوچي رهي هيس. ته اهو فنڪار ڪير آهي، جنهن پنهنجي هن بي مثال تخليق کي راهه ۾ رولي ڇڏيو آهي. انهيءَ ننڍڙي شاهڪار جي هڪ خط ۾ بنگال جو حسن، بنگال جي خوبصورتي هئي. سندس سڏڪن ۾ بنگال جي سرزمين جا مست ڪندڙ گيت سڏڪا ڀري رهيا هئا.

پوءِ انهيءَ بي مثل شاهڪار جي اهڙي حالت ڇو؟ ٻار جي ڏڪندڙ آواز تي مون ڇرڪ ڀريو ۽ خيالن جو تسلسل ختم ٿي ويو. مون کي خبر هئي، ته ٻار ڇا چوندا، هو پينو ڇوڪر آهي ۽ پينو کي پئسو گهرجي. مون پرس کولي هڪ رپيو ڪڍيو ۽ ٻار کي ڏيندي چيم: ڏس پنڻ چڱو ڪم ڪونهي، اسان جي ملڪ کي پينو ٻارن جي نه پر محنتي ٻارن جي ضرورت آهي.“

ٻار جي اکين مان لرڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. هن چيوبيگم صاحبه آئون پنان ڪو نه ٿو. آئون پينو ناهيان سچ ٿو چوان، مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي ته محنت ڪريان. هر بنگلي ۽ دڪان تي ويس، پر مون کي ڪم نه مليو، ان ڪري جو منهنجي ضمانت ڪير ڏئي. پوءِ آئون فٽ پاٿ تي بيهي، موٽرون صفا ڪري پيسا ڪمائڻ لڳس، پر مون کي فٽ پاٿ تي ڪم ڪندڙ پراڻن ڇوڪرن، ماري ماري ڀڄائي ڪڍيو. اڄ ٻن ڏينهن کان هن هنڌ بيٺو، ايندڙ ويندڙ انسانن کي پنهنجو ڏک ٻڌائڻ چاهيان ٿو، پر هرڪو مون کي پينو سمجھي ڇڙٻون ڏئي، هليو وڃي.“ هو روئڻ لڳو.

آئون ٻار جي ڳالهين ۾ اهڙي گُم ٿيس، جو مون کي ڀر پاسي جو خيال ئي نه رهيو. هاڻي جو ڏٺم ته منهنجي ڀر پاسي ۾ چڱي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي چا هئا ۽ مون کي هڪ پينو ڇوڪر سان ڳالهائيندو ڏسي، هو مون تي نظرن ئي نظرن ۾ طنز ڪرڻ لڳا. بعض سيٽيون وڄائي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جو مظاهرو ڪري رهيا هئا. مون کي انهن جي اها حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، آئون شايد ٻار کي اتي ئي ڇڏي، هلي وڃان ها، پر خبر ناهي ڇو، آئون انهن شيطاني نظرن سبب پنهنجي احساس ۾ عجيب قسم جو درد محسوس ڪرڻ لڳس ۽ ٻار کي ساڻ وٺي، پنهنجي گاڏيءَ تائين هلي آيس. ٻار کي گاڏيءَ ۾ ويهاري گاڏي اسٽارٽ ڪيم، ته گاڏي جي شيشن مان ٽهڪ ٽڪرائجي، منهنجي ذهن تي هٿوڙا هڻڻ لڳا. مون ڪنڌ ورائي ٻار ڏانهن ڏٺو .سندس منهن پيلو پئجي ويو هو ۽ سيءَ کان سٺو بدن ڏڪي رهيو هئس. مون پنهنجي ڪلهن تان شال لاهي، ٻار تي وجھڻ چاهي ته هو ٿورو پري سرڪي ويو ۽ ائين مون کي اهڙين نظرن سان ڏسڻ لڳو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته تنهنجي شال خراب ٿي پوندي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻار پاڻ کي گند ڪچري ۾ ڦٽي ڪيل غليظ شيءِ سمجھي رهيو هو پر شايد هن کي خبر نه هئي ته آئون ٻارن جي ماءُ آهيان ۽ منهنجي سيني ۾ به ماءُ جي دل آهي.

ٻار، منهنجي ڳالهين کي سمجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. اوچتو هن ڏڪندڙ لهجي ۾ پڇيو: ”اوهان مون کي ڪيڏانهن وٺي پيون هلو؟“

مون چيو: ”آئون تو کي تنهنجي گھر وٺيو ٿي هلان- ٻڌاءِ تنهنجو گھر ڪٿي آهي؟

جي! هو مون کي ڏسڻ لڳو.

ها، تنهنجو گهر! مون کانئس ٻيهر سوال ڪيو.

منهنجو گهر- منهنجو گهر ته ڪو آهي ڪو نه اوهان مون کي اتيئي لاهي ڇڏيو.

ٻار ڪيتري قدر حساس هو. آئون سمجھي ويس ته هو مون کي ڇو پنهنجو گهر ڏيکارڻ چاهي. مون ٻار جي مٿي تي هٿ رکي چيو: هر انسان بنگلن ۾ نٿو رهي مون کي ٻڌاءِ تنهنجو گھر ڪٿي آهي تنهنجي ماءُ کي ڏسڻ ٿي گهران.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com