سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل فيبروري  2025ع

باب:

صفحو:5 

عبدالحئي ڀٽو

ماٿيلو مومل جي ماڙي/گهوٽڪي

ڪردار

پبلڪ اسڪول عادلپور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر مرحوم قاضي حفيظ الرحمان عادلپور جي پوٽي اويس قاضيءَ جو اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ڪردار جي هڪ مهورتي تقريب سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري اديب ۽ دانشور رياض شاهد دايو جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي. جنهن جو مهمان خاص صاحب ڪتاب اويس قاضي هو. جڏهن ته اعزازي مهمان سگا گهوٽڪي جو اڳواڻ رئوف پارس دايو هو.

ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو مرڪزي صدر عبدالحئي ڀٽو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي آڊيٽر اياز لطيف دايو، انگريزي ادب خوبصورت ليکڪ وجيش ڪمار، ناليوارو شاعر ڪرم بوزدار، هارون قاضي، ثناءُالله مهر ۽ صحافي مجاهد ڪلوڙ هئا. هن مهورتي تقريب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر اياز لطيف دايو، علي منصور،محبوب قاضي، عبدالحئي ڀٽو، حامد علي ڪلوڙ، محمد حارف لنڊ، ڪرم بوزدار، سڪندر ڪلوڙ، سارنگ ڪلادي، جابر چاچڙ، آسي عجيب ميمڻ، عبدالوحيد شيخ ڪانڊيرو، ڪلادي طارق قاضي ۽ ٻين پنهنجي نئين نڪور شاعري پيش ڪري، ويٺلن کان خُوب داد حاصل ڪيو. بعد ۾ ڪتاب جي ليکڪ اويس قاضي ڳالهائيندي چيو، ته مان ادبي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ ادرو ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڪردار لکي باقاعده لکڻ جي شروعات ڪئي آهي. ڪتاب ڪردار منظرِ عام  تي آڻڻ ۾ پنهنجي خاندان ۽ هتان جي عالمن ۽ ادبي ساٿين جو سهڪار رهيو ۽ منهنجو اڳتي به ادبي سفر جاري رهندو. آئون ڪوشش ڪري اڳتي به مختلف ٻولين سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ خوبصورت ڪتاب آڻڻ ۾ هِتان جي عالمن ۽ ادبي دوستن کان سهڪار وٺندس. هن ڪوٺايل مهورتي تقريب ۾ رياض شاهد دايو، رئوف پارس دايو، عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو، ته نوجوان ليکڪ اويس قاضي اردو ٻوليءَ  جو ذڪر ڪري پاڻ ملهايو آهي. اويس قاضي جو ڪتاب ڪردار ۾ شامل تحريرون خوبصورت ناياب ۽ ڪارائتيون آهن. جيڪو اڳتي هلي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ويندو. اسان جي نوجوانن کي به اويس وانگر علمي ۽ ادبي دنيا ۾ محنت ڪري اڳتي اچڻو آهي. اسان اُميد ڪريون ٿا، ته هي نوجوان تخليقڪار اويس قاضي اڳتي به لکڻ ۽ پڙهڻ جو سلسلو جاري ساري رکندا. اويس جو هيءُ ڪتاب ڪردار سندس مٽن مائٽن دوستن ۽ اسان لاءِ هڪ اعزاز آهي. هنن وڌيڪ چيو، ته اويس قاضي وڏو خوشنصيب آهي، جو هن کي سٺو ماحول ۽ سُٺا دوست ملڻ سان گڏ علمي ۽ ادبي پرورش ۾ وڏو ٿيو. اويس جو ڪتاب ڪردار اردو ادب ۾ هڪ اضافو آهي. جيڪو خاص ڪري اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ ڪارائتو آهي.

***

ارباب علي عادل چوھاڻ

شڪارپور

ڪتاب نئين اميد تي تبصرو

ٻارن جي مشھور ليکڪ عبدالجبار
عبد جو ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو ڪتابنئين اُميد آڪٽوبر 2023ع ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق راز اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. ڪتاب جو مھاڳ نالي واري  ليکڪ ۽ سيبتي شاعر وحيد محسن جو لکيل آھي. جڏھن ته ليکڪ پاران جي عنوان سان ڪھاڻيڪار جا ٻه اکر ڪتاب ۾ شامل آهن. ان کان پوءِ جملي نَوَ ڪھاڻيون ڪتاب ۾ شامل آهن.

نئين اُميد ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڪھاڻيڪار برساتي سيلاب واري پس منظر جي عڪاسي ڪئي آهي. ڪشف هڪ سُلڇڻي شاگردياڻي آهي، جنھن جي اسڪول ۾ سيلاب کان متاثر ھڪ خاندان جي ڇوڪري ماھنور سان ملاقات ٿئي ٿي. جنھن جو ننڍڙو ڀاءُ خوش محمد ڏاڍو بيمار آھي. جنھن تي ڪشف کي ان تي رحم اچي وڃي ٿو. ڪشف ڊاڪٽر امجد جي نياڻي آھي. جيڪا پنھنجي والد کي ان ٻار جي تپاس ۽ علاج لاءِ وٺي اچي ٿي. ڊاڪٽر امجد جي علاج سان ننڍڙو خوش محمد تندرست ٿي وڃي ٿو. ڪشف ۽ ماھنور ھڪ ٻئي جون سھيليون ٿي وڃن ٿيون. ڪھاڻيءَ ۾ ڪشف جي خاندان جي رحمدلي ڏيکاري وئي آھي ۽ اوکيءَ ويل ٻئي جي ڪم اچڻ جو شعور ملي ٿو. نھايت دلچسپ ڪھاڻي آھي. ٻار اھا ڪھاڻي پڙھي، ان مان نصيحت ضرور حاصل ڪندا.

ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪھاڻيون،گُڏيءَ جي ڇيلڙي، محنت جو صلو، ولڻ مينھن موٽائي، خواھش، جھنگ ۾ جشن، ڪنھن جي دل آزاري نه ڪجي، سچڙو ۽ مستقبل جي معمارن جو واعدو، پڻ نھايت دلچسپ، نصيحت ڀريون ۽ سبق آموز آھن.

64 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل واري ڪتاب جي قيمت (120) رپيا آھي. ھيءُ ڪتاب ٻارن کي پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي لائبريريءَ جي زينت بنائڻ گھرجي.

مانواري ادي السلام عليڪم، اُميد ته اوھان خوش ۽ خيريت سان ھونديون. ادي، الله جي ساراھه ۾ لکيل پنھنجا بيت موڪليا آهن، اُميد ته گُل ڦُل جي ايندڙ پرچي ۾ ھلائي مان مٿانھون ڪندا.

اظهر آزاد مغل

شڪارپور

***

اسلام عليڪم اُميد ته ادي اوهان خيريت سان هونديون. جيئن ته مان هيءُ مختصر مواد پنھنجي پرين پياري دوست ڀاءَ مشاهد حسين عباسي جي متعلق لکي اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهيان. اُميد ته شايع ڪندا ته جيئن ٻيا نوجوان (اسٽوڊنٽ) هن جا حالات زندگي پڙهي ڪري محنت، شوق، جذبي، سان علم حاصل ڪن ۽ هن نوجوان وانگر پنهنجي اُستادن، والدين ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن.

مقبول احمد منظور عباسي

عثمانيه لائبريري چنيهاڻي ڪنڊيارو

***

محترم جناب سب ايڊيٽر رفيق احمد جمالي صاحب السلام عليڪم، اُميد ته اوهان خوش باش هوندا. احوال ته 2024ع سال جي مارچ مھيني ۾ منھنجو مواد ڇپيو. توهان جي مھرباني. اسان سالياني فيس ڪنھن جي نالي تي مني آرڊر ڪري پيسا موڪليون؟ اُميد ته جواب ضرور ڏيندا.

جواب: ادا مئنيجر بڪ اسٽال جي مڪمل ائڊريس هن رسالي جي پهرئين صفحي تي فون نمبر سميت موجود  آهي.

محرم علي شيخ

لاڙڪاڻو

***

محترمه ڀيڻ ايڊيٽر صاحبه: السلام عليڪم ورحمت الله. اُميد ته توهان سڀ ٺيڪ ٺاڪ پنھنجي ڪمن ۾ مصروف هوندا. ماشاءَالله گُل ڦُل رسالو تمام خوبصورت ڪھاڻين، مضمونن، واقعن، اسلامي توڙي سائنسي معلومات، تصويري گيلريءَ جي سونھن سان تمام سٺي انداز ۾ جاري ۽ ساري آهي. محترمه صاحبه، جيئن ته هيءُ گُل ڦُل رسالو اسان جي تعلقي ڪنڊياري ۽ ان جي آس پاس ۾ عثمانيه لائبريري چنيھاڻي جي سنڀاليندڙ معزز ۽ معتبر شخصيت سائين محمد عثمان صاحب جي محنتن ۽ ڪوششن سان هر پڙهندڙ تائين پھچي رهيو آهي. جو نَوَن نَوَن وڏڙن توڙي ٻارڙن ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق ۽ جذبو پيدا ٿي رهيو آهي.

الحمدلله ڪافي وقت کان هيءُ رسالو اسان جو ڀاءُ به گھر آڻيندو آهي. پابنديءَ سان پڙهندا آهيون ۽ ٻيا رسالا به اسان پڙهڻ لاءِ وٺندا آهيون. گھر جي ڪم ڪار کان فارغ ٿي، نماز تلاوت ڪري انھن ئي ماهوار رسالن پڙهڻ ۾ وقت گذرندو آهي. الحمدلله انھن رسالن پڙهڻ سان گھڻو ڪجھه حاصل ڪيو آهي. گُل ڦُل رسالي ۾ اسان جي علائقي جي ڪجھه اسٽوڊنٽ جو مواد به هوندو آهي. ان ڪري منھنجي دل جي تمنا ٿي، ته ڪجھه ته مان به لکان. چڱو وقت پھريان اوهان ڏي مواد موڪليو هو،شعبان ۽ رمضان المبارڪ جي فضيلت اوهان اپريل واري پرچي ۾ شايع ڪيو. اوهان جي مھرباني. هيءُ ٻيو دفعو اوهان جي خدمت ۾ مواد موڪلي رهي آهيان. اُميد ته شايع ڪري همٿ افزائي ڪندا.

گُل ڦُل رسالو سڀن کان آهي سُٺو رسالو،

اسان سڀن جي اکين جو تارو آهي هيءُ رسالو،

سٺيون ڳالھيون ٿو سيکاري اسان کي،

علم جي شمع ٿو ڏيکاري اسان کي.

بسمه بنت منظور علي عباسي

عثمانيه لائبريري چنيهاڻي ڪنڊيارو.


 

لطيفي لات جو نتيجو

جنوري 2025ع جي ماهوار شماري  ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر يمن جي داستان پهرئين جو چوٿون نمبر بيت آهي.

بيت جي سمجھاڻي ۽ مفھوم:

تون ئي منهنجو سڄڻ آهين۽ تون ئي منهنجو حڪيم (حاذق) آهين. منهنجي سڀنين بيمارين جي دوا دارون به تون پاڻ آهين. اي ڏاتار (ڏيندڙ) تون ئي اهي (مرض جون) تڪليفون ڏئين ٿوته وري انهن بيمارن تان تڪليفون لاهڻ وارو به تون پاڻ آهين. اي مالڪ  سائين اهي دوائون (ستيون ڦڪيون) تڏهن ٿيون اثر ۽ فائدو ڪن جڏهن انهن کي تنهنجو اهڙو حڪم ٿئي ٿو.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*قرةالعين سومرو: ڪلاس نائون، پروفيسر محمد هارون سومرو هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ضلع نوشهروفيروز .

*ام حبيبه: ڪلاس ڇهون، مريم ايليمينٽري اسڪول حيدرآباد.

*احمد علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول آراضي سيوهڻ.

*حسنين علي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول هالا نوان.

*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ باغ ڀٽي حيدرآباد.

*ڪونين زهرى: ڪلاس ٻيون، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.

*فيروز علي: ڪلاس نائون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نوان.

*ذوالقرنين لاکو: ڪلاس ڇھون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*احسان سوڍڙو: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا نوان.

*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن دادو.

*ميرب زهرى: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي سيوهڻ.

*عمار علي: ڪلاس پنجون، هادي بخش ڇٽو اسڪول آراضي سيوهڻ.

*آذان علي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول آراضي سيوهڻ.

*حيدر علوي: ڪلاس چوٿون، اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.

*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.

*محمد يعقوب: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بکر جمالي.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
ام حبيبه جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org