اقراء لاکو
ڄام شورو
قائد اعظم محمد
علي جناح
عظيم انسان روز روز پيدا نه ٿيندا آهن. اهڙن
انسانن لاءِ تاريخ کي انتظار ڪرڻو پوندو آهي.
ڪيترن ئي دعائن کان پوءِ ڪو اهڙو انسان پيدا ٿيندو
آهي، جيڪو تاريخ ۾ هڪ بهترين مثال قائم ڪري ويندو
آهي. اهڙن انسانن کي قدرت ڪيترين ئي صلاحيتن سان
نوازي ڇڏيندو آهي.
قائد اعظم محمد علي جناح
25
ڊسمبر
1876ع
تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سنڌ مدرسة
الاسلام ڪراچي مان حاصل ڪئي. پاڻ ڪڏهن به آرام
واري زندگي نه گذاريائين ۽ ڪوبه اهڙو ڪم نه
ڪيائين، جيڪو سندن ذاتي ڪاميابي ۽ سُک لاءِ هجي.
جن اصولن تي هلڻ لاءِ پاڻ ٻين کي تاڪيد ڪندا هئا،
انهن تي سڀ کان پهرين پاڻ عمل ڪندا هئا. قائداعظم
محمد علي جناح پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڪستان ٺاهي اهڙو
ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن کي بيان ڪرڻ ڏاڍو مشڪل
آهي. جنگ آزادي کان پوءِ انگريز مسلمانن تي تمام
گهڻا ظلم ڪرڻ لڳا. هندو انگريزن جا اتحادي ٿي ويا.
انگريزن جي ظلمن جي ڪري مسلمان پنهنجي گهرن تائين
محدود
ٿي
ويا. قائد اعظم محمد علي جناح مسلمانن ۾ جذبو پيدا
ڪيو. جيڪو انهن جي رڳن ۾ تازو خون بڻجي هلڻ لڳو.
حقيقت ته اها هئي ته تحريڪ پاڪستان جي ڪاميابي
قائداعظم محمد علي جناح بنا ناممڪن هئي ڇو ته خدا
تعاليٰ کين انهيءَ عظيم مقصد لاءِ پيدا ڪيو هو.
قائداعظم محمد علي جناح وڪالت جي تعليم لاءِ لنڊن
جو سفر ڪيو، پوءِ هندستان واپس اچي وڪالت جي شعبي
۾ ڪاميابيون حاصل ڪيائين. هندستان ۾ هندو مسلم
اتحاد جي لاءِ ڪيل خدمتن کين ڪانگريس جو قابل
تعريف ليڊر بڻائي ڇڏيو. قائداعظم محمد علي جناح
تمام گهٽ وقت ۾ مسلمانن ۾ جوش و خروش پيدا ڪيو.
پوءِ ته هندو ۽ انگريز، مسلمانن کي الڳ ملڪ ڏيڻ تي
مجبور ٿي پيا ۽ اسان جو ملڪ پاڪستان
14
آگسٽ
1947ع
تي هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت حاصل ڪري وجود ۾ آيو.
***
حضرت امام حسينعه جي ولادت باسعادت
03
شعبان المعظم سنه
04هه
تي خميس جي ڏينهن مدينه منوره ۾ ٿي. سندن والد جو
نالو حضرت امام عليعه ابن حضرت ابوطالب
عه ۽ والده جو نالو سيده فاطمه زهراعه
بنت حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ آهي.
جڏهن امام حسينعه جي ولادت جي خوشخبري
آنحضورﷺ جن ٻُڌي ته پاڻ تشريف فرما ٿي، پنهنجي
ڏهٽي کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيائون ۽ پاڻ ئي ٻارڙي جي
ساڄي ڪن ۾ اذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت چئي، خداوند
عالم جي ارشاد مطابق حضرت هارونعه جي
ننڍي پُٽ
”شبير“
جي نالي تي سندن نالو
”حسين“
رکيائون. ست ڏينهن گذرڻ کان پوءِ آنحضورﷺ جن ٻه
دنبا عقيقي لاءِ گھرائي ذبح ڪرايا. پوءِ سندن مٿي
مبارڪ جا وار ڪوڙائي انهن جي وزن برابر چانديءَ جو
صدقو ڏنائون.
موليٰ حسينعه پنهنجي زندگيءَ جا
شروعاتي تقريباً ڇهه سال پنهنجي ناني آنحضورﷺ جن
جي آغوش ۾ پرورش حاصل ڪئي. سندن سخاوت ۽ شجاعت جي
صفت کي جناب رسول الله ﷺ ننڍپڻ ۾ ئي ڏسي فرمايو هو
ته
”حسينعه
۾ منهنجي سخاوت ۽ منهنجي جرئت آهي.“
آنحضرتﷺ جن کي امام حسينعه سان تمام
گھڻي محبت هئي، تڏهن ته پاڻﷺ فرمايائون
”حسينعه
مون مان آهي ۽ آءٌ حسينعه مان آهيان“.
ننڍپڻ واري هڪ ڏينهن امام حسينعه نماز
۾ سجدي جي حالت ۾ آنحضورﷺ جن جي پُٺيءَ تي سوار ٿي
ويهي رهيا. آنحضورﷺ جن تي وحِّي نازل ٿي ته، اي
الله جا رسول! الله تبارڪ و تعاليٰ پيغام موڪليو
آهي ته، جيستائين حسينعه پنهنجي مرضيءَ
سان نه لهي تيستائين سجدي مان سر مبارڪ نه کڻجو.
پاڻﷺ سجدي کي طول ڏنائون ۽ ايستائين سجدي مان سر
مبارڪ نه کنيائون، جيستائين امام حسينعه
پنهنجي مرضيءَ سان نه لٿا. مختلف ڪتابن ۾ روايتون
آهن ته، جڏهن جناب سيده عه ڪم ۾ مشغول
هوندي هئي ته امام حسنعه ۽ امام حسينعه
جو پينگھو حضرت جبرئيل اچي لوڏيندو هو.
حضرت امام حسينعه جي پرورش جنهن گھراڻي
۾ ٿي، اُتي سواءِ ذڪر الاهي ۽ نيڪ اعمال جي تلقين
جي ٻي ڪائي ڳالهه نه هئي. سندن عبادت، زهد، تقويٰ
۽ اخلاق جا دوست توڙي دشمن سڀئي قائل هئا. کين
حُسن اخلاق ۽ وڏ ننڍائي جو ادب ۽ احترام پنهنجي
ناني جناب رسول اڪرمﷺ کان ئي ورثي ۾ مليو هو. اِهو
پنهنجي ناني کان ئي مليل درس هو، جو پاڻ ننڍپڻ ۾
هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ حضرت امام حسنعه
سان گڏ هڪ پوڙهي شخص کي مسجد نبوي ۾ غلط وضو ڪندي
ڏٺو, ته اُن کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجھائون. تڏهن
پاڻ اُن شخص کي چيائون ته، اسين ٻئي توهان جي
سامهون وضو ٿا ڪريون ۽ توهان اِهو ڏسي ٻُڌايو ته،
صحيح وضو ڪنهن ڪيو آهي؟ پهرين امام حسنعه
ان جي سامهون وضو ڪيو ۽ پوءِ امام حسينعه.
اُن وقت اُهو شخص سمجھي ويو ته، سندس جو وضو صحيح
نه آهي. پوءِ اُن پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي
چيو ته، توهان ٻنهي جو وضو صحيح آهي، جڏهن ته
منهنجو وضو صحيح نه آهي.
امام حسينعه اُها عظيم هَستي آهن، جن
انسانيت کي ظالم ۽ جابر حڪومت جي خلاف جهاد ڪرڻ
سيکاريو ۽ اُهي امام حسينعه ئي هئا، جن
عملي طور تي به هيءُ اعلان ڪيو ته
”زندگي
بس عقيدي ۽ جهاد جو نالو آهي.“
تڏهن پاڻ الله تعاليٰ جي دين جي حفاظت جي خاطر پاڻ
تي هر مصيبت سَهڻ گوارا سمجھائون ۽ يزيد جھڙي
بدڪردار، شرابي، ڪوڙي ۽ ظالم جي بيعت کان بغير
ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي انڪار ڪيائون.
جڏهن اسلام جي دشمنن امام حسينعه جي
نصيحت کي نه مڃيو ۽ طاغوت جو ساٿ ڏيڻ ۾ بهتري
ڄاتي، تڏهن پاڻ پنهنجو ڪٽنب ساڻ ڪري
28
رجب
60هه
تي مديني منوره کي الوداع چئي، مڪه معظمه طرف راهي
ٿيا ۽
02
محرم الحرام
61هه
تي ڪربلا ۾ پهتا، جتي مٿين پاڻي بند ڪيو ويو ۽
10
محرم الحرام تي سندن پُٽن، ڀائٽين، ڀاڻيجن، ڀائرن
۽ ساٿين کي ڪربلا ۾ ٽن ڏينهن جو بُکيو ۽ اُڃيو
شهيد ڪيو ويو. جڏهن سندن ڪو به مددگار نه رهيو،
تڏهن پاڻ جنگ جي ميدان ۾ اچي، دين اسلام جي بقا
خاطر جنگ جوٽيائون.
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبي جوڙِيائُون،
مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرار جو.
امام حسينعه جي جسم کي تيرن ۽ تلوارن
سان شديد زخمي ڪيو ويو! پاڻ ذوالجناح جي پُٺيءَ
تان زمين تي لهڻ جو ارادو ڪيو ته، ذوالجناح گوڏا
کوڙيا، نماز عصر جو وقت ختم ٿي رهيو هو ۽ نماز کي
قائم ڪندڙ برحق امام زين تان زمين تي ايندي سجدي ۾
سر رکيو.
امام حسينعه سجدهء خالق ۾ مشغول هئا،
جو شمر خنجر کڻي سندن سِر مبارڪ کي ڌڙ کان بي
درديءَ سان ڌار ڪري، نيزي تي چاڙهيو ۽ سندن اولاد
کي قيد ڪري شام نِيو. آخر ٻن سالن کان پوءِ شام جي
قيد مان اهل بيتعه کي تڏهن رهائي ملي،
جڏهن امام حسينعه جي سيني تي سُمهڻ
واري سندن پياري ڌيءَ بيبي سڪينهعه جي
شهادت ٿي!
سَختي شَھادَتَ جِي، نِسوروئي نازُ،
رِندَ پَرُوڙِين رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
***
عبدالجبار
’مسافر‘
ويسر
ٺري ميرواهه/ضلعو خيرپور
منهنجو پيارو بابا
پيءُ دنيا جي اها ناياب ۽ املهه ترين هستي آهي،
جيڪو اولاد جي لاءِ ڇَپَرُ ۽ ڇانوَ هوندو آهي. هو
ڏينهن رات ڪشالا ڪري اولاد جون ضرورتون ۽ خواهشون
پوريون ڪندو آهي. پيءُ جي عظمت کي لفظن جي موتين
جي مالها ۾ سمائي نٿو سگهجي.
منهنجو پيارو بابا
’جيوڻ
خان‘
اسان جي ڳوٺ جي هڪ اهڙي ئي شخصيت جا مالڪ هئا،
جنهن کي مان زبان يا قلم وسيلي ڀيٽا نه ٿو ڏئي
سگهان. بابا سائين صبح جو سوير فجر مهل تيار ٿي،
پيش امام جي حيثيت سان ڳوٺَ جي مسجد ۾ نماز
پڙهائيندا هئا. بعد ۾ ڳوٺ جي سڀني ٻارن کي
رضاڪاراڻه طور قرآن پاڪ پڙهائڻ جو فرض بجا آڻيندا
هئا. منهنجو پيارو بابا سائين، منهنجا بهترين
اُستاد پڻ رهيا، جنهن مون کي قرآن پاڪ جي تعليم
ڏني ۽ نماز پڙهڻ سيکاري. ڀلا پيءُ پنهنجي اولاد کي
ان کان وڌيڪ سُٺو ٻيو ڪهڙو تحفو ڏئي سگهي ٿو؟
بابا صبح کان سج لٿي تائين شهر ۽ ٻني ٻاري جي ڪمن
۾ تمام گهڻو مشغول
رهندا
هئا ۽ سڀئي ذميواريون سهڻي نموني سرانجام ڏيندا
هئا. مطلب ته بابا سائين جي زندگي هڪ ايماندار ۽
مسلسل جدوجد ڪندڙ شخص جي عڪاسي هئي. بابا جي اعلى
ڪردار سبب پنهنجي ڳوٺ توڙي ڀروارن ڳوٺن جا ننڍا
وڏا ساڻس بيحد عزت ۽ احترام سان پيش ايندا هئا.
مختلف ڪمن ڪارين جي لاءِ کانئس مدد ۽ صلاح مشورا
به وٺندا هئا. بابا اسان سڀني ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين
ٻارن جي سُٺي کاڌ خوراڪ لاءِ شهر مان ميوا، گوشت
مڇي وغيره، راند ڪرڻ جي لاءِ رانديڪا، لکڻ پڙهڻ جي
لاءِ قلم ڪتاب ۽ سليٽ وٺي ايندا هئا. گڏوگڏ اسان
جي اسڪول جي ڪم ۾ پڻ هٿ ونڊائيندا هئا. منهنجي
بابا جي ئي جدوجهد ۽ بيشمار دعائن جو نتيجو آهي،
جو آءٌ تعليم جي لحاظ کان پوئتي پيل هڪ ڳوٺ جو
واحد خوش نصيب فرد آهيان، جنهن وڌيڪ تعليم لاءِ هڪ
بهترين يونيورسٽيءَ ۾ داخلا حاصل ڪئي.
منهنجو بابا روزانو اخبار پڙهڻ ۽ ريڊيو ٻُڌڻ سان
تمام گهڻو لڳاءُ رکندو هو. جنهن ڪري اسان کي پڻ
اخبارون، رسالا، ڪتاب ۽ ريڊيو جا معلوماتي، سائنسي
۽ ادبي پروگرام ٻُڌڻ ۽ اُن ۾ شامل ٿيڻ جو چاهه
رهيو آهي. جتان اسان تمام گهڻو پڙهيو ۽ پرايو آهي.
22
فيبروري
2019ع
جي ڏينهن مان يونيورسٽيءَ ۾ موجود هئس، جتي مون کي
اها انتهائي دل ڏکوئيندڙ خبر موصول ٿي، ته منهنجو
پيارو بابا سائين علالت ڪارڻ
40
ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان اسان سڀني کان
وڇڙي، پنهنجي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو آهي......
مِٺڙي مالڪ سائين جي حضور ۾ دعا آهي، ته شال ربّ
ڪريم پياري بابا مرحوم کي جنت الفردس ۾ اعلى جڳهه
عطا فرمائي، ۽ اسان کي پياري بابا جي نيڪ تمنائن
مطابق زندگي گذارڻ جي توفيق ڏئي. (آمين)
***
سميع الله عباسي
ڪنڊيارو
ميڙيل موتي
*
پنهنجي زبان کي گهٽ استعمال ڪرڻ ۽ صحي استعمال ڪرڻ
به عبادت آهي.
*
انسان پنهنجي زبان جي ڪري مصيبتن ۾ ڦاسندو آهي.
جيڪڏهن چُپ رهي ته ڪيترن ئي آفتن ۽ مصيبتن کان بچي
سگهي ٿو.
*
ايمان ۽ حياءُ ٻه اهڙيون شيون آهن، جو انهن مان هڪ
هلي وڃي ته ٻي خود بخود ختم ٿي ويندي آهي.
*
خوشي انسان کي ايترو ڪونه ٿي سيکاري جيترو غم
سيکاري ڇڏيندو آهي.
*
هر مشڪل انسان جي همٿ جو امتحان وٺڻ ايندي آهي.
*
ظالمن کي معاف ڪرڻ مظلومن تي ظلم ڪرڻ برابر آهي.
*
جيڪو تنهنجي هٿ مان ويو هليو ، اُن جو غم نه ڪر.
*
اهڙا گُل نه بڻجو، جيڪي سُهڻا هجن پر انهن ۾
خوشبوءِ نه هجي.
***
اقبال هنڱورو
ڪنڊيارو
ٻارن کي سٺو ماحول ڏيو
دنيا ۾ ھر شيءِ جي سُٺي واڌ ويجهه لاءِ سُٺي
ماحول جو ھئڻ تمام ضروري آھي، جيڪڏھن ماحول خراب
ھوندو، ته شين تي به ان جو خراب اثر پوندو. انساني
زندگيءَ ۾ ماحول جو ڪردار تمام اھم آھي. انسان
جيڪو ڪجهه سکندو آھي، ماحول مان ئي سکندو آھي.
سُٺي معاشري جي تعمير ڪرڻ لاءِ ٻارن کي سُٺو ماحول
ڏجي. جنھن ۾ ڪا به بُرائي نه ھجي. ٻارن لاءِ سڀ
کان پھريون ۽ اھم ماحول سندن گھر ھوندو آھي، ان
کان پوءِ اسڪول، پاڙو، شھر يا ڳوٺ ۽ ملڪ به ان جو
حصو آھي.
عام طور تي ڏٺو ويو آھي، ته ٻار ننڍو ھجي يا وڏو،
انھن سان ننڍ وڏائيءَ جي بنياد تي ڀيدُڀاءُ ڪيو
ويندو آھي. سڀني ٻارن کي ھڪجھڙو ماحول ڏيڻ گھرجي.
ٻيو اسان وٽ وڏي ۾ وڏو مسئلو ٻارن جي نالن جي بگاڙ
آھي، جيڪو خراب عمل آھي. توڙي جو ٻار وڏن جي آڏو
ڪُڇي ناھن سگھندا، پر اندر ۾ لُڇندا ضرور آھن.
خدارا ٻارن جا نالا نه بگاڙيو. انھن کي اصل نالن
سان سڏيو. جڏھن به وڏن کي پاڻ ۾ ڪي رنجشون ھجن، ته
انھن جو اظھار ٻارن جي سامھون نه ڪجي، اھڙا مسئلا
ٻارن کان پري
رھي،
حل ڪرڻ گھرجن ڇو، ته جڏھن گھر جي ماحول ۾ ننڍين
ننڍين ڳالھين تي جھيڙو جھٽو ھوندو، ته ٻارن جي
ذھنن تي منفِي اثر پوندا. ان کان علاوه ٻارن جي
سامهون ڪڏھن به پئسي جي اھميت بيان نه ڪجي، ڇو ته
انھن جي دل ۽ دماغ تي اھو حاوي ٿي ويندو آھي، انھن
جي آڏو رشتن ۽ انسانيت جي اھميت بيان ڪجي، ته جيئن
اھي وڏا ٿي رشتن ۽ انسانيت جو قدر ڪرڻ وارا انسان
بڻجي سگھن.
اچو ته گڏجي ھيءُ عھد ڪريون، ته ٻارن کي اھڙو
ماحول ڏينداسين، جنھن ۾ ڪا به ننڍ وڏائي، جھيڙو
جھٽو، نالن جي بگيڙ ۽ رشتن بجاءِ پئسن جو قدر نه
ھجي، اھڙي ماحول قائم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريان،
پنھنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو، تڏھن بھتر نتيجا
ملي سگھن ٿا.
***
وقاص ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن /دادو
شعُور
هڪڙو اُستاد هميشه پنهنجي شاگردن کي چوندو هو،
”شعور
ڏاڍي قيمتي شيءِ اٿوَ.“
هڪ ڀيري، انهيءَ اُستاد جي شاگردن مان هڪڙي شاگرد
جي جُتي ٽُٽي پئي، جنهن کي ڳنڍرائڻ لاءِ هُو
موچيءَ وٽ هليو ويو ۽ کيس چيائين،
”منھنجي
جُتي ٺاهي ڏي، انهيءَ جي بدلي ۾ توکي هڪڙي علمي
ڳالهه ٻُڌائيندس.“
موچيءَ وراڻيو،
”پنھنجو
علم ۽ ڳالهه پاڻ وٽ رک، مون کي پئسا ڏي.“
شاگرد چيو،
”پئسا
ته مون وٽ ڪونه آھن.“
موچيءَ کي گهڻو سمجهايائين، پر موچي ڪنھن به صورت
راضي نه ٿيو ۽ چيائين، ته پئسن کان سواءِ جُتي
ڪونه ٺاهيندس.
شاگرد، پنهنجي اُستاد ڏي ويو ۽ کيس سڄي ڳالهه
سربستي ٻُڌائي چيو،
”ماڻهن
وٽ علم جي قيمت ڪجهه به ڪونهي.“
اُستاد، شاگرد کي وراڻيو،
”چڱو
تون هيئن ڪر، آءٌ توکي هڪڙو ھِيرو ڏيان ٿو، تون
ڀاڄين جي پِڙِيءَ تي وڃ ۽ انهيءَ جي قيمت چُڪائي
اچ.“
شاگرد موتِي کڻي ڀاڄين واري بازار ۾ پھتو ۽ هڪڙي
ڀاڄيءَ واري کي موتِي ڏيکاريندي چيائين،
”هن
ھِيري جي قيمت گهڻي ڏيندين؟“
ڀاڄيءَ واري وراڻيو،
”هن
جي بدلي ۾ تون هتان ٻه ٽي لِيما کڻي وٺ. انهيءَ
بلور سان منهنجا ٻار راند روند ۾ رڌل رهندا.“
شاگرد موٽي اُستاد وٽ آيو ۽ چيو،
”هن
ھيري جي قيمت ٻه يا ٽي ليما آهن.“
اُستاد وراڻيو،
”چڱو
هاڻ تون انهي موتيءَ جي قيمت سوناري کان پڇا ڪري
وٺ.“
هُو سونارڪي بازار هليو ويو ۽ پهرئين ئي دُڪان تي
جڏهن موتِي ڏيکاريائين، ته سونارو حيران رهجي ويو
۽ چوڻ لڳو،
”جي
آءٌ توکي پنهنجو پورو دُڪان به سامان سميت ڏيان،
ته هن ھِيري جي قيمت پوري ڪونه ٿيندي.“
شاگرد حيران ٿي واپس وري پنھنجي اُستاد وٽ آيو.
کيس سڄو احوال ڏنائين. اُستاد سندس ڳالهه ٻُڌڻ کان
پوءِ چيو،
”ٻچا!
هر شيءِ جي قيمت انهيءَ شيءِ واري بازار ۾ لڳندي
آهي. شعور ۽ علم جي قيمت علم وارن وٽ لڳندي،
انهيءَ جي قيمت اهي علم وارا ئي ڪَٿي سگهن ٿا،
جاهلن وٽ علم جو ڪهڙو قدر ۽ اهي ڇا ڄاڻن علم جي
قيمت.
* نالو
: اڪبر جسڪاڻي
* والد صاحب جو نالو:
ڄام خان جسڪاڻي
* ڄمڻ جي تاريخ:
1958-09-01
* ڄمڻ جو هنڌ:
جسڪاڻي محلا وارڊ نمبر
2
جوهي شهر
* تعليم:
ايم. اي. سنڌي
* ڪهڙن عُهدن تي رهيا:
ماهوار ٻاراڻي رسالي
”گُل
ڦُل“
جو ايڊيٽر.
* سُڃاڻپ:
اديب
* پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪنهن ۾ ڇپي:
1975ع
هلال پاڪستان اخبار.
* ڇپيل ڪتاب:
بتين واري ناني، خيرو حجم، رمون پيٽي ۽ گُلڙن جو
گهاءُ.
* ادبي خدمتون:
ڪهاڻيون شاعري ۽ ڪالم لکڻ.
* اسڪول جي زماني ۾ پسند جو اُستاد:
سائين محمد يوسف وگهيو.
* پسند جي اخبار:
هلال پاڪستان.
* پڙهندڙن لاءِ نصيحت:
شوق سان پڙهو ۽ پڙهي پنهنجو مستقبل سنواريو.
* ڪا اڻپوري خواهش:
مُلڪ مان غُربت جو خاتمو ٿئي.
* وفات:
13
آگسٽ
1999ع. |