ٻار کي اسڪول ۾ معاشري سان واسطي ۾ اچڻ کان
پهريائين گهر ۽ خاندان جي تربيت جو مرحلو طئه ڪرڻو
پوي ٿو. ان تربيت ۾ سڀ کان وڏو هٿ ماءُ ۽ پيءُ جو
آهي، جيڪي اولاد کي سڌي راهه تي هلائي سگهن ٿا،
جيڪڏهن ڪنهن ٻار جو اعلى ۽ سٺو ڪردار هوندو ته هر
ماڻهو سمجهندو ته والدين سندس تربيت تمام بهتر
نموني ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪو غلط ۽ بدڪردار ٻار هوندو
ته ان جا ذميوار والدين ئي هوندا آهن. هڪ حديث ۾
آيل آهي ته : ”هر ٻار فطرت تي پيدا ٿيندو آهي،
پوءِ پيءُ – ماءُ کيس يهودي يا مجوسي بنائيندا
آهن.“ معلوم ٿيو ته ٻار جا ذهني، اخلاقي ۽ ٻيا سڀ
لاڙا پهريائين سندس ماءُ پيءُ کان متاثر ٿيندا
آهن، جيئن سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”جهڙا ڪانوَ تهڙا
ٻچا.“ يعني ماءُ – پيءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪير به ناهي،
جيڪو پنهنجي ٻار کي سڌارڻ ۽ بگاڙڻ ۾ اثرائتو ڪردار
ادا ڪري سگهي.
هر ٻار پهريائين گهر ۾ تقريباً پنج سال زندگي
گذاريندو آهي، انهن پنجن سالن ۾ ٻار، جيڪو ڪجهه
گهر ۾ سکيو، ٻاهر به اهوئي ظاهر ڪندو آهي، جڏهن
اسڪول ۾ ٻار داخل ٿيندو آهي ته سندس زندگي ۾ ڪافي
تبديلي اچي ويندي آهي، ٻار اسڪول ۾ ڪجهه سکڻ ۽
پرائڻ جي لاءِ داخل ڪيو ويندو آهي. اسڪول کان
سواءِ ڪجهه ٻاهر جو به ماحول سکندو رهندو آهي، جتي
هو مختلف طريقا ۽ عادتون سکندو رهي ٿو، معلوم ٿيو
ته گهرجي ماحول کان ٻاهر، ٻار کي قدم قدم تي
رهنمائي ملي ٿي، جنهن سان سندس ذهن کُلي ٿو. اسڪول
۾ استاد، ٻار جي ان وقت صحيح نموني سان رهنمائي
ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو ٻار جي مختلف ڪردارن کي
سمجهي وڃي. يعني مختلف وقتن ۽ حالتن ۾ ٻار پنهنجي
ڪردارن جو مظاهرو ڪري. اسڪول ۾ ٻار جي سڀني سٺن ۽
بدڪردارن جو ذميوار استاد هوندو آهي، اسڪول جي
ماحول ۾ استاد ان ڳالهه جي پيشنگوئي ڪري ته مخصوص
حالتن ۽ تجربن جي اثر هيٺ هڪ ٻار مان ڪيتري توقع
ڪري سگهجي ٿي. استاد جي اهري قسم جي اڳڪٿي ٻار کي
پنهنجي مستقبل يجف يصلي ڪرڻ لاءِ ويچار ۽ مدد ڏئي
ٿي. ڇاڪاڻ ته اسڪول هڪ سماجي ادارو آهي، جنهن کي
سماج پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن جي سکيا ۽ اوسر لاءِ
قائم ڪندو آهي ته جيئن ٻار علم ۽ تربت جي دولت سان
مالا مال ٿي، سماج ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري
سگهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ٻار اسڪول ۽ سماج جو
پاڻ ۾ گهرو ناتو آهي. انهي ناتي کي سمجهڻ لاءِ سڀ
کان پهرين مدد کيس پنهنجي ماءُ _ پيءُ ۽ گهر جي
ٻين ڀاتين کان ملي ٿي، ان کان پوءِ اسڪول ۽ ٻيا
اهڙا سماجي ادارا، سندس رهبري ڪندا رهن ٿا، ته
جيئن اڳتي هلي، اهو ٻار سماج لاءِ هڪ ڪارائتو فرد
ثابت ٿئي ۽ پنهنجي انفرادي خدمت سان سماج کي
سنواري ۽ پاڻ سان گڏ ٻين جي ڀلائي لاءِ به مددگار
ثابت ٿئي.
حضور اڪرم ﷺ جن جو قول آهي ته: ”توهان اولاد تي
رحم ڪندا ڪريو ۽ انهن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيو.“
معلوم ٿيو ته سٺي تعليم ۽ تربيت والدين ۽ استادن
تي اهم فرض آهي، جيڪا اول کان آخر تائين جاري
رهندي اچي ٿي. ٻار کي بهتر ۽ سٺي تربيت ڏيڻ اڄ
ڪلهه هڪ اهڙو مسئلو بنجي ويو اهي، جنهن کي حل ڪرڻ
لاءِ درسگاهه ٺاهيا وڃن، علمي پروگرام ڪيا وڃن،
بحث مباحثن جون مجلسون ڪوٺايون وڃن، جن ۾ ٻارن کي
شامل ڪيو وڃي ته جيئن ٻار پورو پورو فائدو وٺي
سگهن. اسان جي پاڪ مذهب ”اسلام“ جيڪي ٻارن جي
تربيت لاءِ اصول ۽ طريقا ٻڌايا آهن، انهن تي
جيڪڏهن ڪوبه معاشرو عمل ڪندو ته ان جون پاڙون
يقيناً مضبوط ٿينديون، اهي اصول ۽ طريقا هي آهن:
ٻارن ۾ شروع کان ئي همٿ، حوصلو، دليري، خود داري ۽
خود اعتمادي جو ٻج ڇٽيو وڃي، جيئن هو ٻين جي اشاري
تي هلڻ بدران پنهنجي لاءِ، سوچ ۽ خيال پوري اعتماد
سان ماڻهن جي سامهون پيش ڪري سگهن. ٻار کي اهڙي
تعليم ڏيارجي جنهن سان شرم ۽ حيا جا آداب، تواضع ۽
گفتگو جا طريقا ظاهر ٿين. ٻار جي شخصيت جي پرورش
اهڙي نموني ڪجي جيئن سڄي ماحول جي فضا سندس لڪل
صلاحيتن کي اڀارڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ۽ جيئن کيس هر
طرف پنهنجي ذهني صلاحيتن جو سامان نظر اچي.
ٻار ۾ سهڪار ۽ همدردي جو جذبو پيدا ڪيو وڃي ۽ کيس
ٻڌايو وڃي ته معاشري جو نقصان سندس ئي نقصان آهي ۽
قوم جو فائدو سندس ئي فائدو آهي.
ٻار کي اهڙي تربيت ڏجي، جنهن سان اڳتي هلي معاشي،
اخلاقي، ديني، سياسي ۽ اجتماعي لحاظ کان منجهس
گڏجي ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي.
اسان مان هر هڪ تي اهو واجب آهي، ته ٻار جڏهن تميز
۽ عقل جي حد کي پهچي ته سندس اختيار سندس ئي حوالي
ڪيا وڃن ته جيئن ٻار ڪنهن به پريشاني کان سواءِ
گمراهي جي ميدان مان نڪري سلامتيءَ سان راستگاري
جي منزل تي پهچي وڃي.
ٻار کي اهڙي تربيت ڏجي ته جيئن هو وڏو ٿي هڪ
بهترين مسلمان ثابت ٿئي ۽ معاشري جي صالح ۽ صحتمند
تعمير ۽ مفيد ڪردار ادا ڪري.
هي آهن اهي چند اصول اسلامي جن سان ٻار سنوارجي
سينگارجي نئين ٽهي جي معاشري کي هر قسم جي تباهي
ڪمزوري کان بچائي سگهن ٿا.
اسان سڀني کي خبر آهي ته ٻار جسماني ۽ ذهني اعتبار
کان اسان جي سوچ ۽ سمجهه کان مختلف آهي، يعني هر
ٻار سائنسدان، اديب، شاعر يا ڪهاڻيڪار وغيره نٿو
ٿي سگهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته هر ٻار پنهنجي
صلاحيت موجب ڪوبه مفيد ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو،
تعليم يافته ماهر واضح ڪري چُڪا آهن ته ٻار ۾ صرف
صلاحيت نه ٿيندي آهي، پر ٻار جي اندر ۾ ڪجهه نه
ڪجهه مختلف قسمن جون صلاحيتون موجود هونديون آهن،
انهن ئي صلاحيتن جي ڪري اسان جو معاشرو هلندڙ
ماحول دؤران ٻار جي مخصوص صلاحيت کي اجاگر ڪري ٿو.
اهڙي ريت ٻار کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت حاصل ٿئي
ٿي ۽ ٻار مسئلن کي وڌيڪ اعتماد سان منهن ڏئي سگهي
ٿو. جڏهن کان وٺي اسان جي ملڪ ۾ تعليمي ادارا قائم
ٿيا آهن، تڏهن کان ٻار، والدين ۽ استاد جو پاڻ ۾
تمام گهڻو تعلق رهيو آهي، ايتري قدر جو استاد کي
هر ٻار جي مسئلي جي خبر آهي، ته هو ڪهڙي مسئلي ۾
مبتلا آهي، هر اهو معاشرو چاهي ٿو ته ٻار کي
تعليم، سکيا ۽ تربيت لاءِ وڌ ۾ وڌ سهولتون ملن، پر
وسيلن جي کوٽ سبب اسڪول ۾ سڀ گهربل سهولتون نٿيون
ملن، جنهن ڪري ٻار جي تربيت ۾ ڪافي ڇيهو رسي ٿو،
جنهن جا اسان، بلڪ سڄو معاشرو ذميوار آهي.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته معاشري جو هر فرد پنهنجي عمل
جي بدلي ۾ گروي آهي، ڇو ته پيءُ جي پٽ لاءِ ڪائي
بخشش، انهي کان وڌيڪ ناهي ته ان جي تعليم ۽ تربيت
سٺي ڪري، معاشرو هر ايندڙ ٻار جو سپنو آهي ۽ هر
گمراهه ٻار جي راهه آهي، اڪثر چوڻي مشهور آهي ته :
”ٻار مُڇ جو وارو، جيڏانهن وارئينس، تيڏانهن پيو
ورندو.“
حضور اڪرم ﷺ جن جو فرمان آهي ته :
”پنهنجي لاءِ بهتر رشتو ڳوليو انڪري جو توهان ۾ هڪ
رڳ لڪل آهي.“ يعني اندر ئي اندر ٻار کي ماءُ جي
اثر کان اخلاقي کاڌو ملندو رهندو آهي. آخر ۾ هيءَ
ڳالهه ضروري چوندس ته سٺي تربيت ۽ تعليم ٻار جي
لاءِ بي بها ۽ فطرتي ڏات ٿي ويندي آهي. ٻار کي سٺي
تربيت ڏيڻ سان آسمان ۽ تارا نئين انداز ۾ نظر اچن
ٿا. سٺي تربيت ڏيڻ سان ٻار جي سوچ ۽ سمجهه جون
حدون ڪشاديون ٿي وڃن ٿيون، هيءَ ڳالهه ياد رکڻ
گهرجي ته هڪ ٻار کي بهتر ۽ سٺي تربيت ڏيڻ سان هڪ
اعلى ۽ بهترين معاشرو جنموٺي ٿو، جنهن جون ڪيتريون
ئي شاخون هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ تائين پکڙجي وڃن
ٿيون، جنهن ڪري اسلام جي رسي مضبوط ٿئي ٿي.
انور علي لوهار
ردي جي ٽوڪري
اڄ جڏهن مون ڪئلينڊر ۾ تاريخ ڏٺي ته مون کي خيال
آيو ته جنهن رسالي ۾ مان ڪهاڻي موڪلي هئي، اهور
سالو ته اڄ ضرور آيو هوندو، اهو سوچي مان رسالو
خريد ڪرڻ لاءِ شهر ڏانهن روانو ٿيس. منهنجي ذهن ۾
انيڪ خيال جنم وٺي رهيا هئا، ته منهنجي ڪهاڻيءَ
شايع ٿي هوندي يا نه....؟
مان ڪيڏي محنت ڪري اها ڪهاڻي لکي هئي ۽ انهي ڪهاڻي
تي ٻه درجن ته صرف پنا خراب ڪيا هيم، پوءِ به اڃا
شايع نه ٿيندي، خدا صرف هن کي ردي جي ٽوڪري کان
محفوظ رکي، پوءِ شايع ٿي ويندي، جيڪڏهن انهي ظالم
جي منهن ۾ اچي وئي ته ڪونه بچندي، اها به ائين
لتاڙي ويندي جيئن ٻن سانن جي ويڙهه ۾ ٻوٽا لتاڙيا
ويندا آهن، انهي ردي جي ٽوڪري جو به خدا ڍؤ ڪري
الائي ڪيترا درجن خط ۽ ڪهاڻيون روز کائيندي آهي،
پر پوءِ به وات کوليو ويٺي هوندي آهي.
يا خدا! منهنجي ڪهاڻي کي انهيءَ ليکي کان
بچائجانءِ.
مان پنهنجو پاڻ کي دلاسو به ڏيئي رهيو هوس ۽ اهو
به خوف هو ته متان منهنجي ڪهاڻي به ردي جي ٽوڪري
جي خوراڪ نه بڻجي وئي هجي.
شهر پهچي مان بڪ اسٽال تي ويس ته منهنجو پنسديده
رسالو سج جيان چمڪي رهيو هو، مان اهو خريد ڪيم ۽
گهر ڏانهن روانو ٿيس، پر رسالي کي کولي نه ڏٺم.
رسالي کي رستي ۾ ان لاءِ نه کوليم ته متان رسالي ۾
ڪهاڻي نه هجي ۽ مان انهي صدمي کان بي هوش ٿي وڃان
ته اسپتال ڪير پهچائيندو؟ جيڪڏهن گهر ۾ هوندس ته
گهٽ ۾ گهٽ اسپتال ته وٺي ويندا. اهو سوچي مان تڪڙا
تڪڙا قدم کڻن لڳس ۽ جڏهن گهر پهتس ته پاڻي جو جڳ
ڀري ويٺس ۽ هڪ ٻه گلاس پاڻي جا پي، پنهنجي ننڍي
ڀاءُ اعجاز کي سڏيم ۽ ان کي اهو چيم ته مان توکي
ان لاءِ گهرايو آهي ته متان رسالي ۾ منهنجي ڪهاڻي
نه هجي ۽ مان انهي صدمي کان بي هوش ٿي وڃان ته جڳ
پاڻي جو منهنجي مٿان هارجانءِ، اهو بي هوشي کان
پوءِ فرسٽ ايڊ آهي.
.ادا“ : تون گهٻراءِ نه.... جيئن ته چيو آهي، ائين
ٿيندو“ منهنجي ننڍي ڀاءُ مون کي تسلي ڏيندي چيو.
پوءِ هي هٿ ۾ پاڻي جو جڳ جهلي بيهي رهيو ۽ مان بسم
الله ڪري رسالي جي سٽاءُ هڪ اک بند ڪري ۽ هڪ اک
کولي ڏٺم، پر ڪٿي به مون کي پنهنجي ڪهاڻي ۽ نالو
نظر نه آيو ۽ وري مان پنهنجي تسليم خاطر ٻي اک
کولي پر ڪٿي ڪهاڻي ۽ نالو هجي ته ظاهر ٿئي، نه هجي
ته ڪٿان ظاهر ٿئي.
اڃا مان همت ڪونه هاري هئي، مون کي اميد هئي ته
ڪهاڻي ضرور شايع ٿيندي، پر جڏهن ظالم ردي جي ٽوڪري
جو خيال اچي ته مون کي پنهنجو پورهيو پاڻي ۾ نظر
اچي.
ڪهاڻي نه ڇپجڻ جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ايترو مون
کي امتحان ۾ فيل ٿيڻ جو به نه ٿيو هو. منهنجي سڄي
جسم ۾ مايوس جي لهر ڊوڙي وئي ۽ مان انهي مايوسي
کان آزاد ٿيڻ لاءِ اکيون مس ٻوٽيم ته منهنجي ننڍي
ڀاءُ اعجاز منهنجي مٿي ۾ زور سان جڳ وهائي ڪڍيو.
منهنجي مٿي کي چڪر آيو، پر پاڻ کي سنڀالي ويس ۽
اعجاز کي چيم ته اڙي نڀاڳا! اهو ڇا ڪيوئي؟ مان
توکي چيو ته جڏهن مان بي هوش ٿي وڃان ته منهنجي
مٿان پاڻي جو جڳ هارجانءِ ۽ تون وري مٿي ۾ جڳ
وهائي ڪڍيو.
ادا! مان سمجهيس ڪونه.... اعجاز معصوميت سان چيو
ڌوڙ پئي منهن ۾....
ٽري وڃ منهنجي اڳيان.... مان ڪاوڙ ۾ اعجاز کي چيو.
اعجاز اهو ٻڌي هليو ويو، پر منهنجي مٿي ۾ اڃا
تائين سور ٿي رهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ سور ته
گهٽ ٿي ويو، پر ڪهاڻي جي ياد اڃا تائين ستائي رهي
هئي، پر پوءِ به مان صبر ڪيم ۽ سوچيم ته اڳين
مهيني ڪهاڻي ضرور شايع ٿيندي ۽ مان مهيني گذرڻ جو
انتظار ڪرڻ لڳس – آخر انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون
۽ مهينو گذري ويو.
مان صبح سوير ئي رسالو وٺڻ لاءِ شهر ڏانهن روانو
ٿيس، شهر پهچي مان بڪ اسٽال تي ويس ته اتي منهنجو
پسنديده رسالو پيو هو، مان رسالو خريد ڪري وري به
رستي ۾ نه کوليو ۽ گهر پهچي پنهنجو پاڻ کي هر صدمي
لاءِ تيار ڪيم ۽ پوءِ ٻئي اکيون ٿوريون کولي رسالي
جي سٽاءُ ڏٺم ته منهنجي خوشي جي ڪا انتها نه هئي،
ڇاڪاڻ جو منهنجو نالو سٽاءُ ۾ هيو وري مان پڪ ڪرڻ
لاءِ پنهنجي منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هنيا. ان لاءِ
متان ڪو خواب ته نه ڏسي رهيو آهيان، ۽ وري غور سان
سٽاءَ ۾ ڏٺم ته واقعي منهنجو نالو هيو. پوءِ ته
مان خوشي ۾ نه پئي ماپيس، مان سوچيو ته اها
خوشبخري پنهنجي دوستن کي ٻڌايان ۽ اهو سوچي مان
ڪهاڻي نه پڙهي ۽ صرف سٽاءُ ڏسي اها خبر پنهنجي
دوستن کي ٻڌائڻ لاءِ گهر
کان ٻاهر ويس
۽ هر هڪ دوست جي گهر وڃي اها خبر ٻڌايم ته منهنجي
ڪهاڻي شايع ٿي وئي آهي، جڏهن سڀني دوستن اها خبر
ٻڌي ته سڀني چيو ته مٺائي کاراءِ ۽ رسالو ڏيکار ته
ڪهاڻي پڙهون. مان چيو ته توهان سڀاڻي صبح جو سوير
اسڪول اچجو اتي توهان کي مٺائي به کارائيندس ۽
ڪهاڻي به پڙهائيندس.
پر هڪ واعدو تون اسان سان ڪر... سڀني دوستن چيو.
مان انهن کان پڇيو ته ڪهرو واعد....؟
تون اسان سان اهو واعدو ڪر ته تون اسان کان اڳ
ڪهاڻي نه پڙهندين. سڀني دوستن مون کي چيو. |