سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل فيبروري  2025ع

باب:

صفحو:4 

غلام شبير سھتو

قاضي احمد

چار شهزادا

ھڪڙو ھو بادشاھه جنھن جي عدل ۽ انصاف جي دشمنن ۾ به هاڪ هوندي هئي. کيس چار سھڻا ۽ جوان پُٽ ھئا. جي چارئي سير و شڪار جا ڪوڏيا ۽ گھمڻ ڦرڻ جا شوقين ھوندا ھئا. روز صبح جو گھوڙن تي سوار ٿي نڪرندا ھئا ۽ سڄو ڏينھن شڪار جي پويان گھوڙا ڊوڙائيندا شام ڌاري پنھنجي ماڳ تي موٽي ايندا ھئا.

ھڪڙي ڏينھن شھزادا ٺھي سنڀري گھوڙن تي چڙھي شڪار جي ارادي سان هڪڙي پاسي روانا ٿيا. ھلندي ھلندي ڪنھن رڻ پٽ ۾ اچي پھتا. جتي انھن کي اُڃ ڏاڍو ھلاڪ ڪيو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائون، پر پاسي ۾ ڪابه وسئن واڙي نظر نه آين. ٿورو اڳتي ھليا، ته کين  پريان هڪڙي جھوپڙي ڏسڻ ۾ آئي خيال ڪيائون، ته لاشڪ اُتي ڪو رهي ٿو، سو هڪ ٻئي ۾ صلاح ڪيائون ته خبر نه آهي جھوپڙيءَ وارا ڪھڙو خيال آڻين. تنھن ڪري چڱو ائين ٿيندو ته ھڪڙو ھڪڙو ٿي وڃجي ۽ پاڻي به پي اچجي. اها صلاح بيھاري پھريائين وڏو ڀاءَ جھوپڙيءَ ڏانھن روانو ٿيو. اُتي وڃي سڏ ڪيائين، ته جھوپڙيءَ مان ننڍي نيٽي چوڏھين جي چنڊ جھڙي سُھڻي ڇوڪري نڪري آئي. جنھن پُڇيس ته ادا تون ڪير آهين؟ شھزادي جواب ڏنس ته آئون مسافر آهيان. اُڃ هلاڪ ڪيو اٿم. مھرباني ڪري پاڻيءَ جو ڍُڪ پيئاريم.

ڇوڪريءَ جواب ڏنس ته دنيا ۾ مسافر آهن ٻه، تون الائي ڪھڙو مسافر آهين؟ جي جواب پورو ڏيندين ته پاڻي ملندئي، نه ته پويان پير ڪج. شھزادو پورو جواب ڏئي نه سگھيو. سواءِ پاڻي پيئڻ جي موٽي اچي ڀائرن کي خبر ڪيائين. انھيءَ تي وري ٻيو ڀاءُ جھوپڙيءَ ڏانھن ويو. جھوپڙيءَ جي ٻاھران بيھي ھڪل ڪيائين، ته اي نيڪ مائي مون غريب کي ڀلائي ڪري پاڻي چڪو پيئار.

اهو ٻڌي ساڳي ڇوڪري نڪري آئي ۽ چيائين ته دنيا ۾ غريب آهن ٻه ٻڌاءِ تون ڪھڙو غريب آهين؟ شھزادو جواب ڏئي نه سگھيو، ۽ بنان پاڻي پيئڻ جي واپس موٽي آيو.

وري ٽيون شھزادو ويو ۽ ڇوڪريءَ کي چيائين ته مائي آئون هڪ چور آھيان مھرباني ڪري مون کي پاڻي پيئار. تنھن تي ڇوڪريءَ ھن کي به چيو ته دنيا ۾ چور آهن ٻه، ٻُڌاءِ ته تون ڪھڙو چور آھين؟ شھزادو جواب ڏئي نه سگھيو. اھو به اُڃايل ئي پوئتي موٽي اچي پنھنجي ڀائرن سان مليو.

اھڙي طرح چوٿون شھزادو به جيڪو عمر ۾ ٻين ڀائرن کان ننڍو ھو  اھو به جھوپڙيءَ ڏي پاڻي پيئڻ جي لاءِ ويو. ڇوڪريءَ پُڇيس ته تون ڪير آهين؟ جواب ۾ چيائين ته آئون بيوقوف آهيان. اُتي ڇوڪريءَ چيس ته دنيا ۾ بيوقوف آهن ٻه، ٻُڌاءِ ته تون ڪھڙو بيوقوف آھين؟ ھن شھزادي به ڪو جواب نه ڏنو. جھڙو ويو تھڙو ئي نا اُميد ٿي موٽي آيو.

نيٺ شھزادن ٻي واھه نه ڏسي گھوڙا کڻي پُٺتي ورايا. ھلندا ھلندا آخر اچي پنھنجي ملڪ ۾ پھتا شھزادن جي وڃڻ کان پوءِ جلد ئي ڇوڪريءَ جو مڙس به گھر آيو. ھن جو دروازي وٽ پير ڏٺا سو شڪي ٿيو! نه ڪا ڪيائين پُڇا نه ڳاڇا لاهيندي موچڙو زال تي اچي وسڪارو ڪيائين. زال کي چڱي مار ڪڍي پيرو کڻي اچي بادشاهه جي ملڪ ۾ پھتو ۽ شھزادن جا پيرا کڻي شاھي محل جي دروازي تائين پھچائي بادشاھه کي وڃي دانھن ڏنائين، ته بادشاهه سلامت چار شاهي ڌاڙيل منھنجي گھر ۾ ڌاڙو ھڻي آيا آھن.  مون انھن جا پير کڻي شاھي محل جي اندر ڇڏيا آھن، ھاڻي مھرباني ڪري مون غريب جو ڪو داد فرياد ڪريو. بادشاهه به هن جي ڳالھه ٻُڌي هڪدم حڪم ڪيو ته انھن ڌاڙيلن کي جھلي وڃي سوريءَ تي چاڙھيو. بادشاهه جو حڪم ٻُڌي ڪوٽوال چئني شھزادن کي اچي قابو ڪيو.

سڄي شھر ۾ اھا ڳالھه هُلي وئي ته شھزادن کي اڄ ڦاسي تي چاڙھيو ويندو. ھوڏانھن ڇوڪريءَ کي به اها خبر پئجي ويئي تنھن خيال ڪيو ته اهي ويچارا شھزادا بيگناھه آهن، انھن کي ڪنھن به حالت ۾ بچائڻ گھرجي. اھو خيال ڪري ڪنھن حيلي سان اھا ڇوڪري به اچي بادشاهه جي ڪچھريءَ ۾ پھتي ۽ بادشاھه کي سمورو حال ڪري ٻُڌايائين. انھيءَ تي بادشاھه چئني شھزادن کي پاڻ وٽ گھرايو. جن ساڳيو پاڻي نه پيئارڻ وارو حال بيان ڪيو. بادشاهه ڇوڪريءَ کي چيو ته برابر شھزادا بيگناھه آهن ۽ آئون هنن کي معافي ڏيان ٿو. پر تون ٻُڌاءِ ته دنيا ۾ ٻه مسافر، ٻه غريب، ٻه چور ۽ ٻه بيوقوف ڪھڙا آهن؟

ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ته جيئندا قبلا! هن دنيا ۾ ٻه مسافر آهن، چنڊ ۽ سج. جيڪي ويچارا سدائين مسافري ۾ آهن. ٻه آهن غريب. جيڪي آهن، زمين ۽ ڪنواري ڌيءَ. ڇاڪاڻ ته غريب تي جيڪو بار رکبو سو سھي ويندو. اھڙي طرح زمين به ڪيتري بار جي هوندي، دانھن به نه ڪندي آهي، ۽ ڪنواري نياڻيءَ کي به مائٽ، جيڪو مڙس ڏيندا، سو سواءِ ڪُڇڻ جي کڻي قبوليندي. ٻه آهن چور. هڪ ساههُ ۽ ٻيو عزرائيلعه. چور هميشه لڪي ايندو آهي. اهڙي طرح عزرائيلعه به لڪي ايندو آهي. ٻه آهن بيوقوف هڪڙو پاڻ بادشاهه سلامت ۽ ٻيو منھنجو مڙس. منھنجو مڙس به بنا پُڇا ڳاڇا جي  مون کي مار ڏئي هتي دانھين ٿي آيو ۽ اوھان به ھن جي ڳالھه تي ڳنڍ ٻڌي شھزادن کي کڻي ڦاسي تي چاڙھڻ جو حڪم ڪيو. جيڪڏھن آئون وقت سر نه اچان ها ته هوند هي چارئي بيگناهه سوريءَ تي چڙهي وڃن ها.

بادشاهه ڇوڪريءَ جو اهو سمجھه ڀريو جواب ٻُڌي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪريءَ کي انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.

***

شيوالال ڀيل

درجو نائون/ميرپورخاص

سهي جي سياڻپ

 

ڪنھن جھنگ ۾ ھڪ وحشي شينھن رھندو ھو، جيڪو وڏي بي رحميءَ سان ٻين معصوم جانورن جو شڪار ڪندو ھو. ڪڏھن ڪنھن تازي وياميل ھرڻ کي کائي ويندو ھو ته ڪڏهن وري ڪن تازن ڄاول زيبري جي ٻچن کي! اهڙي خونخوار شينھن کان سڄي جھنگ جا جانور تنگ ھئا. ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي ٻڪر سڀني جانورن کي ساڻ ڪري اچي ھاٿيءَ سان احوال ڪيو ته، آخر هن شينھن جو ڪو ته بِلو ڪجي! هاٿي وٽ جو سڀئي ننڍا وڏا جانور لنگھي ويا ته هن به تڏي جو ڀرم رکندي سڀني کي دلجاءِ ڏني ۽ چيو ته هُو ضرور شينھن سان ان بابت ڳالھائيندو.

پوءِ ٻئي ڏينھن لڙِي شام جو ھاٿي ھمت ڪري شينھن وٽ وڃي نڪتو. شينھن ان وقت آرام فرما ھو پر ھاٿي جي پيرن جي ھڻڪار تي اُٿي کَڙو ٿيو. اي ھاٿي! تو منھنجي آرام ۾ خلل ڇو وِڌو آھي؟ شينھن ڪاوڙ منجھان گجگوڙ ڪندي ھاٿيءَ کي چيو.

ھاٿيءَ پھرين ته انتھائي ادب سان سونڍ وسيلي سلام ورايو ۽ پوءِ صبر ۽ ڌيرج سان وراڻيو، اي جھنگ جا بادشاھه! آئون تو وٽ هڪڙو فرياد کڻي آيو آهيان.“ ”ٻُڌا ڇا ٿيو آهي؟ خير ته آهي؟ شينھن تڪڙي ورندي ڏني. آھي ته خير پر، جي جان جي امان  هجي ته عرض ڪريان؟ هاٿي پھرين شينھن کي چيو.

چئو، ڇا ٿو چوڻ چاھين؟ شينھن پڇيس.

قبلا! اوھان وڏي بيرحميءَ سان معصوم جانورن جو شڪار ٿا ڪريو. ڪجھه ته سوچيندا به ڪريو، هاٿي وراڻيو، ان ڏينھن به اوهان جيڪا هرڻ کائي ڇڏي سا تازي ڄاول ٻار جي ماءُ هئي! هاڻي اسان اُن ٻچڙي کي ڪيئن پاليون؟ ڪھڙي آٿت ڏيون ان کي؟

شينھن کي ڪنھن قدر دل ۾ افسوس ته ٿيو پر هُن ان جو اظھار ھاٿي سان نه ڪيو. شينھن چيو، مان ڇا ڪريان؟ مون کي بُک لڳندي ته آئون شڪار ته ڪندس نه... آئون شينھن آھيان ڊڀ ته ڪونه چرندس!

پر سائين، اوهان ڏسي وائسي ته شڪار ڪريو نه. هاٿيءَ چيو. شينھن ڪي گھڙيون خاموش رهيو ۽ پوءِ وڏو ساهه کڻي هاٿي کي چيائين، ٺيڪ آهي، اڄ کان پوءِ اوهان جانور پاڻ ۾ فيصلو ڪري روز مون ڏي هڪ جانور چونڊي شڪار لاءِ اُماڻيو ته پوءِ آئون ائين بنا سوچي سمجھي شڪار نه ڪندس. شينھن جي ڳالھه هئي، ته ڳري پر هاٿيءَ وٽ ڪو ٻيو چارو ڪونه هو سو هُو ماٺ رهيو. شينھن چيس، اڄ کان پوءِ روز مون ڏانھن ھڪڙو جانور پھچڻ گھرجي. پر وڏو جانور ھجي ته هڪ سان منھنجو پيٽ ڀرجي ويندو پر جيڪڏھن ننڍو ھجي ته پوءِ هڪ نه، ٻه جانور موڪلجو روز.

هاٿي ڪنڌ هيٺ ڪري واپسيءَ جي واٽ ورتي. هاٿي جڏهن واپس آيو ته سڀني جانورن کانئس پڇا ڪئي. ان تي هُن کين سڄي ڳالھه ڪري ٻُڌائي.

هاٿي سڀني جانورن جا وارا ٻَڌا ۽ اهڙي ريت هاڻي جھنگ جا جانور روز ھڪ وڏو يا ٻه ننڍا جانور شينھن ڏي موڪلڻ لڳا. پھرئين ڏينھن ھڪڙي نر ھرڻ جو وارو ھو سو ھن شينھن ڏانھن وڃڻ کان پھرين سڀني جانورن کان روئي موڪلايو. اھڙي ريت ٻئي ڏينھن گدڙ جو وارو ھو سو انھي جي موڪلاڻي به سڀني کي ڏاڍو روئاريو. ٽئين ڏينھن ھڪ ٻڪري ۽ ٻئي سھي جو وارو ھو. ٻڪري ته موڪلائڻ وقت ڏاڍي رُني پر سھي جي اک ۾ ھڪڙو به ڳوڙهو ڪونه هو. سڀني جانورن ڀانيو ته سھو ته وڏو ڪو دلير آهي.

خير، جھنگ جي جانورن کان موڪلائي جڏھن ٻڪري ۽ سھو شينھن ڏانھن وڃڻ لڳا ته رستي تي ٻڪري اُداس ٿيندي سھي کي چيو، ادا سھا! اڄ پنھنجو آخري ڏينھن آهي! ٻڪري جي ڳالھه ٻُڌي سھو مُرڪي پيو ۽ هُن چيو، چري! اڄ ان ظالم شينھن جو آخري ڏينھن سمجھه!

اهو ٻُڌي ٻڪري کي حيراني ٿي. ڳچ پنڌ اڳتي هلي سھي ٻڪريءَ کي چيو، هاڻي تون هتي لڪي ويھه! شينھن ڏانھن آئون پاڻھي ٿو وڃان. اھڙي ريت سھي ٻڪري کي واٽ تي ھڪ پراڻي کوهه جي آسپاس گھاٽي جھنگ ۾ لڪايو ۽ پاڻ وڃي شينھن وٽ پيش پيو.

ھيڪلي ننڍڙي سھي کي پريان کان ايندي ڏسي شينھن ڪاوڙ منجھان رڙ ڪئي، تو مان ته منھنجو هڪڙو گرهه به ڪونه ٿيندو! ٻيو جانور ڪٿي آهي؟ سھو ويجھو آيو ۽ ادب وچان وراڻيو، سائين آئون اڪيلو نه پئي آيس، مون سان گڏ هڪڙي ٻڪري به هئي اوهان جي لاءِ.“ ”ته پوءِ اها ٻڪري ڪيڏانھن وئي؟ شينھن گجگوڙ ڪندي پڇيو.

ھن جھنگ ۾ اوھان جھڙو هڪ ٻيو شينھن به ڪاهي آيو آهي. سھي سياڻپ ڪندي شينھن کي چيو، ٻڪري کي اھو شينھن کائي ويو! آئون به زوري  جان بچائي مس اوهان تائين اچي پھتو آھيان. سھي جي ڳالھه ٻُڌي شينھن ڪاوڙ مان ڳاڙھو ٿي ويو. هن رڙ ڪري پڇيو، ڪٿي آهي اهو شينھن... آئون ان شينھن کي ڇڏيندس ڪونه!

سھي ڪاوڙيل شينھن کي چيو، اھو شينھن ڀر واري پراڻي کوھه جي اندر لڪي ويٺو آهي. اهو ٻُڌي شينھن زور زور سان کُوھه ڏانھن ڊوڙڻ لڳو. شينھن جي پُٺيان سھو به وڏا وڏا ٽِپ ڏيندو پئي آيو. پراڻي کوهه وٽ پھچي مڇريل شينھن جيئن ئي اندر نھاريو ته پاڻيءَ ۾ کيس پاڻ جھڙو ئي مڇريل شينھن نظر آيو. شينھن ڪاوڙ مان حملو ڪرڻ لاءِ جيئن ئي کوھه ۾ ٽِپو ڏنو ته پاڻي ۾ٻُڏي مري ويو. پاڻي ۾ نظر ايندڙ شينھن، شينھن نه هو، اهو ته سندس ئي پاڇو هو.

اهو منظر پويان پھتل سھي ۽ لڪي ويٺل ٻڪري ٻنھي اکين سان ڏٺو ۽ پوءِ اھا خوشخبري ھاٿي سميت ٻين سڀني جھنگ جي جانورن کي وڃي ٻُڌايائون. ان ڏينھن کان پوءِ جھنگ جا جانور خوشي خوشي جھنگ ۾ رهڻ لڳا. کين سھي جي سياڻپ سُک جو ساهه نصيب ڪيو.
 

فقير شان سيوهاڻي

سيوهڻ شريف

صُلح

عرفان ۽ عمران پاڻ ۾ سوٽ آهن ۽ ٻئي هڪڙي ڪلاس ۾ پڙهندا آهن ۽ هڪڙي ئي والدين جي گهر ۾ رهن ٿا. هنن ٻنهين کي پنهنجيون مائرون سنواري اسڪول ۾ موڪلين ٿيون. اڪثر ڪري اُهي پاڻ ۾ رانديڪن تان وڙهندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته هو اسڪول ۾ رسيس ۾ به هڪ ٻئي سان وڙهي پون ٿا. سندن ماءُ پيءُ ٻنهي کي سمجهائن به ٿا، ته اوهان ٻئي پاڻ ۾ سؤٽ آهيو. وڙهڻ سُٺي ڳالهه نه آهي. هينئر اهي ٻئي سؤٽ ٽئين ڪلاس ۾ پڙهن ٿا ۽ اسڪول ۾ پنهنجي پڙهائيءَ تي پڻ ڌيان ڏين ٿا ۽ سندن اُستاد پڻ سندن تعريف ڪندا آهن.

هڪ ڏينهن جيئن ئي هو اسڪول مان واپس آيا، ته سندن ڪتابن جا ٿيلها ڇڳل هئا ۽ هو گهر ۾ روئندا داخل ٿيا. سندن مُنهن تي ڌڪن جا نشان هئا. سندن مائرون پريشان ٿي ويون ۽ هر هڪ ٻار دانهن ڏيڻ لڳو. دراصل موڪل کان پوءِ هو هڪ ٻئي سان وڙهندا پئي آيا ۽ ويڙهه ۾ سندن ٿيلها به ڇڄي پيا هئا. سندن مائرون هڪ ٻئي جو بيان ٻڌي رهيون هيون. ٻئي ڏيرياڻيون هڪ ٻئي سان مخاطب ٿي، ٻارن جو فرياد ٻڌائي رهيون هيون. جيئن ته ٻارن جون مائرون ٻارن تان جهيڙو ڪونه ڪنديون هيون. هنن جو خيال هو ته ٻار وري به پرچي راند روند ۾ لڳي ويندا. اسان ڇو جهيڙو ڪريون. جهيڙي ڪرڻ سان ڪهڙو فائدو. ان تي عرفان ۽ عمران جا والد به پريشان ٿيندا ۽ ڪهڙي خبر ڀائرن ۾ اختلاف پيدا ٿي پون.

اهڙي نموني سان ٻنهي جي مائرن ٻنهي ٻارن کي نصيحتون ڪيون. سُٺا ٻار وڙهندا نه آهن. عرفان ۽ عمران جو پاڻ ۾ صلح ڪرايو ويو. ڀاڪر پارايا ويا ۽ ٻار خوش ٿي ماني کائڻ لڳا.

پيارا ٻارؤ! اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته ٻارن تان جهيڙا ٿي پوندا آهن ۽ ننڍڙي جهيڙي مان وڏا وڏا جهيڙا رخ اختيار ڪري ويندا آهن. ٻار لاشعور هوندا آهن ۽ ضد به ڪندا آهن ۽ وري اها ڳالهه وساري به ڇڏيندا آهن، ته اسين ڇو وڙهياسين ۽ خوامخواهه جو ضد ڇو پيا ڪريون. والدين جو به فرض بنجي ٿو، ته ننڍن ٻارن جي ڪري رنجشون نه رکن. پر انهن کي سمجهائين ۽ سُٺي تربيت ڪن. انهن  کي کائڻ پيئڻ جا آداب، سُٺا لفظ استعمال ڪرڻ ۽ وڏن جي عزت ڪرڻ سيکارين ۽ پاڻ به اولاد اڳيان هڪ اهڙو مثال بنجن جو ٻار به سندن نقش قدم تي هلن. ٻار وڏي جي ڪاپي ڪندو آهي. والدين سُٺا هوندا ته ٻار به سٺو اثر وٺندا. اُستاد به درس و تدريس ڏيڻ مهل شاگرد کي ادب ۽ اخلاق تي به سمجهائين، ته جيئن اُهي معاشري ۾ اُستاد جي به نيڪ نامي جو سبب بنجن. رب تعالى اسان کي سوچ ۽ سمجهه جي توفيق عطا فرمائي (آمين).

 

سرمد عباسي                            (قسط: ٻي)

خانواهڻ/نوشھروفيروز

سپِي،  سارنگ ۽ مَتارو

}ٻاراڻو ناول{

ھنَ کي متاري تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ھئي،  جيڪو اجايو پيو سارنگ ۽ ان جي گھرڀاتين کي تنگ ڪندو ھو. جي متارو مون کي ھٿِ اچي وڃي ته مان کيس ڏاڍا ٺونشا ھڻنديس. ھوءَ پنھنجو پاڻ کي چوندي ھئي.

ھڪَ ڀيري ڪارٽون سيريز سارنگ ۽ متارو جي پَنجاھين قسط ھلڻي ھئي. جيئن ته اھا خاص قسط ھئي، سو اُن جي ھلڻَ جو وقت شام بدران رات جو اٺين وڳي رکيو ويو ھو ۽ اھا قسط، اڌُ ڪلاڪ جي جاءِ تي، پوري ڪلاڪ جي ھئي. انَ ڏينھن ته سِپي ڏاڍي سَرھي (خوش) ھئي.  اسڪول کان اچي ھنَ ماني کاڌي ۽ آرام ڪرڻَ بدران اسڪول مان مليل گھرو ڪم به ڪري ڇڏيو. اصلَ ۾ سپيءَ چاھيو پئي، ته اسڪول جو سمورو ڪم اُڪلائي ڇڏي، ته جيئن سارنگ ۽ متارو ڏسڻَ مھل کيس ڪا ڳڻتي نه ھجي ۽ ھوءَ مزي سان ڪارٽون ڏسي سگھي. سڄو ڏينھن اُڀ تي اڇن ڪارن ڪَڪرن جي اچ وڃ ھلندي رھي، پرَ سَنجھا ٽاڻي (شام جي وقت) ڪارو جُھڙ اچي ويو ۽ سيءُ به سَرس ٿي ويو. سپيءَ جي امڙ جي طبيعت به ٺيڪ ڪونه ھئي. ڪينجھر کي کنگھه زڪام ۽ مٿي ۾ ڏاڍو سُور ٿي پيو ھو. ان ڪري سپيءَ پنھنجي جيجل جي رڌُ پچاءَ ۾ مدد به ڪئي. سج لھڻَ سان ئي ٻنھي گڏجي ماني کاڌي.  سپي، تنھنجي لاءِ ڳاڙھين گجرن جو حلوو به ٺاھيو اَٿم. اھو سامھون ڪپڙي ۾ ويڙھيل ٿانءَ ۾ رکيل آھي. ڪارٽون ڏسڻَ مھلَ کائجانءِ. ڪينجھر مُرڪندي ٻڌايو. امان، اوھان به ته ڪارٽون ڏسنديون نه. اڄ ته پورو ڪلاڪ بابا جِي ڪارٽون سيريز جي قسط ھلندي. ڏاڍو مزو ايندو امان. سپيءَ، ڪينجھر کي ڀاڪر پائيندي چيو.

مون کي زڪام ٿي پيو آھي سپي. مٿي ۾ سُور به آھي سو مان ڪا ٽِڪي ڦَڪي سُمھي رھنديس. ڪارٽون ته مان سڀاڻي انٽرنيٽ تي به ڏسي سگھان ٿي. ڪينجھر، سپيءَ کي نِراڙَ تي مِٺي ڏئي. وراڻيو.  ٺيڪ آھي امان. اوھان ڪمري ۾ ھلي ليٽي پئيءَ ته مان ٻاھريون درُ جانچي اچان، ته صحيح بند آھي يا نه؟ ڪينجھر جي ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏڻَ کان پوءِ ھوءَ ٻاھر اڱڻَ ۾ ھلي آئي. ٽنڊي مھراڻ جي مُند جي حساب سان ھنن جي گھرَ جي ڇتِ ٽِڪُنڊي ۽ اڱڻ صفا ننڍو ھو. اڱڻ ۾ نارنگيءَ جو ھڪ وڻُ به ھو.  ٻاھر کِنوڻ به ٿي رھي ھئي. پَڌرو ھو ته ڏاڍو مِينھن وسڻَ وارو آھي. سپيءَ ڏٺو ته ٻاھريون درُ چڱي نموني بند ھو. ھوءَ تڪڙ ۾ اندر ھالَ ۾ آئي ۽ ان جو درُ به بند ڪري ڇڏيو.

ھالَ ۾ مٿي ٽِڪُنڊي ڇت واري صفحي ڏانھن وڃڻَ لاءِ ھڪ ڏاڪڻ ٺھيل ھئي. ڏاڪڻ وٽ ئي ٻه ٻيا صفحا ھئا. ھالَ ۾ کاٻي پاسي رڌڻو به ھو. جڏھن ته ساڄي پاسي کاڌي کائڻ لاءِ ميزَ ۽ ڪُرسيون ھيون. اتي ئي ھڪ وڏو صوفو ۽ ان جي آڏو ھڪ ننڍي ميز تي اسٽينڊ مٿان ٽي وي پڻ لڳل ھئي. سپي، صفحي ۾ آئي ته سندس امڙ سَوَڙ اوڍي ليٽي پئي ھئي.  امان، اوھان ٽِڪي کاڌي؟ سپيءَ پڇيو.

ھا سپي ڦَڪي ڇڏيم. تون ڀلي وڃي ٽي وي ڏِسُ. ڪارٽون ھلڻ وارو ھوندو. ڪينجھر وراڻيو.

امان اڃان ته ست ٿيا آھن. ڪارٽون ته اٺين وڳي شروع ٿيندو. مان اوھان کي نراڙَ تي بام جو مَھٽو ڏيان ٿي. ان سان اوھان کي سٺي ننڊَ ايندي. سپيءَ چيو ۽ ڀرسان ئي ڪٻاٽَ ۾ رکيل بام جي دَٻِي کڻي آئي.

امان ٻاھر کِنوڻ پئي ٿِئي. لڳي ٿو ته مِينھن وسندو. سپيءَ چِيچَ وسيلي بام جي ذَرِڙي کڻي، ڪينجھر کي نِراڙ تي ھڻندي چيو.

ربّ سائين ڪرم ڪندو سپي. تون به جڏھن ٽي وي ڏسڻَ لاءِ ويھين ته سيءَ کان پنھنجو بچاءُ ڪجانءِ. ڪينجھر وراڻيو.

ھا امان. سيءَ کان بچڻَ لاءِ گرم ٽوپ، جيڪيٽ ۽ بوٽ جوراب پاتا اٿم. برساتي جَبو به آھي. صوفي تي ڪمبل به پيو آھي. مٿان وري اوھان جو ٺاھيل گجرن جو حلوو جو آھي. سيءُ ڪيئن لڳندو امان؟ سپيءَ جي معصوم وراڻي ٻُڌي، ڪينجهر مرڪي پئي ۽ پوءِ اکيون ٻُوٽي سُمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. سپي به ماٺ ڪري ماءُ کي  ڪنھن مھلَ نراڙ تي مَھٽا پئي ڏنا ته ڪنھن مھل ھوريان ھوريان زورَ. ٿوري دير کان پوءِ ڪينجهر کي ننڊَ اچي وئي. ڪينجھر کي سُتل ڏسي، سپي سَرھي ٿي وئي.

منھنجا مِٺڙا ربّ سائين، منھنجي امڙ کي صبح تائين صفا ٺيڪ ڪري ڇڏجانءِ. سپيءَ دل ۾ دعا ڪئي.

اٺَ ٿيڻ ۾ اڃان پنجَ منٽ کن ھئا، جو سپي ھوريان ھوريان، بنا ڪو کڙڪو ڪرڻَ جي ھنڌَ تان ھيٺ لٿي ۽ بُوٽ پائي ھالَ ۾ ھلي آئي. ھالَ جي دريءَ مان مينھن وسڻ جو آواز پئي آيو. اڙي... مِينھن پھچي ويو. جي بجلي بند ٿي وئي ته پوءِ ڪارٽون ڏسڻَ جو مزو به موڪلائي ويندو. سپي ڳڻتيءَ وچان پاڻ سان ڳالهايو.

ٽنڊي مھراڻ ۾ گهڻي ڀاڱي جُهڙ ۽ سيءُ ھوندو ھو. ان ڪري ھتي سولر ايترو ڪم جو ڪونه ھو. ٻيو ته ھتي بجلي به گهٽ بند ٿيندي ھئي.

ٽي ويءَ جو ريموٽ صوفي تي پيو ھو. سپيءَ، بجليءَ جي بورڊ ۾ چارج تي لڳل ٽارچ کنئي ۽ صوفي تي ويھي رھي. ڀرسان ئي رکيل ڪمبل به ھنَ پنھنجي ھنجَ تي رکي ڇڏيو. اڃان ٽي وي ھلايائين ئي مسَ جو ٻاھر ڪَڪرن مان گجگوڙ جو زوردار آواز آيو ۽ بجلي جهٽڪو ڏئي بند ٿي ۽ وري اچي وئي.

اڙي...اڙي ترس مائي بجلي. اڄ ته ايئن نه ڪر. سپيءَ چيو ۽ بلبَ ڏانھن ڏٺائين. ڪجھه دير گذري وئي ۽ بجليءَ ٻيھرَ جھٽڪو ڪونه ڏنو.جڏھن ته ٻاھر مِينھن ويتر تِکو وسڻَ لڳو. جي بجلي بند ٿي وئي، ته پوءِ مون کي به ڪارٽون، سڀاڻي امڙ سان گڏ ڏسڻو پوندو. سپيءَ ڳڻتيءَ وچان پاڻَ سان ڳالهايو.

ھنَ جُبو پائي، ھنجَ ۾ رکيل ڪمبل کڻي بُتَ تي ويڙھيو ۽ ٽي ويءَ ڏانھن ڌيان ڏنائين.ڪارٽون سارنگ ۽ متارو شروع ٿي ويو ھو. سپي ڏاڍي چاھه سان ڪارٽون ڏسڻَ لڳي.

ڪارٽون سيريز ۾ به مينھُن وسي رھيو ھو. ببر شينھن متارو، سارنگ ھرڻ جي ڪڍَ ھو. متاري سياڻپ کان ڪم وٺندي، سارنگَ کي سندس ڌَڻَ کان ڌار ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھاڻي ھُو گجگوڙ جا آواز ڪڍندو، بجليءَ وانگر سارنگ جي پٺيان ڊُڪي رھيو ھو. معصوم سارنگ، جيتوڻيڪ ڏاڍو ڊِنل ھو، پر پوءِ به پنھنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڏاڍي چُستيءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن گُھتون ھڻندو ڀَڄي رھيو ھو.

انھيءَ مھلَ ئي بجلي ٻيھر جھٽڪو ڏئي ھلي وئي ۽ ڪجھه گھڙيون رکي اچي وئي.

ڪٿي ٽي وي نه سَڙي پئي! سپي سڌي ٿي ويھي رھي. ھنَ ريموٽ ڀرسان رکي، ٽارچ ھٿَ ۾ کنئي ۽ وري ٽي وي ڏسڻَ لڳي. سارنگ سموري سگھه سان ڊُڪي رھيو ھو. متارو به لاڳيتو ھنَ جي پويان ھو.

سپيءَ جو ڌيانُ ٽي ويءَ ڏانھن ھو. ھن جي دل تيز تيز ڌڙڪي رھي ھئي. ھاڻي ٽي ويءَ تي ڏيکارجندڙ ڏيکَ موجب، سارنگ ۽ متارو گڏ ڏيکاريا پئي ويا. سارنگ اڳيان ھو ۽ متارو سندس پٺيان. ايئن پئي لڳو، ڄڻ ته سارنگ ڊُڪندو، ٽپَ ڏيندو سِڌو سپيءَ ڏانھن پئي آيو.

سارنگَ، تون مون وٽ اچ. مان ٿي تو کي متاري کان بچايان. جلدي مون وٽ اچ سارنگَ سپيءَ جي واتَ مان پاڻَ مُرادو نڪري ويو. ھڪ ڀيرو وري بجلي بند ٿي وئي.

ھيءَ ته مصيبت ٿي وئي. ڪارٽون ڏسڻ جو  مزو ئي ھليو ويو. سپيءَ پاڻَ سان ڳالهائيندي چيو.

ھوءَ اوسيئڙو ڪرڻ لڳي ته بجلي اچي ۽ ھوءَ ڪارٽون سيريز ڏسي سگهي. پرَ بجلي ڪونه آئي.

سيءُ به چڱو ٿي ويو آھي. ڇو نه امڙ جو ٺھيل گجرن جو حلوو کڻي اچان. متان تيستائين بجلي به اچي وڃي. سپيءَ چُٽڪي وڄائيندي چيو ۽ ٽارچ کڻي رَڌڻي ڏانھن ھلي وئي. ھن جي رڌڻي ۾ ايندي ئي بجلي اچي وئي.

واھه... اچي وئي مائي بجلي. سپيءَ مُرڪندي چيو ۽ ٿُلهي ڪپڙي ۾ ويڙھيل ٿانوَ ڏانھن ھٿ وڌايو. اڃان ھنَ جو ھٿ ڪپڙي تائين مسَ پھتو جو بجلي وري ھلي وئي. بجلي، ويندي ئي اندران ھالَ مان ڪجھه کُڙڪا ٿيا ۽ ڪرسي سُرڻَ جو آواز به آيو. ڄڻُ ته ڪو تڪڙ ۾ ھلندي، ڪرسيءَ سان لڳو ھجي.

سپي ماٺِ ٿي پنھنجي جاءِ تي بيھي رھي.کيس سمجھه ۾ نه آيو ته اھي کڙڪا ڇا جي ڪري ٿيا ھئا؟

(هلندڙ.....)


 

اشتياق احمد                           (قسط: اٺين)

مترجم: مير سردار چنڙ

اله دين جو چراغ

}ٻاراڻو ناول{

ڪا ٻي ڳالھه آھي.... بھرحال مان معافي جو طلبگار آھيان.

ھووون! ھاڻ ڌيان سان ٻُڌ. توکي اسان جي لاءِ ھڪ مسواڙي جاءِ ڳولا ڪرڻي آ. سڄي شھر ۾ ڪنهن به جاءِ تي؟ جن پڇيو.

ھا! جتي به ملي. پر مسواڙ سؤ روپين کان وڌيڪ نه ھجي. جي بلڪل ٺيڪ ...! ھي ڪم ته اک ڇنڀ جو آ. ڇا توھان اڄ نيرن نه ڪندو؟

ڪنداسين ڇو نه. نيرن حاضر ڪريان؟ نه.... اڄ اسان نيرن پاڻ ئي تيار ڪئي آ ... توکي جيڪو چيو آ اھو ڪري اچ!.جيڪو حڪم منھنجا آقا جن چئي غائب ٿي ويو

گھٽ ۾ گھٽ گھر جو مسئلو ته حل ٿي ويو بابا مان چيو. اڃا ڇا ٿو چئي سگھجي! بابا چيو. ڇو... توھان سمجھو ٿا، جن اھو ڪم نه ڪري سگھندو.

ھوئن ته ھو ھر ڪم ڪري سگھي ٿو، ھن اسان کي لکين روپيا به آڻي ڏنا،نيرن به حاضر ڪئي، پر ڇا اسان انھن ٻنھي ڪمن مان مطئمن ٿي وياسين. انھن ڪمن جي ٻي ڳالھه ھئي، پر گھر جي ڳولا جي الڳ ڳالھه آ...!

اڇا خير ڏسون ٿا. بابا چيو ۽ آفيس ھليو ويو. اسان سڄو ڏينھن جن جو انتظار ڪندا رھياسين، ۽ شام جو ڇھه بجي اھو آيو. ان جي منھن تي ٿڪاوٽ جا آثار نظر اچي رھيا ھئا. تڪڙا ساھه به کڻي رھيو ھو. ڇو.... ڇا ٿيو..... تو ايتري دير ڪئي؟

جنھن ڪم کي مان اک ڇنڀ جو ڪمال سمجھيم اھو ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو. جن شرمندگي مان چيو. ڇا مطلب ! مان حيران ٿيندي چيو.

مان پورو شھر اُٿلائي ڏٺو، پر صرف ٻه يا ٽي گھر مسواڙ وارا نظر آيا ۽ انھن جي مسواڙ به ٽن سون کان گھٽ ناھي. جن ٻڌايو. ٽي سو روپيا... ايتري مسواڙ اسان ڏئي نه سگھنداسين. ٽي سو روپيا ته بابا جي پگھار آھي. توھان ھروڀرو پيسن لاءِ ڳڻتي ڪيو ٿا. مان توھان جي پيرن ۾ دولت جا انبار لڳائي سگھان ٿو.  جيڪڏھن اوھان گرفتاري کان ڊڄو ٿا، ته ٻين شھرن مان کڻي ايندس. ڪيئن بابا؟ ڇا خيال آ. ھا! اھو خيال سُٺو آ. پوءِ ڇو نه اسان پنھجو محل ٺھرائي ڇڏيون.

ھا! ان طريقي سان ممڪن آ. ويري گڊ. اھا ٿي نه ڪم جي ڳالھه.

ھا ته مس..... اڙي نه..... ادا جن صاحب تون ھيئن ڪر جي ڪنھن ٻئي شھر پر ڪنھن پري واري شھر مان اسان کي ٽي لک روپيا آڻي ڏي، ته جيئن اسان پلاٽ خريد ڪري سگھون ۽ پوءِ تون ان تي محل تعمير ڪري ڏي.

ڏاڍو سٺو... ھاڻي منھنجي دل خوش ڪري ڇڏيئي. ڀلا منھنجو آقا ۽ رھي وري مسواڙ جي گھر ۾! مونکي ڏاڍو خراب لڳي پيو. پر مان اوھان جي حڪم اڳيان مجبور ھئس. ھاڻ ڏسجو.... مان توهان کي ڪيئن ٿو عيش ڪرايان. ٺيڪ آ.. تون ھاڻ وڃي سگھين ٿو.. ھا! اھو ٻڌاءِ ڪيتري وقت ۾ ايندين؟ بس... اجھو ويس اجھو آيس ....! اھو چئي ڪري جن گم ٿي ويو.

ڪجھه سيڪنڊن کان پوءِ اسان جي سامھون ھڪ دفعو ٻيھر ميز تي لکين روپين جي نوٽن جون دستيون پيون ھيون ۽ اسان انھن کي اکيون ڦاڙي ڏسي رھيا ھئاسين.....!

گھر ۾ سئنيما

ٻئي ڏينھن پلاٽ خريد ڪيو ويو...! اھو شھر کان ڪجھه قدمن جي مفاصلي تي هو. جِنَ کي گھرائي ٻڌايو ويو، ته پلاٽ ڪھڙي جاءِ تي ورتو ويو آھي ۽ اھو به ته کيس محل تيار ڪرڻو آھي. ٻئي ڏينھن جن چراغ رڳڙڻ بنا ئي حاضر ٿي ويو ۽ اسان کي خوشخبري ٻڌايائين ته محل تيار ٿي ويو آھي.

پوءِ اسان اڄ ئي بلڪه  ھن وقت ئي ڏسڻ ھلنداسين. بابا چيو. ٺيڪ آ... ٽيڪسي ۾ ھلنداسين يا ڪو ٽانگو ڪيون؟ ادا پڇيو.

ھاڻ اسين ٽيڪسي يا ٽانگي ۾ سفر ٿورئي ڪنداسين. بابا فخر مان چيو. ته پوءِ مان پڇيو. ھاڻي اسان وٽ کوڙ پيسا آھن، مان اڄ ئي وڃي ھڪ ڪار خريد ڪري اچان ٿو.

اھو ته صحيح آ، پر ھن وقت ڪيئن ھلبو. ادا پڇيو. ڇو نه اسان جن جي مٿان سفر ڪيون. مان اله دين ۽ ان قسم جي ٻين ڪھاڻين کي ياد ڪندي چيو.

پڇ ان جن کان بابا چيو. جن ادا! اسان سڀني کي محل تائين پھچائي سگھين ٿو؟ مان پڇيو. ڇو نه، اھو به ڪو ڏکيو ڪم آ. ته پوءِ ھلون ؟

اچو... منھنجي ھٿ تي ويھي رھو. جن چيو. تنھنجي ھٿ تي؟ ڇا اسان سڀ تنھنجي ھٿ تي اچي وينداسين. توھان ته منھنجي ھٿ جي ھڪ آڱر تي اچي ويندو. پر! اسان ڪنهن ۾ هٿ  وجھنداسين؟ مان پڇيو. منھنجا وار، ڳڻتي نه ڪريو، اوھان ڪونه ڪرندؤ. تون اورتي ڪر پنھنجو ھٿ، ھيٺ ڪر. جن پنهنجو ھٿ اڱڻ جي فرش تي رکيو. اھو ڪرڻ لاءِ کيس جھڪڻو پيو... ۽ ان وقت اسان سندس مٿو ڏٺو. اھو بادشاهي مسجد جي وچين گُنبذ جيترو وڏو ھو. ۽ ان جا وار ڏاڍا ٿلھا ھئا. ڏسڻ ۾ سنھان سنھان رسا لڳي رھيا ھئا.

ھٿ پوري اڱڻ ۾ ڇانئجي ويو، اسان تڪڙا تڪڙا ان تي چڙھي وياسين ۽ سڀني وارن کي پڪڙي ورتو. سڀ چڙھي ويا. جِنَ پُڇيو؟

ھا جن جو ھٿ مٿي ٿيڻ لڳو ۽ اسان کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ اسان ڪنھن  پينگھي ۾ ويٺل ھجون ۽ پينگھو مٿي اُڏري رھيو آھي. ڏسندي ئي ڏسندي اسان شھر جي وڏي مٿانھين تي اچي وياسين. ان مٿانھين تان شھر جا گھر ننڍڙا ڏسڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ماڻھو ته بلڪل پتڪڙا نظر اچن پيا. ان دوران مان پڇيو، تهڇا تون شھر جي ٻين ماڻھن کي نظر ايندو آھين. بلڪل به نه!

پر منھنجي گھرڀاتين کي ته نظر اچين ٿو. ھا! ان چراغ جي ڪري، اھو چراغ جنھن جاءِ تي موجود ھوندو، ان جي آسپاس ڏھه گزن جي مفاصلي تائين ماڻھو مونکي ڏسي سگھن ٿا.

ھممم..! اسان محل ۾ ڪڏھن پھچنداسين. ھُو ڏس! پريان محل نظر اچي رھيو آھي. مان ھيٺ لھي رھيو آھيان. وارن کي سُڪَ پڪڙيو. اسان سامھون ڏٺو، ھڪ عظيم عاليشان محل اسان جي اکين اڳيان ھو. ھڪ لمحي بعد ئي جن پنھنجو ھٿ محل جي ڇت تي رکيو. ھي اوھان جي محل جي ڇت آ. اسان ان جي ھٿ تان ھيٺ لٿاسين، ڏاڪڻين تان لھندي ھيٺ آياسين، گھمي ڦري سڄو محل ڏٺو. ان ۾  ڪو شڪ ناھي ته محل اسان جي سوچ کان به وڏو ھو. ان اندرکوڙ سارا ڪمرا ھئا. پر اسان اھو ڏسي ڏاڍو مايوس ٿياسين. ڇا ڳالهه آ، اوھان اچانڪ مايوس نظر اچو پيا. جن پڇيو. محل اسان کي پسند نه  آيو. مان چيو.

ڪھڙي گھٽتائي آ، ان ۾. جن ڪاوڙ ڪندي پڇيو.

ھي اڄ کان ٽي ھزار سال پراڻي طرز تي ٺھيل آھي. ھن ۾ اڄ جي دور جي ڪا به شيءِ موجود ناھي. مثال طور، ان ۾ فلش سسٽم ناھي، پاڻي جو موٽر ناھي، واش بيسن ناھي.

اھي ٽئي نالا منھنجي لاءِ بلڪل نوان آھن، منھنجي اڳ انھن سان واسطو ناھي پيو.

پر ھاڻ ڇا ٿو ٿي سگھي؟ جھڙو ٺھڻو ھو سو ٺھي ويو! مان اُداسي مان چيو. نه نه! مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ناھي. اوھان مونکي تفصيل سان ٻڌايو.

مان ان کي ھڪ جديد طرز جي ڪمري جا سڀ تفصيل ٻڌايا. پني تي شين جا نقشا ٺاھي ڏيکاريا ۽ آخر ۾ تنگ ٿيندي چيو.

تون ايئن ڇو نٿو ڪرين، ته شھر جي عظيم عاليشان بنگلن ۾ وڃي ڏسين، ان طريقي سان تون پاڻ ئي سمجھي ويندين، ته اسان ڪنھن ۽ ڪھڙي قسم جو محل چاھيون ٿا!. ۽ اسان واپس ڪيئن وينداسين؟

اچو.... پھريان اوھان کي گھر ڇڏي اچان.ان کي ڊراپ ڪرڻ چئبو آ.... مان جن کي چيو. مطلب ڪنھن کي گھر پھچائڻ تي؟ جن پڇيو. ھا...! ڪنھن به گاڏي مان لاھڻ کي ڊراپ ڪرڻ چئبو آ.

ته اچو... اوھان کي ڊراپ ڪندو وڃان. جن مطلب سمجھندي چيو ۽ اسان کلڻ لڳاسين.

ان کان پوءِ اھو ٻن ڏينھن تائين گم ھو. ان وچ ۾ بابا ڪار جو سودو ڪري ڇڏيو ھو. پر اڃا ڪاھي نه آيو ھو. ڇو ته ھڪ ڪمري واري ان گھر اڳيان ڪار بيھارڻ سان تماشو ٿي سگھي پيو! آخر بيزار ٿيندي ٻئي ڏينھن شام جو بابا چيو، پٽ اھو جن ته تنھنجو آيو ئي ڪونه.

ڪو ڪم ٿي ويو ھوندس ... آخر ھو به جن آھي.... جاندار آ. ھا اھو ته آھي.... پر تون چراغ کي رڳڙي ان کي ڇو نه ٿو گھرائين؟ ڪھڙي ضرورت آھي. خبر چار وٺون ته محل تيار ٿيو يا نه!

جيسيتائين منھنجو خيال آھي ته محل تيار ٿي ويندو ته ھو پاڻ ئي ايندو. مان چيو

ڀلا چراغ رڳڙڻ ۾ ڪھڙي تڪليف آ. نادر ڪاوڙ ڪندي چيو.

اڇا... سڏايان ٿو...........

(هلندڙ......)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org