ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
حيدرآباد
سهڻا سخن
*
آهستي ڳالهائڻ، اکيون هيٺ رکڻ ۽ اعتدال سان هلڻ
ايمان جي نشاني آهي.
*
عقلمند چوندو آهي، ته مون کي ڪا خبر ڪُونهي، جڏهن
ته بيوقوف چوندو آهي، مون کي سڀ معلوم آهي.
*
احساس سان گڏ راحت ناهي، انتقام سان گڏ سرداري
ناهي، بي ادبيءَ سان گڏ بزرگي ناهي.
*
هرڪو مڃي ٿو، ته جلدي يا دير سان هر برائيءَ جي
ڪانه ڪا سزا ضرور ملي ٿي پر عجب اهو آهي، ته اُن
مڃڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ به گناهه ۽ غلطيءَ ڪرڻ کان
بچڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي وڃي ٿي.
(حضرت عثمان غني رضه)
*
چوڻيون ۽ مثال، عقلمندن ۽ عبرت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ
بيان ڪيا ويندا آهن. نادانن کي انهن مان ڪو فائدو
نه ملندو آهي.
*
ماڻهو يتيم اُن کي چوندا آهن، جنهن جو والد حيات
نه هجي پر آئون يتيم ان کي ٿو چوان جنهن علم حاصل
نه ڪيو هجي.
*
جيڪڏهن توهان بادشاهه هجو، تڏهن به پنهنجي والد ۽
استاد جي تعظيم لاءِ اُٿي بيهو.
(حضرت علي عه
ڪرشن
چندر
(قسط:
ٻارهين)
عبدالستار لغاري ٽنڊو الهيار
اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)
ھن بُرج جي ڇت تي ھڪ زنجير لڙڪي رھي ھئي، زنجير ۾
ھڪ پڃرو ٻڌل ھو، پڃري ۾ ھڪ ڪانءُ جي چُھنب ۾ چاندي
جو ڇلو ڦاٿل ھو. بُرج جي فرش تي چوڌاري خوفناڪ
شينھن وات پٽي ويٺا هئا، شھزاديءَ کي ڏسي گجگوڙ
ڪرڻ لڳا. شھزادي لٺ کي ڊڄندي چيو، مٿي اُڏر.
شھزادي ڪجهه سوچڻ لڳي، پوءِ لٺ کي چيائين، مونکي
قلعي جي دروازي تي کڻي ھل. لٺ ھيٺ لھڻ لڳي، جڏھن
قلعي جي دروازي تي پھتي، ته شھزادي پرن تان ھٿ
ھٽائي ڇڏيو، لٺ ھڪدم بيھي رھي، شھزادي ھيٺ لٿي ۽
لٺ کي ھٿ ۾ کڻي ڏاڪڻيون چڙھي قلعي جي دروازي وٽ
آئي، ھن کي دروازو کليل نظر آيو، اندر ھلي وئي ۽
ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين پر ھن کي ڪير به نظر نه
آيو. ڪو آھي ڪو آھي، گنبذ ۾ شھزاديءَ جي آواز جو
پڙاڏو گونجڻ لڳو. شھزادي ڊڄندي ڊڄندي اڳتي وڌي،
وڏي ھال مان ٿي، جڏھن وڏين ڏاڪڻين تي آئي ته ھن
اتي انساني کوپڙيون پيل ڏٺيون. ڏاڪڻين جو مٿانھون
دروازو بند ھو، ھن دروازي کي ڌڪي پر دروازو نه
کليو. ان ڪوشش ۾ لٺ دروازي کي لڳي ته کلي ويو.
شھزادي آھستي آھستي اندر ھلي وئي، ھي عاليشان ڪمرو
ھو، ڇت تي ھيرن ۽ جواھرن جا فانوس لڙڪي رھيا ھئا.
سون جي ڀتين ۾
سونيون ڄاريون لڳل
ھيون، انھن مان روشني اچي رھي ھئي. شھزاديءَ کي
ڪمري ۾ ڪير به نظر نه آيو. ھن رڙ ڪري چيو، ڪير
آهي. ڪير آھي، ڪير آهي شھزاديءَ جو آواز ڪمري ۾
گونجڻ لڳو. ھاھاھا! ڪنھن کي پئي ڳولين، ھاھاھا!
ڪير آھي، اڙي بابا ھتي سڀ آھن، تون اندر اچ.
شھزادي ڊڄندي ڊڄندي دورازي مان اندر ھلي وئي. ھن
ڪمري ۾ سڄو وڻ سون جو ٺھيل ھيو، ان جي ٽارن ۾
جواھر جڳمڳائي رھيا ھئا، سونين ڀتين ۾ سونا تختا
لڳل ھئا، زمين تي مٽي پئي ھئي، ميز، ڪُرسيون،
گلدان، ھر شيءِ سون جي ھئي. ھڪ سونھري بستري تي ھڪ
ڇوڪري سُتل ھئي، ھو وارن کان پيرن تائين سون جي
ٺھيل ھئي، ھو خاموشي سان ستل ھئي. شھزاديءَ ھن کي
اُٿارڻ چاھيو، پر جڏھن ھن کي ھٿ ھنيائين ته ھن کي
وڏي حيرانگي ٿي، ڇو ته ڇوڪري سڄي سوني ھئي. بستري
جي پاسي ۾ ھڪ ڪُرسي پيل ھئي، جنھن تي ھڪ پوڙھو
سُتل ھو. شھزادي رڙ ڪري چيو بابا. پر نه، ھي سندس
پيءُ نه ھو. شھزادي ھڪ قدم اڳتي وڌي، ھن ڏٺو ته
اھو پوڙھو جوھري ھو. شھزاديءَ جوھري جي شڪل ۾ ھڪ
ظالم ماڻھو ڏٺو! جنھن ھن کي نيلام ڪيو ھو. ظالم
ظالم شھزادي رڙيون ڪندي پوئتي ھٽي وئي. پريشان نه
ٿي، ڪو ھن جي ويجھو کلي رھيو ھو. ھي ماڻھو توکي
ڪوبه نقصان نٿو ڏئي سگهي، ھي ته سڄو سون جو ٺھيل
آھي. شھزادي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو، پر هن کي ڪو به
ماڻھو نظر نه آيو. شھزاديءَ رڙ ڪري چيو، تون ڪير
آهين ڪٿي لڪيل آھن، سامھون ڇو نٿو اچين. آئون ھتي
تنھنجي سامھون بيٺو آھيان. ڪٿي؟ شھزاديءَ پڇيو،
ھتي تنھنجي سامھون آواز آيو. پر شھزادي جي سامھون
ڪير به نه ھو. سندس سامھون ھڪ ستار پيل ھئي، جنھن
جي تار پاڻمرادو حرڪت ڪري رھي ھئي. ڇا تون
ڳالھائين ٿي؟ شھزاديءَ حيرت مان پڇيو. ھا آئون
ڳالھائڻ وارو ستار آھيان. پوءِ ھي ڪھڙو معامرو آھي
ڀاءُ؟ ستار کلي ڏنو، ستار به ڀاءُ ٿي سگھي ٿو ڇا،
آئون ته ھڪ بيجان ستار آھيان. پر ھي ڇوڪري ڪير
آھي، شھزاديءَ پڇيو. ھي ڇوڪري ھن پوڙھي جي ڌيءُ
آھي. ھي ته سون جا آھن، ھنن کي ڇا ٿيو آهي؟ ھن
قلعي جي ھر شيءِ سون جي آھي. ڪڪڙيون سون جون آھن ۽
سونا بيضا ڏينديون آهن. ڦوھارا سون جا آھن ۽ سونو
پاڻي اُڇلائيندا آهن. وڻ، گل،پن، ھتي جي ھر شيءِ
سون جي آھي! حيرت انگيز ڳالهه ته اھا آھي، تون ھن
ڪمري جي اندر ماني پچائيندين ته اھا به سون جي ٿي
ويندي. ايئن ڇو آهي؟ شھزادي پڇيو. ھي پوڙھو جيڪو
ڪرسي تي آھليو پيو آهي، ستار چيو، اھو وڏو ظالم
ھو، پارس پٿر ھن جو ايجاد ڪيل آھي. پارس پٿر ڪھڙو
ٿيندو آهي، شھزاديءَ پڇيو. ھن پوڙھي جي ساڄي ھٿ جي
ننڍي آڱر ۾ پاتل منڍي جي اندر جيڪا ٽڪ لڳل آھي،
اھو پارس پٿر آھي. ھي پٿر جنھن شيءِ کي ڇُھَندو
آھي، اھا سون جي ٿي ويندي آهي. شھزادي اڳتي وڌي،
ستار رڙ ڪري چيو، متان ھٿ لڳايو اٿئي، سون جي ٿي
ويندين. شھزادي پٺيان ھٽي وئي ۽ چيائين پر ھي
ماڻھو جيئرو آهي، سندس دل ڌڙڪي رهي آهي. ھا ستار
چيو، ھن جو پورو جسم سون جو ٿي چڪو آهي، پر سندس
دل سون جي ناھي، انڪري ھي اڃا تائين جيئرو آهي. ھن
جي دل سون جي ڇو نه ٿي، شھزادي ستار کان پڇيو.
پھرين ھن کي سون سان وڏي محبت ھوندي ھئي، ھر شيءِ
کي ڇھي سونو ڪري ڇڏيندو ھو، شروع ۾ آئون به معمولي
ڪاٺي جو ستار ھئس، ھاڻي سون جو ٿيڻ ڪري وڏو وزني
ٿي ويو آھيان، ڳالھائڻ مھل تڪليف ٿيندي آهي، ھا ته
آئون ڇا چئي رھيو ھئس. تون اھو چئي رھيو ھئين ته
ھي ماڻھو وڏو ظالم ھو، ھر شيءِ کي پارس پٿر سان
سونو ڪري ڇڏيندو ھو. ھا ھڪ ڏينھن ھن غلطي سان
پنھنجي ڌيءَ کي سونو ڪري ڇڏيو، پوءِ ھن ماڻھو کي
سون سان نفرت ٿي وئي. ھزارين حيلا ھلائڻ کانپوءِ
به ھي پنھنجي ڌيءَ کي ساڳي صورت ۾ نه آڻي سگھيو!
ان تڪليف ۾ ھن پنھنجي پاڻ کي به سونو ڪري ڇڏيو.
ڇاڪاڻ ته ھن جي دل ۾ سون کان نفرت ٿي وئي ھئي،
تنھنڪري ھن جي دل ساڳئي حالت ۾ موجود رھي. ھاڻ تون
ٻُڌاءِ، ھتي ڇو آئي آھين؟ پارس پٿر جي تلاش ۾؟ تو
شايد رستي ۾ ھزارين لالچي ماڻھن جا ڍانچا نه ڏٺا
آهن، اھي به پارس پٿر جي تلاش ۾ ھتي آيا ھئا. ڏٺا
اٿم، شھزاديءَ چيو، پر مونکي پارس پٿر نه پر جابلو
ڪانءُ گھرجي. جابلو ڪانءُ تي شينھن چوڪي ڏيئي
رھيا آھن، شينھن صرف ھن پوڙھي جو چوڻ مڃيندا آھن.
جابلو ڪانءُ کي صرف ھڪ طريقي سان پڪڙي سگھجي ٿو.
اھو ڪيئن؟ شھزاديءَ پڇيو. ھتان آس پاس کان تون
پاڻي آڻي سگھين ٿي؟ جبلن تي پاڻي جي کوٽ ٿي سگھي
ٿي ڇا، شھزاديءَ چيو، مون رستي تان ايندي جبلن تي
جام برف ڏٺي آهي. بيوقوف، اھا ته سون جي برف آھي،
ھن جبل تي جيڪي به چشما آھن، اھي سڀ سون جا آھن،
انھن ۾ پاڻي بدران سون پگھرجي وھندو آھي. ھتي سڀ
ڪجهه آھي پر پاڻي نه آھي. تون پاڻي کي ڇا ڪندين؟
جيڪڏھن تون ڪٿان کان پاڻي آڻي ھن پوڙھي ۽ سندس
ڌيءَ جي مٿان ھاريندين ته ھي وري زنده ٿي ويندا ۽
سون مان وري گوشت ۽ رت وارا ماڻھو ٿي ويندا. پوءِ
تون ھن پوڙھي کان ڪانءُ گھري سگھين ٿي. تون ھن کي
نئين زندگي ڏيندين ته ان جي بدلي ۾ ھي توکي ڪانءُ
ضرور ڏيندو. تون ھن پوڙھي جي ايڏي طرفداري ڇو پيو
ڪرين، شھزاديءَ چيو. ان لاءِ ته ھي پنھنجي غلطي
مڃي چڪو آهي ۽ کيس گھڻي سزا ملي چڪي آهي. ۽
آئون ھڪ نرم دل ستار آھيان، وري ڳائڻ چاھيان
ٿي. آئون ھڪ ڇوڪري جي ھٿ ۾ ھوندي ھيس. اھا خوبصورت
ڇوڪري پنھنجون خوبصورت آڱريون منھنجي ڇاتي مٿان
ڦيري سُريلي آواز ۾ ڳائيندي ھئي. آئون انھن ڏينھن
کي موٽائڻ چاھيان ٿي، جڏھن منھنجي ڇاتي مان ساز
نڪرندا ھئا، ھاڻي آئون ڳالھائي ته سگھان ٿي پر
ڳائي نٿي سگھان. ڳائي ڇو نه ٿي سگھين؟ ڳائڻ لاءِ
خوبصورت زندہ انسان جي آڱرين جي ضرورت پوندي آھي،
۽ ان زندگي لاءِ سون جي ضرورت نه پوندي آهي، صرف
پاڻيءَ جي ضرورت آھي، ڇا تون ڪٿان پاڻي نه ٿي آڻي
سگھين؟ جيڪڏھن تون پاڻي کڻي اچين ته ان جي بدلي
آئون توکي پارس پٿر، سون جا وھندڙ چشما، سونيون
ڪُڪڙيون ۽ ھي سون جو قلعو ڏينديس. مونکي ڪجهه نه
کپي، شھزاديءَ چيو مونکي صرف جابلو ڪانءُ جي ضرورت
آھي. شھزادي لٺ تي سوار ٿي ۽ حڪم ڪيائين، مون کي
ڪنھن پاڻي جي چشمي تي کڻي ھل. لٺ جا پر ڦڙڪڻ لڳا،
ڪجهه لمحن کانپوءِ لٺ فضا ۾ اُڏرڻ لڳي. لٺ اونداھي
مان اُڏرندي، ڪڪرن مان ٿيندي ھڪ سرسبز وادي ۾ اچي
لٿي.
(هلندڙ.....)
علي
محمد پلهه
(قسط: اٺين)
ڳوٺ: پلهه/سانگهڙ
هڪ ڏينهن جو بادشاهه
خليفو سڏائڻ جي ڪري چهبڪ به کاڌا هئم. انهن جا داغ
اڃا تائين منهنجي پُٺن تي بيٺا آهن. اهي ڳالهيون
اڃا تائين ياد آهن. اوهين شيطان جي شڪل ۾ ٿي، مون
کي خراب ٿيون ڪريو. ٻانهيءَ چيس اها سموري حالت
اوهان جي دشمنن سان خواب ۾ ٿي آهي. اوهان ڪيڏانهن
به نه ويا آهيو، سڄي رات هن رنگ محل ۾ سُتا پيا
هئا ۽ هاڻ اک کُلي اٿَوَ. ابوالحسن دل ۾ چيو ته سچ
پئي چئي ته مون محل کان ٻاهر پير به نه رکيو آهي،
پر عجب ته اهو آهي، جو چريائيءَ واري حالت ۾ به
مار کاڌم، قيد به ڪاٽيم، سو خواب خيال سمجهان يا
هيءُ خواب خيال سمجهان؟ يا خدا! تون منهنجي مدد
ڪر. آءٌ اميرالمؤمنين آهيان يا ابوالحسن؟ اهو مون
تي ظاهر ڪر. ائين چئي ڪپڙا لاهي ٻانهين کي ڌڪن
وارا نشان ڏيکاري چوڻ لڳو ته هاڻي مون کي ٻڌايو ته
سُمهڻ واري ماڻهو جي بُت تي نشان ڪٿان آيا؟ آءٌ
اوهان کي سچ ٿو چوان ته هن وقت به انهن ۾ درد آهي.
اها سچي ثابتي آهي ته آءٌ ابوالحسن آهيان. ائين
چئي پنهنجي چيچ ۾ چَڪُ پاتائين ته سور کان دانهن
نڪري ويس ۽ دانهن سان گڏ ساز شروع ٿي ويا. ٻانهيون
نچڻ ۽ ڳائڻ لڳيون ته هي به انهن سان گڏ صرف سُٿڻ ۾
بيهي نچڻ لڳو ۽ تاڙيون وڄائي ڦيريون ڏيڻ لڳو.
خليفي، جنهن اهو سمورو رنگ ويٺي ڏٺو، کِلي کِلي
کيرو ٿي پيو. جڏهن ڏٺائين ته ابوالحسن هاڻي ڪَڪِ
ٿيو آهي، تڏهن هڪل ڪري چيائين ته ادا! ابوالحسن!
هاڻي بس ڪر، مون کي ته کِلائي کِلائي ماندو ڪري
ڇڏيو اٿئي.خليفي جڏهن ائين چيو. ساز بند ٿي ويا.
ابوالحسن هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو ته آواز ڪٿان
ٿو اچي؟ آخرڪار سندس نگاهه خليفي هارون الرشيد تي
پئي. سمجهي چيائين ته مار! حضور جن پاڻ موصلي
سوداگر بڻجي آيا هئا. پوءِ سڀ خواب خيال وساري پڪ
سمجهيائين، ته آءٌ خواب ۾ نه آهيان. اڳ جيڪي ٿي
گذريو، اهو سڀ سچ هو. اها خليفي جي خوش طبعي هئي،
پوءِ ان ڏانهن نهاري چوڻ لڳس، ته سبحان الله! پاڻ
سوداگر جي ويس ۾ اچي مون وٽ مهمان ٿيا ۽ هٿ وٺي
مون کي خوار خراب ڪيو اٿَوَ. واهه جي ياري ملهائي
اٿَوَ. خليفي چيس، ته ادا ابوالحسن! تنهنجي ڳالهه
برابر آهي، پر انهن تڪليفن جي عيوض توسان اهڙي ته
ڀلائي ڪندس جو اهڙي اڳ ۾ ڪنهن سان به نه ڪئي
هوندم. ائين چئي خليفو هيٺ لهي آيو ۽ حڪم ڏنائين
ته
’توشا
خاني‘
مان هڪ اميراڻي پوشاڪ آڻي ابو الحسن کي پارايو.
ابوالحسن جڏهن پوشاڪ پائي آيو، ته خليفي ڀاڪر پائي
چيس ته تون منهنجو ڀاءُ آهين، هاڻي جيئن چوين تيئن
ڪريان.
ابوالحسن اُتي عرض ڪيس، ٻيو ته کڻي ٺهيو، پر
منهنجي چريائپ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو پهتو؟
خليفي دلداري ڏيندي چيس، ته مان هر مهيني جي پهرين
تاريخ تي ويس بدلائي شهر جي خبرچار لهندو آهيان ۽
شهر جون گهٽيون گهمي نيڪي ۽ بدي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو
آهيان. پُل تي توسان ملاقات ٿي. تو مهمان نوازي
ڪئي ۽ خبر پيم ته پاڙي واري مُلان مان سڀ ڪَڪِ آهن
۽ مُلان ۽ سندس ساٿين کي سزا ڏيان. تنهن ڪري توکي
شربت ۾ نشي واري دوا پيئاري بيهوش ڪري پنهنجي
محلات ۾ کڻائي آيس. توکي حاڪم ڪري مُلان کي تنهنجي
هٿان سزا ڏيارم، ٻئي ڏينهن وري ساڳي حالت ڪري توکي
گهر پهچايم. صبح جو ساڳي حالت ۾ تون خليفو ٿي ويهي
رهيين ۽ پهرين ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهايئي. ان ڪري
قيد ڪاٽيئي ۽ سزا کاڌئي. وري ٻئي دفعي آءٌ تو وٽ
مهمان ٿي آيس ۽ توکي بيهوش ڪري هت کڻائي آيس هاڻي
تون دلجاءِ ڪر. اُتي ابوالحسن چيس ته قبلا! جيڪي
مون ڏک ڏٺا آهن سي سڄي ڄمار ياد ڪري چوندس، ته
خليفي جي مهربانيءَ سان آءٌ انهيءَ حالت کي پهتو
هوس. هاڻي منهنجي مرضي آهي ته هميشه سائين جن جي
خدمت ۾ رهان. خليفي اها ڳالهه خوشي سان قبول ڪئي ۽
ڪجهه انعام ڏئي ماهوار پگهار مقرر ڪري، هڪڙي چڱي
جاءِ رهڻ لاءِ ڏنائينس.
ابوالحسن خليفي کان موڪلائي گهر ويو ۽ ماءُ کي سڄو
قصو ڪري ٻڌايائين ته جيڪي ڪجهه مون ڏٺو ۽ ٻڌو سو
سڀ سچ هو ۽ اهو رڳو خليفي جي خواهش موجب ٿيو. هاڻي
هن مون کي پنهنجو امير مقرر ڪيو آهي. ان کان پوءِ
ابوالحسن جو هيءُ قصو سڄي بغداد ۾ مشهور ٿي ويو.
ان وقت کان وٺي ابوالحسن خليفي جي درٻار ۾ کِلَ
ڀوڳ ۽ حاضر جوابيءَ سان خليفي کي خوش ڪندو هو ۽
خليفو به کيس گهڻو ڀائيندو هو.
هڪ ڏينهن خليفي ابوالحسن کي خاص محلات ۾ بيبيءَ
زبيده وٽ کيس وٺي ويو ۽ سندس سمورو احوال کيس
ٻڌايائين راڻي گهڻي خوش ٿي. ابوالحسن خليفي سان گڏ
اندر محلات ۾ ايندو ويندو هو. اتي
’روح
راحت‘
نالي ٻانهي جيڪا ڏاڍي خوبصورت ۽ اڳي به ساڻس گڏ
هنڌ تي ويهي هن کي ننڊ مان اُٿاريندي هئي، ان کي
گهڻو ڏسندو هو. زبيده اها ڳالهه سمجهي ورتي ۽ اها
ڳالهه خليفي کي ٻُڌايائين، ته روح راحت ڏانهن
ابوالحسن جي دل ٿي ڏسجي ۽ روح راحت به ان مان خوش
پئي ڏسجي. شايد پاڻ ۾ راضي ٿي وڃن، جيڪڏهن اوهين
چئو، ته ٻنهي جو پاڻ ۾ نڪاح ڪرائي ڇڏيون؟ خليفي
چيس، ته اها ڳالهه منهنجي دل وٽان ڪئي اٿئي. ڇو ته
مون ابوالحسن سان واعدو ڪيو هو، ته توکي هڪ سُهڻي
زال پرڻائيندس. پر اڄ تائين سندس مرضي ڪنهن به
ٻانهيءَ ڏانهن ڪانه ٿي ڏٺم. اڄ توکان اهو حال
معلوم ڪري مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.
روح راحت ٻانهي، جهڙي راڻيءَ کي پياري هئي، ته
اهڙو ئي ابوالحسن وري خليفي کي پيارو هو. ان ڪري
ٻنهي جي شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي. خليفي ۽ راڻيءَ
هنن ٻنهين کي ايترو ته مال متاع ڏاج ۾ ڏنو هو جوهو
ٻئي ڏاڍا سُرها ٿيا. ٻئي گهوٽ ۽ ڪنوار پاڻ ۾ قُرب
سان رهڻ لڳا ۽ هڪ ٻئي تي جان نثار ڪرڻ لڳا. روح
راحت هر هڪ ڪم ۾ هوشيار هئي ۽ ان سان گڏ حسين به
هئي.
ابوالحسن سخاوت ۾ ايترو ته مشهور هو، جو ڪنهن به
سواليءَ کي خالي نه موٽائيندو هو. اهڙي سخاوت جي
ڪري جلد سُڃو ٿي ويو ۽ مٿس قرض چڙهي ويو! اهڙو ته
اچي پريشان ٿيو جوڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچيس ۽
خليفي وٽ به شرم کان نه پيو وڃي ڇو ته ڏاج ۾ ايترو
مال مليو هوس جوجيڪڏهن قناعت ڪري ها ته ڪي سال خوش
رهي ها. تنهن ڪري هن زال کي چيو ته هاڻي خليفي ۽
راڻيءَ کان سڌو گُهرڻ شرم جي ڳالهه آهي. باقي هڪ
اٽڪل سوچي اٿم تنهنجي مدد جي ضرورت آهي. زال چيس
ته ٻڌاءِ ڪهڙي اٽڪل آهي؟ مڙس چيس ته اهو هڪ اهڙو
مڪر آهي جو پاڻ کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ملندو. اهو
هيءُ آهي ته پاڻ ٻئي مري پئون. زال چيس، ته اي
ميان! تون مرين ته سدا مر، پر آءٌ ته ڪانه ٿي
مران. ٻي ڪا اٽڪل ڪرين ته آءٌ به مدد ڪندي سانءِ.
ابوالحسن چيس تون ته ڪا چري آهين، مرڻ جو نالو ٻڌي
ڊڄي وئي آهين. سڄي ڳالهه ته ٻُڌ. منهنجو اهو مطلب
نه آهي ته سچ پچ مري وڃون يا پاڻ کي قتل ڪريون، پر
رڳو مڪر ڪرڻو آهي. زال چيس ته جي مرڻ فقط مڪر آهي
ته پوءِ يا ٺيڪ آهي، آءٌ حاضر آهيان. مون کي
سمجهاءِ ته ڇا آهي تنهنجو مڪر؟
(هلندڙ.....)
اشتياق
احمد
(قسط: ٻي)
مترجم: مير سردار چنڙ
اله دين جو چراغ
}ٻاراڻو ناول{
چراغ کي پنھنجي آڱوٺي سان زور ڏئي رڳڙيو. ٻئي
لمحي ۾ سڀني ھڪ زوردار ٽھڪ ڏنو . ڇو ته چراغ ۾ جن
جو ڪٿي نالو ۽ نشان به ظاھر ڪونه ٿيو.
”اصل
۾ ھن تي ڪٽُ گھڻي چڙھي وئي آھي“
مان ماٺيڻي انداز ۾ چيو.
ادا!
”روات
کڻي اچان“
نادر چيو.
روات!
”ڏاڍو
ڀلو“
ھا نادر جلدي کڻي آ.
ڇو اچي چريو ٿيو آھين. ھيءَ ويھين صدي آھي ۽
’ھو
اله دين ٻله دين‘
سڀ فرضي ڪھاڻيون آھن. بابا چيو. پر نادر پھريان ئي
ڪمري ۾ گھڙيو ھو ۽ اسان سڀ ان وقت اڱڻ تي ويٺا
ھئاسون. پر بابا! ھن دنيا ۾ جادوءَ جو وجود ته
آھي؟ ھا! ان ڳالهه کان مُنھن نٿو موڙي سگھجي. حضرت
موسيٰ عليھ السلام به جادوگرن سان مقابلو ڪيو ھو.
جادوگرن پھريان ننڍڙيون ٻيڙيون رسيون اُڇلايون، ته
اھي نانگ ٿي ويون. ان تي موسيٰ عليھ السلام به
پنھنجو لَڪڻُ (عصا) زمين تي اُڇلايو، جيڪو ھڪ وڏو
نانگ بڻجي ويو ۽ انھن سڀني نانگن کي ڳڙڪائي ويو.
اھڙي طرح رسولِ اڪرم صلي الله عليھ وسلم جي زماني
۾ به جادوگر ھيا. پر اڄ ڪلهه.... ان جا لفظ اڌ ۾
ئي رُڪجي ويا. نادر روات کڻي ٻاھر نڪتو ھو. ھي وٺ
ادا! اُن سان رڳڙيس.
مان وٺڻ لاءِ ته روات نادر جي ھٿن مان ورتم، پر
مايوس ٿي چڪو ھئس. ڇاڪاڻ ته نادر جي اچڻ کان
پھريان به چراغ کي آڱوٺي سان ٻه ٽي دفعا رڳڙي چڪو
ھئس.
”وڌيڪ
زور زور سان رڳڙيس
“
نادر جوش وچان چيو. مان به بيزاري سان روات چراغ
کي گُهمائي، عين ان وقت زلزلي جا جھٽڪا محسوس ٿيا.
اڙي!
”شايد
زلزلو اچي ٿو“
بابَي چيو.
”اي
پالڻھار! خير“
امي بي ساختا چيو.
”ھي
زلزلو ناھي
’اله
دين‘
جو جنُ اچي رھيو آھي.“
مان چيم.
چپ ڪر! خدا جو خوف ڪر، زلزلو ان جي غضب نشاني آ.
خدا معاف ڪري.
اچانڪ ھڪ شُعلن جو ميڙ اڱڻ تي اُڀريو ۽ وڏو ٿيندو
ويو. امي جا لفظ سندس زبان اندر ئي رھجي ويا. نادر
جو وات پٽجي ويو ۽ اکيون کُلي ويون ۽ ٻين جي به
اھا ئي حالت ھئي.! ھڪ سيڪنڊ بعد شُعلا غائب ٿي ويا
۽ اسان سڀني ڏٺو، ته آڳر تي ٻه وڏا ٺُلھه بيٺا
ھئا. اسان سڀني نگاهه مٿي ڪئي، ته دنگ رھجي
وياسين. مار! ٺُلهه ته آسمان تائين وڃي رھيا ھئا.
ٽي ھزار سال پراڻو جن. ايترن ڊگهن ٺُلهن کي ڏسي،
اسان سڀني کي ڦڙڪڻي وٺي وئي. مقدس ۽ نادر ته
ٿَڙڪندي ٿَڙڪندي ڦڙڪي رھيا ھئا. سڀني جا رنگ ئي
اُڏامي ويا.”ڪٿي
اسان ڪو خواب ته نه ڏسي رھيا آھيون.“
بابا چيو.
ھا! يقينن ڪو خواب ئي ھوندو.
آخر ھي ٺُلھه ڪٿان آيا؟ مان ته اله دين جي چراغ کي
رڳڙيو ھو، پوءِ جن ڇو نه حاضر ٿيو........! ان جو
مطلب صاف آھي، ته ھي اله دين جو چراغ ناھي. نادر
چيو. ته پوءِ ڪنھن جو آ. مان تيز لھجي ۾ چيو.
”ھي
ٺُلھن جو چراغ آھي.“
نادر چئي ويٺو.
خوف ۽ دھشت واري ڪيفيت ۾ به اسان کي کِل اچي وئي.
بلڪل انھيءَ وقت ھڪ خوفناڪ، ٿلھو ۽ پوڙھو آواز
ڪڪرن مان ايندي محسوس ٿيو. ڪھڙو حڪم آھي منھنجا
آقا؟ آواز بلڪل ٺُلھن جي مٿان آيو ھو. ڪير آھين
تون؟ ۽ آقا ڪنھن کي چئي رھيو آھين. مان ھمت ڪري
پڇيو.
جنھن جي قبضي ۾ ھي چراغ آھي. مان اُن جو غلام
آھيان. ۽ مان ان چراغ جو جن آھيان. پر تون ڪٿي
آھين؟ اسان کي ته ھتي ڪو به جِنُ نظر نه ٿو اچي؟
مان ھن وقت اوھان جي ڀر ۾ بيٺل آھيان. ڇا توھان
منھنجون ٽنگون ناھيو ڏسي رھيا؟ آواز آيو. اڙي! ته
ڇا ھي تنھنجون ٽنگون آھن؟ اسان ته ان کي ٺُلھه
سمجھي رھيا ھئاسين.
جي ھا! ھي منھنجون ٽنگون آھن. پر تنھنجي ڍڍري ۽
مُنڍي ڪاٿي آھي؟ منھنجي ڍڍري ڪڪرن ۾ لڪيل آھي ۽
مُنڍي اُن جي مٿان آھي. ڇا تون پنھنجو قد ننڍو ڪري
نه ٿو سگھين؟ مان پڇيو.
ننڍو ڪري سگھان ٿو، جيڪڏھن چراغ جو مالڪ مونکي حڪم
ڏئي. ته مان توکي حڪم ٿو ڏيان، ته جيترو قد ننڍو
ڪري سگھين ته ڪري ڇڏ. جي ڏاڍو سُٺو منھنجا
آقا......!
ھڪ طوفاني ڌماڪيدار آواز ڄڻ ڪير پوري طاقت سان
ھٿوڙو ھڻندو ھجي ...! ٻئي لمحي ۾ جن جي ڍڍري ۽
مُنڍي اسان کي نظر آئي. ھو اڃا به ٽن منزل فليٽ
جيترو ڊگھو ھو پر ھاڻ اسان ڪنڌ مٿي ڪري سندس مُنهن
ڏسي پيا سگھون ....! مُنھن ڏسندي ئي ھڪ دفعو ٻيھر
اسان سڀني کان رڙ نڪري آئي. ڇو ته ھو تمام گھڻو
خوفناڪ ھو. پر مونکي ڪو به ڊپ محسوس نه ٿيو. شايد
اھا چراغ جي برڪت ھئي. سڀ کان پھريان ته تون اھو
ٻڌاءِ، ته جڏھن مان پھريون دفعو چراغ کي رڳڙيو ھو،
ته تون ڇو نه حاضر ٿئين؟ ٽي ھزار سال مان گھري ننڊ
ڪري رھيو ھئس. اڄ ٽي ھزار سال بعد ڪنھن ھن چراغ کي
رڳڙيو ھو.
(هلندڙ......)
***
امداد جسڪاڻي جي شاعري ۾ ٻارن جي مزاج مطابق گيت ۽
نظم شامل آهن. جن ۾ ٻارن لاءِ پيغام به آهي ته
منزل تي پهچائيندڙ گس ڏانهن اشارا به آهن. سندس
ڪتاب
”ٻارن
ٻاريا دِيپ“
ٻارن جي ادب ۾ خوبصورت اضافو آهي هن ڪتاب مان ٻار
لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙو اظهار مقررن
’سنڌي
ادبي سنگت پنوعاقل سٽي‘
پاران ڪرايل امداد جسڪاڻي جي ڪتاب ٻارن ٻاريا دِيپ
جي مهورتي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن جي صدارت
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر خليل عارف سومري ڪئي.
مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي آڊيٽر اياز
لطيف دايو ۽ عبدالحئي ڀٽو هئا. جڏهن ته ناميارا
شاعر پريل دايو ۽ بيخود بلوچ اعزازي مهمان هئا.
مهورتي تقريب ۾ رئوف پارس دايو، عبدالرحيم عزمي،
صفر ڪلهوڙو، ناصر چاچڙ، مشتاق چاچڙ، نجم نماڻي
انڍڙ، مجيد نواز مغل ۽ ٻين امداد جسڪاڻي جي ڪتاب
”ٻارن
ٻاريا دِيپ“
تي ويچار ونڊيا. ان موقعي تي ڪتاب جي ليکڪ امداد
جسڪاڻي ڳالهائيندي چيو، ته
”آئون
خوشنصيب آهيان جو ٻارن لاءِ مسلسل لکي رهيو آهيان
۽ منهنجو اهو سفر ساهه جي آخري گهڙي تائين جاري
رهندو.“
سنگت شآخ پنوعاقل سٽي جي سيڪريٽري امر ساحل آيل
مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو، ته اڄوڪي مهورتي تقريب
۽ مشاعرو منهنجو خواب هو، جيڪو دوستن جي سهڪار سان
پورو ٿيو. مهورت کان پوءِ ڪل سنڌ مشاعرو ٿيو. جنهن
جي صدارت مشهور شاعر عبدالرحيم عزمي ڪئي مهمان خاص
انجم چنا ۽ مجيد نواز مغل هئا. جڏهن ته صفر ڪلهوڙو
۽ فياض سمائر اعزازي مهمان هئا. مشاعري ۾ طاهر
شاهه ترابي، مائل مير، طاهر جسڪاڻي، حمير همراز،
بيخود بلوچ، پريل دايو، اسد چاچڙ، تاج بلوچ، خالد
ميراڻي، مهراڻ ملڪ ۽ ٻين پنهنجي شاعري پيش ڪري
محفل کي چار چنڊ لڳايا.
***
ٻار فطرت جو حسِين روپ آھي، اُهو ٻار جيڪو مُرڪندو
آھي، ته ٽڙندڙ گلَ جيان لڳندو آهي، ڳالهائيندو آھي
ته، پکين جي مٺڙين ٻولين جيان لڳندو آهي، ۽ جڏهن
ننڍڙن پيرن سان پنڌَ ڪندو آھي، ته پوپٽَ جيان
لڳندو آھي، يعني جهان جي اصل خوبصورتي ٻارن سان ئي
آھي.
ٻارن لاءِ ڪاميابيءَ جي سوچن، اميدن، خوشحالي ۽
فطرت جي رنگن کي وکيريندڙ هيءَ ٻاراڻي شاعري آھي
بيخود بلوچ جي. ٻاراڻي ادبَ جي شاعري واري ڀاڱي ۾
بيخود بلوچ جي شاعري بهترين خوبصورتي رکي ٿي.
بيخود بلوچَ ٻاراڻي سوچ کي ذهن ۾ رکندي ٻارڙن جي
خيالن، انهن جي سوچن ۽ جذبن ۾ شامل سڀني خوبصورت
احساسن کي سنواري مثالي انداز سان پنهنجي شاعري ۾
شامل ڪيو آھي. سندس ٻاراڻن ٻولن ۾ تعليم طرف ڌيان
ڇڪرائڻ سان گڏ، سُٺا سُٺا پيغام سمايل آھن، جيڪي
هڪ ٻار کي ادب طرف مائل ڪرڻ جي ڀرپور سگهه رکن ٿا.
ٻاراڻي ادب ۾ خاص ڪري هڪ ٻار جي سوچ مان جنم وٺندڙ
خيالن کي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آھي، اُهو
ان ڪري ته هڪ ٻار مٿين ليول جي ادب بجاءِ پنهنجي
عمر جو ادب پڙھڻ چاهيندو آھي. هو چاهيندو آھي، ته
ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ رنگن، دل وندرائڻ وارن منظرن،
۽ سهڻن ڳالهين کي ڪو سندس خيالن موجب تخليق ڪري
سندس تائين پهچائي.
بيخود بلوچ به اُنهن ئي ڳالهين کي سامهون رکندي،
پنهنجي ٻاراڻي شاعريءَ کي ٻاراڻي ادب جو رنگ ڏئي
لِکيو آھي، اُن ڪري ئي سندس ٻاراڻي شاعري ٻارڙن جي
خيالن جي عڪاسي ڪري ٿي. اُهي ڳالهيون، اُهي خيال،
اُهي لفظ جيڪي سادڙا ۽ متاثر ڪرڻ سان گڏ ٻارن کي
ڪو سٺو پيغام ڏين. اصل ۾ اُن کي ئي ٻاراڻو ادب چيو
ويندو آھي. جنهن سان بيخود بلوچ تمام سٺي نموني
نڀايو آھي.
مـــامــــا مــال نـه چاريندس،
پنهنجا ڏينهن نــه کــاريندس،
بابا کي سمجهائج تون،
منهنجي ڳالهه ٻڌائج تون،
بابا کي تون راضي ڪر،
ڳالهه انهيءَ ۾ ڇاجي ڍر،
ڇو نه ڀلي مان پڙهي پوان،
علم جـي پاسي لڙي پوان.
هيءُ هڪ ٻار جا سُٺا ۽ تعليم طرف وڃڻ جا احساس
آھن، جن ۾ هو پنهنجي ماما کي دانهن ڏئي ٿو ته،
”بابا
کي سمجهائج ته مون کي پڙھڻ لاءِ ڇڏي، مان مال چاري
پنهنجا خوبصورت ڏينهن نه کاريندس.“
هڪ ٻار کي مال چارائِڻ کان پهريان هڪ ڀيرو پاڻ کي
اُن ٻار جي جاءِ تي رکي ضرور ڏسو، ڇاڪاڻ ته مال
چوري ٿي سگهي ٿو ختم ٿي سگهي ٿو، پر علم جي روشني
ڪڏهن به نه ٿي چورائي سگهجي ۽ نه ئي اُها ڪڏهن ختم
ٿي سگهي ٿي. بيخود بلوچ هن نظم
”ماما!
مال نه چاريندس“
۾ هڪ وڏو پيغام سمايو آھي، جنهن ۾ هڪ ٻار جا معصوم
خواب آھن، جن کي هو تعبير ڏيڻ چاهي ٿو، بيخود بلوچ
سماج جي اُن پاسي ڏي ڌيان ڇڪرايو آھي، جتي علم کان
وڌيڪ مال کي اهميت ڏني ويندي آھي، جتي هڪ ٻار جي
معصوم جذبن کي ترجيع ڏيڻ يا انهن جي سوچن کي تعليم
بجاءِ اونداهه ۾ رکيو ويندو آهي. انهن لاءِ بيخود
بلوچ جي شاعري هڪ پيغام جيان آھي.
منهنجا پيارا ننڍڙا ڀاءُ،
توکي ڳالهه ٻڌايان آءُ،
اڄ کان، اچ تون هل اسڪول،
پڙھڻ لکڻ ۾ ٿي مشغول،
ٿيندو پنهنجو جٿ ڪٿ مانُ
ابي امان جو وڌندو شانُ.
بيخود بلوچ جي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ هڪ شيءِ جي تمام
گهڻي اهميت آھي، يا ائين کڻي چئجي ته سندس ٻاراڻي
شاعري ۾ اُن شيءِ جو ذڪر تمام گهڻو آھي، جيڪا شيءِ
آھي تعليم. پنهنجي شاعريءَ ذريعي بيخود بلوچ تعليم
ڏي وڌڻ جي سجاڳي پکيڙي آھي ۽ پکيڙي پيو. هُن هر
هنڌ تعليم جو اعليٰ مثال ڏنو آھي، تعليم ئي آھي،
جنهن سان انسان، اڳتي وڌي هن دور تائين پهتو آھي.
اُها ترقي هجي يا وري ڪا علمي ادبي ڳالهه، سڀ شيءِ
تعليم سان ئي ممڪن آھي. ٻاراڻي شاعريءَ ۾ واقعي به
تعليم جو ذڪر هر هنڌ هجڻ گهرجي، جو تعليم نه
پِرائيندڙ ٻارڙن کي به خبر پوي ته تعليم ڪيتري
اهميت واري شيءِ آھي. يقينن جڏهن به بيخود بلوچ جا
ههڙا نظم هڪ ٻارڙَي يا ٻارڙِيءَ پڙھيا هوندا ته
سندس دل ۾ تعليم جي اهميت ضرور وڌي هوندي.
هَـلُ ته ادي اسـڪول هَلُون،
علم جي منزل ڏانهن وڌون،
علم بنا اونداهي ڀيڻ،
علم بنا گمراهي ڀيڻ،
علم بنا آ ڪاري رات،
علم ته سڀ لئه پرڀات.
علم سچ جي راهه ڏيکاري، روشن مستقبل ڏي وٺي وڃي
ٿو. ڇو جو بنا علم جي جهالت، ۽ علم سان اصل روشني
آھي. اوهان محسوس ڪيو هوندو ته بيخود بلوچ جي
ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ڪيتري سمجهداري ۽ خوبصورتي آھي.
تعليم جي روشني پکيڙڻ سان گڏ بيخود بلوچ ٻين دل
وندرائيندڙ شين جو به ذڪر ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ڪيو
آهي، جن کي پڙھندي ئي هڪ ٻار جي چهري تي مِٺڙي
مُرڪ اچي وڃي ٿي. ڇو جو اهڙن ئي دل وندرائيندڙ شين
جو ذڪر بيخود بلوچ ڪيو آھي، جن ۾ بادل، ريڊيو،
ٻني، گُل، ۽ ٻيا ڪيترائي سهڻا رنگ هُن دل
وندرائيندڙ انداز سان لکيا آھن. ٻارڙا سڀ کان وڌيڪ
سانوڻ مُند ۾ خوش ٿيندا آهن، جڏهن برساتون پونديون
آھن، آسمان تي ڪڪر اچي ويندا آھن، ٿڌڙيون هوائون
گُهلڻ لڳنديون آهن، جن هوائن ۾ ٻارڙا لغڙ اڏاريندي
لطف اندوز ٿيندا آھن، اهڙن ئي دل وندرائيندڙ
احساسن سان بيخود بلوچ نظم
”بادل“
لکيو آھي، جنهن ۾ ڏاڍا سهڻا رنگ آھن. اچو ته
پڙهئون.
ڀائُو آءُ ته بادل ڏسجن،
ڪيئن ٿا ڊوڙن ڪيئن ٿا برسن،
مينهوڳيءَ جي مُند اچي وئي،
ڄڻ ته خوشيءَ جي مُند اچي وئي،
سارا ڏينهن جُهڙالا ٿي پيا،
برپٽَ باغَ به آلا ٿي پيا،
ڀورا بادل ڪارا بادل،
من موهيندڙ پيارا بادل.
ڏاڍا حسِين رنگ آھن. نظم
”بادل
۾“
جيڪو نظم ٻارڙن جي خوبصورت سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو.
بيخود بلوچ جي ٻاراڻي شاعري تعليم جي روشني حاصل
ڪرڻ جي ڳالهين سان گڏ اهڙين منظرنگارين سان به
سرشار آھي، جيڪا شاعري ٻارڙن کي ڀلائي طرف وٺي وڃڻ
سان گڏ سُهڻا سُهڻا خيالي رنگ پڻ ڏيکاري ٿي، جيڪا
اصل ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي خوبصورتي آھي..
پيارا ٻارؤ!اميد ته اوهان کي هن سلسلي جي ٻئين ڪڙي
به پسند آئي هوندي! پنهنجي سهڻي راءِ کان ضرور
آگاهه ڪندا..!
***
السلام عليڪم: ايڊيٽر صاحبه، مان ڪنڊيارو شھر مان
اقبال ھنڱورو اوھان ڏي ميسيج ڪري رھيو آھيان. مون
ماھوار گُل ڦُل رسالي لاءِ ٻارڙن تي ٽي کن مضمون
پھريان به اوھان ڏي موڪليا ھئا، جن مان ٻه مضمون
اوھان ڇاپي، مون کي لکڻ جو اُتساهه ڏنو آھي. اڄ به
ھڪ مضمون لکي اوھان ڏي موڪليان پيو. اميد ته ايندڙ
پرچي ۾ اوھان منھنجي مضمون کي ٿوري جاءِ ڏيندا.
مھربانيون
اقبال هنڱورو
ڪنڊيارو
***
مانواري ايڊيٽر ماهوار
”گُل
ڦُل“
السلام عليڪم،
آئون پنهنجي هيءَ ڪهاڻي
”سهو
۽ ڪُمي“
ان آس ۽ اُميد سان موڪلي رهيو آهيان، ته اڳي جيان
منهنجي هن مواد کي به ڪا سُٺي ۽ مناسب موٽ ملندي.
منهنجو مواد گُل ڦُل ۾ ڀروپور نموني سان شايع ٿي
رهيو آهي. اڳتي به اُميد ڪريان ٿو، ته اهو سلسلو
جاري رهندو. ڊاڪٽر اسد جمال پلي جا ته اسان ٿورا
لاهي ئي نٿا سگهون. ڇو ته اسان جهڙن لڪل ۽ پُٺ تي
پيل ليکڪن کي ننڊ مان اُٿاري اُڀارڻ ۽ سنوارڻ وارو
ڊاڪٽر پلي صاحب آهي.
توهان جي سنڌي ادبي بورڊ سَٿَ لاءِ دعاڳو آهيان،
ته سُهڻو ربّ پاڪ سڀني کي هر سال پنهنجي پنهنجي
فيملي ميمبرن سان گڏ حج ۽ عُمري جي سعادت نصيب
فرمائي. (آمين)
ساگر مستوئي
الهدى پبلڪ اسڪول ٽنڊو جان محمد تعلقو ڊگهڙي ضلعو
ميرپورخاص.
***
بخدمت محترمه، نجمه پنهور ايڊيٽر گُل ڦُل. ادي عرض
ته گُل ڦُل لاءِ ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان،
اُميد ته اڳ جيان گُل ڦُل ۾ جاءِ ڏيندا ۽ ان شاءَ
الله اڳتي به هي ساٿ گُل ڦُل سان رهندو.
اوهان جو ٿورائتو
عبدالجبار
’مسافر‘
ويسر
***
السلام عليڪم: محترم رفيق جمالي صاحب سدا سلامت
رهو. اوهان جو گُل ڦُل رسالو جولاءِ جو پڙهيو آهي،
خط سان گڏ عام معلومات موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته
آگسٽ جي مهيني ۾ رسالي گُل ڦُل ۾ ضرور شايع ڪندا.
رسالي ۾ سلسلا رکو معياري ٿي پوندو. جيئن ٻيهر
ساليانا خريدار ٿي سگهون.
اوهان جو دعاگو
محرم علي شيخ
محلو ليلا آباد لاڙڪاڻو
جولاءِ
2024ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سارنگ“
جي داستان
ٽئين
جو
پنڌرهون
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
ڪڪرن کي (الاهي) حڪم ٿيو ته مينهن جي وسڻ جي تياري
ڪريو (رنگ اختيار ڪريو ۽ گجگوڙ جا آواز ڪريو.)
ايتري ۾ وڄون مينهن آڻي وسڻ لڳيون ۽ مينهن ٽهه ٽهه
جي زوردار آواز سان ٽمڻ لڳو. جن مال مهانگو ڪري
وڪڻڻ لاءِ (سهانگو) مال خريد ڪيو هو، سي هاڻي
پريشان آهن. هو پنجن مان پندرنهن ڪمائڻ لاءِ تيار
ٿي ويٺا هئا. (او مالڪ سائين) ديس ۾ اهڙا ڏڪار
پيدا ڪندڙ ايذائيندڙ انسان شل سڀ مري کپي وڃن.
ماهيو مال پنهنجي منهن (سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ جي)
ساوا گاهه پيو کائي. جن کير ڏيڻ بند ڪيو هو، سي
مينهون وري ڏُڀڻ لڳيون. مالوند ماڻهو هڪ ٻئي سان
گڏ ويهي وڏي برسات بابت رهاڻيون پيا ڪن. عبدللطيف
چوي ٿو ته اي مولا سائين، سڀني ماڻهن کي تنهنجي
مهربانيءَ ۽ ڀلائيءَ جو آسرو ۽ اُميد آهي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ
باغ ڀٽي حيدرآباد.
*عادل جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
پاهڙ خان جمالي ضلعو مٽياري
*عمار علي: ڪلاس ٽيون،
’روشني
گرامر اسڪول‘
آراضي سيوهڻ.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*شايان علي علوي: ڪلاس ٽيون، مخدوم خليق الزمان
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*فردوس علوي: ڪلاس پنجون، مخدوم خليق الزمان
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*ذوالقرنين حيدر لاکو: اقصى ماڊل اسڪول هالا نوان.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*آزان علي خاصخيلي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول آراضي سيوهڻ.
*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*سليمان جمالي: ڪلاس ڇهون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
هاءِ اسڪول ڳوٺ جان محمد عرف (مٺياڻي) جمالي ضلع
مٽياري.
*خليفو فيصل ڪاڪا: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ڦل ڪاڪا ضلع مٽياري.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول
ڦلجي اسٽيشن دادو
*ميرب زهره: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ.
*حجاب زهره: ڪلاس ٽيون، روشني گرامر اسڪول آراضي
سيوهڻ.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان
ميرب زهره جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي
|