[24]
اُٿِي اورِ اَللهَ سِين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ
مُحَبتَ سَندو مَن ۾ ماڻِڪُ ٻارِجُ مَچُ
اِنَهين پَرِ تُون اَچُ، ته سَودو ٿِيَئِي سَڦَرو.
سمجهاڻي:
(اي غافل انسان) تون (سجاڳ ٿيءُ ۽)
اُٿي الله کي ياد ڪر ۽ ڪوڙ ڪپت وارن ڪمن
کي ترڪ ڪر (پاڻ کي انهن کان بچاءِ). تون پنهنجي دل
مان ٻيائي ۽ ڪينو ڪڍي ڇڏ، ڇو ته ان مالڪ کي رڳوسچ
(نيڪي) پسند آهي.
پنهنجي اندر ۾ (هر ڪنهن سان) محبت جو سهڻي
شعاع وارو مچ ٻارج، جڏهن تون اها هلت ۽ روش اختيار
ڪندين ته پوءِ (الله وٽ) تنهنجو سودو اگهامندو
يعني تون ڪامياب ٿيندين.
[25]
جي تُون ٿِئين اَللهَ جو، ته عالَمُ سَڀَ سَندوءِ
”مَن
لَھُ المَولى فَلَھُ الکُلَ“
پِرينِ پاڻَ اُتوءِ
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وانءُ تُون لَهرِنِ گَڏِئو.
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون
پاڻ کي (ظاهري اسباب ترڪ ڪري) الله جي حوالي ڪيو،
ته پوءِ هي (سمورو) جهان به تنهنجو آهي.
’مولى
جنهن جو آهي، سڀ ڪجهه تنهن جو آهي،‘
اهو انهيءَ سهڻي سائينءَ پاڻ فرمايو آهي. (اهڙيءَ
صورت ۾ خطرناڪ) ڪنارو يا ڪپ توکي ڪجهه نه ڪري
سگهندو، تون ڀلي وڏين (لهرن) وچ ۾ هلندو وت.
[1]
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَنڌُ پَنهنجو تُرَهو
اُونِهين ۾ آڻي، ڪو نه ڏِيندُءِ ڪو ٻِئو.
سمجهاڻي:
تون ننڍي پاڻيءَ ۾ (وڏي ۾ وڃڻ کان اڳ) پنهنجي لاءِ
ترڻ جو ترهو چڱيءَ طرح مضبوط ٻڌي تيار ڪر، ڇو ته
اونهي پاڻيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ، اتي توکي ٻيو ڪير
به ترهو آڻي ڪونه ڏيندو. (جنهن ڪري تون وڏي مشڪل ۾
ڦاسي پوندين.)
[2]
تارُو تَرِئو وَڃنِ، نَنڍا وَڏا واهُڙا
هَئي ٻَرِ اَتَارَنِ، جِئن ڳَرا مَٿِنِ مولِهيَا.
سمجهاڻي:
جيڪي (پڪا پختا) تارو آهن. اهي ننڍا وڏا واهڙ تري
پار پهچي وڃن ٿا، افسوس انهن اڻ تارن تي آهي جيڪي
(اٽلو) پنهنجن مٿن تي ڳريون هڙون ٻڌي پار وڃڻ جي
ڪوشش ڪن ٿا.
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ - داستان پهريون ۽ ٻيو. محقق:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
مختيار سمون
لاڙڪاڻو
حمّد
ساري جڳ سنسار جو سائين،
وڻ ٽڻ، گُل گلزار جو سائين.
سڀني کي ٿو رزق رسائي،
ٻُڍڙي توڙي ٻار جو سائين.
اُڀ تي سج ۽ چنڊ ستارا،
چوڏس ۽ چمڪار جو سائين.
گُل پن ۾ ٿو سونهن سمائي،
مُکڙن جي مهڪار جو سائين.
ملڪ شهر ٻهراڙيون وسنديون،
ڌرتيءَ جي هر پار جو سائين.
کِنوڻن کي کجڪار ڪرائي،
واچوڙن، وسڪار جو سائين.
فطرت ۾ سوَ رنگ ڀري ٿو،
انڊلٺ، پوپٽ پيار جو سائين.
سمنڊ نديون ۽ برف جبل تي،
ڪي ٽوءَ ۽ هالار جو سائين.
سِپ ۾ ڪيئن ٿو موتي سِپجي،
آهين هر اسرار جو سائين.
بلبل ڪوئل مور ۽ مينا،
چيهن جي چهڪارجو سائين.
ڇا ڇا چئي
’مختار‘
ٻُڌائي،
ساري هن سنسار جو سائين.
محمد ياسين ڪنڀر
پنوعاقل/سکر
نعّت
حياتي پنهنجي تنهنجي نانءُ ڪريان،
مان تنهنجي در تي صبح و شام ڪريان.
انهيءَ عشق ۾ خود کي مِٽائي،
خودي پنهنجي پرين نيلام ڪريان.
سندم ڏک ويندا روضو پاڪ ڏسندس،
ختم هي رنج ۽ آلام ڪريان.
ڪرم ڪر ڪوئي پنهنجي مُبتلا تي،
مديني ۾ اچي آرام ڪريان.
قلم تي
’نعّت‘
جو ٿيندو نزول آ،
ڪلامِ خير سان اِڪرامُ ڪريان.
هڻان
’ياسين‘
ٿو تڪبيري نعرو،
نشانبر پنهنجو ٿو سلام ڪريان.
امداد سروري
آراضي/سيوهڻ
جشن آزادي
ڪيڏي خوشي اڄ وطن ۾ آهي،
سائو جهنڊو هٿن ۾ آهي.
ننڍڙا سهڻا گُل ٽِڙي پيا،
خوشبوءِ ڪيڏي جشن ۾ آهي.
معصومن جي مُنهن تي مُرڪون،
ڄڻ ڪا عِيد چمن ۾ آهي.
اچو ته گڏجي علم پرايون،
علم جي دولت دلين ۾ آهي.
پاڪستاني آهيون سڀئي،
محبت ان جي سڀن ۾ آهي.
سنڌ جي ثقافت پيارا ٻارو،
ٽوپي، اجرڪ پٽڪن ۾ آهي.
پاڪستان جو قومي ترانو،
وڄندو اسان جي رڳن ۾ آهي.
ڪيڏي هلچل پيارا ٻارؤ،
شاگردن جي ڪمن ۾ آهي.
’امداد
سروري‘
آهي حقيقت،
دل جو سُڪون امُن ۾ آهي.
عزيز احمد
’عزيز‘
علوي
شڪارپور
پيارو جهنڊو
جهنڊو پيارو پاڪستاني،
بلڪل سارو پاڪستاني.
رنگ اڇو ۽ سائو پيارو،
نشان انھيءَ ۾ چنڊ ستارو.
ساڻيهه ساڻ هجي ڀل الفت،
سابُ رکون سڀ سرس محبت.
الله جي آ نعمت بلڪل،
پنهنجو ديس لڳي ٿو گُل ڦُل.
پرور پاڪ امانُ ۾ رکندس،
پرچم اونچو جڳ ۾ رهندس.
امن وطن ۾ قائم رهندو،
ڪو نه ڏکارو ڏينهن ڪو ڏسندو.
ملڪ
’عزير‘
ترقي ماڻي،
هاڻ دعا هي ربّ وٽ اگهاڻي.
اويس”ساگر“
سومرو
سکر
پورهيت جو آ مانُ گهڻو
روز
ڪمائي روز
کائي،
ڪنھن کي ڪينَ ڳالهائي،
ٻچن جو
ٿو
پيٽ
ڀري،
شهر
شهر ٿو ڪم ڪري.
پورهيت جو آ مانُ گهڻو،
پورهيت جو آ شانُ گهڻو.
ڪپڙا سدائين ڦاٽل پاتل،
ميرا سيرا ڪينَ ڌوتل،
ٻچن سان ٿو ساٿُ نڀائي،
اوکيءَ ويکيءَ پاڻ
ملهائي،
پورهيت جو آ مانُ گهڻو،
پورهيت جو آ شانُ گهڻو.
محنت ۾ آ ڪيڏي عظمت،
ڏينهن تکي ۾ جاري
همت،
پاڻ کان مٿي
بارُ کڻي ٿو،
ڏسو اُسَ ۾ ساهُه کڻي
ٿو،
پورهيت جو آ مانُ گهڻو،
پورهيت جو آ شانُ گهڻو.
اظھر
’آزاد‘
مغل
شڪارپور
وائي
مالڪ کي ٻاڏاءِ،
سُٽ مُنجهيل سُلجهاءِ،
دم تي ڪهڙو ڀروسو!
پاسو پرور جو نه ڇڏ،
پانڌ وجهي پرچاءِ،
دم تي ڪهڙو ڀروسو!
شڪر ربّ جو روز ڪر،
وقت نه يار وڃاءِ،
دم تي ڪهڙو ڀروسو!
منزل ماڻيندين سگهو،
حيلو خوب هلاءِ،
دم تي ڪهڙو ڀروسو!
آڌي ڌاري تون اُٿي،
سائينءَ کي سرچاءِ،
دم تي ڪهڙو ڀروسو!
فيض سومرو
شڪارپور
پنھنجي ٻولي
پنھنجي ٻولي سنڌي سَوَلي،
سَھنجِي آھي ناھي اولِي.
مِٺڙا مِٺڙا لفظ انھيءَ جا،
ماکِي جھڙا سارا لھجا.
ڪنھن پر ان کي ڇڏڻو ناھي،
ھردم ان ۾ پڙھڻو آھي.
ٻوليون ٻيون به پياريون آھن،
واهه سُهڻيون نياريون آھن.
سڀ کان مِٺڙي سنڌي آھي،
جنھن ۾ امڙ ڏني لولي آھي.
ھن سان ناتو پنھنجو اھڙو،
گُل سان آھي خوشبوءِ جھڙو. |