حال احوال
پيارا ٻارؤ، گل ڦل ماهه ڊسمبر جو پرچو اوهان جي
هٿن ۾ آهي، دير سوير اسان اوهان کي سال ۾ 12 ئي
پرچا ڏنا آهن، دير لاءِ جيڪي اسان جون مجبوريون
آهن، اهي اسان لکندا رهيا آهيون، پر ويجهو کان
ڏسڻ، پري کان ٻڌڻ ۾ فرق آهي، ان لاءِ اوهين خط
لکندا آهيو ته توهان رڳو بهانو ٿا ڪريو، پر اها
حقيقت نه آهي، پر ڪي فني مجبوريون ٿي پونديون آهن.
ٻارو، سال 96 اسان کي ڇا ڏنو، ڇا ورتو، اها توهان
سڀني کي خبر آهي، هن سال 96 اسان کان ڪيترائي
پيارا ماڻهو جدا ڪيا، جن جو خال سالن تائين ڀرجي
نه سگهندو، پر ٻارو مايوس ٿيڻ بجاءِ پاڻ ۾ همت
پيدا ڪريو ۽ سال 97 ۾ اها اميد رکون ٿا ته هو اسان
لاءِ سٺو سال ثابت ٿيندو.
ٻارو، مهانگائي وڌي وڃڻ ڪري، ڪاغذ ۽ ٻيو سامان به
وڌيڪ ويو آهي، ان لاءِ نئين سال کان گل ڦل ۾ به
ڪجهه نواڻ هوندي، پر قيمت ٿوري وڌيل هوندي، ايتري
به نه جو اوهان تي بار پوي، پر هينئر ذهني طور
توهين اڳواٽ تيار هجو!
ٻارو، ڊسمبر مهيني کان سيءُ به پنهنجي اوج تي
هوندو، ان لاءِ اوهان سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪپڙي لٽي
پائڻ جو خيال ڪجو. خاص طرح سان گرم ڪپڙا پائي
اسڪول ويندا ڪريو، ۽ رات جو به ٿڌ ۾ ڪيڏانهن اجايو
گهمڻ ڦرڻ کان پاسو ڪريو. گهڻا ٻار سيءُ ۾ به تيز
اسڪوٽر هلائي، جواني جو مظاهرو ڪندا آهن، پر جڏهن
سندن هٿ سيءَ ۾ پارو ٿي ويندا آهن ته پاڻ سنڀالي
نه سگهندا آهن، ۽ اسڪوٽر سوڌو وڃي ڪنهن سان لڳندا
آهن، ٻارو اسڪوٽر يا ٻي سواري هلائڻ ۾ به احتياط
ڪريو، پاڻ کي گرم ڪپڙن سان ڍڪي پوءِ اسڪوٽر وغيره
خيال سان هلائيندا ڪريو. چڱو ٻارو، اميد ته نئين
سال ۾ وري گڏ هونداسين ۽ توهين پنهنجي نئين پرچي
جي نئين سال ۾ سٺي آجيان ڪندا.
اوهان جو چاچا
اڪبر جسڪاڻي
لطيفي لات
ڇاکي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو،
وَٺُ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو،
سُؤکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي،
هي بيت سُر بروو سنڌي جي داستان پهرين جو پهريون
بيت آهي.
سمجهاڻي:
تون ڇاجي لاءِ وڃي ٻين جو ٻانهون ٿئين، الله تعالى
جي بندگي ڪر، جو جهانن جو مالڪ آهي، ۽ اهوئي انسان
سکيو هوندو، جنهن جو نينهن الله سائين سان هوندو.
معنى:
ٻيلي = نوڪر، ڪنجڪ، ڪريم جي = الله تعالى جي بندگي
ڪر. والي= مالڪ. سؤکو= سکيو.
(ڪلياڻ آڏواڻي)
عبد مصطفوي
حضرت لعل شهباز قلندرؒ
سنڌ، اها سڳوري ڌرتي آهي، جنهن جي هر وستي، واهڻ
ڳوٺ ۽ شهر ۾ اهل دل صوفي بزرگن ۽ ڪامل ولين جا
آستانه آهن، حقيقت اها آهي ته اهي آستانه محبت جو
مرڪز آهن ۽ علم و عرفان جو سرچشمو آهن، جتان هر
شخص محبت جون جهوليون ڀري وڃي ٿو ۽ علم و عرفان
سان فيض ياب ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان پوءِ
هتي جيڪو اسلامي تعليمات ڦهلاءُ مليو، سو اهل دل
صوفي بزرگن ۽ ڪامل ولين جي ڪاوشن جو نتيجو آهي،
انهن بزرگن جي تعليم ۽ سهڻي ڪردار کان متاثر ٿي،
ڪيترائي ڀٽڪيل ۽ گمراهه انسان نئين واٽ تي آيا.
اهڙن ڪامل ولين ۽ بزرگن ۾ حضرت عثمان قلندر مروندي
رحه جو نالو روشن ۽ نمايان آهي.
حضرت لعل شهباز قلندر رحه جو اصل نالو عثمان ۽ لقب
شمس الدين هو، پر عام طور تي پاڻ لعل شهباز جي
نالي سان معروف آهن. سندن والد جو نالو سيد ڪبير
الدين هو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ عالم هو.
حضرت عثمان قلندر رحه جي ولادت سن 538هه مطابق
1177ع ۾ آذربائيجان جي شهر مروند ۾ ٿي، مروند شهر
جي نسبت سان پاڻ عثمان مروندي پڻ سڏبا آهن. حضرت
عثمان قلندر رحه پنهنجي شروعاتي تعليم مروند ۾
حاصل ڪئي. پاڻ ستن سالن جي ڄمار ۾ قرآن شريف حفظ
ڪيائون. ان کان علاوه تفسير، حديث، فقه، فلسفه ۽
ادب جو علم پڻ حاصل ڪيائون.
حضرت عثمان قلندر رحه جڏهن بلوغت جي عمر کي پهتا
ته هڪ بزرگ بابا ابراهيم جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندن
مريد ٿيا. هڪ سال جي عرصي کان پوءِ بابا ابراهيم
حضرت عثمان مروندي کي قادريه سلسلي جي خلافت جو
خرقو عطا ڪيو. انهي ساڳي دور ۾ پاڻ سير ۽ سفر ڪندي
ايران، عراق ۽ حجاز ويا، اتان کان پوءِ هندستان
آيا. جتي ڪيترن ئي بزرگن سان ملاقاتون ڪيائون. ۽
شيخ فريد الدين گنج شڪر رحه، شيخ بهاؤالدين ذڪريا
رحه، شيخ جلال الدين بخاري رح ۽ شيخ صدر الدين
عارف جي صحبت مان فيض پرايائون. جڏهن لعل شهباز
ملتان آيا ته ان وقت جي حاڪم سلطان محمد سندن وڏي
عزت افزائي ڪئي. سلطان محمد شهيد جي نالي سان پڻ
سڃاتو وڃي ٿو. هو حضرت عثمان قلندر جو تمام گهڻو
عقيدتمند هو. هن سندن لاءِ هڪ خانقاهه بنائڻ جو
ارادو ڪيو، پر پاڻ اتي رهڻ کان انڪار ڪيائون!
ملتان ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ پاڻ سنڌ طرف سير
ڪندي سيوستان تشريف کڻي ويا. سيوستان سيوهڻ جو
پراڻو نالو آهي، جنهن کي تاريخي اعتبار کان وڏي
اهميت حاصل آهي. بيان ڪيو وڃي ٿو ته ان وقت جي شهر
بت پرستي، شرڪ ۽ برائي ۾ گهيريل هو. حضرت عثمان
قلندر جنهن جاءِ تي رهائش اختيار ڪئي، اهو بدڪاري
۽ برائي جو اڏو هو، پر پاڻ پنهنجن ڪرامتن سان ۽
علم و عرفان جي برڪتن سان ان جڳهه کي هدايت ۽
رهنمائي جو مرڪز بنائي ڇڏيائون. پاڻ سيوهڻ جي
گمراهه ۽ بداخلاق ماڻهن کي نئين واٽ تي آڻڻ لاءِ
تبليغ ۽ پرچار شروع ڪري ڏنائون، جنهن جي نتيجي ۾
ڪيترائي ڀٽڪيل ۽ براين ۾ لت پت ماڻهو سڌي راهه تي
اچي ويا.
حضرت لعل شهباز قلندر رحه پنهنجي زندگي ۾ علم،
عبادت، تبليغ ۽ تقوى کي اختيار ڪري سڀني جي لاءِ
مشعل راهه بڻيا، آخري عمر ۾ پاڻ ترڪ دنيا و مافيها
جي اصول تي زندگي گذاريائون. اڪثر سندن مٿان جذب ۽
سڪر جي ڪيفيت ڇانيل رهندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ
شعر به چوندا هئا، جيڪي اڪثر فارسي زبان ۾ هوندا
هئا.
حضرت لعلا شهباز قلندر سيوهڻ شهر ۾ جيتوڻيڪ ٿورو
عرصو گذاريو، ليڪن انهي عرصي ۾ ڪيترائي مانهو سندن
علم ۽ عمل ذريعي حق جي راهه کان آشنا ٿي ويا، پاڻ
21 شعبان سن 655 هجري ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري
ويا. سندن آخري آرامگاهه سيوهڻ ۾ آهي. جتي سندن
عظيم الشان تاريخي مقبرو آهي، جيڪو هندي، ترڪي
۽ايراني طرزِ تعمير جوسهڻو نمونو آهي. شروع ۾ روضي
مبارڪ جي تعمير سلطان فيروز تغلق جي دؤر ۾ ٿي، ان
کان پوءِ جاني بيگ ۽ شاهه جهان جي زماني ۾ مقبري
جي اضافي مرمت ٿي. سنڌ جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي
پڻ 17 عيسوي سن ۾ مقبري جي تعمير ڪرائي. مزار شريف
۾ هڪ سون جو نقش ٿيل دروازو لڳايو ويو آهي، جيڪو
سنڌ حڪومت اصفهان شهر مان تيار ڪرايو هو. حضرت
عثمان قلندر جو عرس هر سال سندن مزار مبارڪ تي
ٿيندو آهي، جتي سندن عقيدت مند ويجهن ۽ ڏورانهن
علائقن مان اچي سڪ جو سلام پيش ڪن ٿا. سندن روصي
مبارڪ جو گنبذ شهيد ٿي پيو هو، جنهن جي نئين سر
تعمير جو ڪم جاري آهي!
آزاد مير محمد ڪليري
پاڪستان زنده آباد
قائداعظمؒ
سر زمين سنڌ ازل کان عالمن صوفين، درويشن، مفڪرن،
مجاهدن ۽ سياستدانن جي سر زمين رهي آهي، قائداعظم
محمد علي جناح 1876ع ۾ ٺٽي جي ڀرسان جهرڪ شهر ۾ هڪ
واپاري پونجا خان جي گهر ۾ ڄائو، والد چمڙي جي هڪ
فرم ۾ ڀائيوار هو، ان طرح پاڻ هڪ سکئي ستابي گهر ۾
اک کوليائين، ڪراچيءَ ۾ واپار جي نقطئه نظر سان
شروع ۾ کيس گهر ۾ گجراتي تعليم ڏني ويئي.
ان کان پوءِ 4 جولاءِ 1887ع ۾ کيس سنڌ مدرسة
الاسلام ۾ باقاعده داخل ڪرايو ويو، هت چار درجا
پڙهڻ کان پوءِ کيس اسڪول ڇڏڻو پيو، پوءِ هن 16
سالن جي عمر ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو
امتحان پاس ڪيو، سندس پيءُ جي هڪ انگريز دوست
فرينڊرڪ جي صلاح سان بئريسٽريءَ جي ڊگريءَ لاءِ
لنڊن روانو ڪيو ويو، جتي هو هڪ انگريز خاندان سان
گڏ رهيو.
هتي 1895ع تائين رهيو، بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺڻ کان
پوءِ جلد 1896ع ۾ واپس وطن موٽيو.
سنه 1895ع ۾ قائداعظم کي لنڊن ۾ بار جو ميمبر
چونڊيو ويو، ۽ کيس ئي اهو اعزاز هو ته پاڻ سڀني
کان ننڍي عمر جو بئريسٽر ان وقت جو بار جو ميمبر
ٿيو، قائداعظم جڏهن لنڊن کان واپس سنڌ پهتو ته
سندس خاندان جي حالت ابتر هئي، سندس پيءُ جو
ڪاروبار تباهه ٿي چڪو هو سندس معاشي حالت تمام
ڪمزور ٿي چڪي هئي، مجبورن محمد علي جناح ڪراچيءَ
کان لڏي بمبئي آيو ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.
شروع جا ٽي سال کيس ڏاڍا ڏکيا لڳا، ۽ تنگيءَ سان
وقت گذارڻ لڳو پر همت نه هاري پنهنجي مستقل
مزاجيءَ سان پنهنجي وڪالت کي لڳو رهيو.
سنه 1906ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح عملي طرح
سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيو، جا سندس اصلي تمنا
هئي، سندس پهرين ملاقات دادا ڀائي نوروز جي سان ٿي
۽ ان سان گڏ ڪانگريس جي مشهور ڪلڪتي واري تاريخي
جلسي ۾ شامل ٿيو، جنهن ۾ دادا ڀائي هندوستانين
لاءِ خود اختياري حڪومت جو نقشو پيش ڪيو هو، جنهن
۾ قائداعظم وقف علي الا اولاد جي قانون جي موضوع
تي تقرير فرمائي هئي، اها ڪانگريس جي پليٽ فارم
تان سندس پهرين تقرير هئي، جنهن مان جناح جي حوصله
مندي، قانون داني، شجاعت ۽ جرئت دنيا تي ظاهر ٿي
ويئي.
سنه 1907ع ۾ مسلم ليگ جو هڪ اهم اجلاس ڪراچي شهر ۾
ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن ۾ عربي ۽ فارسي علم لاءِ چاهه
پيدا ڪيو ويو. سنه 1910ع ۾ الله آباد ۾ هندو مسلم
اڳواڻن جي هڪ گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي، جنهن جي
صدارت سرويلم ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ هندو ۽ مسلمانن جي
اخلاقي مسئلن تي غور ڪيو ويو. محمد علي جناح هن
ڪانفرنس ۾ تمام سرگرم بهرو ورتو. انهيءَ سال ئي
بمبئي جي مسلمانن کيس پنهنجي طرفان امپيرئل
ليجسليٽو ڪائونسل جو بنا مقابلا ميمبر چونڊيو،
قائداعظم هن ڪائونسل ۾ جنهن قابليت ۽ ذهانت سان
وقف بل پيش ڪيو، تنهن تي هندو، توڙي مسلمانن سندس
قابليت ۽ قانون دانيءَ کي داد ڏيڻ لڳا، مسلمانن تي
پڪو فيصلو ڪيو ته اڳتي سياسي ميدان ۾ محمد علي
جناح ئي سندن رهبر ۽ رهنما رهندو.
سنه 1912ع جي وچ ڌاري مسلمانن جي هڪ ڪانفرنس ڪلڪتي
۾ ٿي، ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ جي بنيادي
اصول ۾ ڪجهه ردوبدل ڪجي، ان لاءِ سر وزير حسين کي
عوام جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، راءِ
معلوم ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ سال جي آخر ۾ مسلم ليگ
جو اجلاس سر آغا خان جي صدارت هيٺ ٿيو ۽ اها ترميم
مسلم ليگ جي اجلاس لکنوءَ ۾ 22 مارچ 1913ع ۾
منظورڪئي ويئي، هن ئي اجلاس کان پوءِ قائداعظم
محمد علي جناح مسلم ليگ ۾ گهري دلچسپي وٺڻ لڳو، ڇو
ته ڪانگريس وانگر هاڻ ”مسلم ليگ“ پڻ انگريزن جي
حڪومت ۾ رهي ڪري، قانوني طرح سان خودمختيار حڪومت
وٺڻ گهري، جا هندوستان جي حالتن پٽاندر هئي.“
حقيقت ۾ اهو سر آغا خان جو مشورو هو، هو انگريزن
جي هر چال ۽ سياست کان واقف هو، ۽ انگريز به سر
آغا خان جي وڏي عزت ڪندا هئا.
مئي 1914ع ۾ هندوستانين جو وفد انگلينڊ روانو ٿيو،
جنهن جو هڪ ميمبر محمد علي جناح به هو، انگلينڊ
روانو ٿيڻ کان اڳ قائداعظم رحه ڪراچي ۽ آگري وارن
ڪانگريس ۽ ليگ جي اجلاسن ۾ تمام واضح ۽ سهڻي نموني
هندونستاني آزاديءَ جو نمونو پيش ڪيو، جو ايترو ته
بامعنى هو خود انگريز جناح جي سياسي فهم ۽ قراست
تي داد ڏيڻ لڳا ۽ لنڊن جي مشهور اخبارن ۾ قائداعظم
جا انٽرويو شايع ٿيڻ لڳا.
سنه 1918ع وارو عرصو وڏو، سياسي بحران وارو عرصو
هو، ڪيتريون ئي تحريڪون پئدا ٿيون، قائداعظم
ڪانگريس جي غلط پاليسين ڪري ان کان دور رهڻ لڳو.
سنه 1920ع ۾ گانڌيءَ (ترڪ موالات) انگريزن جي خلاف
تحريڪ شروع ڪئي، ان لاءِ سياسي رهبرن جو هڪ اجلاس
ٿيو، جنهن ۾ قائداعظم به شامل هو، ليڪن قائداعظم
انهن تجويزن سان متفق نه ٿيو ۽ اهڙي طرح ڪانگريس
کان محمد علي جناح هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
محمد علي جناح شروعات کان ئي هڪ قومي درد رکندڙ
انسان هو، ان ڪري ”ڪانگريس“ ۾ هوندي به ڪڏهن
پنهنجي قوم کي نه وساري ويٺو، عام ماڻهن جي ڀلي
لاءِ سدائين سوچيندور هيو.
هو انگريزن جي وريي جي خلاف هو، هميشه اها خواهش
هيس ته ”مسلمان ۽ هندو پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي ۾ رهن، ته
جيئن انگريزن جي ناپاڪ ارادن کي ختم ڪري سگهجي.“
محمد علي جناح 1937ع ۾ ”مسلم ليگ“ ۾ چونڊن ڪرائڻ
لاءِ هڪ بورڊ قائم ڪيو، جنهن ۾ پنهنجي چٽي ڪاميابي
ڏٺائين، انهي ئي سال هڪ ڀيرو وري ”ڪانگريس“ سان
ٺاهه جون ڳالهيون ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ ڪانگريس
جي حڪومت قائم ٿي، هندن ۾ تعصب وڌندو رهيو ۽
مسلمانن تي ظلم ٿيندا رهيا، هندن جي ڪن جماعتن
مسلمانن لاءِ نفرت ۽ حقارت جو ٻج ڇٽڻ سان گڏوگڏ
مسلمانن کي هندستان مان لوڌي ڪڍڻ جون سازشون ٺاهڻ
لڳا.
هوڏانهن ڪانگريس جي صدر، موتي لعل نهروءَ اهو بيان
جاري ڪيو ته ”هندستان ۾ صرف ٻه ڌريون آهن: ڪانگريس
۽ انگريز ٻين قومن کي انهن مان ڪنهن به قوم سان
ملي ڪم ڪرڻ گهرجي!“ محمد علي جناح، جنهن ان وقت
تائين مسلمانن ۽ هندن ۾ ڀائپيءَ واري فضا قائم
ڪئي، تنهن کي هي ”اعلان“ هڪ قسم جي ”تڙي يا ڌمڪي“
محسوس ٿيو، سو خاموش نه رهي سگهيو ۽ هڪدم بيان
جاري ڪيائين ته ”هندوستان ۾ ٽين ڌر به آهي، جنهن
جو نالو ”مسلمان“ آهي.
سنه 1924ع ۾ قائداعظم رحه وري هڪ دفعو مسلم ليگ جي
پليٽ فارم تي نظر آيو ۽ 1927ع تائين رات ڏينهن جي
اڻ ٿڪ ڪوششن سان مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪيائين، ۽
هڪ پليٽ فارم تي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ کين متحد
ڪري سياسي ميدان تي آندو، ڪانگريسي مسلمانن جي هن
منتشر محاذ کي متحد ڏسي، قائداعظم رحه جي اتحاد جي
تجويز قبول ڪئي، پر ان تي قائم نه رهيا، سنه 1930ع
۾ لنڊن ۾ هڪ گول ميز ڪانفرنس سڏائي وئي، جنهن ۾
سائمن ڪميشن جي پيش ڪيل تجويزن جي ڍانچي ۾ هندستان
لاءِ هڪ نئون دستور پيش ڪري سگهجي. هن ڪانفرنس جو
ڪانگريس بائيڪاٽ ڪيو، ليڪن تنهن هوندي به قائداعظم
سياست کان ڪم وٺي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ليڪن
انگريزن۽ هندن جي چال موجب هي ڪانفرنس ناڪام ٿي
وئي.
4- مارچ سنه 1924ع ۾ حافظ هدايت الله جي صدارت هيٺ
مسلم ليگ جي هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد علي جناح
کي مسلم ليگ جومستقل صدر چونديو ويو.
سنه 1937ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي چونڊن ۾
قائداعظم کي اهو اختيار ڏنو ويو ته هو هڪ
پارليامينٽري بورڊ ٺاهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35
ميمبر هجن، انهيءَ سال عام چونڊون شروع ٿيون ۽
مسلم ليگ کي پارٽي گروپ ٺاهڻ ۾ سٺي ڪاميابي ٿي، هي
سڀ قائداعظم جي سياسي تدبر جو نتيجو هو.
سنه 1938ع ۾ سنڌ پراونشنل مسلم ليگ جو ڪراچيءَ ۾
اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پهريون تقسيم هند جو ريزوليشن
پيش ڪيو ويو. سنه 1940ع جي مارچ ۾ مولانا فضل حق
ليگ جي اجلاس لاهور ريزوليشن پاس ڪرائي، جنهن جي
صدارت قائداعظم ڪئي هئي. ڊسمبر 1945ع ۾ مرڪزي
اسيمبلي جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ قائداعظم جي
هدايتن تي مسلم ليگ پاڪستان جي بنياد تي حصو ورتو
۽ مرڪز ۾ سئو سيڪڙو صوبن ۾ 87 سيڪڙي جي حساب سان
مسلمانن جا ووٽ حاصل ڪيائين.
1946ع جي شروع ۾ قائداعظم هڪ اليڪشن ڪميشن قائم
ڪئي، جنهن جو سيڪريٽري جي الانا هو. ”ڪانگريس کي
سنڌ جي چونڊ جو وڏو انتظار هو، ليڪن سنڌ جي
مسلمانن جي قوت ايماني ڪانگريس جي اميدن تي پاڻي
ڦيري ڇڏيو. جن دولت جي زور تي مسلمانن کي خريد ڪرڻ
گهريو ٿي، ليڪن سنڌي مسلمانن جي ايماني قوت لفظ
اسلام جي عزت رکندي قائداعظم سان وفادار رهيا ۽
مسلم ليگ ڪامياب رهي.
4- مارچ 1947ع تي لارڊ مائونٽ بيٽن هندوستان جو
وائسراءِ ٿي آيو ۽ هندستان کي 1948ع تائين آزادي
ڏيڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيائين. ڪانگريس ۽ هندن پاڪستان
جي سخت مخالفت ڪئي، ليڪن قائداعظم جي سياسي تدبر ۽
فراست کين هر قدم تي عبرتناڪ شڪستون ڏيندي رهي.
آخرڪار 4- جولاءِ سنه 1947ع هندستان تي بل
پارليامينٽ ۾ پيش ٿيو ۽ 25 جولاءِ تي منظور ٿيو ۽
انگلينڊ جي بادشاهه ان تي صحيح ڪئي، ۽ 14 آگسٽ
1947ع تي تمام اختيارات پاڪستان ۽ 15 آگسٽ تي
هندوستان کي ڏنا ويا، ۽ قائداعظم جي اڻ ٿڪ سياسي
جدوجهد سان مملڪت خدا داد پاڪستان دنيا جي افق تي
اڀري آئي ۽ اها مبارڪ ساعت 27 رمضان المبارڪ
22-1365 هجري سنه هو، ۽ دشمن جون سياسي چالون ۽ سڀ
سازشون خاڪ ۾ ملي ويون.
قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو پهريون گورنر
جنرل مقرر ٿيو، گهڻي ڪم سبب سندن صحت ڏاڍي خراب ٿي
وئي، جنهن جي ڪري کين 13 آگسٽ 1948ع تي ڪوئيٽا
ڏانهن آرام لاءِ موڪليو ويو، مگر جيئن ته سندن
طبيعت نه سُڌري تنهنڪري کين واپس ڪراچي آندو ويو ۽
انهي رات ئي 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائون.
سندس مزار ڪراچي ۾ آهي، تجي عاليشان مقبرو ٺهيل
آهي.
جوهر بروهي
سنڌ
سونهن ۽ ساوڪ جو مرڪز مٺڙي ڌرتي سنڌ آ
ڪونڌرن هن ڌرتي خاطر گهوري پنهنجي جند آ
پوري ڪلجڳ ۾ هلي ٿي ڳالهه ڪافي سنڌ جي،
مان لکان ٿو، ٻارڙن لئه جاگرافي سنڌ جي
”لاڙڪاڻو“ ۽ ”ڪراچي“، ”ميرپور“ سهڻو ”سکر“
”حيدرآباد“ ا، ڊويزن پنج پوريون معتبر،
”ڪراچي“ منجهه ضلعا پنج آهن، جوڙيل.
”وچ“، ”اولهه“ ۽ ”ڏکڻ“ اوڀر ملير آهي گڏيل.
ضلعا آهن سونهن ڀريا حد نيرون ڪوٽ جا،
حيدرآباد آ بدين ۽ دادو ٺٽو دادلا.
۽ چون جنهن کي سکر ان ۾ سکر ۽ خيرپور،
گهوٽڪي، نوشهرو ۽ نواب شاهه دل جو سرور،
لاڙڪاڻي ۾ به ضلعو لاڙڪاڻو واهه جو،
جيڪب آباد ۽ شڪارپور شهر آ، وڻراهه جو.
ميرپور آهي ڊويزن خاص آهي، ميرپور،
ٿر، عمرجو ڪوٽ، سانگهڙ، ڏي گهمڻ وڃجي ضرور،
ڄاڻ خاطر ياد رکجن مننهنجا مٺڙا ٻالڪا!
مان لکان ٿو هاڻي ڌرتي سنڌ جا سڀ تعلقا
آ سکر سان روهڙي، عاقل پنو ۽ گهوٽڪي،
۽ اوٻاڙو، خانڳڙهه، ماٿيلو، مرڪز ڏهرڪي.
خيرپور ميرس ۽ گمبٽ، ڪوٽڏيجي، ڪنگري،
فيض گنج، نارو، نيارو ميرواهه جي دلبري.
ڪنڊيارو، مورو، ٺارو شاهه، نوشهرو، مٺو،
يعني سڪرنڊ ساڻ دولتپور، نواب شاهه، مون ڏٺو.
لارڪاڻو، ڏوڪري، قمبر، ۽ ميروخان واهه،
شهر شهدادڪوٽ، وارهه ۽ رتوديرو به اهه.
ٿيو شڪارپور ۽ مديجي يا ڳڙهي ياسين لکي،
ٺل ۽ ڪنڌڪوٽ يا ڪشمور ۽ خيرو جي ڳڙهي،
جيڪب آباد، کپرو، سنجهورو ۽ چمبڙ شهر آ،
ڄام ۽ شهدادپور وٽ سهڻو سانگهڙ شهر آ.
ٽنڊو آدم، ميرپور ۽ جان محمد جو ٽنڊو،
ڪوٽ غلام محمد، عمرڪوٽ، ساماري سندو،
جيمس آباد، ڇاڇرو ۽ ڏيپلو، ننگر، مٺي،
حيدرآباد، هالا، مٽياري، نصرپور، ڪوٽڙي،
ٽنڊو الله يار، محمد خان، جو ٽنڊو به آ،
دادو، ميهڙ، خيرپور، جوهي ۽ سيوهڻ واهوا،
ٿاڻو بولا خان، گهوڙا ٻاري، جاتي سنڌ آ.
ڪيٽي بندر، شاهه بندر، جتي حياتي سنڌ آ.
ميرپور آ ساڪرو ۽ ٻيو بٺورو تعلقو،
مڪلي ڪينجهر لڳ ٺٽو آهي، سدورو تعلقو
۽ ڪراچي سنڌ ۾ ڪل سيڪٽر سڏجن پيا،
ان ڪري هت تعلقن نالا نه ٿا لکجن پيا،
تعلقي ۾ اهه ممبر ”ايم پي اي“ سنڌ جو
هاري، ناري، پورهيت، مزدور جيئي سنڌ جو،
سنڌ جي اولهه ۾ آهي کير ٿر نالي جبل
۽ ڏکڻ ۾ عربي ساگر سنڌ خاطر مورڇل
اتر پاسي آهه سرحد سونهن سان پنجاب جي
آهه اوڀر ٿر کان اڳتي نڊيا واري پٽي
مان فريد آباد ميهڙ ۾ ٿو گهاريان زندگي
ان ڪي جوهر بروهي سنڌ سان آ دل لڳي.
سيد مهراڻ سنڌي
سڀ هڪ آهن
حنيف پنهنجي ڪلاس جو سڀ کان نالائق ڇوڪرو هو، ڪوئي
به ان سان پيار نه ڪندو هو، ان جا استاد به هن کي
پسند نه ڪندا هئا، هن جو ڪوئي به دوست نه هو، هن
جا ڀينر ڀائر به هن سان نفرت ڪندا هئا، صرف ان
لاءِ ته حنيف پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي نسبت معمولي
شڪل و صورت جو هو، هن جا سڀ ڀينر ڀائر سهڻا هئا،
جڏهن ته حنيف ڪارو هو، انهيءَ ڪري ڪلاس جو ڪوئي به
ڇوڪرو حنيف کي دوست ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، شروع
شروع ۾ حنيف هڪ سٺو ڇوڪرو هو، پر جڏهن هن ڏٺو ته
ڪوئي به مون سان پيار نه ٿو ڪري، تڏهن هن پڙهڻ لکڻ
ڇڏي ڏنو ۽ هر وقت سوچيندو رهندو هيو ته خدا مون کي
ايترو بدصورت ڇو بڻايو آهي.
وڏي مشڪل سان ان جا ماءُ پيءُ ڪجهه نه ڪجهه پڙهائي
هن کي پاس ڪرائيندا هئا، جڏهن حنيف اٺين ڪلاس ۾
پهتو ته هڪ ڇوڪرو عارف، حنيف جي ڪلاس ۾ داخلا
ورتي، عارف گهڻو پيارو ڇوڪرو هو. هو گهڻو سمجهدار
هيو، جڏهن هن ڏٺو ته ڪوئي به حنيف کي دوست بنائڻ
پسند نه ٿو ڪري، حالانڪ حنيف تفريح جي وقت اڪيلو
ويندو رهندو هيو، تڏهن عارف کي گهڻو احساس ٿيو ۽
هن حنيف کي دوست بنائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ (ٻي ڀيري)
هڪ ڏينهن جڏهن حنيف اڪيلو ويٺو هيو، عارف ان جي
ويجهو آيو ۽ چيو: حنيف تون سڀ کان اڪيلو ڇو رهندو
آهين.“ ان لاءِ ته مان بدصورت آهيان، ”اڙي نه
بابا! تون ته پيارو ٻار آهين.“ عارف هن کي
سمجهايو، حنيف اها ڳالهه ٻڌي گهڻو حيران ٿيو، هن
کي خاموش ڏسي عارف هن کي چيو ها مان ٺيڪ ٿو چوان،
مان تنهنجو دوست آهيان، تون منهنجو دوست حنيف
حيراني جو اظهار ڪيو، عارف جلدي چيو: ”اڙي ها يار
پوءِ عارف چيو ته واعدو ڪر ته تون دل لڳائي
پڙهيندين ۽ اڳتي اهڙيون ڳالهيون نه ڪندين، حنيف
عارف سان واعدو ڪيو، پوءِهو وڌيڪ دل لڳائي پڙهڻ
لڳو، جڏهن اٺين ڪلاس جي رزلٽ آئي ته حنيف ڪلاس ۾
پهريون نمبر آيو، حنيف گهڻو خوش هيو، عارف ان کي
مبارڪباد ڏني، حنيف چيو اهو سڀ تنهنجي ڪري ٿيو
آهي، ٻئي دوست گهڻا خوش هئا. حنيف اها خوش خبري
تيز تيز قدم کڻي گهرجي، طرف هلڻ لڳو، هن کي يقين
هيو ته هاڻي مون سان ڪوئي به نفرت نه ڪندو.
ط. ع
رابيلا اياز
دنيا اڄ به وڏين شخصيتن جي ڪارنامن سان سائي ستابي
۽ وڻندڙ آهي، اُهي سمورا وڏا انسان هڪ دؤر ۾ ننڍڙا
ٻار به رهيا، پنهنجن گهرن جي اڱڻ ۾ ريڙهيون پائي
پيرڙو پنڌڙو ڪرڻ سکيا، اسڪول ۽ مدرسن جي ورانڊن ۾
پنهنجن هڪ ڪلاسين سان رانديون رونديون کيڏا.
رُسيا، پرچيا به ضرور هوندا، جيئن دنيا جو هر ٻار
پنهنجو ٻاروتڻ گذاريندو آهي.
ساٿيو! ڪوبه ٻالڪ ڄمندو وڏو ماڻهو نه هوندو آهي،
پر وقت ۽ حالتون ان ٻار ۾ جيڪي جذبا پيدا ڪنديون
آهن، اُهي جذبا ئي ان ٻار کي ايندڙ وقت جو وڏو
انسان بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
آئينسٽائين، چيخوف، گارشيا مارڪيز، ليونارڊو
ڊونچي، مائيڪل اينجلو، وان گو، والٽ ڊزني،
شيڪسپيئر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڪالهه جا معصوم
ٻالڪ، بلڪل اوهان جهڙا، اوهان وانگر پر وقت ۽
حالتن پٽاندر ٻاروتڻ گذاري شعور جون سرحدون پار
پئي جواڻيءَ جي ساگر جي عميق ۾ لهي هر نئين ٽهي
لاءِ ڏاهپ ۽ دانائي جا موتي هيرا، نيلم نيرا،
لفظن، رنگن ۽ لڪيرن جي روپ ۾ سموئي اسان سڀين لاءِ
سُوچَ جا نوان دروازا کولي ويا.
دوستو، ٽئگور جو هڪ مشهور نظم ڪجهه هن طرح آهي ته:
”سورج لهندي چيو، منهنجي اُلهڻ کانپوءِ هن ڪائنات
کي ڪير روشن ڪندو، تڏهن هڪ جهوپڙي ۾ ٽمڪندڙ ڏيئي
چيو مان ڪوشش ڪندس.“
هي جي اوهان ننڍڙا ٻار آهيو، بلڪل ان ڏيئي جهڙا
آهيو، جيڪي اڄ پنهنجي ڄمار مطابق قدرت پاران مليل
سمجهه ۽ ڏاهپ سان پنهنجي تعليم سان گڏ ادبي ۽ فني
سرگرمين ۾ حصو وٺو ٿا. سورج جي لهي وڃڻ کان پوءِ
ڏيئي جي روشني مثل آهيو.
اوهان مان ڪيترائي اڄ جا ٽمڪندڙ ڏيئا سڀاڻي جا
روشن سج ٿي اڀرندا.
اچو ته اڄ اهڙي ئي ننڍڙي ڏيئي جي روشن لاٽ سان
اوهان جي سڃاڻپ ڪرايون، جنهن جي ڏات کي ڏسي سندس
روشن مستقبل جو يقين ٿيڻ لڳي ٿو.
رابيلا اياز، مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول ڄامشورو
۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي. |