



محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور/پنوعاقل
منهنجو پيارو
بابا سائين
منھنجو بابو شاھه محمد ڪنڀر سلطانپور ۾
24
فيبروري
1945ع
تي پيدا ٿيو. پرائمري تعليم
’ميان
جي ابراهيم دايو‘
مرحوم وٽ پڙهيو. پنھنجي ڀائرن ۾ ٽيون نمبر ھو.
پيءُ جي ڪِرت ڪنڀارڪو ڪم ھئي، ته منھنجي والد صاحب
به ننڍپڻ کان ئي ڪنڀارڪو ڪم ڪيو. پنھنجي ڀاءُ محمد
مٺل (وفات
1988ع)
سان گڏ مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاھيندو ھو. پوءِ جدا ٿي ڪم
ڪرڻ لڳو.
1972ع
۾ خميسو خان ڪنڀر جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. کيس
نياڻين ۽ پُٽن جو اولاد ٿيو. ھڪ پٽ به ننڍي ھوندي
فوت ٿي ويو. باقي اسان ٽي ڀائر ۽ ڇھه نياڻيون
آهيون، والد صاحب ڪنڀارڪي ڪم جو ماهر ڪاريگر هو.
سندس ڪاريگري ۽ ٿانوَ ٺاهڻ جي فن ۾ پوري برادريءَ
۾ ڪو مَٽُ ڪونه هو. خاص ڪري اُکري ۽ پاٽ ٺاهڻ جو
فن ۽ هنر کيس خدا طرفان مليل هو. روزانو صبح جو
چار بجي اُٿندو هو ۽ مٽِي کڻي ايندو هو. اڪيلو ئي
مِٽي ڪُٽي، ڇاڻي، ڀِڄائي، مٽيءَ جون چاڻيون مَلَي،
چَڪَ تي ويھي دِلا، مَٽ، پاٽيون، ماٽيون، دليون،
ماٽا، مَٽَ، ڀانڊارا، دکيون، اُکريون، ڪونڊيون،
جھانورا، گنبلا، ڪونڊا ۽ ڍڪڻ ڍڪڻيون ٺاھيندو ھو.
سُڪائيندو به ھو. گڏھه تي جھنگ مان ڪاٺيون ۽ ٽُوٽِ
ميڙي ايندو ھو. ڳوٺ مان پاڻ کڻي ايندو ھو. اڪيلوئي
دُکڻ ۽ گھر مان ڪچا ٿانوَ ڍوئي، آوي ۾ پچائيندو
ھو. ٻه راتيون باهه جي پرگھور لھندو ھو، ته آوي کي
باهه پوري آهي يا گھٽ. اڪيلو آوي مان ٿانوَ کڻي
ڪڏھن گڏھه گاڏي تي ڪڏهن ڪِرائي جي سوزوڪي تي شھر
کڻي وڪڻي ايندو ھو.
ڪجھه ٿانوَ
’آهت‘
تي راڄ ۽ ڳوٺ وارن کي ڏئي ايندو هو. اهي ڇھين
ٻارھين مھيني فصل تي آھت ۾ ڪڻڪ ۽ ساريون ڏيندا
ھئا. ھر سال اسان وٽ
60
کان
70
مڻ ڪڻڪ گڏ ٿيندي ھئي. راڄ وارا مالوند ماڻھو بابا
کي ٿانوَن جي بدلي کير، مکڻ، لسي، گيھه، بصر ۽
شادين خيراتن جي ماني به ڏيندا هئا. بابا سڄو
ڏينھن شام تائين ٺڪرن جو پورھيو ڪندو ھو.
”حديث
نبوي آھي، ته اَلڪاسِبُ حَبيبُ الله“
يعني پورهيت خدا جو دوست آهي. واقعي حلال جو
پورهيو ڪري بابا اسان جو پيٽ پاليندو هو. يقينن
خدا پاڪ کيس قبر ۾ به ان پورهئي جو ثمر ڏنو هوندو.
بابا ڪجھه عرصو آدم شاهه جي ٽڪري سکر ۾ به ڪمايو.
بابا کي
2007ع
۾ دماغي بيماري ٿي،
7
نومبر
2023ع
تي دارالبقا ڏانھن روانو ٿيو. ربّ سائين بابا جا
درجات بلند ڪري.
(آمين)
***
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي
ڪراچي
پريم نگر جا گُل ڦُل
ضلعي خيرپور جي ننڍڙي شھر بوزدار وڏا
ڏانھن سفر ڪبو ته رستي ۾ پريم نگر نالي هڪ تمام
وڏو ۽ سھڻو باغ نظر ايندو. هن شھر ۾ مير ڪرم عليءَ
نالي ھڪ اھڙو امير شخص رھندو ھو، جنھن کي وڻن ۽
ٻوٽن سان تمام گھڻو پيار ھوندو هو. ھن پنھنجي زمين
تي گھر ٺھرايو ته ان جي ڀرسان هڪ وڏو باغ به
لڳايائين. مير ڪرم علي پنھنجي باغ کي وڏي محنت،
پيار ۽ پاٻوھه سان سنواريندو رهندو هو. هو پنھنجي
ان باغ، جنھن جو نالو پريم نگر رکيو هيائين ۽ ان ۾
سدائين نوان نوان ٻوٽا لڳائيندو هو. صفائي ڪندو هو
۽ پاڻي ڏيندو هو. مير واهه مان هڪ ننڍي واهي
پنھنجي باغ لاءِ خاص طور تي ڪڍرائي هئائين، ته
جيئن وڻن ۽ ٻوٽن کي تازو پاڻي ملندو رهي ۽ اهي
ٻارهوئي ساوا سرسبز رهن. ان ڪري ڪيترن ئي ايڪڙن تي
پکڙيل هي باغ هڪ گلدستي وانگر نظر ايندو هو ۽ هر
لنگھندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائيندو هو.
شھر جا ٻارڙا پنھنجي ڪمن ڪارين مان واندا ٿي، سِڌو
پريم نگر ۾ ايندا هئا. اُتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيڏندا
هئا. واهيءَ ۾ وهجندا هئا، وڏا وڏا ۽ معصوم ٽھڪ
ڏيندا هئا ۽ قسمين قسمين آواز ڪڍندا هئا. ڪي ٻار
وري اکٻُوٽ به کيڏندا هئا. جڏهن امتحانن جا ڏينھن
ايندا هئا، ته ٻار پنھنجا نوٽ بڪ ۽ ڪتاب کڻي باغ ۾
ايندا هئا ۽ وڻن جي
ٿڌيءَ
ڇانوَ ۽ گُلن جي خوشبوءِ سان واسيل هوا ۾ وڏا وڏا
ساهه کڻي ڪو ميوو پَٽي کائيندا به ويندا هئا ته
پنھنجو سبق به ياد ڪندا رهندا هئا. جڏهن ٻار
امتحان جي تياريءَ ۾ مصروف هوندا هئا، ته باغ ۾
ٻارن جو آواز گهٽ، پر پکين جون ٻوليون گھڻو گونجڻ
لڳنديون هيون. ڄڻ اهي پکي پُڇندا هجن، ته اي ننڍڙا
شھزادؤ! اڄ توهان ڇو نه ٿا ڳالھايو؟ ٽھڪ ڇو نه ٿا
ڏيو؟ ۽ پوءِ منجھند تائين پکي به اهو سمجھي ٻولڻ
بند ڪندا هئا، ته شايد اهي ٻار ڪو ضروري ڪم ڪري
رهيا آهن.
اهڙيءَ طرح ڏينھن گذرندا رهيا. هڪ ڏينھن ڇا ٿيو
جو، ٻارن جي باغ ۾ کيڏي ڪُڏي وڃڻ کانپوءِ مير ڪرم
علي به گھمندو گھمندو باغ ۾اچي پھتو. کيس پنھنجو
باغ ڏاڍو سھڻو لڳو. تمام گھڻو سرسبز، سائو، ستابو،
ٻوٽا گلن سان ڀريل ۽ وڻ ميون سان ٽمٽار، پرهي ڇا؟
کائنس ڇِرڪ نِڪري ويو. ميري ڇٻر، وڻن تان ميوا
پٽيل ڇِنل گُل ۽ ٽاريون ۽ واهيءَ ڪناري گپ کيس
هڪدم ڪاوڙ اچي وئي. هن سوچيو ته
”جيڪڏهن
اهو سڀ ڪجھه نه هجي ها، ته منھنجو باغ اڃا به
سُھڻو هجي ها. مان هاڻي پنھنجي باغ ۾ ٻارن کي اچڻ
نه ڏيندس. اهي سڀ ڪجھه خراب ڪري ٿا ڇڏين.“
ان ئي وقت مير ڪرم عليءَ ڪنڊيدار تارون گھرائي،
سڄي باغ جي چوڌاري ملازمن هٿان لڳرائي ڇڏيون. ٻئي
ڏينھن جڏهن ٻار آيا ته ٻاهر بورڊ لڳل هو. جنھن تي
لکيل هو،
”اندر
اچڻ منع آهي.“
سڀ ٻار اُداس ٿي واپس موٽي آيا. ان ڏينھن باغ ۾
رڳو پکين جون ٻوليون گونجنديون رهيون. پوءِ هوريان
هوريان خاموشي ڇانئجي وئي. اوچتو مير ڪرم عليءَ
ٻيھر پکين جا آواز گونجندي ٻڌا، ته هو اها تبديلي
ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. هن ڏٺو ته هڪ ننڍڙو ٻارڙو
ڪنھن طرح اندر باغ ۾ گھڙي آيو آهي ۽ گلن کي پنھنجي
معصوم هٿن سان ڇُھي رهيو آهي ۽ گلن کي ڇُھڻ کان
پوءِ هُو ڇٻر تي ڊوڙون پائڻ ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو.
سڀ پکي سندس مٿان اُڏامي رهيا هئا. مير ڪرم عليءَ
ٻار کي دڙڪو ڏنو، ته تون بنا موڪل جي ڪيئن باغ ۾
آيو آهين؟ ٻارڙو ڊڄي ويو. مير ڪرم عليءَ ڪاوڙ مان
دروازي ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ته آئينده هرگز به
باغ ۾ نه اچجانءِ. هاڻي نڪري وڃ هتان ته مار نه
ڪڍانءِ.
ٻارڙو گھٻرائجي ويو. مير ڪرم عليءَ سٽ ڏئي دروازو
کولي ٻار کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. گھٻراهٽ ۾ ٻار وڃي هڪ
پٿر سان لڳو ۽ هيٺ ڪِري پيو. مير ڪرم عليءَ ڪاوڙ
مان دروازو بند ڪرڻ لڳو. ڌڪ لڳڻ ڪري ٻار روئڻ پئي
چاهيو، پر ڊپَ وچان روئي به نه سگھيو. ڳوڙها سندس
اکين جي ڪناري تي پھچي، ڄڻ ته ڄمي ويا. پوءِ هو
اٿيو، منڊڪائيندو ۽ پوئتي مُڙي مُڙي تڪيندو گھر
ڏانھن وڌڻ لڳو. مير ڪرم عليءَ پنھنجا هٿ ڇنڊيا، ڄڻ
باغ کي صاف ڪيو هئائين.
ٻئي ڏينھن باغ ۾ پکين ڪجھه دير تائين ٻوليو ۽ پوءِ
ماٺ ٿي ويا. مير ڪرم علي باغ ۾ آيو ۽ خوش ٿيندي
چيائين،
”آها...!
ڪيترو ته صاف سُٿرو آهي، منھنجو باغ.“
پوءِ هو پنھنجي باغ جو چڪر ڏئي گھر هليو ويو. هو
روزانو باغ کي ڏسندو هيو. کيس باغ ڏاڍو سُھڻو
لڳندو هو، پر هاڻي کيس ڪا کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي هئي.
هڪ ڏينھن هڪ نئين ڳالھه سندس ڄاڻ ۾ اچڻ لڳي. ڇٻر
هاڻي سائي نه رهي هئي، گلاب گھٽ ئي ٿي ٽڙيا ۽ پکي
پکڻ به الائي جي ڪيڏانھن گم ٿي ويا. ڪڏهن ڪڏهن
ڪنھن اَڙئي ٿُڙئي پکيءَ جو آواز آيو ٿي، نه ته
خاموشي ئي خاموشي.
”شايد
سرءُ جي موسم آهي.“
ائين سوچي پاڻ کي دلجاءِ ڏيندو هو، پر سرءُ جي
موسم به گذري وئي. بھار اچي ويو، پر ڇٻر سائي نه
ٿي، گُل نه ٽڙيا، پکي نه موٽيا ۽ باغ جي واهي به
سُڪڻ لڳي.
”اهو
ڇا ٿي ويو منھنجي باغ کي؟ ڪنھن جي نظر ته نه لڳي
پريم نگر کي؟“
هو پريشان ٿي ويو.! باغ جي سُونھن موٽائڻ لاءِ هن
پنھنجي ملازمن سُوڌو روزانو ڏاڍي محنت ڪرڻ شروع
ڪئي. پر باغ جو رنگ ڪونه بدليو.
هڪ ڏينھن مير ڪرم علي اُداس نظرن سان باغ کي
تڪيندو رهيو،
”منھنجي
محنت به باغ ۾ بھار کي موٽائي نه سگھي آهي. افسوس!“
اهو سوچي هو ڇَٻر تان اُٿيو ۽ هڪ وڻ کي ٽيڪ لڳائي
سُمھي پيو. هن هڪ خواب ڏٺو، هن ڏٺو ته اهوئي معصوم
ٻارڙو مُڙي مُڙي باغ کي تڪي رهيو آهي. گھٻراهٽ
وچان ڀڄي به رهيو آهي، پٿر سان ٿاٻڙجي ڪِري رهيو
آهي. سندس اکين ۾ ڳوڙها آهن. اهي ڳوڙها وڏا ٿيڻ
لڳا ۽ پوءِ اهي سڀ ڳوڙها هڪ وڏي ۽ روشن گولي وانگر
ٿي ويا. مير ڪرم عليءَ کي ان روشن گولي ۾ پنھنجو
سر سبز باغ نظر اچڻ لڳو.
”منھنجو
باغ.... منھنجو باغ...“
هن رڙڪئي ۽ پوءِ سندس اک کُلي وئي. هو پگھر ۾ شَل
ٿي ويو هو.
”هي
مان ڇا پئي ڏٺو؟ اُن معصوم ٻارڙي جا ڳوڙها...
منھنجو باغ ان ڪري اُجڙي ويو. جو مان معصوم ٻارڙن
جي دل آزاري ڪئي آهي. مان هاڻي بھار موٽائي
ايندس... هاڻي جو هاڻي...“
ائين چئي هُو ڊوڙندو باغ کان ٻاهر نڪري آيو. ماڻھن
ڏٺو، ته مير ڪرم علي ڪنڊيدار تارون تڙ تڪڙ ۾ هٽائي
رهيو آهي. پوءِ هُو چرين وانگر شھر ڏانھن ڊوڙيو.
سڀني ايندڙ ويندڙ ٻارن کي پيار سان ڏسندو رهيو، پر
سندس نظرن کي اُن ٻار جي ڳولا هئي. جلد ئي هن اُن
ڪِرندڙ ننڍڙي ٻار کي ڳولي ورتو. کيس هنج ۾ کنيائين
۽ پوءِ سڀني ٻارن کي سَڏي پنھنجي باغ ۾ وٺي ويو.
پوءِ ٿورن ئي ڏينھن ۾
’پريم
نگر‘
وري سائو ستابو ٿي ويو.
سال گذري ويا، مير ڪرم علي هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هو.
باغ ۾ ايندڙ ٻارڙا به هاڻي وڏا ٿي چڪا هئا، پر ان
باغ ۾ وري ڪڏهن به سرءُ جي موسم نه آئي، ڇو ته اهو
انسانن کي ۽ معصوم ٻارڙن کي سُک ۽ خوشيون ڏيندو
هو. اهو باغ اڄ به بوزدار وڏا جي ٻاهران موجود
آهي. سچ ته،
”هر
اها شيءِ جيڪا هن دنيا ۾ انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ
آهي، تنهن کي زوال ناهي ايندو.“
ماستر دائود ميمڻ
هالا نوان
ڏاهن جا قول
·ٽن
شين کي هميشه ياد رکو.
جسم، لباس ۽ خيال.
·ٽي
شيون هميشه قابو ۾ رکو.
زبان، نفس ۽ ڪاوڙ.
·ٽن
شين کي هميشه ياد رکو.
موت، احسان ۽ نصيحت.
·ٽي
شيون باقائدگيءَ سان پڙهو.
نماز، درود شريف ۽ قرآن شريف.
·ٽن
شين کي ننڍو نه سمجهو.
فرض، قرض ۽ مرض.
·ٽي
شيون سنڀالي کڻڻ گهرجن.
قدم، قسم ۽ قلم.
·ٽي
شيون انسان کي ذليل ۽ خوار ڪنديون آهن.
چوري، چغلي ۽ ڪوڙ.
·ٽن
ماڻهن جي دعا رد نه ٿيندي آهي.
·روزيدار
جي دعا روزي کولڻ وقت.
·عادل
بادشاهه جي دعا.
·مظلوم
جي دعا.
***
مسڪين جان محمد رند
مقصودو رند/سانگهڙ
ڀوڳ مان
سوڳ
اُستاد ڪلاس ۾ اچڻ سان ئي مون کي اُٿي بيھڻ جو
چيو. مان بغير ڪُجھه چوڻ جي اُٿي بيھي رهان ٿو.
تون هر زور دير سان اسڪول ڇو ايندو آهين؟ مان ڪجھه
دير تائين خاموش ٿي بيٺو ئي رهيُس، ته اُستاد نيٺ
وراڻيو، ته مان توکان ٿو پُڇان، ته تون هر روز
اسڪول ڇو دير سان ايندو آهين. منھنجي دل ۾ اچي ٿو،
ته جي منھنجو اُستاد نه هجي، ته سَت سُريون
ٻڌايانس. چوانس ته تون جو دير سان اچين ٿو. هي
اسڪول تنھنجو خريد ڪيَل آهي ڇا جو جيڏي مھل دل چوي
پيو اچين. پر مان ايئن چوڻ بجاءِ چوانس ٿو، ته اهو
منھنجو گھر جو مسئلو آهي. جيڪو مان ڪنھن کي ٻُڌائڻ
نه ٿو چاهيان. خدارا مون کي مجبور نه ڪر. اُستاد
چوي ٿو، ته توسان ڪوبه گھرو مسئلو ناهي، جيڪو تون
ٻڌائڻ نٿو چاهين. اُها مون کي سڀ خبر آهي. مان
اُستاد اڳيان لاچار مجبور ڪري به ڇا پيو سگھان. ڇو
ته هو ڪھڙو به آ پر آهي، ته اُستاد ئي نه. سو مان
پنھنجي ڪاوڙ کائي وڃان ٿو ۽ صفا نرم لھجي ۾ چوانس
ٿو، ته سائين منھنجو پيءُ مزدور آهي. ان ڪري اسان
جي گھر ۾ تمام گھڻي غربت آهي. سو صبح شام اسان کي
پاڙي وارن جي گھرن مان کنڊ پتي ۽ ڪجھه اٽو يعني
راشن

وارو سامان اوڌارو وٺڻو ٿو پوي. ان لاءِ چانھه ۽
ناشتو ڪجھه دير سان تيار ٿو ٿئي. ان لاءِ ڪجھه دير
ته ضرور ٿيندي نه. اُستاد وراڻيو صفا هوشيار ٿو
بڻجين. بھانا ته ڪو تو کان ٺاهڻ سکي. مون چيو مانس
سائين مون کي رڳو توهان اهو ٻُڌايو، ته توهان چوڻ
ڇا ٿا چاهيو؟ اُستاد چوي ٿو، ته اهوئي ته تون شريف
ڇوڪرين کي رستي ۾ تنگ ڪندو آهين. انھن کي تنگ ڪرڻ
ڇڏي ڏي. مون چيومانس، سائين مون ڪنھن جي ڇوڪرين کي
تنگ ڪيو آهي؟ تنھن تي اُستاد چوي ٿو، ته عائشه
نالي ڪنھن ڇوڪريءَ کي تنگ ڪندو آهين. مان چوانس
ٿو، سائين مون عائشه نالي ڪنھن به ڇوڪريءَ کي تنگ
ناهي ڪيو. اُستاد چوي ٿو، ته توهان ڇا پئا چئو ته
تو عائشه ڏٺي به ناهي. مون چيومانس سائين بلڪل نه.
تنھن تي اُستاد چوي ٿو، ته پوءِ هو تو غزل ۾
نشانيون ڏنيون آهن، اُهي سڀ عائشه ۾ آهن. اڃان به
چوين ٿو، ته مون عائشه ناهي ڏٺي. سائين ها مان وري
به چوندُس، ته مون عائشه ڪڏهن به ناهي ڏٺي.
اُستاد وراڻيو، ڪالھه جڏهن اسڪول کان پنھنجي گهر
وڃي رهيو هوس، ته گس ۾ مون کي ڪنھن ٻُڌايو. سائين
پر ان مان اهو ڪٿي ٿو ظاهر ٿئي، ته....... وري
منھنجي ڳالھه اڌ ۾ ڪٽيندي، اُستاد وراڻيو، ته ڇا
توهان پنھنجي شاعريءَ ۾ مسڪين تخلص ڪم نه آڻيندا
آهيو ۽ ها هن ننڍڙي عمر ۾ هھڙي شاعري. مون کي هاڻ
پڪ ٿي چڪي آهي. مون چيومانس سائين دنيا ۾ جيڪي به
ڇوڪريون آهن، سڀ منھنجي ڀيڻ برابر آهن. اُستاد
ڪاوڙ ۾ اچي چيو، ته تون پنھنجي عزت بچائڻ لاءِ ڪوڙ
پيو هڻين. پر مان توکي نه ڇڏيندس. تون منھنجو
شاگرد ئي ناهين. ائين چوندو رهيو ۽ مون مسڪين کي
ڪُٽيندو ئي رهيو. ڪُٽي ڪُٽي يعني ماري ماري جڏهن
ٿڪجي پيو، ته ڪلاس جي ڪنھن ڪُنڊ مان غلام شبير
اُٿي بيٺو ۽ ايئن چوڻ لڳو، ته سائين مون جيڪا
عائشه واري ڳالھه ڪالھه توهان کي ٻُڌائي هئي سو سڀ
ڪوڙ هو ..... مون سمجھيو ته مسڪين جي ٿورڙي ڪلاس ۾
بيعزتي ٿيندي، مزو اچي ويندو. پر مون کي ڪھڙي خبر،
ته توهان صفا حد ڪراس ڪري ويندؤ! اُستاد شرم وچان
ڪجھه ڪِين ڪُڇيو. ان ويل ئي ڪلاس مان ٻاهر نڪري
ويو ۽ هيڊ ماستر کي ٻُڌائڻ بنا اسڪول ڇڏي هليو
ويو. اڄ ڏينھن تائين مون وري ڪٿي اهو اُستاد ناهي
ڏٺو. هوڏانھن غلام شبير پنھنجي جڳھه تان اُٿي اچي
مون کي ڀاڪر پائي، روئي قرب واري ڪيفيت ۾ نماڻي
آواز سان اهو پڻ چوي ٿو، ته دوست معاف ڪجان اهو سڀ
ڪجھه مذاق ۾ ڪيو آهي. سو مون اُستاد جا ڪنَ ڀريا،
ته منھنجو مطلب، ته جيئن اُستاد ڪلاس ۾ ايندو، ته
مسڪين سان مخاطب ٿيندو ۽ ڪجھه مزو ٿي ويندو. مون
کي ڪھڙي خبر ته منھنجي
”ڀوڳ
مان سوڳ“
ٿي وڃي ٿو. تنھن تي مسڪين چوي ٿو، ته غلام شبير
منھنجي مَنَ ۾ اهڙي ڪابه ڳالھه ناهي، تون منھنجو
دلي دوست آهين. پر هتي ته سڀني پنھنجي وکر جو هوڪو
ڏنو آهي، جيئن تو ۽ اُستاد ڏنو، ائين مسڪين جي
ايتري چوڻ تي غلام شبير جو ڪنڌُ شرم وچان هيٺ ٿي
وڃي ٿو. هو زارو قطار روئڻ لڳي ٿو.
پيارا ٻارؤ! مون مسڪين جي توهان کي گذارش آهي، ته
ڪڏهن به ڪنھن سان اهڙي مذاق ۽ مشڪريون نه ڪريو،
جنھن سان ڪنھن دوست جي دل ڏکي ۽ نه ئي وري ڪڏهن
ڪوڙ به هڻندا ڪريو. جيئن چوندا آهن، ته
”ڪوڙ
جي منھن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو نچُ“. |