رابيلا جو اسٽار ”جمناڻي“ آهي، سندس بابا سائين،
اياز عالم سنڌ جو نامور ناٽڪ ڪار آهي. 1985ع ۾
سندس ڊاڪيومنتري ”ميربحر“ کي مغربي جرمني ۾ اسڪريپ
تي پهريون نمبر ڏنو ويو، جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه
چاليهه ٻين ملڪن جون ’ڊاڪيومنٽريز‘ ۾ شامل هيون.
رابيلا جا ڪلاس ۾ پسنديده سبجيڪٽ انگلش ۽ ميٿس
آهن، نصابي سرگرمين کان علاوه رابيلا کي مصوريءَ
مجسمه سازي جو شوق آهي.
هُن پلاسٽسٽين (هڪ قسم جو مواد جنهن سان مجسمه
ٺاهيا ويندا آهن) سان مجسمن ٺاهڻ جي شروعات ڪئي،
مون جڏهن کانئس پُڇيو ته هن مجسمه ڪيئن ٺاهڻ شروع
ڪيا ته رابيلا ٻڌايو:
”بابا جڏهن مون کي پلاسٽسٽين آڻي ڏنو ته سوچڻ لڳم
مون کي ڇا ٺاهڻ کپي....
تڏهن امان چيو، ”رابيلا تون مون کي ڳوٺاڻي مائي
ٺاهي ڏيکاري، جنهن جي ڪڇ ۾ ٻار هُجي.“ ۽ اهڙي ريت
مان مجسمي ٺاهڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ پهريان
ته ٿوري مشڪل ٿي، پر پوءِ مون کان ”مجسمه پاڻ
مرادو ٺهڻ لڳا.“
رابيلا جي ٺاهيل ننڍڙن مگر (ايڪسپريشنز) سان ڀرپور
مجسمن کي ڏسي حيرت کان وڌيڪ هڪ خوشي محسوس ٿئي ٿي،
بلڪل اهڙي خوشي جهڙي ڪنهن ڏند نڪرندڙ ٻار جي چهري
کي ڏسي محسوس ٿيندي آهي، رابيلا هن وقت تائين
ڪيترائي مجسمه ٺاهيا آهن، جيڪي هن مختلف موقعن تي
گهر جي ڀاتين کي گفٽ به ڪيا آهن، ته ڪي اسڪول ۾
ٿيندڙ نمائشن ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ پڻ رکيا ويا آهن.
سندس مجسمن ۾ جديد رنگ نمايان نظر اچي ٿو، جيڪو اڄ
جي مصور ۽ مجسمه ساز جي سڃاڻپ پڻ آهي، رابيلا اڄ
ڪلهه ڳوٺاڻي زندگيءَ تي مشتمل مجسمن جو ڳوٺ اَڏڻ ۾
مصروف آهي، جنهن ۾ وڻ هيٺان پڙهندڙ ٻارڙن کان وٺي
ڍڳا ڪاهي
ويندڙ هاري ۽ رڌڻي ۾ ماني پچائيندڙ عورتون موجود
آهن.
رابيلا مصوري کان سواءِ ٻارن جي ڪتاب پڙهڻ پسند
ڪندي آهي، سائيڪلنگ ڪندي آهي، ٽي وي، ٽي ڪارٽون
فلمون به شوق سان ڏسندي آهي، ڊونلڊ ڊڪ بڪسبني،
گوفي، ۽ ميڪي مائوس، ڪارٽونن ۾ سندس دل گهريا
ڪردار آهن. ”لاين اينڊ ڪنگ“ سندس پسنديده فلم آهي.
گهر ۾ سمورا وڏا توڙي ننڍا رابيلا سان پيار ڪندا
آهن، جو هوُءَ بيحد سٻاجهي ۽ باادب ٻارڙي آهي، هن
کي جنگ کان نفرت آهي، رابيلا کي قلم بندوق کان
وڌيڪ پسند آهي، شايد ان ڪري ئي هوءَ خوابن ۾
بندوقن جي نال ۾ چنبيليءَ جي گل پٽندي ڏسندي اهي،
۽ ٽينڪن جي منهن ۾ ڪبوترن کي اکيرا ٺاهيندي ڏسڻ جي
عادي آهي.
رابيلا جا خوب لطيف سائينءَ جي هن بيت جو تصور
آهن، جنهن ۾ ڀٽ ڌڻي سنڌ جي سُڪار سان گڏ سموري
عالم جي آباد ٿيڻ جي پڻ دُعا گهري آهي.
سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
ساٿيو، اچو ته رابيلا جي معصوم ۽ مقدس خوابن جهڙي
شاهه عبداللطيف رحه جي هن دُعايه بيت ۾ اسان سڀ
شامل ٿي وڃون، جيئن اسان جي هن بيحد پياري ملڪ ۾
هميشه امن جا اُجرا ڪبوتر اُڏندا رهن، ۽ هن ڌرتي
تي رابيلا جهڙا ٻارڙا سدائين مهڪندا ۽ مرڪندا رهن.
(آمين)
تابش بخاري
سال جون موسمون
آيو نومبر ڊسمبر جنوري،
آئي سياري جي آمند وري،
هن موسم ۾ ٿا سيءَ پون،
ٿا ٻار ٻڍا سڀئي تڙڪن،
هاڻ سوئيٽر ڪوٽ نوان وٺبا،
ڪن مفلر ساڻ ٻئي ڍڪبا،
هاڻي سج جو تڙڪو ڀي وڻندو،
۽ صبح جو ٻاهر ٿي پڙهبو،
هاڻي ساڳ ڦريون ڀي جام آهن،
۽ سايون ڀاڄيون عام آهن،
آ ڏينهن ننڍو ۽ رات وڏي،
آرب جي هي سوغات وڏي،
اڌ فيبروري اپريل تائين،
آبهار اپريل تائين،
هن مند جو ٿو انتظار رهي،
شل سال سڄوئي بهار رهي،
هي موسم سڀ لئه آ پياري،
ٿي گلڙن ۾ ٿئي گلزاري،
ٿا گل ڦل موتيا سڀ ٽڙن،
ڪيئن پوپٽ ۽ ٿا ڀؤنر ڦرن.
هر پورهيت هاري خوش ٿئي،
ٿو ان اپائي نان ڏئي
ڏس مئي ۽ جون جولاءِ آگسٽ،
ٿو گرمي ۾ ته ستائي آگسٽ،
اچي نيٺ ويو اونهارو آ،
۽ گرمين جو وريو وارو آ،
وري سنهڙا ڪپڙا پيا وٺڻا،
پهراڻ ڀريل ڀي پيا سبڻا،
ڪو ڏينهن تتي ۾ ڪين رُلي،
ٿو سانجهي کان پوچين ملي،
هن موسم ۾ ٿا مينهن وسن،
ٿر ڪاڇي جا ٿا پٽ پُسن،
۽ ڍنڍون ڍورا ٿا ڀرجن،
پو فصل ڀلا ٿا يار پچن،
ٿي هر هنڌ ڏس هٻڪار ٿئي،
ٿي گهٽي گهٽي گلزار ٿئي،
ڏس سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر،
هي سَرءُ جي آ موسم دلبر،
ٿي ڏينهن جو ٿوري گرمي ٿئي،
۽ رات جو وڻندڙ سردي پئي.
هي گيت ته تابش ٺاهيو آهه،
ڪجهه ٻارن کي سمجهايو آ.
سنڌيڪار: واحد بخش مڱريو
خزاني جي هوا
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ تي هڪ
بادشاهه حڪمراني ڪندو هو، جنهن جا هزارين نوڪر
چاڪر هوندا هئا، بادشاهه تمام گهڻو عدل ۽ انصاف
پسند هو، ۽ سندس رعايا ۾ غريب توڙي امير، امن امان
سان زندگي گذاري رهيا هئا، هن بادشاهه جو هڪ خاص
وزير به هو، جيڪو تمام گهڻو رحمدل ۽ سمجهدار هو.
بادشاهه سلامت جي رعيت ۾ هڪ عورت مائي نوران به
رهندي هئي، جنهن جو مڙس گهڻو اڳ گذاري ويو هو، ۽
کيس صرف هڪ ئي پٽ هو، مڙس جي لاڏاڻي کان پوءِ مائي
نوران بادشاهه سلامت جي چڪي خاني ۾ ملازمت ڪندي
هئي، ۽ سندس پُٽ بادشاهه جو مال وغيره چاريندو هو
۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي ايندو هو، بس ائين ئي ٻنهي
جو وقت پيو گذرندو هو.
مائي نوران جتي جنڊ هلائڻ ويندي هئي، اهو بادشاهه
جي محل جي پٺئين پاسي هڪ وڏو چڪي خانو هو، جتي
نوران وانگر ٻيون به بي شمار غريب ۽ بيواهه عورتون
جنڊ تي اَنُ پيهڻ وارو پورهيو ڪنديون هيون. هڪ طرف
پيٺل اٽي جون ٻوريون ڀري بادشاهه جي محل جي گودام
۾ رکبيون هيون ۽ ٻئي طرف ڪڻڪ جا ڍير لڳل هوندا
هئا، اهڙي طرح سڄو سال جنڊن تي اٽو پيٺو ويندو هو.
جنڊ تي پورهيو ڪرڻ وارين عورتن جي مٿان نظرداري
رکڻ لاءِ هڪ سرڪاري عملدار جي ڊيوٽي هوندي هئي.
جنهن کي اهو اختيار هو ته پنهنجي مرضيءَ سان چڪي
خاني ۾ ڪابه تبديلي ڪري سگهندو هو. هڪ ڏهاڙي
سرڪاري عملدار مائي نوران کي سندس هلائيندڙ جنڊ
تان بدلي ڪري، ٻي جاءِ تي رکيل جنڊ تي ويهاري
ڇڏيو. ويچاري نوران اڳي جيان هينئر به محنت سان ڪم
ڪرڻ لڳي، پر هڪ عجب ٿيو، جو اُن ئي جنڊ تي ويهڻ
سان ئي پنهنجي ڀرسان واري جنڊ تي ويٺل هڪ ساهيڙيءَ
سان چرين جهڙي ڳالهه ڪري وڌو ته ”مان ته پنهنجي پٽ
جو وهانءَ بادشاهه جي ڌيءَ سان ڪرائينديس.“ اها
ڳالهه ٻُڌي سندس ساهيڙي جو مُنهن بادشاهه جي خوف
کان لهي ويو ۽ يڪدم چئي ڏنائينس ته ”آئي نوران تون
وائڙي ته نه ٿي پئي آهين، جو وائڙن وانگر پئي
ڳالهائين، ائين ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جو تنهنجي پٽ
جو وهان ”بادشاهه جي ڌيءَ سان ٿئي، تون ته بادشاهه
جي نوڪرن جي به نوڪرياڻي آهين.“ ”ته ڇا ٿيو پيو“
نوران وڏي فخر سان جواب ڏنو.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مائي نوران جي ڳالهه سڀني عورتن م
هُلي وئي ۽ مايون هڪ ٻيءَ کي چوڻ لڳيون ته ”نوران
ته چري ٿي پئي آهي، ۽ سندس اها ڳالهه ته ڪڏهن به
پوري نه ٿي سگهندي.“
هر هڪ ماڻهو نوران کي سمجهائيندو رهيو ۽ چوندو هو
ته نوران تنهنجي ته مت کسجي وئي آهي، تو ته پنهنجو
عقل ان سان گڏ جنڊ ۾ پيهي ڇڏيو آهي، جي تنهنجي اها
ڳالهه بادشاهه جي ڪنن تي پئي ته هو توکي ڦاهي
ڏياري ڇڏيندو، پر ماڻهن جي اهڙي سمجهاڻين جو نوران
جي ضد تي ڪوبه فرق نه پيو ۽ هو اڃان به وڏي واڪي
اها ڳالهه چوندي رهي.
هڪ ڏينهن ٿيو به ائين جو مائي نوران جي هيءُ ڳالهه
بادشاهه تائين پهچي وئي، بادشاهه اهڙي ڳالهه ٻڌي،
حيران ٿي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي خاص وزير کي سڏائي مائي
نوران کي ڦاهي ڏيارڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيائين، خاص
وزير سمجهدار هو، ۽ بادشاهه جي هر حڪم کي وڏي
سمجهداريءَ سان پورو ڪندو هو، جنهن لاءِ اُن
بادشاهه سلامت کي ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري ته جيئن
جانچ ڪري اصل ڳالهه جي حقيقت معلوم ڪري سگهي، خاص
وزير جي زور ڀرڻ تي بادشاهه سلامت مهلت ڏئي ڇڏي.
ٻئي ڏينهن تي وزير خاص ان سموري معاملي جي حقيقت
معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ چڪي خاني ۾ اچي پهتو ۽ چڪي
خاني جي انچارج کي طلب ڪري، پڇا ڪيائين، ته مائي
نوران ڪهڙي جنڊ تي ڪم ڪندي آهي، چڪين جي انچارج
خاص وزير کي ٻڌايو ته سائين پهرئين نوران سامهون
واري جنڊ تي ان پيهندي هئي، هاڻ ڪجهه ڏينهن کان
کيس بدلي ڪري پريان ڀت جي ڀرسان واري جاءِ تي رکيل
جنڊ تي ويهاريو ويو آهي.
خاص وزير اُها جاءِ ڏسي يڪدم حڪم ڪيو ته مائي
نوران کي پهرئين واري ئي جنڊ تي ويهاريو وڃي، ۽
اڳتي لاءِ ڪڏهن به کيس ٻئي ڪنهن جنڊ تي بدلي نه
ڪيو وڃي، خاص وزير جي حڪم جي تعميل ٿي ۽ مائي
نوران کي ساڳئي جنڊ تي ويهاريو ويو جنهن تي نوران
خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندي رهي.
خاص وزير بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ حاضر ٿيو،
بادشاهه سلامت پڇا ڪيس ته وزير صاحب ڇا ٿيو، اُن
نوران جي ڳالهه جو.
خاص وزير بيهي عرض ڪيو، عالم پناهه اصل ۾ ڳالهه هي
آهي ته مائي نوران جي بدلي ڪري، کيس ڀت جي ڀرسان
واري جاءِ تي رکيل جنڊ تي ويهاريو ويو هو، جيئن ته
اُن جي هيٺان سمورو سرڪاري خزانو پوريل آهي ۽
نوران جي دماغ ۾ آيل فتور جو سڀ کان وڏو ڪارڻ به
اهوئي هو، جو نوران جي دماغ کي خزاني جي هوا اچي
وئي هئي ۽ هو وائڙن وانگر ڳالهيون ڪرڻ لڳي هئي،
هاڻ جڏهن ته نوران کي بدلي ڪري واپس ساڳئي جنڊ تي
وهاريو ويو آهي ته اُتي نوران خاموشي سان پنهنجو
ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي، ۽ هاڻ ڪابه غلط ڳالهه نٿي
ڪري، سندس دماغ هاڻ درست ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ
مان منٿ ٿو ڪريان ته مائي نوران کي معاف ڏئي سندس
زندگي بخشي وڃي.
خاص وزير جو بيان ٻڌي بادشاهه سلامت به ڳالهه جي
تهه تائين پهچي چڪو هو ۽ اُن مائي نوران جي جان
بخشڻ جوحڪم جاري ڪري ڇڏيو.
پيارا ٻارو! دولت جي لالچ ۽ خزاني جي هوا واقع ۾
اهڙي شيءِ آهي جو سڌو ساڌو ماڻهو به پنهنجو پاڻ کي
وساري ڇڏيندو آهي.
غلام محمد غازي
حرڪت
حرڪت ۾ آ برڪت ٻارو،
برڪت آهي رحمت ٻارو،
خاموشي آ موت جو نالو،
جيون تي ڄڻ آهي تالو.
چرپر ٿيندي چاهت ايندي،
چاهت سان ئي راحت ايندي،
هير گهلي ٿي زور لڳي ٿو،
طاقت سان هر بار کڄي ٿو،
حرڪت سان راڪيٽ هلن ٿا،
هير سان گل ڦل ناچ نچن ٿا.
حرڪت ۾ آ چنڊ ستارو،
حرڪت ۾ آ ڌرتي ٻارو.
حرڪت جا ڪي قسم ٿين ٿا،
گردش، لرزش، سڌي چون ٿا.
گئس هزارين سهنج ڏئي ٿو،
ڪم واري هيءَ چيز ٿئي ٿي.
ٻاڦ تي انجڻ ڪم ڪري ٿي،
تيل تي موٽر ڪار ڦري ٿي.
چرپر سچ پچ سڀ ڪجهه ناهي،
سائنس ۾ هي پڙهيو آهي،
حرڪت سان هي جڳ آ قائم
دنيا هوندي آهي دائم.
گل ٽکڙائي
نظم
شهر ۾ هڪڙو چريو آيو،
ٻارن ڪيڏو شور مچايو،
عيدو، پيرو، ميرو، کمون،
لونگ ڪرڙ ۽ گاگو رمون،
ڇولن وارو ڪاڻو ممون،
خوب انهن آ رنگ رچايو،
ڪتن ڪيو آ پاڻ ۾ جهيڙو،
ماڻهن جو آ ٿي پيو ميڙو،
هڪڙو منڊو هڪڙو ٽيڙو،
تن کي يارو ڪنهن نه ڇڏايو،
حاجن شاهه جو ميلو آهي،
هلڻو آهي پيسو ناهي،
پاڻ کي ٺاهي، دل ٿي چاهي،
ماڻهن ڪيڏو سهڻو بنايو.
ٿورو اڳتي ٽکڙ پياري،
داغ عزيز ۽ غازي واري،
جنهن جي مٽي آهي موچاري،
ٿيندو پنهنجو پنڌ سجايو،
گنجو ٽڪر ۽ سنڌو پيارو
تن جو وڻندڙ خوب نظارو،
ڳوٺ پراڻو آهي سارو،
حافظ حامد آهي وسايو،
”گل“ جا لکيل شعر نرالا،
اوڻٽيهين رات جاسي ته اجالا،
دشمن لاءِ تير ۽ ڀالا،
اچوڙي ٻارو گڏجي ڳايون.
اياز چنا
ٻار جي بهتر تربيت
ٻار جو پيدا ٿيڻ هڪ قدرتي عمل آهي، جيڪو پيدا ٿيڻ
سان ئي هٿ پير هڻي پنهنجي خوراڪ خود تلاش ڪري ٿو،
يعني ماءُ اصل کان ئي ٿڃ (کير) جمع ڪري ڇڏيندي
آهي، ٻار ڪافي عرصي تائين ماءُ جي سهاري (ٿڃ) کان
سواءِ زندهه رهي نه سگهندو. ايتري قدر جو پنجن يا
ڇهن مهينن تائين ته سندس هٿ ۾ ايتري به طاقت نه
هوندي آهي، جو هر ڪنهن شيءِ کي کڻي سگهي. اهو
سلسلو ته چند سالن تائين هلندو رهيو ٿو، جيستائين
ٻار کي ڪا سمجهه پوي. اها سمجهه ۽ عقل الله تعالى
جي طرفان هوندي آهي، جيڪا هڪ وڏي نعمت ۽ رحمت
سمجهي وڃي ٿي ۽ ٻي سمجهه ۽ عقل گهر جي ماحول مان
پوي ٿي.
انهي سمجهه ۽ عقل جي مدد سان ٻار ڪيترن ئي تجربن
مان گذري هن معاشري ۾ هڪ سٺو انسان بنجي وڃي ٿو. |